سر سامونڊي ۽ عورت
سر سامونڊي بابت محققن جو هيءَ رايو آهي ته هن سر ۾ شاهه لطيف
باهمي معيشت جي پهرين منزل جو بيان فرمايو آهي.
سوسائٽيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ گذارڻ جو پهريون نمونو
عورت ۽ مرد جي زندگي آهي.
هيءُ سر گويا سر سريراڳ جي ڏوري آهي، يا ائين چئجي ته سر سريراڳ
۾ وڻجارن جو ذڪر آهي ته وري سر سامونڊي ۾ سندن
وڇڙيل وهن جو احوال نقش ڪيل آهي. شاهه لطيف جنهن
جي انداز سان وڻجارين جي آهن ۽ دانهن ۽ جذبن ۽
امنگن جي دل تي اثر ڪندڙ بيان ٻڌايو آهي ان مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف سفر ڪندي
ماحول ۽ قدرت جي منظرن جو گهرو مطالعو ڪندي ٿي
ويو.
عورتن جي پنهنجن ورن لاءِ بيتابي، من جو مونجهارن، ڪانڌن جي
فراق کان جهڄڻ ۽ جهوريءَ ۾ جهرڻ انهن سڀني ڳالهين
کي شاهه لطيف سر سامونڊي ۾ تمام سهڻي انداز سان
بيان ڪندي زال، مرد جي باهمي تعلقات تي روشني
وجهي اهڙي پريم ۽ پاٻوهه لاءِ تلقين ڪئي آهي جيئن
فرمائي ٿو:
آيل ! ڍولئي، ساڻ، اچي ته جهيڙيان،
لايءِ، اڏيهه گهڻا، مون سين ڪيءِ! ٿورڙا.
پر اڄ جي ماڊرن دور ۾ به جڏهن ڪنهن ونيءَ جو ور ورهين پڄاڻان
پرديس مان اچي ۽ هوءَ ويهي ڏک ڏوراپا ڏئي يا رساما
ڪري ته کيس اهو ٻڌڻو پوندو ته ٻچڙو اڃا پهتو ئي مس
آهي ته مائي ويٺي آهي ونڌ ڪرڻ پر لطيف ڪيتريون ئي
صديون پهرين عورت جي احساسن کي وڏي اهميت ڏيندي
فرمايو آهي:
سر نسرئا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
جيئن جيئن وڻجاري جي ورڻ ۾ دير ٿيندي ٿي وڃي، تيئن تيئن
وڻجاريءَ جي انتظار جي ڪيفيت وڌندي ٿي وڃي. کيس
ڪيترائي وسوسا وڪوڙي وڃن ٿا ڇو ته وڻجارو کيس پڪ
ڏئي ويو هو ته هو سرن نسرڻ جي مند تائين موٽي
ايندو.
سر لوهيڙا ڳڀئيا، ڪسر نسرئا،
تو ڪنءَ وسرئا، ڍوليا ڏيهه اچڻ جا؟
زندگيءَ جو ڪو به اهڙو پهلو ڪونهي جنهن تي لطيف نه لکيو هجي،
لطيف جنهن ڪردار تي لکيو اهو ڪردار تاريخ جو
خوبصورت حصو بڻجي ويو. سندس ڪردار سچا، کرا، ارڏا،
پرعزم، ايثار ۽ قربانيءَ جا مجسما آهن، سندس
شاعريءَ جي وڏي انفراديت اها آهي جو پاڻ عورت کي
پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو اٿائين. شايد، پاڻ
عورت جا ڪردار چونڊيائي انڪري هئائين جو جيڪو درد،
پيڙا، ڀوڳنا ڪرب ۽ تڙپ پاڻ محسوس ڪيائين، ان جي
اورڻ ۽ اپٽار ڪرڻ لاءِ عورت ئي مناسب هئي، ڇو ته
مردن جي مقابلي ۾ عورت وڌيڪ حساس ٿيندي آهي، سو
لطيف جي عورت به ڏاڍي ڏکويل آهي.
ڏکويل اهڃاڻ، ڪلهن ڦاٽل ڪنجرا،
وتن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇن پاڻ،
سورن اسان ساڻ، ننڍيئي نينهن ڪيو.
سرتيون جي باري ۾ : ماهوار ”سرتيون“ جون، جولاءِ 1996ع جو گڏيل
شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي. اهو
اوهان جا خط ٻڌائيندا. بهرحال، هي پرچو ڪن
ٽيڪنيڪل خامين سبب ليٽ ٿي ويو آهي، تنهن لاءِ اسين
معذرت خواهه آهيون. ليڪن اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي
ته رسالو اوهان کي وقت سر پهچايو وڃي. وڌيڪ اوهان
جي راءِ جا منتظر آهيون. اميد ته دير ٿيڻ واري
ڪوتاهي درگذر ڪري ساڳيو ئي تعاون برقرار رکندا.
گلبدن جاويد
*--------*--------*
ڪلثوم ميمڻ
بهادر بيبي حضرت صفيه رضه
حضرت صفيه رضه حضرت عبدالمطلب جي نياڻي هئي، سندس والده جو
نالو حاله بنت وهب هو. جيڪا حضرت آمنه رضه ۽ حضرت
حمزه رضه جي ڀيڻ ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم
جن جي پڦي هئي
حضرت صفيه رضه لاءِ چيو وڃي ٿو ته ”هوءَ آسمان اسلام جو هڪ
چمڪندڙ ستارو هئي.“
حضرت صفيه رضه جو نڪاح حارث بن حرث سان ٿيو، جنهن مان کين هڪ پٽ
ٿيو، حارث جي وفات کان پوءِ سندن نڪاح عوام بن
خويلد سان ڪرايو ويو. جيڪو حضرت خديجه رضه جو ڀاءُ
هو. بيبي سڳوريءَ کي ٽي پٽ ٿيا. جن جا نالا حضرت
زبير رضه، حضرت سائب ۽ حضرت عبدالڪعبه رضه هئا.
اهي حضور صلي الله عليه وسلم جن سان مختلف جنگين
۾ ساڻ هوندا هئا. جڏهن قريشن حضور صه جن کي تمام
گهڻيون تڪليفون ڏنيون تڏهن پاڻ سڳورا مڪي پاڪ کي
ڇڏي مديني شريف هجرت ڪري آيا ته حضرت صفيه به
مديني هجرت ڪئي.
حضرت صفيه رضه با وقار، بلند ڪردار، نيڪ دل ۽ وڏي بهادر عورت
هئي. پاڻ ڪن جنگين ۾ مردن کان وڌيڪ همت، شجاعت،
بهادريءَ ۽ دليريءَ سان حصو ورتو. جڏهن حضور صلي
الله عليه وسلم جن جنگ احد جي موقعي تي لشڪر تيار
ڪيو ته حضرت صفيه رضه، حضرت حمزه رضه، سان گڏ
پنهنجن ٻن فرزندن کي به وڃڻ جي اجازت ڏني ۽
فرمايائين ته: ”منهنجا ٻچڙئو،! مان توهان کي ان
لاءِ ٿي موڪليان ته توهان پنهنجي نبي تان پنهنجي
جان قربان ڪجو. مون کي خوش ڪجو ۽ منهنجي ٿڃ جي لڄ
رکجو.“ هن جنگ ۾ حضرت حمزه شهادت جو پيالو پيتو ۽
هنده سندس ڇاتيءَ کي چيري ان جو جگر ڪڍي ڏندن سان
چٻاڙي پنهنجو پلئه ورتو.
اها خبر جڏهن حضرت صفيه رضه جن ٻڌي ته هڪ تمام ڊگهو نيزو کڻي
پنهنجي ڀائيٽي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي
حفاظت لاءِ جنگ جي ميدان ۾ آئي، پنهنجي بهادري سان
دشمنن جي صفن ۾ هاءِ گهوڙا مچائي ڇڏيائين. جيڪي
دشمن رسالت جي روشن ڏئي کين وسائڻ آيا هئا تن کي
هميشه لاءِ وسائي ڇڏيائين.
حضور صلي الله عليه وسلم جن کي جڏهن هن دلير بيبيءَ جي دليري
جي خبر پئي ته پاڻ حضرت زبير رضه کي سڏي فرمايائون
ته ”پنهنجي ماءُ کي حضرت حمزه رضه جو لاش نه
ڏيکارجو، هنده جيڪو ظلم حضرت حمزه رضه جي جنازي
سان ڪيو آهي اهو سندس ڀيڻ نه ڏسي سگهندي.
