سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

جميل يوسف زئي/ مشتاق گبول

قصو هڪڙي واردات جو

ڪابل شهر جي هڪ هوٽل ۾ پهرين ڌماڪو ٿيو، پوءِ ڳاڙهو ڪارو، دونهون بلند ٿيو، سڀ ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا. ڪجهه گهڙين کان پوءِ حواس ٺيڪ ٿيا ته ماڻهو آهستي آهستي واردات واري هنڌ پهچي ويا.

ميڙ وڌي رهيو هو، ڪجهه ماڻهو امدادي ڪمن ۾ مصروف هئا، ڪجهه اڌ مئل ماڻهن جا عضوا ۽ ڪپڙا رت سان رنڱيل ڏسي اُف اُف ۽ هاءِ هاءِ ڪري رهيا هئا  ڪجهه ماڻهو چئي رهيا هئا ڪجهه گهڙيون اڳ اسان هت گذريا آهيون، شڪر آهي، خدا بچي وياسين، نه ته  هتي رهجي وڃون ها.“ انهي قسم جون ٻيون گهڻيون ئي ڳالهيون ٿي رهيون هيون. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. هي اڄ جي نئين خبر هئي جنهن تي هر ڪو پنهنجو رايو ڏئي رهيو هو.

پوليس جون گاڏيون پهچي ويون هيون، ماهرين پڇا ڳاڇا ۾ مصروف  هئا، ڌماڪي خيز مواد جا آثار ۽ نشان جمع ٿي رهيا هئا. لاشن کي کنيو پئي ويو. جڏهن ته زخمين جون رڙيون  قيامت خيز هيون. شهر جا ماڻهو اڪثر انهن پابندين کان عام  ڏينهن ۾ آجا هوندا آهن. مگر اڄ سڀ رضاڪارانه طور تي تلاشي ڏئي رهيا هئا. سڀ گرمجوشي سان  هٿ ونڊائي رهيا هئا.

بادامي چوڪ تي گاڏيون بيٺيون  هيون. پوليس جا اهلڪار هوشياري سان، ڪم ڪار ڪري رهيا هئا. شناخت ڪرائي تلاشي ڏيڻ کان پوءِ وڃڻ جي اجازت ملي پئي وئي، پوليس گهٽ هئي ۽ ماڻهو گهڻا

ايتري ۾ هڪ بدحواس عورت پوليس جي ويجهو اچي بيهي رهي، هوءَ برقعي ۾ هئي ۽ وڃڻ چاهي پئي، پوليس جي سپاهي رڙ ڪري هن کي وڃڻ کان منع ڪئي. عورت تڙ تڪڙ ۾ چيو”مون کي وڃڻ ڏيو: منهنجو پٽ بيمار آهي، ميڙ وارئو منهنجي مدد ڪريو“

پوليس سارجنٽ جي نظر عورت جي جتيءَ تي  پئي جنهن تي ڳاڙهي ڳاڙهي رت جا قطرا نظر پئي آيا. هن عورت جو برقعو هٽائڻ چاهيو ته هوءَ مزاحمت تي لهي آئي، ماڻهو به انهي عمل جي خلاف هئا، اتي زائفاڻي پوليس ته ڪانه هئي، نه ئي تڪرار جو وقت...

سارجنٽ برقعو نيٺ مٿي کنيو. عورت ڊڄي وئي، هن جي هٿن مان اهو خوبصورت ميندي رتو هٿ ڪري پيو، جنهن جي ٻن آڱرين ۾ سون جون منڊيون پيل هيون.

 

 

مظهر الاسلام- مجيد گل

رانديڪا

ننڍڙي ڪمري ۾ داخل ٿي ته هن ڏٺو ته هن جي گڏي سندس ماءُ جي بستري تي  ستل هئي. ۽ ڇوڪر جو پستول ڀر ۾ پيل هو.

ننڍڙي هڪ دفعو غور سان ڏٺو ۽ پوءِ رڙ ڪري ٻاهر ڊوڙ پاتائين. ماءُ هن کي هنج ۾ کڻي ورتو ۽ پڇيائين” ڇا ٿيو؟ ڇا ڳالهه آهي“  پر ننڍڙي بري طرح ڊنل هئي. هن جون رڙيون ماءُ جي دل ڪڍي رهيون هيون. ماءُ هن کي رڌڻي ۾ وٺي وئي، پاڻي پياريائينس ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري هن کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن ننڍڙي ڪجهه پاڻ کي سنڀالي وئي تڏهن ماءُ جي اسرار تي صرف ايترو چيائين”منهنجي گڏي“ ماءُ هن کي هنج ۾ کڻي ڪمري ۾ پهتي ته هن ڏٺو ته ننڍڙي گڏي هن جي بستري تي ليٽيل هئي ۽ هن جي ڀر ۾ ننڍڙي ڇوڪر جو پستول رکيل هو. ماءُ هن کي ڇڏي پستول کڻڻ لاءِ اڳتي وڌي، پر پلنگ جي ويجهو وڃي بيهي رهي، ننڍڙي وارو سمورو خوف هاڻ هن ۾ لهي آيو هو ۽ هن جي همت جواب ڏئي وئي. ڇوڪر جو پستول بلڪل گڏي جي ويجهو پيل هو. هن سوچيو”ڪٿي ائين نه ٿئي هو پستول کڻڻ لڳي ۽ اهو ڇٽي ۽ گڏي.... “ هن کي روئڻ اچي ويو ننڍڙي ٻيهر روئڻ لڳي. ائين لڳو ڄڻ ٻنهي کي روئيندو ڏسي گڏي به روئي پئي آهي. ماءُ کي خيال آيو ته ننڍڙي ڪجهه ڏينهن پهريان پنهنجي پيءُ سان شڪايت ڪئي هئي ته ننڍڙو ڇوڪر پنهنجو  پستول ننڍڙي جي گڏي کان پري رکندو ڪري... ته پيءُ چيو هو، ڇوڪر جو پستول ته رانديڪو آهي، ۽ گڏي کي هن کان  ڪو به خطرو ڪونهي، رانديڪا ته گڏ پيا رهندا آهن، رڇ، باندر، گڏيون، گڏا هڪڙي ئي ٽوڪري ۾ هوندا آهن، پر انهن کي هڪ  ٻئي کان ڪو به نقصان ڪونه ٿو پهچي، پوءِ ماءُ کي پنهنجي  ٻاروتڻ جو اهو ڏينهن ياد اچي ويو، جڏهن هوءِ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ درياءَ جي ڪناري تي پڪنڪ ملهائڻ وئي هئي، هن جي گڏي درياءَ ۾ ڪري پئي هئي ۽ هن گڏي جي پويان درياءَ ۾ ٽپ ڏنو هو هن کي ته هن جي چاچي درياءَ مان ڪڍي ورتو هو پر هن جي گڏي لڙهي وئي هئي ۽ جڏهن هوءَ جوان هئي ۽ پنهنجي ساٿي سان گڏ درياءَ جي ڪناري تي وئي ته هن کي پنهنجي گڏي درياءَ ۾ ٻڏڻ جو سڄو واقعو ٻڌايائين. هن چيو”ڇڏ هاڻ وساري ڇڏ گڏي کي“ هن پنهنجي ساٿي جي چوڻ تي انهيءَ گڏيءَ کي وسارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر اڄ تائين جڏهن هو پنهنجو لباس تبديل ڪري ٿي، وارن کي ڪنگي ڪرڻ ويهي ٿي ته گڏي اچي هن جي سامهون ويهي ٿي.

ان وقت به بستري تي اها ئي گڏي ليٽيل هئي ۽ هن جي ڀر ۾ پستول پيل هو. هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڏڻ لڳي ۽ رحم طلب  نظرن سان ننڍڙي ۽ گڏي کي ڏسي رهي هئي. پوءِ هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڇوڪر گڏي کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجو پستول اتي ڇڏي ڀڄي ويو آهي. شايد ننڍڙيءَ کي به ائين ئي لڳو هجي ڇو ته هو ٻيهر روئڻ لڳي هئي.

روئيندي روئيندي هن جا وار ڊگها ٿي ويا. گهاٽا، ملائم ۽ چمڪدار هن جو قد ماءُ جيڏو ٿي ويو، وقت  هن جي اکين مان لڙڪ بڻجي ٽپڪڻ لڳو ۽ جسم جواني جي خوشبو سان ڀرجي ويو. هن جو سئوٽ (ڇوڪر) پنهنجي پراڻي نالي کي  وساري چڪو هو. هو ته اهو به وساري چڪو هو ته اها به ڪڏهن ننڍڙي هئي.

هاڻي هو ورانڊي ۾ ويٺا هئا.