حضرت زبيررضه پنهنجي والده کي حضرت حمزه جو لاش ڏيکارڻ کان
انڪار ڪيو ۽ چيائون ته رسول صلي الله عليه وسلم جن
فرمايو آهي ته توهان ان جي جنازي کي ڏسي نه
سگهندئو، انهي تي بهادر ماءُ جواب ڏنو ته:”پٽ مان
ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي چڪي آهيان، ۽ ان سان
جيڪو بزدليءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي ان جي به خبر
اٿم، ڪا ڳالهه ناهي خدا جي راهه ۾ اها ڪا ايڏي وڏي
قرباني ناهي مان پنهنجي وس آهر صبر ۽ ضبط کان ڪم
وٺنديس.“
حضرت صفيه رضه اهو فرمائي ڀاءُ جي لاش وٽ آئي، هن ڏکويل پر
صابرعورت جي دل جو آواز سندس زبان تي هن مرثيي جي
صورت ۾ آيو. پاڻ سرور ڪونين صلي الله عليه وسلم کي
مخاطب ٿيندي چيائين:”(ترجمو) بيشڪ اهو ڏينهن جو
توهان تي آيو، توڙي جو سج گرهڻ ۾ اچي چڪو هو پر
پوءِ به اهو روشن هو.“
جنگ احد کان پوءِ مشرڪن جي سردار ابو سفيان پنهنجي طاقتن کي گڏ
ڪري جنگ خندق جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي حضور صلي
الله عليه وسلم جن انصارن جي هڪ مضبوط ۽ محفوظ
قلعي ”رتاع“ ۾ سڀني مسلمان عورتن سان گڏ حضرت صفيه
رضه کي به ترسايو. ۽ حضرت حسان بن ثابت رضه جيڪو
شاعر پڻ هو، ان زماني ۾ تمام عليل هو. تنهن کي
عورتن جي نگهبانيءَ جو فرض سونپيو.
اهو قلعو تمام گهڻو مضبوط هو. پر ان جي باوجود بني نغير جيڪو
يهودين جو قبيلو هو، جيڪو قلعي جي ويجهو هو. انهي
ڪري هڪ يهودي قلعي جي در ويجهو اچي معاهدو
ٽوڙيندي قلعي ۾ ٽپي آيو. اهو ڏسي حضرت صفيه رضه،
حضرت حسان رضه کي چيو ته ”ادا هن يهودي جي سسي ڌڙ
کان ڌار ڪري اچ.“ پر حضرت حسان رضه بيماري ڪري
ايترو ضعيف ٿي چڪو هو جو وڙهڻ ته پري پر ميدان
جنگ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهيو. سو صاف چئي
ڏنائين ته ”جيڪڏهن مون ۾ ايتري طاقت ۽ حوصلو هجي
ها ته مان نبي صلي الله عليه وسلم سان جنگ ۾ شرڪت
نه ڪيان ها.
هن دلير عورت جڏهن حسان بن ثابت جو اهو جواب ٻڌو ته ڪاوڙ مان
اکيون لال ٿي ويس. اٿي هڪ بهادر جنگي جوڌي وانگر
خيمي جي هڪ ٿلهي ڪاٺي کڻي يهودي جي مٿي تي وهائي
ڪڍيائين يهودي کي ڌڪ ايڏو ته زور سان لڳو جو سندس
مٿو ڦاٽي پيو ۽ ٿڏي تي ٿڌو ٿي ويو.
پوءِ هن بهادر عورت حضرت حسان رضه کي مخاطب ٿيندي چيو: ”هاڻي ته
وڃو ۽ هن شخص جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري کڻي اچو ۽
اتان جيڪي به هٿيار، ڪپڙا ۽ مال غنيمت هٿ اچيو اهو
سڀ توهان جو آهي.“ انهيءَ تي به حسان پنهنجي
بيماريءَ جو عذر ڪيو. حضرت صفيه ترار کنئي ۽ يهودي
جي سسي ڪپي قلعي کان ٻاهر اڇلائي ڇڏ.ي جيئن ئي سسي
ٻاهر ڪري ته يهودين خيال ڪيو ته قلعي جي اندر به
ڪا فوج آهي. پوءِ انهن حملي ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري
ڇڏيو. بهادر صفيه رضه دلير ۽ مستقل مزاج هئڻ ڪري
جنگ جي ميدان ۾ وڏن وڏن سپاهين کان به اڳري هئي.
انهي کان سواءِ پاڻ انهيءَ زماني جي مسلم ليکڪا
پڻ هئي. ۽ شاعري جي فن ۾ هن کي وڏو مقام حاصل
هو. ڪمال درجي جي شاعره هئڻ ڪري هن حضرت عبدالمطلب
۽ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه
وسلم جن جي شان ۾ ڪافي شعر پڻ لکيا جيڪي سندس فن ۽
ذوق جا زنده جاويد مثال آهن.
هن عظيم عورت 20 هجري تي 73 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان
هجرت ڪئي، سندس جنازي کي جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
هيلن ڪيلر جي آتم ڪهاڻي
آءٌ 1880ع جي اونهاري ۾ آمريڪي رياست آلابما ۾ ڄايس، ننڍپڻ ۾ ئي
نابينا، ٻوڙي ۽ گونگي هيس. ان ڏک مون کي ذهني طور
به جهوري وڌو. ٻين کي ڳالهائڻ وقت چپ چوريندي ڏسي
آئون به ائين ڪندي هيس، پر لڳندو هو ته آءُ ٻين
کان مختلف هيس. ان ڪري ڪاوڙ مان ڇڙيون هڻڻ شروع
ڪندي هيس ۽ منهنجي حالت خراب ٿي ويندي هئي.
منهنجي زندگي به ٻين وانگر سادي هئي پر ته به منهنجي زندگيءَ
جون بهارون جلد گذرنديون ويون. گرميون به بي معنيٰ
هيون سرءُ ويئي پي ته مغموم ۽ ملول سيارو پئي آيو.
بس ڏک منهنجون اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا هئا. خبر
ئي نه ٿي پئي ته منهنجو ڇا ٿيندو. ڪنهن کي به مون
جهڙي ٻار بابت فڪر نه هو ته منهنجو ڇا ٿيندو.
ايستائين جو ڊاڪٽر به نه ٿي ڄاتو ته آئون ڪو ڏسي
ٻڌي سگهنديس. اوندهه ۽ ماٺ منهنجي جان کي ڄڻ گهيري
۾ وٺي ڇڏيو هو. هاڻي ته عادت ڪري ڇڏيم ۽ اهو سوچڻ
ڇڏي ڏنم ته منهنجي دنيا کان ٻاهر به ڪا دنيا هئي.
ياد ڪونه اٿم ته انهن ڏکن وارن مهينن ۽ سالن ۾ ڇا ٿي گذريو. فقط
اهو ياد اٿم ته هٿن سان شين کي ڇهندي هيس. هٿ ئي
اکين جو ڪم ڪندا هئا. ٻين جي چرندڙ چپن کي هٿ لائي
ڏسندي هيس ۽ انڪري وري وڌيڪ غمگين ٿيندي هيس.
منهنجا مائٽ به ڏاڍو ڏکوئبا هئا هو چاهيندا هئا
ته آءٌ به تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل ٿيان ۽ انڌن۽
گونگن جو اسڪول به گهر کان گهڻو پري هو آخر ڪار هڪ
قابل استاد مون لاءِ هٿ ڪري ورتائون.
منهنجي زندگيءَ جو اهو ڏينهن تمام اهم هو جڏهن استاد منهنجي
قريب اچي ويٺو. اهو ڏينهن منهنجي ستين سالگره کان
ٽي مهينا اڳ جو هو. آئون استاد وٽ ويس ته هن مون
کي صبح ساڻ هڪ گڏي ڏني ان سان راند ڪندي رهيس ۽
منهنجي هٿن ۾ گڏي ڏسي استاد اشارو ڪري زبان سان
هجي ڪري لفظ ”گڏي“ اچارڻ شروع ڪيو. آئون راند ۾
مصروف هيس ۽ استاد جي تقليد جي ڪوشش ڪيم. نيٺ
ڪامياب ٿيس ته خوشيءَ ۽ غرور کان نچڻ لڳيس. انهي
طريقي سان ڪيترائي لفظ ياد ڪيم.
هڪ ڏينهن استاد سان گهمڻ لاءِ ويس. هٿ تي ڪا شي رکيائين، جنهن
مان مون کي ڪنهن طرح سڪل ۽ پسيل شين جو احساس ٿيو
۽ لفظ به اچاري ويس. ان طرح آئون ڄڻ روشنيءَ ۾ اچي
ويس. محسوس ڪيم ته ڇهاءُ به تعليم ۽ ڄاڻ جو ذريعو
بنجي سگهي ٿو.
بهار جي موسم آئي ته استاد سان گڏجي ٻنين ۾ ويس. گاهن ۽ فصلن جي
باري ۾ منهنجي تعليم جاري رهي اهو به ڄاتم ته پکي
ڇا آهن.؟ ڪيئن ٿا اڏامن ۽ ڪيترو ڪمائتا آهن. سج ۽
برسات جو اثر ماحول تي ڪيئن پوي ٿو. ائين آهستي
آهستي ڄڻ زبان جي ڪنجيءَ کي هٿ ۾ وٺي ڇڏيم. لفظن
کي ضرورت آهر ڪم ۾ آڻڻ لڳيس. ان طرح منهنجي
معلومات وڌندي وئي ۽ مون ۾ وڌيڪ تحقيقات ۽ ڳولا
ڦولا جو شوق وڌيو.استاد طرفان هٿ جي تريءَ تي
اچارڻ جو هي طريقو جاري رهيو ۽ شين کي سڃاڻڻ ۾
منهنجي گهڻي مدد ڪيائين، هي سلسلو چند سال جاري
رهيو ذرو غور ڪريو ته ٻار جيڪو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو
آهي، سو ائين شڪلين مان ڪيترو سکندو.
بهرحال منهنجي تعليم ۽ تربيت جو ٻيو فائدو پڙهڻ هو. اهو هيئن ته
آءُڪجهه لفظ هجي ڪندي هيس ۽ استاد جي طرفان انهن
لفظن کي ڪارڊن تي لکيو ويندو هو ان تحرير کي لڀڻ
جي مشق ڪيم. ڪاميابي ٿي ته خوشي ٿي ٿيس، نه ته
مغموم! استاد کي انڌن جي تعليم ۾ نه رڳو تجربو هو
پر سندس محبت به بيمثال هئي، مون کيس ڪڏهن بيزار
ٿيندي محسوس نه ڪيو.
اسان جي پڙهائي اڪثر کلي فضا ۾ ٿيندي هئي. وڻ، ٽڻ، گل ٻوٽا،
ميوا، ماڪ، هوا، مينهن ۽ سج چنڊ اسان جا موضوع
هئا. پکي پکڻ به گهڻي ڪشش ڪندا هئا. 8 سالن جي
عمر ۾ باسٽن ويس، هاڻي مون ۾ گهڻي بيقراري نه هئي
ريل ۾ چپ چاپ استاد جي ڀرسان ويٺي رهيس۽ انتظار
ڪندي رهيس. ته دريءَ کان ٻاهر جي روداد استاد جي
زباني معلوم ٿئي.
باسٽن ۾ انڌن جي اسڪول ۾ داخل ٿيس، ۽ جلد اتي جي شاگردن سان رلي
ملي ويس. اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته انهن جي الف ب
منهنجي سکيل الف ب وانگر ئي هئي.
هم ڪلامي ايترو خوش ٿي لڳا جو مون کي پنهنجو غم وسري ويو هر
ناخوشگوار پل ياد نه رهيو. 10 سالن جي عمر ۾
ڳالهائڻ سکيس، پڪو ارادو ڪيم ته باقاعدي گفتگو ڪري
سگهان. نئون استاد به نهايت قابل مليو. ان جو
طريقو هي هو جو منهنجو هٿ نرميءَ سان پنهنجي چهري
ڏي آڻيندو هو. جيئن ڳالهائڻ وقت سندس چپن جي چرپر
جو اندازو لڳائي سگهان، انهي مان جا حاصلات ٿيم ان
مون کي بيحد مسرور ڪيو. جنهن جملي مون کي گهڻي
خوشي ڏني. اهو هو”موسم گرم آهي“ ائين ڏينهن رات جي
محنت ۾ خوشي ۽ اعتماد کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ استاد جي
مدد هميشه شامل رهي.
اڪثر تعليم دوران سفر به ڪيم هڪ ڀيري نياگرا آبشار ڏسڻ ويس.
ڪنهن کي اعتبار نه ايندو ته مون آبشار جي حسن جو
ڪيترو گهرو احساس ڪيو. ٻئي ڀيري پنهنجي استاد ۽
ڊاڪٽر اليگزينڊر گراهام بل سان گڏ هڪ بين الاقوامي
نمائش ڏسڻ ويس، ڊاڪٽر بل ڪيترن ايجادن جهڙوڪ بجلي،
فون، گراما فون بابت معلومات ڏني هنن سفرن ۽
معلومات مون ۾ نئين سوچ ۽ دنيا بابت ذهني وسعت ۽
ادراڪ پيدا ڪيو.
ٻن سالن تائين گونگن ۽ ٻوڙن جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪيم، اتي ئي
لفظن چوڻ ۽ آواز پيدا ڪرڻ توڙي حساب، جاگرافي،
طبيعات، جرمن ۽ فرانسيسي سکيس، هن اسڪول جي استادن
هر طرح ڪوشش ڪري مون کي مختلف علم سيکاريا سورنهن
سالن جي عمر ۾ ڇوڪرين جي اسڪول ۾ داخل ٿيس. جيئن
يونيورسٽي جي تعليم لاءِ تيار ٿي سگهان. هن اسڪول
۾ گهڻي جوش سان تعليم ۾ جنبي ويس. منهنجو خاص
استاد روز مون سان اسڪول ايندو هو ۽ جيڪو ٻيا
استاد پڙهائيندا هئا اهوسڀ دستوري طريقي سان مون
کي ٻڌائيندو هو. هٿ جي ڇهاءُ سان لفظ سمجهائڻ جو
هي طريقو گهڻو محنت ۽ دقت طلب آهي. آئون استادن
جي محنت جو داد ڏيڻ لفظن جي چونڊ ۾ ئي پاڻ کي بي
وس ٿي ڄاڻان.
ٽن سالن جي تحصيل کان پوءِ امتحان ٿيا. تعليم ۽ امتحان ۾ ڪافي
مشڪلات سامهون آيون. پر محنت سان سڀني تڪليفن مان
لنگهي پار پيس. يونيورسٽي وڃڻ جي تياري جاري رهي.
تحقيق ۽ تجسس جو مادو وڌيو ۽ حاصلات ٿي ته حوصلو
وڌيو. حالانڪه حوصلو ٽوڙڻ وارا ڪيترائي مرحلا
آيا. پر همت سان وک وڌايم ته ڪاميابيون حاصل ٿيون.
24 سالن جي عمر ۾ ڊگري ورتم.
”ڪتاب دوستي“ منهنجي زندگيءَ جو مقصد بنجي وئي خود ڪتابن مان
فائدو ورتم ۽ سکيس، ٻين کي به سيکاريم، نه رڳو
ايترو پر نمائش ۽ عجائب گهرن مان به تعليم پرايم.
تنهن سان گڏ مصوري ۽ مجسم سازي به منهنجي تعليم ۽
تدريس جو ذريعو رهيو. سير سفر مان به گهڻو ڪجهه
حاصل ٿيو. ڪنهن به طرح معذوري جي احساس کي پاڻ تي
حاوي ٿيڻ نه ڏنم.
مون کان ڪنهن پڇيو ته اوهان جو انهن ماڻهن لاءِ ڪهڙو پيغام
آهي جيڪي ڏسي، ٻڌي ۽ ڳالهائي نه ٿا سگهن. منهنجو
پيغام جيڪو آهي، سو پنهنجي ڪهاڻي ۾ مختصر طور بيان
ڪيو اٿم، يعني پڪو ارادو، همت ۽ جرات سان علم جي
راهه ۾ پيش قدمي.
ڊاڪٽر: مرتضيٰ کوسو
ايلزبيٿ بيرٽ برائوننگ
اڊورڊ مائولٽن بيرٽ جي هن ڌيءَ وڪٽوريا دور جي ڏينهن ۾ ڪوڪس
هوءِ هال ۾ 6 مارچ 1806ع ۾ جنم ورتو. ايلزبيٿ بيرٽ
ننڍپڻ کان ئي ڏاڍي ذهين ۽ روشن خيال هئي. گهر ۾
پنهنجي ڀاءُ وٽ پڙهي سندس ڀاءُ اڊورڊ هن کي ڏاڍو
پيار ڪندو هو. جڏهن سندس ڀاءُ ڪارٽر هائوس ويو ته
پوءِ هن هڪ انڌي اسڪالر
Hugh Stuart Boyd
وٽ تعليم ورتي. ان کان پوءِ هن لکڻي،
The Battle of Naration لکي. جيڪا سندس والد صاحب 1826ع ۾ ڇاپي. 15 ورهين جي عمر ۾ هن
کي ڪرنگهي ۾ زوردار ڌڪ لڳو جنهن ڪري ڪمزور ٿي وئي.