هو پڇي ٿو”تون هر وقت ڇا سوچيندي رهندي آهين؟“

هوءَ خاموش رهي ٿي، هو چوي ٿو، ”تون منهنجين ڳالهين جو جواب ڏي، ڪجهه ته ڳالهاءِ“

هوءَ چوي ٿي”اگر مون ڪجهه چيو ته ٻڌي سگهندين؟“

”جيڪو دل ۾ اچئي چئي ڇڏ“

هو ٻيهر خاموش ٿي وئي.

هن وري به اصرار ڪيو ته هو اٿي بيٺي ۽ هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چوڻ لڳي”ياد اٿئي تو ٻاراڻي وقت ۾ منهنجي گڏي کي قتل ڪيو هو!

۽ هاڻ ڪيترن ڏينهن کان مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو پيو ٺاهين.“ هو به اٿي بيٺو هن جي ويجهو اچي چوڻ لڳو ”چري ڪنهن جاءِ جي، اسان ته رانديڪا آهيون، توکي ياد ناهي جڏهن اسان ننڍا هئاسين تنهنجي والد چيو هو رانديڪن کي هڪ ٻئي کان ڪو خطرو نه ٿو ٿئي، رڇ، باندر، گڏيون، گڏا، هڪڙي ئي ٽوڪري ۾ پيا رهندا آهن. هن جي ڳالهه ٻڌي هن تيزي سان ڦيرو کاڌو ۽ هن کي سڃاڻڻ ۾ لڳي وئي ته هو رڇ آهي، باندر يا گڏو!

 

*--------*------*

 

استاد نظاماڻي

ڪارونجهر جي ڪور تي

بانسري جو سوز ڀريو آواز ڪارونجهر جي وادين ۾ گونجي رهيو هو، ڀٽياڻيءَ جو وهڪرو ورن وڪڙن ۾ وهندو ڪڇ جي رڻ ۾ رلي ٿي ويو. ڪڪرن جون ٽڪريون ٽروٽ جي چوٽيءَ سان ٽڪرائجي ٿرين جي بيوسي تي ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳيون. ڪونجن قطارون ڪڻڪنديون، ڪجلا سر تلاءَ ۾ لهي رهيون هيون. ڪي ته ڪارونجهر کان به مٿي قطارون ۾ ڪرلائي رهيون هيون. ڏولهڪ مور آهستي آهستي پر هڻندو اچي ڪاسبي ۾ گهاٽن باغن ۾ لٿو. ريٻارڻ جو ننگو ٻار، شرارت مان ان مور جي  پويان ڊوڙڻ لڳو، مور وري هوريان هوريان پرڙا هڻندو ڪارونجهر جي وادين ۾ گم ٿي ويو.

صبح جو ويلو هو. سانوڻيءَ جا بادل بوندون وسائي رهيا هئا. سامهون سر سبز ڪارونجهر روپلي ڪولهيءَ جيان صدين کان سينو تاڻي بيٺو هو. مون سان منهنجو دوست هيمن گڏ هو. سامهونصبح جي ٿڌڙي هوا ۾ مور پنهنجي حسن جا سڀ رنگ وکيري ناچ ڪري رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ روهڙي جو وڻ پنهنجي رنگبرنگي گلن سان سانوڻي جي تيز هوائن ۾ جهومي رهيو هجي. ٻئي پاسي گگلڻ جي وڻ مٿان ويٺل اداس ڳجهه جيڪا سانوڻي رت ۾ خوش نه هئي، هو صرف ڏڪار ۾ خوش نظر اچڻ واري اڄ سانوڻيءَ رت ۾ ماتم ڪري رهي هئي.

مون مرجهايل ڳجهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو”ڪاش مون وٽ بندوق هجي ها ته ان اڀاڳيءَ کي نشانو بڻايان هان!“

هيمن مون ڏانهن ڏسي چيو، ”توکي خبر آهي ته اهو پکي ڏڪار ۾ مئل جانورن جو گوشت کائي ڪيڏو خوش ٿيندو آهي، پر انهي پکي کي مارڻ سان نهوست ختم نه ٿيندي، منهنجا دوست! الٽو بندوق جي ٺڪاءُ سان خوف کان مور مري سگهن ٿا ۽ مور ...!“

مون هيمن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”ٺيڪ ٿو چوين دوست“

آسمان ۾ کنوڻ چمڪاٽ ڪيو، گجگوڙ ٿي، برکا ۾ تيزي اچي وئي.  مان خاموش ٿي ويس ڪارونجهر جيان ۽ ان خاموشي ۾ ڀٽياڻي نديءَ جو شور بلند ٿيو، ڏور وڄندڙ بانسري جو آواز منهنجن ڪنن تائين پهچڻ لڳو.