ان بعد سندس ڪٽنب لنڊن منتقل ٿي ويو. جتي کيس ورڊس
ورٿ، لينور مس مٽفورڊ ۽ جان ڪينيان جهڙي سنگت ملي.
ان سان بيرٽ برائوننگ کي لکڻ جو حوصلو مليو. اتي
هن جون ڪافي تخليقون پڻ ڇپيون. انهن ڏينهن ۾ سندس
پيارو ڀاءُ اڊورڊ ٻڏي مري ويو. جنهن ڪري کيس سخت
صدمو رسيو پر همت نه هاري، پنهنجي قلم کي جنبش ۾
رکيو ۽ لکندي رهي. ان دوران سندس ملاقات رابرٽ
برائوننگ سان ٿي، جيڪو هن کان اندازن 6 سال دکن
وڏو هو ۽ هڪ اڀرندڙ ليکڪ پڻ هو. هي ٻئي ليکڪ هڪ
ٻئي جي تمام ويجهو ٿي ويا ۽ کين هڪ ٻئي سان محبت
ٿي وئي. آخر ايلزبيٿ بيرٽ برائوننگ سان شادي ڪري
ڇڏي. هيءَ شادي 12 سيپٽمبر 1846ع ۾ ”ميرل چرچ“
شادي هال ۾ سادي نموني سان ٿي. هنن کي هڪ پٽڙو
ڄائو، مسز برائوننگ پنهنجي گهر واري سان گڏ اٽلي
رواني ٿي وئي. جتي پڻ ٻنهي اٽلي جي آزادي واري
جدوجهد ۾ حصو ورتو. ٿوري عرصي بعد هوءَ سخت بيمار
ٿي پئي. دم
(Asthms) جي بيماريءَ ۾ 28 جون 1861ع ۾ پنهنجي ور کان وڇڙي وئي. هن کي
ساهه جي آخري هڏڪي برائوننگ جي ٻانهن ۾ آئي. هن کي
Florence
جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. مسز برائوننگ کي عورتن
سان گهڻي همدردي ۽ ٻارڙن سان بيحد پيار هو.
انسانيت سان انس هوس. هن مختلف موضوعن تي لکيو.
ٻاراڻي شاعري پڻ ڪئي. شاعري ۾ پهريون نظم عشقيه
Romaunt of Nargret
وڏي گهرائي سان لکيو. ڪائنات جي ڏکن، اهنجن تي به
کوڙ لکڻيون لکيون. عشق محبت تي به گهڻو لکيو انهن
مان
Lay of Human
۽
Deed pan
شاهڪار لکڻيون آهن. ٻارن جي شاعري ۾ ٻارن جي رڙ
The Cry of Children کي به وڏي مڃتا ملي. هن ڪهاڻيون به لکيون پر اهي ڪو خاص مقام
ماڻي نه سگهيون.
مسز برائوننگ جي شاعري جا ڪجهه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
ڇا، توهان ٻڌو ٿا ٻارڙا روئن ٿا پيا،
او منهنجا ڀائرو،
ورهين سان گڏ جلدي پو ڏک اچن ٿا! اهي انهن جون
ڳڀرو دلڙيون لاڙن پيا، پنهنجن مائرن خلاف،
۽ اهي انهن جي ڳوڙهن کي روڪي نه ٿا سگهن.
ننڍڙا گهيٽا چراگاهن ۾ ٻي، ٻي ڪن ٿا پيا،
ننڍڙا پکي آکيرن ۾ چين چين ڪن ٿا پيا،
هرڻ ٻچڙا ڇانورن سان کيڏن ڪڏن ٿا پيا،
نوان گلڙا الهندي ڏانهن جهومن ٿا پيا،
پر ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا او منهنجا ڀائرو
اهي روئن ٿا پيا، اوڇنگارون ڏيئي!
اهي سڏڪن ٿا پيا، ٻين جي راند جي مهل
آزاد ملڪ ۾.
مسز برائوننگ جي هڪ سانيٽ جو ترجمو ڏجي ٿو جنهن ۾ پيار ڪرڻ جي
تيز تڙپ تجلي ٿي.
مان تو سان ڪيئن پيار ڪيان؟
مون کي راهون ڳڻڻ ڏي،
مان تو سان پيار ڪريان گهرائي، ويڪرائي ۽ اوچائي تائين،
منهنجو روح رسي سگهي،
مان تو سان پيار ڪريان،
هر ڏينهن جي تمام خاموش گهرج موجب،
سج کان ۽ ميڻ بتيءَ جي روشني کان،
مان تو سان پيار ڪريان آزادي سان،
جيئن ماڻهو حق لاءِ لڙي ٿو:
مان تو سان نجو پيار ڪريان،
جيئن اهي ثنا کان موٽن ٿا،
مان تو سان پيار ڪريان.
پنهنجن پراڻن ڏکرن ۾، ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي ويساهه سان،
مان تو سان پيار ڪريان سڪ سان،
مان تو سان پيار ڪريان پنهنجي ساري عمر جي ساهه سان،
مرڪن سان، ڳوڙهن سان، ۽ جيڪر خدا چونڊيو،
مان ڪندس تو سان پيار موت بعد به!
*--------*------*
موپاسان – سنڌيڪار: قربان جعفري
بدلو
هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ عورت آهي، هڪ پوڙهي بيواهه عورت،
جيڪا ماءُ هئي، مهان ڪهاڻيڪار موپاسان جي هن ڪهاڻي
جو شمار بهترين هئبتناڪ
HORROR
ڪهاڻين ۾ پڻ ٿئي ٿو.
ڳوٺ جي ويجهڙائي جي هڪڙي غريباڻي ننڍڙي گهر ۾ هڪڙي بيواهه
سويرني اڪيلي پنهنجي پٽ سان رهندي هئي، هي ڳوٺ
هڪڙي پهاڙ جي پاسي مٿان ٻڌل هو. سمنڊ جو وارياسو
ڪنارو ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي مهاڻن جون ٻيڙيون
مٿاهين کان چٽي طرح نظر اينديون هيون.
سويرني جو گهر ٽڪريءَ جي ڪناري تي اڏيل هو. ۽ ان جون ٽي دريون
انهي اجاڙ افق ڏانهن کلنديون هيون. هوءَ انهي گهر
۾ پنهنجي پٽ انتوني ۽ ڪتي سيميلينتيءَ سان خوش
گذاريندي هئي. سيميلينتي هڪڙي ڊگهي قد جي سنهي سڪل
ڪتي هئي. جنهن جي جسم تي گهاٽا وار هئا. انتوني
انهي ڪتي کي شڪار لاءِ استعمال ڪندو هو. هڪڙي رات
انتوني جو هڪڙي شخص نڪولس سان جهيڙو ٿي پيو. بي
رحمي سان خنجر هڻي انتوني کي قتل ڪري ڇڏيو. قتل
کان پوءِ نڪولس ڀڄي ٻئي شهر هليو ويو.
سويرني جا پاڙيسري هن جي جوان پٽ جو لاش کڻي هن جي گهر پهتا،
بيواهه جي اکين مان هڪڙو ڳوڙهو به ڪين ڳڙيو. هو
گهڻيءَ دير تائين پنڊ پهڻ ٿي پنهنجي مئل پٽ کي
ڏسندي رهي. هن پنهنجا گهنجن ڀريل هٿ پٽ جي لڱن تي
رکيا ۽ قسم کاڌائين ته هو هن جي قتل جو بدلو ضرور
وٺندي. هن ماڻهن کي چيو ته هليا وڃن. هن کي ڪنهن
ٻئي ماڻهوءَ جي موجودگي پسند ڪين آهي. پوءِ هن ڪتي
کي اندر ڪري دروازو بند ڪري ڇڏيو ڪتي انتوني جي
پيرن وٽ بيهي لاڳيتو ڀونڪڻ شروع ڪيو سويرني هاڻ
ڌنڌلي اکين مان ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. آهستي آهستي
چپ چاپ ڳوڙها هن جي اکين مان ڳڙي رهيا هئا.