”بانسري جي مڌر آواز ۾ ڪيڏو نه سوز آهي، ڪير پيو بانسري وڄائي؟“

هيمن راڻا سر تلاءِ ڏانهن اشارو ڪندي چيو”هو ڏس تلاءُ ڪناري سانورو نينگر.“

مون ڏٺو سانورو معصوم نينگر پنهنجي چپن تي بانسري رکيو سوز جي ساز ۾ ٻڏل هو، پاسي ۾ راڻا سر تلاءَ مان لهرون پئي اڀريون.

”هيمن“ هن جي آواز ۾ ڪيڏو نه درد آهي.“

هيمن، مون ڏانهن  ڏٺو سندس نيڻن ۾ پاڻي اچي ويو، مون محسوس ڪيو، ايترو پاڻي راڻا تلاءَ ۾ به ڪونهي، جيترو هن جي اکين جي ڪٽورين ۾ ڀرجي آيو هو. هن کان اڳ جو مان درد جي شدت کان منهن ڦيرايان، هيمن اڳ ۾ ئي منهن پاسي ڪندي چيو، ”هن معصوم جو پيءُ مري ويو آهي.“

کنوڻ چمڪاءُ ڪيو، جبل ۾ گونج ٿي، مور جي صدا وادين ۾ بلند ٿي، طوفاني هوا ۾ قديم جين مندر جي ديوار وڃي پٽ پئي، ائين لڳو ڄڻ قديم تاريخ جي ڪتاب مان ڪو ورق ڦاٽي وکري ويو. ڄڻ مور جا ٽٽل پر جبل جي پٿرن تي وکرڻ لڳا.

مون سواليه نظرن سان هيمن  ڏانهن ڏٺو، هيمن مون کي ائين ڏٺو ڄڻ هو منهنجي دل جي گهراين مان ڪو تاريخ جو گم شده ورق ڳولي رهيو هجي.

هن جهيڻي آواز ۾ چيو” هن معصوم جو پيءُ مري ويو آهي، ڪارونجهر ڪٽيندي!!“

”ڪارونجهر ڪٽيندي؟“

ها....! ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪٽيندي پٿر هيٺ اچي ويو، پنجاهه رپين لاءِ مزدوري ڪندڙ اهو مسڪين پٿرن هيٺ زندهه دفن ٿي ويو. سندس چتا جي رک به ڪڏهوڪي ساڙدڙي جي ڪن ۾ لڙهي وئي.“

هيمن جو درد ڀريو جملو ٻڌي منهنجي اندر ۾ طوفان اڀريو، دل جي سمنڊ ۾ ڪيئي لهرون اڀريون، جيڪي نيڻن جي ڪنارن سان ٽڪرائجي سانت ٿي ويون.“

سوچيم،”ڪڏهن ڪڏهن ڇو من روئڻ چاهيندو آهي، پر انسان روئي نه سگهندو آهي، وڏا وڏا ڏک به اکين ۾ لڙڪ آڻي نه سگهندا آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته معمولي ڏک به اکين ۾ آب آڻيو  ڇڏين.“

ڇا نالو آهي، ان معصوم جو؟“

”پرڀو پر .... ڀو.....!“

ڪجهه دير بعد مان ۽ هيمن تروت جي چوٽي تي اچي ويهي رهياسين. برکا لاڳيتو وسي رهي هئي.  وسندڙ برکا جا آواز  وڻن جي پنن سان ٽڪرائجي سانوڻيءَ جا سر ڇيڙي رهيا هئا مان خاموش هيس، بادلن جي گهيري ۾ آيل ڪارونجهر به خاموش  هو. جيڪڏهن ڪو آواز هو ته پرڀو جي بانسريءَ جو ۽ انهيءَ سوز ڀرئي آواز ۾ سانوڻيءَ جا ڳوڙها هئا، جن جي ٽڪرائجڻ سان وڻن جا پن ۽  ڪارونجهر جا پٿر به سڏڪي رهيا هئا. اڄ ڪيڏو نه اداس پئي لڳو ڪارونجهر سانوڻيءَ رت جنهن ۾ ٿر جا مارو جهمريون پائي، سر سارنگ ڳائيندا آهن، پر هيل سانوڻيءَ ۾ خبر ناهي ڇو ايڏي اداسي هئي، ٿر جي سائي ڌرتي، ڪارونجهر مان نڪرندڙ معدنيات به ٿرين جي اهنج کي لاهي نه سگي. پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن.