انتوني جو لاش پٺيءَ ڀر پٽ تي پيو هو، هن جو سڄو بدن رت سان
رنڱيل هو. هن جي قميض ۽ جيڪٽ ڦاٽل هئا. خون جا داغ
هن جي ڏاڙهي ۽ وارن تي ڄمي خشڪ ٿي چڪا هئا.
هن جي پوڙهي ۽ بيواهه ماءُ هن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. ڪتي جڏهن
هن کي ڳالهائيندي ٻڌو ته ڀونڪڻ بند ڪري ڇڏيو.
”ڪو ڏک نه ڪجانءِ منهنجا پٽ، مٺي ننڊ ۾ موجون ماڻ، بي فڪريءَ جي
مٺي ننڊ، مان تنهنجو بدلو ضرور وٺنديس. ڇا تون
ٻڌين پيو. هي تنهنجي ماءُ جو واعدو آهي ۽ توکي خبر
آهي ته تنهنجي ماءُ ڪڏهن پنهنجو واعدو ڪين ٽوڙيو
آهي.“
ڪتي سيميلينتيءَ کي الائي ڇا ٿيو، اوچتو ڏاڍي ڦٽيل دل ۽
ڏکوئيندڙ آواز ۾ ڀونڪڻ شروع ڪيو. پوڙهي بيواهه ۽
ڪتي سيميلينتي ٻئي صبح تائين لاش وٽ جاڳنديون
رهيون ٻئي ڏينهن تي انتوني کي دفن ڪيو ويو. ۽ جلد
ڳوٺ جي ماڻهن انهيءَ نوجوان کي وساري ڇڏيو.
انتوني کي ڪو سڳو ڀاءُ ڪين هو. ۽ نه ئي اهڙو مرد مٽ مائٽ هو
جيڪو هن جو بدلو وٺي سگهي. هن جي ماءُ.... پوڙهي
بيواهه عورت اڪيلي سر قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ
سوچيندي رهندي هئي. هو صبح کان شام تائين دري ۾
بيهي ڪنارن کان پري ٻئي طرف ڏسندي رهندي هئي.
جنهن جي ڪناري وٽ هڪڙو وڏو چٽو نظر ايندو هو. سو
هي اهو ڳوٺ هو جنهن بابت پوڙهي کي خبر هئي ته هن
جي پٽ جو قاتل نڪولس پڻ انهيءَ ڳوٺ ۾ لڪيل آهي.
هوءَ سڄو ڏينهن دري وٽ اڪيلي ويٺي بدلي جي باري ۾ سوچيندي هئي،
هوءَ چاهيندي هئي ته هو ڪنهن جي مدد کان سواءِ
بدلو وٺي سگهجي. هوءَ پنهنجي جسماني حالت کان به
چڱيءَ ريت واقف هئي. هوءَ هڪڙي ڪمزور ڪراڙي عورت
هئي پر هن پنهنجي پٽ جي بدلي جو واعدو ڪيو هو.
جنهن کي هو هڪڙي لحظي لاءِ به وساري نه ٿي سگهي.
هوءَ وڌيڪ انتظار به ڪين ٿي ڪري سگهي. نه ته کيس
ذهني سڪون حاصل هو ۽ نه ئي آرام. ڪتي سمورو ڏينهن
هن جي قدمن ۾ ويٺي هوندي هئي. جڏهن کان هن جو مالڪ
مئو هو هوءَ هڪڙي انداز ۾ ڀونڪڻ لڳي هئي. ڄڻ ته هن
کي سڏيندي هجي. هن جانور جي ذهن تي پنهنجي مالڪ جي
تصوير چٽجي وئي هئي.
هڪڙي رات جڏهن سيميلينتي ڀونڪي رهي هئي سويرني جي ذهن ۾ هڪڙو
خيال آيو. ڀيانڪ ۽ بي رحم خيال هو. هو صبح تائين
ويچار ڪندي رهي پوءِ هن سيميلينتي کي پڪڙيو ۽ هن
کي پنهنجي اڱڻ ۾ پيل هڪ پراڻي پيتي ۾ بند ڪري
زنجير سان ٻڌي ڇڏيو. هاڻي پوڙهي بيواهه جون نظرون
سارڊينا جي ساحل کي ڏسي رهيون هيون جتي هن جي پٽ
جو قاتل لڪل هو.
سيميلينتي کي ڪڏهن زنجير سان ڪين ٻڌو ويو هو پر هاڻي هي حالت
هئي جو هن کي ٻن ڏينهن تائين پيتي ۾ بکيو بند ڪيو
ويو هو ۽ ٻيو ڏينهن اهڙي ريت گذري ويو. ٻئي ڏينهن
هن جي اکين ۾ عجيب چمڪ پيدا ٿي وئي هئي. هن جا
سمورا وار کڙا ٿي ويا هئا ۽ هو بار بار پنهنجي
زنجير مٿان الر ڪري رهي هئي. پوڙهي هن کي کائڻ
لاءِ ڪجهه ڪين ڏنو ۽ سيميلينتي بکايل رهي.
اڳيي ڏينهن صبح ٿيندي ئي بيواهه هڪڙي پاڙيسري کان سڪل گاهه
گهريو ۽ ان گاهه کي گهر کڻي آئي. گهر پهچي هن گاهه
کي عجيب طريقي سان ٻڌو ۽ پوءِ گاهه جي انهي ڀريءَ
مٿان پنهنجي مئل مڙس جا ڦاٽل ڪپڙا پاتا هاڻي سڪي
گاهه جو هڪڙو پتلو ٺهي ويو هو جيڪو انسان سان چڱي
مشابهت رکندڙ هو. سويرني هڪڙو لڪڻ سيميلينتي جي
پيتي جي سامهون زمين ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ گاهه جي ان
انسان جهڙي پتلي کي انهي لڪڻ مٿان ٻڌي ڇڏيو ٿورڙي
گاهه ۽ ڪپڙي جي مدد سان هن پتلي جو منهن ۽ ڳچي
ٺاهي ورتي. هاڻي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو ماڻهو بيٺو
هجي. ڪتي ڏاڍي حيرت سان انهي ماڻهوءَ کي ڏسي رهي
هئي. هن ڀونڪڻ بند ڪري ڇڏيو هو.
پوڙهي عورت انهي وقت بازار مان ڪاري رنگ جا گوشت جا آنڊا خريد
ڪري آئي۽ انهن کي سيميلينتي جي پيتي جي سامهون رکي
چلهه تي پچائڻ لڳي. ڪيترن ڏينهن کان بکايل ڪتي ڄڻ
چري ٿي پئي. هو زنجير ڇنائڻ لڳي. هن جون اکيون
آنڊن تي کتل هيون. جنهن جي خوشبو هن تائين پهچي هن
کي چريو ڪري رهي هئي.
پوڙهي عورت ٻاڦون ڇڏيندڙ هنن آنڊن کي نيڪٽائي وانگر مضبوطي سان
پتلي جي ڪنڌ جي چوڌاري ويڙهيو ۽ ان کان پوءِ
سيميلينتي کي آزاد ڪري ڇڏيو.
ڪتي هڪ ئي ٽپ سان پتلي جي ڪنڌ تي جهڙپ هنئي ۽ ان کي ڇتي ٿي ڇڻن
لڳي. آنڊي جو هڪڙو ٽڪر وات ۾ اچڻ شرط هن پٺتي هٽي
وري پتلي تي حملو پئي ڪيو. هن پتلي جي ڳلي کي
ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو. هو آنڊي کي اهڙي چريائپ سان
ڇني رهي هئي جو هوءَ ڪتي جي بدران ڪو روح لڳي رهي
هئي هن پنهنجن ڏندن ۽ چنبن سان پتلي جي منهن کي
اڊيڙي ڇڏيو.
سويرني بي احساس ۽ بي حرڪت ويهي نهايت دلچسپي سان اهو نظارو
ڏسي رهي هئي. ۽ پوءِ ڪتي کي زنجير وجهي پيتي ۾ بند
ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ وري هن ڪتي کي ٻن ڏينهن
تائين بکيو رکيو پوءَ ساڳيو تماشو شروع ٿيو پتلي
کي اڊيڙڻ جو تماشو!
پتلي ۽ ڪتي جو هي تماشو ٽي مهينا جاري رهيو. ڪتي اهڙي ريت پتلي
تي فتح حاصل ڪري پنهنجي خوراڪ حاصل ڪندي هئي. بس
هوءَ آڱر سان پتلي ڏانهن اشارو ڪندي هئي ۽ ڪتي ان
تي جهڙپ هڻندي هئي.