هيمن مون کي خاموش  ڏسي چيو.

”پرڀوءِ جو پيءُ جبل ڪٽيندي مري ويو، سندس بيواهه ماءُ ڪارونجهر جي وادين ۾ وڇوڙي جا گيت ڳائي مري وئي.

”۽ پرڀو؟“

پرڀو ويچارو ايئن ئي ڪنهن مهل ڪنهن سياح کي هتان جا قديم آستان گهمائيندو آهي ته کيس ڪو ڏهه رپيا سانورن هٿن تي رکندو آهي. يا مال چاريندي بانسري وڄائيندي وقت گذاريندو آهي.

سانوڻيءَ جي برکا وسندي وسندي بيهي وئي، ڪڪرن جا ٽڪرا ڇٽا ٿي هوائن جي روش تي ڊوڙڻ لڳا. اولهه ڏانهن منجهان جڏهن سج ليئو پاتو ۽ پنهنجا ڪرڻا، ڪارونجهر کي ارپيا ته سڄو سندر عڪس اکين جي درين مان ٿيندومن پاتال ۾ لهي ويو.

”ڪيڏي نه سندر ٿي لڳي ست رنگي جين مندر مٿان.“

هيمن جي لبن تي  هلڪي مسڪراهٽ پکڙجي وئي، ” ها....جڏهن شام ويلي رڻ ڪڇ ۾ ٽٻي هڻندو آهي ته ان ويلي ائين لڳندو آهي ڄڻ سڏونت، سارنگا جي ياد ۾ روئي نيڻ ڳاڙها ڪري ڇڏيا هجن. ان ويلي سورج ڪنهن سهاڳڻ جي بولي جيان لڳندو آهي.

مان ۽ هيمن پهاڙ تان ٿيندا تلاءَ تي اچي پهتاسين، هتي هڪ سنهڙي سانوري عورت پاڻي ڀري رهي هئي، جنهن جو ڏٻرو جسم، اگهاڙا پير جنهن جي مٿان مٽيءَ جا تهه ڄميل، ڪنن ۾ چانديءَ جا وزني والا، جنهن جي ڪري ڪنن ۾ ٿيل ٻرگهل هٿن جي ڪاراين کان وٺي ڏوري تائين عاج جون چوڙيون، پيرن ۾ ڇير۽ سڄو جسم ڪپڙن ۾ ائين ويڙهيل، جيئن گيتا پوش ۾ ويڙهيل، ۽ هوءَ صليب تي ٽنگيل مسيح جي مجسمي جيان خاموش.

مون جڏهن عورت کي غور سان ڏٺو ته هيمن چيو، ”اها آهي ٿر جي عورت،“ ڪجهه دير خاموش ٿي طنز مان چيائين. ”ثقافت.... هو.

مان ۽ هيمن جڏهن ريسٽ هائوس پهتاسين ته ريسٽ هائوس جي  ٻاهران ٻارن جي هڪ قطار بيٺل هئي، سڀني جي اکين ۾ اها آس هئي ته آيل شهري بابو کين رپيو هٿ تي رکندو.

هيمن انهيءَ قطار ۾ بيٺل هڪ انگ اگهاڙي معصوم  ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”اها غربت جي تصوير ڏسين ٿو. ان جو نالو آهي ڪرشن.“

”نالو ته خوبصورت آهي.“

هن جو پيءُ  اسلام ڪوٽ ۾ کاڻ کوٽيندي  ڌماڪي ۾ مري ويو.“

”مون سرد آهه ڀريندي چيو،”بس وڌيڪ نه ٻڌائجان“

سج لهي چڪو هو، پارڪر جي ننڍڙي هوٽل تي ويٺا هئاسين، سانوڻي جي ٿڌي هوا ۾ چانهه جا ڍڪ ڀريندي مون هيمن کان اتي ويٺل هڪ جهوني بابت پڇيو.

مون  چانهه جو ڪوپ خالي ڪري سگريٽ دکايو، هيمن ڪجهه  سوچي رهيو هو. مان سگريٽ جا ڪش  تيزيءَ سان هڻڻ لڳس.