آهستي آهستي پوڙهي عورت ڪتيءَ کي اهڙي هوشياري سان سيکاريو جو
جيڪڏهن پتلي جي ڳچي ۾ آنڊو نه به هوندو هو تڏهن به
هو پوڙهي جي اشاري تي پتلي مٿان حملو ڪندي هئي.
جڏهن ڪتي پتلي کي چڱي ريت چيري ڦاڙي ڇڏيندي هئي ته
پوڙهي عورت هن کي انعام ۾ آنڊي جو ٽڪر ڏيندي هئي.
هاڻي سيميلينتي جيئن پتلي ڏانهن ڏسندي هئي ته هن جو سمورو جسم
جوش ۾ ڪنبڻ لڳندو هو. هوءَ هوشياري ۽ حڪم لاءِ
تيار ٿي پنهنجي پوڙهي مالڪياڻي ڏانهن ڏسندي هئي،
جيڪا پنهنجي آڱر کڻي رڙ ڪري تکي آواز ۾ چوندي هئي.
وڃ... هن کي کائي ڇڏ.....
جڏهن سويرني کي يقين ٿي ويو ته مناسب وقت اچي ويو آهي هن
فقيراڻو ويس ڍڪي ڪتي کي ساڻ ڪيو ۽ ٻئي هڪڙي ٻيڙي
تي سوار ٿي سارڊينا وڃي پهتيون.
هڪڙي ٿيلهي ۾ سويرني گوشت جا آنڊا وڌا هئا. سيميلينتي ٻن ڏينهن
کان بکايل هئي. گوشت جي خوشبو تي هو بيچين ٿي رهي
هئي. سويرني ۽ سيميلينتي لانگو سارڊو وڃي پهتيون ۽
سويرني هڪڙي بيڪري واري کان پنهنجي پٽ جي قاتل جو
پتو پڇيو. بيڪري واري هن کي نڪولس جو پتو سمجهايو.
نڪولس ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو. نڪولس پنهنجي ڪم ۾ رڌل
هو. سويرني دروازو کوليو ۽ چيو ”هيلو نڪولس“
نڪولس هن ڏانهن ڏٺو ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سويرني ڪتي جو
زنجير کولي ڇڏيو ۽ رڙ ڪري چيو:
”جلدي.... هن کي کائي ڇڏ.... جلدي ڪر...“
بک کان ڇتي ٿيل سيميلينتي نڪولس مٿان جهڙپ هڻي هن جي ڳچي ۾ چڪ
وڌو. نڪولس ڪتي کي جهٽڪو ڏئي ڇڏائڻ چاهيو پر هو
هيٺ ڪري پيو. سيميلينتي ڪجهه لحظن ۾ هن جي نڙگهٽ
جا ٽڪرا اڏائي ڇڏيا.
پوءِ..... نڪولس جا ڪجهه پاڙيسري پوليس کي رڳو ايترو ٻڌائي
سگهيا ته هنن هڪڙي فقير کي نڪولس جي گهر کان
نڪرندي ڏٺو هو. فقير سان گڏ هڪڙي ڪتي هئي جنهن کي
هو کائڻ لاءِ ڪجهه ڏئي رهيو هو.
رات تائين سويرني ۽ سيميلينتي گهر پهچي ويون هيون.
انهي رات ٻئي بي فڪري جي ننڊ ستيون هيون.
الحاج ولي محمد طاهرزادو
روحن جي رهاڻ
رحمت رسيل رهيل روح ملائڪن جي معرفت، سيگهو سهڪندو اچي رازدار
روحن سان مليو. راضپي سان رُوحن آيل روح جو
استقبال ڪيو. معانقه ۽ مصاحفه بعد کلي کينڪار
ڪيائونس. پوءِ کانئس پاٻوهه سان پڇيائون:ڏي خبر؟
تو واري پُرس جي پاپي پڃري جا پرڪار ڪيئن هئا؟
يَرَ ماٺ اٿوَ! ڀلي: ڇا ٻڌايانوَ، بس الله سائين جي امر سان
بنايل بدن جي بوتي ۾ وڃي وارد ٿيس. منهنجو ماڳ قلب
۾ ڪُڻڇ ۾ قائم ڪيل هو ۽ آءٌ شعلي جي شڪل ۾ جواهرن
جي جوت جهڙو ٿي لڳس. جيئن ئي، جيئڻ جي جاءِ تي
جنبي جلوو ڪيم، ته چوڌاري چت ۾ چمتڪار چلڪيو، دل
”ڌڪ ڌڪ“جي آواز سان دهلجي دڌڪيو،ساري تن، بدن جون
تارون تندون تازيون ٿي پيون. رت رڳن نبضن ۾ روان
دوان ٿي گردو گردسيارن سمان گيرجڻ ۽ ڦرڻ لڳو. اهو
پنگلو پڃرو پنهنجيءَ پسنديءَ سان اٿي چرڻ چلڻ ۽
ڪرت ڪار ۾ قابو رهيو. پر جي ان جي انگڙن اندامن ۽
عضون ۾ ڪمي بيشي، کوٽ، ٽوٽ پيدا پئي ٿي ته منجهان
ئي منجهه پرگهور، دل جي داٻ، رت جي رابطي، بک، اڃ
ٿڪائي ماندڪائي جي غفلت تي غلبو ٿي آندو.
پوءِ اهو جسم جيئن جوان ۽ جٽائدار ٿيو ته ساندهه سرير ۾ شيطاني
شرارتون شامل ٿيڻ لڳيس. آئون ان بد اطوار بوتي کان
بنهين بيزار ٿي پيس. واجهه وجهڻ لڳس ته من ڪا واهه
ٿي پوي ته هن نڀاڳي نفس کان پاڻ پليان يا پار تون
ڪري پيرائتو ڪريانس.پر اهڙو حيلو منهنجي هٿ وس
ڪونه هو. ڇو جو آئون پڻ الاهي احڪامن جو تابعدار ۽
فرمانبردار هوس.
ڪي اڻ ڳڻيا ايام گذريا ته انهي پاپن جي پنڊي ۾ خلل ۽ خرابيون
پيدا ٿيون، هو پنهنجو سر سنڀالي نه سگهيو، نه دنيا
سان دلچسپي رهيس، نه رب سائين سان، راضپو، بدڪاري
بلي،گنهگار خطاڪار، بي حيا، بي مروت، چور، رشوت
خور، زاني، شرابي، ڪوڙو، ڪپتيو، بي ايمان، بي دين،
بد ديانت، بخيل، نافرمان، دولابي، دغا باز، ڌاڙيل،
ڊاڪو، لٽيرو، ڦورو، رهزن، خللي، خوني، جوئاري،
جهڳڙائي، لغڙائي، لاف گزاف هڻڻ وارو، عبادت کان
عاري، وٽس نه توبهه نه زاري، جي حربن هڻي وڃي هنڌ
ڪيو هوس. ان ڪن جفاڪار جسمن ڪاڻ به سڻس سئم ته
نيڪو ڪار ۽ اهل الله لوڪ آهن هنن جي ساري سُڌ سندن
روحن کي هوندي جي ساڻن ساڻي هئا. خير.
خود خدائي وعدي وفائي ڪئي، مون کي موٽي اچڻ جي ماهيئيت ملي،
ڌوڙ جو ڍڳ ڍانچو ڍرڪڻ ۽ ڊهڻ لڳو: هزارين حاذق
حڪيم، طلبئو طبيب، ڊيٿ ڊوز، ڊاڪٽر، پاڻي پڙهڻ
وارا، ڌاڳا وٽڻ وارا، ڌمالي، رمالي، فالائي،
ڦيڻائي، ڍارائي، عطائي، ٽوٽڪائي، نجومي، جنترائي،
ڪامڻائي، منترائي، طلسمي، جنائي، بلڪ هر دس
جادوائي، ويڄ، معالج، ڪٺا ٿي پنهنجي ڪلا ڪرامت
ڏيکارين پيا پر پاپ جي پنوڙي جي عمر ۾ آفاقو ٿيڻو
نه هو سو نه ٿيو.
مون پنهنجي پر ۾ پروردگار کان دعائون پنيون، التجائون ۽
استدعائون ٿي ڪيون! اي عالمن جا الله! مون کي هن
بيهودي بند مان آجو ۽ آزاد ڪر! هن سيٽيل سرير جو
ساهه، سڪرات ۾ پئي سڏڪيو ۽ گهوگهري ۾ غلطان هو،
هانبارو ٿي هنيائين، ۽ ڌمڻ وانگيان ٿي ڌنيو. اڃا
هن جا پساهه پورا نه ٿيا هئا ته آذان آيو ته هاڻ
هليو آ، بنا دير، بنا وقت وڃائڻ جي ڀَئو کائي وٺي
ڀڳس، ميثاق جي منزل ماڻن جو اهوفائق جو فرمان هو
(آئون اوهان کي وري ماڳ موٽائيندس) پوري پڪ ٿيم
ته الست بربڪم جو قول ڪوڙو ٿي نه ٿو سگهي، سائين
سدائين سچو آهي.
وجهه نه وڃايم انالله وانا اليه راجعون، چوندو اچي ساٿارين جي
سٿ ۾ سهڙيو آهيان.
روحن سوال ڪيو: جنهن پنڊي جو پساهه هو هوا به نٿي ڌمڪيو هن جي
جيارڻ ڪاڻ ڪئين حيلا پي هليا. تنهن کي تون ترڪ ڏئي
آيو آهين! پوئتان جي کر مٽن سان اٿي کڙو ٿئي ته
توتي عتاب ڪين ايندو؟
ها، مون موچاري فرمانبرداري ڪئي. مقرر، مهيب، مهلون ملهايم، هاڻ
کيل ختم آهي، انهي پاپي جو پير هڏ پٽ تي نه پوندو.
چوڻا چڳي راس ڪيائين، ڪپيءَ ۾ ڪڻا ڪينهنس انتقال
اوس ٿيندس! ڀلا جڏهن قيامت قائم ٿيندي حشر نشر جو
هوڪو هلندو تڏهن روح ئي انهن ڳريل سڙيل سريرن ۾ دف
ٿيل ديهن ۾ خاڪ جي پتلي داخل ٿي انسانن کي
اٿاريندا. چئبو ته اڃا روحن جو ڪم ڪو تهه نه ٿيو
آهي؟
ائين ناهي.
تڏهن جهريل جسد پاڻو واڻي چڙي جو ابد هي ڪندا. بس! ڀلي آئين،
ڀائو،ڀلي آئين، اسان پڻ تو آيل روح جا تانگهائو
هئاسين، عشق ڪيا پورا عدد ،قالو بليٰ جي قول جا.
*--------*------*
مسعود مفتي/ امام راشدي
عذاب
آسمان جي هڪ ڪند ۾ ٽي ملائڪ پنهنجي آفيس کوليو ويٺا هئا سندس ڪم
اهو هو ته دنيا مان هر مرڻ واري جي پوري زندگيءَ
جو جائزو وٺي رپورٽ تيار ڪن ته ڇا هو جنت ۾ ويندو
يا دوزخ ۾!
ٽئي ملائڪ هر ڪيس جي گهرائي سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي
سفارش، آسمان جي ويجهي ڪنڊ ۾ پنهنجي وڏي ملائڪ کي
پيش ڪنداهئا. جيڪو حالتن کي نئين سرجاچڻ کان پوءِ
آخري رپورٽ تيار ڪري الله سائينءَ جي خدمت ۾ پيش
ڪندو هو. الله سائينءَ جو فيصلو آخري هوندو هو ۽
انهيءَ مرڻ واري جي روح کي جنت يا دوزخ ۾ اماڻيو
ويندو هو.
آفيس ۾ هڪ نئون روح داخل ٿيو. جيڪو دنيا ۾ هڪ ماڻهوءَ جي مرڻ
کان پوءِ جسم مان آزاد ٿي عرش عظيم تي پهتو هو.
روح جيڪو سڌو اڏامي انهن ٽنهي ملائڪن جي سامهون
پهتو هو. ۽ ائين اٿ ويهه ڪري رهيو هو. ڄڻ جهڪي
سلام ڪري رهيو هجي.
ان روح جي پهچڻ سان ئي مرڻ واري جي ڪلهن وارا ڪاتب به سندس
زندگيءَ جو سمورو رڪارڊ کڻي اتي پهچي ويا ۽ هر
واقعي جي تفصيل دونهين وانگر اتي پرٽي ڇڏي.
ٽنهي ملائڪن ڪمپيوٽر وانگر منٽن ۾ انهن واقعن جو ڪچو چٺو ڏسي
ورتو ۽ بنا ڳالهائڻ جي روح سان به نوري شعائن
ذريعي رابطو قائم رکيو. جنهن سان گڏ ان مرڻ واري
جي نقطه نظر جو به اندازو ٿيندو ويو. هيءَ ڄڻ ته
رسمي جواب طلبي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ هنن پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪئي ۽ سفارش ڪئي ته
مرڻ واري جا گناهه ٿورڙا آهن ان ڪري هن کي ڪجهه
وقت لاءِ دوزخ ۾ اماڻيو وڃي.
روح ڏڪڻ لڳو ۽ ڏڪي ڏڪي اتي ئي ڪري پيو ۽ آخري فيصلي جو انتظار
ڪرڻ لڳو. سندس حالت ائين ٿي وئي جيئن ڪو جسم سجدي
۾ پئجي دعا ڪري رهيو هجي. رپورٽ آسمان جي ٻي ڪنڊ ۾
وڏي ملائڪ وٽ وڃي پهتي.
اتي به ڪمپيوٽر جيان چند گهڙين ۾ رپورٽ ڪڍي وئي. ليڪن ان کي
آخري شڪل ڏيڻ بجاءِ وڏي ملائڪ به ابتدائي رپورٽ
موڪلڻ وارن ٽنهي ملائڪن کي گهرائي ورتو.
”توهان جي رپورٽ ۾ ڪجهه ڳالهيون واضح ٿيل ڪونهن“ وڏي ملائڪ چيو.
”مرڻ وقت فوتي جي عمر پنجاهه سال هئي، پر اهو واضح ڪونهي ته
موت واقع ڪيئن ٿيو.“
ٽنهي مان سينيئر ملائڪ چيو ته”ان سوال جا ٻه جواب آهن، هڪ جواب
اهو آهي ته موت 1976ع ۾ دل جي بيماري سبب ٿيو اهي
ڪيترا سال اڳ شروع ٿيا هئا.“
”اهي ڪهڙا سبب هئا.“ وڏي ملائڪ پڇيو.
”فوتي ويچارو سادو سودو ماڻهو هو، ۽ سادي سودي زندگي گذارڻ جو
عادي هو، هن گهر ٺهرائڻ شروع ڪيو ليڪن جنهن گهر جو
بنياد رکيو ويو اهو ئي اصل ۾ هن جي موت جو بنياد
بڻيو.”
”اهو ڪيئن؟“
”هن پنهنجي گهر ٺهرائڻ جو ٺيڪو هڪ ٺيڪيدار کي ڏنو، جڏهن گهر جو
اڌ حصو مس ٺهيو ته، ان جا ڪجهه حصا ڊهڻ لڳا جڏهن
هن کي احساس ٿيو ته ٺيڪيدار بي ايماني ڪري خراب
مٽيريل ۽ سامان استعمال ڪري رهيو آهي ته هن احتجاج
ڪيو ان تي ٺيڪيدار ڪم بند ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته هو
پنهنجو ڪم ڪنهن ٻئي کان ڪرائي باقي جيترو خرچ ٿيو
اهو کيس ڏنو وڃي. جڏهن هن خرچ جو بل ڏنو ته اهو
تقريبن ايترو ئي هو جيترو شروع ۾ سمورو گهر ٺهرائڻ
لاءِ لڳايو ويو هو.“
”پوءِ؟“
”پوءِ هو پوليس ڏي ويو، پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ هن کان
رشوت گهري، هن وڏن آفيسرن کي شڪايت ڪئي ته هنن رڳو
وڏا واعدا ڪيا پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. ايتري ۾
ٺيڪيدار پوليس کي پئسا کارايا ۽ هن فوتي خلاف ئي
فرياد داخل ڪيو ته هو ٺيڪيدار کي پئسا نه ٿو ڏئي.“
”پوءِ؟“
”پوءِ هن عدالت جو در کڙڪايو، عدالت هن جو عرض ته اگهايو پر
عدالتي طريقو ايترو ته ڊگهو هو جو، ڪيترائي مهينا
گذري ويا پر مقدمو اتي جو اتي پيو رهيو. ايترو
عرصو گذرڻ کان پوءِ به گهر جو ٿورڙو حصو ٺهيو هو ۽
اهو به ڪرڻ لڳو هو پوءِ ته ان سان گڏ اهو به ٿيوته
هن جا شاهد شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ لڳا.“
”اهو ڪيئن؟“
”هنن کي علائقي جي غنڊي ڌمڪايو هو ته جيڪڏهن هنن فوتيءَ جي حق ۾
شاهدي ڏني ته سندن زالن جي بي حرمتي ڪئي ويندي يا
وري نوجوان ڌيئرن يا پٽن کي اغوا ڪيو ويندو. ان
غنڊي جي ڊپ کان گواهن شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪيو.“
”مگر غنڊي ائين ڇو ڪيو؟“
”ٺيڪيدار غنڊي کي باقاعده غنڊه ٽيڪس ڏيندو رهندو هو ۽ ان کان
علاوه به هن کيس هڪ وڏي رقم ڏني هئي.“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“
پوءِ فوتي ٻيهر پوليس وٽ ويو پر هنن غنڊي خلاف ڪو به قدم کڻڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته غنڊي جي پوئواري ان
علائقي جو سياسي ليڊر ڪري رهيو هو.“
”پوءِ؟“
”فوتي اتان مايوس ٿي سياسي ليڊر وٽ ويو، هن کيس مدد جو واعدو
ڪيو پر ٿيو ڪجهه به نه، جڏهن فوتيءَ سياسي ليڊر
جي گهر ڪيترائي چڪر ڏنا تڏهن هن چيو ته هو غنڊي کي
ناراض نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هو هن جو ووٽ ڏيندڙ
آهي. ان تي فوتي چيو ووٽ ته مون به توکي ڏنو هو.