”هتي جا ماڻهو هن کي نواز سڏيندا آهن.“

”اوهه ! مون  هن جو نالو ٻڌو آهي.“

مون سگريٽ  جو آخري ڪش هنيو ۽ اڌ سگريٽ اڇلي ڇڏيو.

هيمن جي لبن تي مسڪراهٽ  ڦهلجي وئي انهي مسڪراهٽ ۾ خوشي گهٽ ۽ مظلوميت وڌيڪ هئي.”هي ڪارونجهر جي ڀٽڪندڙ صدا آهي، هڪ آواز، جنهن کي ٻڌڻ کان محقق ڏور کان هتي ڪهي ايندا آهن ۽ پوءِ هن جي دل جا داستان ٻڌي ڊائريون بند ڪري هليا ويندا آهن. هن شخص صدين کان پارڪر جا پهاڙ لتاڙيا آهن. هو ڏس هن جي ننگن پيرن ۾ پٿرن جا نشان، ڇا انهن نشانن جي ڪا قيمت آهي؟

مون هيمن جي انهي سوال جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هو. مان آسمان ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ڦهليل سرمئي اوندهه ڏانهن ڏسڻ لڳس. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪارونجهر تي آيل ڪونجن جون قطارون موٽي ويون آهن. جتي مور جي صدا هئي، ڪارونجهر جو جبل هو. اتي هاڻ رڻ جو اجهاڳ سمنڊ آهي. انهي رڻ جو مان مسافر، جنهن جي هٿ ۾ تاريخ جو ڪتاب آهي، جنهن جا اکر ٿرين جي اکين مان هاريل ڳوڙهن سان ڊهي پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺا آهن.

اسان جارچيل گيت، اسان جون اپيلون، ڪنهن گونگي جي نڙيءَ ۾ دٻجي ويون آهن. اسان جا لفظ ڄڻ گونگي جا اشارا بڻجي ويا آهن  جنهن کي سمجهڻ وارو ڪير به ڪونهي!

 

ممتاز لوهار

پل جي پوپٽ ٿي ويا

 

گهر شماريءَ کان پوءِ ساڳين درن  تي ووٽ شماري لاءِ وڃڻو پيو. سو اسڪول ۾ مسٽرول تي صحيح ڪري پنا کڻي پنهنجي مليل محلي ڏانهن رخ ڪيم. سامهون پڪي جاءِ نظر آئي، وڏي لوهي دروازي مٿان خوبصورت اکرن ۾ ”مومل جي ماڙي“ لکيل هو. جاءِ مان محسوس ڪيم ته سٺو خوشحال گهراڻو آهي. ڀرسان وڃي در کڙڪائي سوچڻ لڳم ته ڪاش موٽ ۾ ڪو سنهڙو سريلو آواز هجي.

”جي!“ عورتاڻو آواز ڪنن تي پيو ته هڪ عجيب لڄ اندر مان ڪر کڻي جاڳي پئي ۽ مون پاڻ سنڀالي پنا اٿلائڻ شروع ڪيا.

”در اوهان کڙڪايو نه !؟“

مون هن دفعي پنهنجي کاٻي ساڄي  ڏسي پوءِ اکيون مٿي کڻي دروازي ڏي نهاريو، لوهي اڌ کليل در مان هوءَ امرتا پريتم جي ”بند دروازو“ ناول جي ٽائٽل واري ڇوڪري لڳي رهي هئي. هوءَ منهنجي ويڳاڻپ تي مرڪي رهي هئي. مون مرڪ جو جواب مرڪ سان ڏيندي چيو”حڪم“ هن کان ٽهڪ نڪري ويو.

ڇا مطلب!؟در اوهان ناهي کڙڪايو!“

سندس سوال ۾ حيرت ۽ سياڻپ وڻندڙ هير جي جهونڪي جيان هئي.

”جي... جي..... جي“ در مون ئي کڙڪايو آهي، در اصل ووٽ شماري لاءِ هن گهر جي فردن جا نالا ۽ سندس معلومات گهرجي، جيئن انهن جا ووٽ شمار ٿي سگهن.“

مون هڪ ساهيءَ ۾ جواب ڏيڻ ٿي چاهيو مگر اڌ جملي ۾ سهڪندڙ ڳيت ڏئي ڳالهائڻو پيو. مون هن جي ائين مرڪڻ ۽  بي حجابي مان محسوس ڪيو، ته هوءَ کل مک ۽ سمجهدار  ڇوڪري آهي.