پر ليڊر چيو ته تنهنجو صرف هڪ ووٽ هو ۽ هن غنڊي جي
ڪري ڪيرائي ووٽ مليا هئا. فوتي چيو، جيڪڏهن تون
مون سان نيڪي ڪندين ته مان پيو اها ڳائيندس. ان
سان توکي منهنجي ڪري ووٽ به گهڻا ملندا. پر سياسي
ليڊر چيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته مان گذريل
اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو هو ۽ ايندڙ
اليڪشن تي به ڪندس هي غنڊو مختلف طريقن سان پئسن
ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو آهي. ان غنڊي جي ئي ڪري
مان پنهنجو گذريل نقصان به پورو ڪندس ۽ ايندڙ واري
لاءِ به آمدني رکندس، تون منهنجي لاءِ ته اهي ڪم
نه ٿو ڪري سگهين.“
”پوءِ؟“
”پوءِ ويچارو فوتي هر پاسي کان مايوس ٿي پنهنجي مذهبي رهنما ڏي
ويو ۽ ان کي چيائين ته هو ماڻهن کي اپيل ڪري غنڊي
کان نجات ڏياري، پر مذهبي رهنما چيس ته جيستائين
سڀ ماڻهو نيڪ ٿي نه ٿا وڃن ۽ مذهب جي رسي مضبوط نه
ٿا جهلين تيستائين هو ڪنهن غنڊي يا سياستدان يا
پوليس خلاف آواز نه اٿاريندو. جيڪڏهن سڀ ماڻهو
برائي ڇڏي ڏين ته اهڙيون مشڪلاتون پيدا نه ٿين.
هتي جيڪڏهن انهن ٽنهي مان ڪو به ڪڏهن هن جي مذهبي
تقرير ٻڌڻ آيو ته کيس يقين آهي ته هن جي دل تي
سندس ڳالهين جو اثر ٿيندو ۽ الله هن کي ضرور
سڌاريندو.“
”پوءِ؟“
”پوءِ فوتيءَ تنگ ٿي عدالت مان مقدمو واپس ورتو ۽ پنهنجي زال جا
زيور وڪيائين ۽ پنهنجي نوجوان ڌيءَ جي شادي ملتوي
ڪري انهن پئسن مان ٺيڪيدار جو بل ادا ڪيائين ۽
پوءِ پاڻ بازار مان سامان وٺي گهر ٺهرائڻ لڳو.
”پوءِ؟“
پوءِ هن ڏٺو ته بازار ۾ سامان يا ته بليڪ مارڪيٽ ۾ ملي ٿو يا
ملاوٽ وارو گندو ملي ٿو هن جو ڪيترن دڪاندارن سان
جهيڙو به ٿي پيو پر گذريل واقعي کان پوءِ هو عدالت
۾ نه ويو. ۽ دل ئي دل ۾ جلندو رهيو. بليڪ مارڪيٽ
مان سامان وٺڻ جي ڪري هن کي بئنڪ مان قرض به وٺڻو
پيو. هڪ سال کان جڏهن بئنڪ جي قرض جي واپسي جو وقت
آيو ۽ هن ڏٺو ته مٿس ايترو وياج چڙهي ويو آهي ته
هن جي زال گهر جون ٻيون سڀ شيون به وڪڻي ڇڏيون.
ڪار وڪڻي قرض لاٿو ويو ۽ پوءِ هي سڄو ڪٽنب پنهنجي
هڪ نئين گهر ۾ رهڻ لڳو. پر بدقسمتي سان نئين گهر ۾
سندن پاڙيسري هڪ اسمگلر هو ۽ فوتي جا ٻار اسڪول ۾
ان اسمگلر جي ٻارن سان گڏ پڙهندا هئا ۽ هن جي زال
جو هن جي زال سان ملڻ جلڻ به ٿيڻ لڳو.“
”پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن فوتي جا پٽ به جوان
ٿيندا ويا. سندس زال ڪراڙي ٿيندي وئي. زال کي آرام
جي ضرورت هئي ۽ ٻارن کي نئين زندگي شروع ڪرڻ جي.
انهي ڪري انهن سڀني کي فوتي کان شڪايتون ٿيڻ لڳيون
ته هن پنهنجي زندگي ضايع ڪئي آهي. سڄي علائقي ۾ ان
اسمگلر جي عزت به گهڻي هئي ته سندس گهر ۾ پئسي
ڏوڪڙ کان علاوه ٻين آسائشن جي به ڪا ڪمي ڪانه هئي.
ان جي ڀيٽ ۾ فوتيءَ جي گهر ۾ اهڙي آسائش به ڪانه
هئي ۽ ماڻهو به سندس عزت ڪونه ڪندا هئا.“
”پوءِ؟“
”ان سان فوتيءَ جي گهر ۾ گهپي ۽ ڪروڌ رهڻ لڳو ۽ گهر جو ڪو به
ڀاتي خوش نه رهيو.“
” ته پو ڇا ٿيو؟“
”هاڻي فوتي جو اولاد جوان ٿي ويو هو انهن ۾ ڪنهن جي اعليٰ تعليم
جو مسئلو هو ته ڪنهن جي شادي جو. ليڪن هنن وٽ
ايتري ڪشادگي ڪانه هئي. هڪ ڏيهن شام جو ماني کائڻ
وقت ڳالهه وڌي وئي ته زال ۽ ٻارن فوتي کي چيو ته
هن موجوده وقت جي وهندڙ درياهه مان هٿ ناهن ڌوتا،
ان ڪري هو بيوقوف آهي. احمق آهي، ۽سندس پاڙي وارو
اسمگلر ڏاڍو سياڻو آهي. جنهن حالتن سان ساٿ ڏئي
عملي طرز جو مظاهرو ڪيو. انهن ڳالهين جو فوتي جي
دل تي ايترو ته اثر ٿيو جو انهي رات هن کي ٻيهر دل
جو دورو پيو ۽ هو صبح ٿيڻ کان اڳ ئي مري ويو.“
وڏي ملائڪ ڪجهه غور ڪيو ۽ پوءِ ٽنهي کي واپس موڪليو. بعد ۾ هو
ڪافي دير تائين سوچيندو رهيو..... سوچيندو
رهيو..... نيٺ هن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته”فوتي جي
موت جي حالتن مان اندازو ٿئي ٿو ته دنيا جي جنهن
خطي مان هي فوت ٿي آيو آهي، اتان جو معاشرو ٻرندڙ
خدائي عذاب جي چنبي ۾ آهي. جنهن ماڻهوءَ جو ڪو به
قصور ناهي ان کي به ڪو سڪون ڪونهي.
”فوتي کي ٻيهر دوزخ ۾ موڪلڻ جو ڪو به جواز ڪونهي....“
وڏي ملائڪ پنهنجي رپورٽ الله سائين جي بارگاهه ۾ اماڻي ڇڏي.
*--------*-------* |