”هن وقت  ته گهر ۾ ڪوبه مرد ڪونهي.... اوهان .....“ مون سندس جملو اڌ ۾ ئي ڪٽي ورتو،”اوهان آهيو نه .... اوهان ئي کڻي ٻڌايو.“ هوءَ مرڪي رهي هئي، ۽ مان سندس مرڪ جي ڄار ۾ ڦاسي رهيو هوس.

”اوهان ڪڏهن ڪبوتر اڏرندي ڏٺا آهن!؟

مون سندس عجيب سوال تي ڇرڪ ڀريندي کيس چيو، ”جي ! اوهان ڪجهه پڇيو!!؟“

هن منهن تي لهي آيل وارن جون چڳون مٿي ڪندي چيو.

اوهان ڪڏهن ڪبوتر اڏارندي ڏنا آهن.

”ها، ها، بلڪل اسان جي پاڙي جا اڪثر نوجوان ڪبوتر اڏاريندي انهن تي شرطون رکندا  آهن، ڪي ته وري ويچارن ڪبوترن جي پيرن ۾ چٺي ٻڌي پنهنجي ليليٰ جي گهر ڏي اڏاريندا آهن.“

هن ٻيهر زور سان ٽهڪ ڏئي چيو، ”مان انهن ڪبوترن جي ڳالهه نه ٿي ڪريان.“

مون حيرت  سان کيس ڏسندي چيو ته ....  ٻيا وري ڪهڙا ڪبوتر ٿي سگهن ٿا.“ گهٽيءَ ۾ سامهون ڪوئي ايندو ڏسي هن در ٻيڪڙي ورتو ۽ مان پنا  اٿلائيندي ايندڙ ماڻهن کي دل ۾ بد دعائون ڏئي سندس گم ٿيڻ لاءِ دعائون گهري رهيو هوس. هن ٻيهر در کوليو. هن دفعي هن در جا ٻئي تاڪ کولي ڇڏيا. مون هن دفعي کيس چڱيءَ طرح پيرن کان مٿي تائين جاچي  ڏٺو. هوءَ عمر ۾ مون کان ٻه ٽي سال وڏي ٿي لڳي. ”پر خير آهي“ مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي چيو. بادامي رنگ، گول چهرو، چوٽيدار نڪ، وڏيون اکيون، ويڪرا چپ، ڀريل ڪنڌ، ويڪرا ڪلها، ڪلهن تي وکريل وار، هو لون جي رنگين وڳي ۾ ڪنهن خوبصورت گلدستي جهڙي ٿي لڳي.

”مون انهن ڪبوترن جي ڳالهه پئي ڪئي. جيڪي ڪنهن به حسين نوجوان عورت کي مرڪندو ڏسي ڪنهن نوجوان مرد جي اکين مان ڀڙڪو کائي اڏرندا آهن.“ مون سڀ ڪجهه سمجهندي به پاڻ کي بي سمجهه ڄاڻائيندي کيس حيرت مان ڏسي چيو” مون اوهان جو مطلب نه سمجهيو.“

چيائين:”در اصل توهان کان اڳ به هڪ استاد هتي آيو هو اهو به ائين هو، جيئن تون، هن مون سان عجيب ڳالهيون پئي ڪيون. ان جي اکين مان اهي ڪبوتر اڏريا هئا، اڄ ڪلهه هر  ماڻهو ڪا ڇوڪري ڏسڻ شرط ان ڏانهن پنهنجي اکين مان پيار جا ڪبوتر اڏائي  ٿو ڇڏي.“ مون کي ياد اچي ويو ته گهر شماري ۾ اڳ مون پنهنجي هڪ دوست کي هن طرف موڪليو هو. اها ضرور ان جي ئي ڪا شرارت هوندي. مون هن کان گهر جي فردن جا نالا پڇيا، هن پاڻ کان سواءِ سڀني گهر ڀاتين جا نالا ڏنا، جنهن ۾ هن جو ڀاءُ، ڀاڄائي، ماءُ  هئا کيس چيم ”۽ توهان جو نالو !؟“

”تنهنجي اکين مان به ڪبوتر اڏري رهيا  آهن.“ هوءَ شرارت منجهان مرڪي رهي هئي، مان شرم وچان ڳالهه هضم ڪندي هٻڪندي کيس يقين ڏياريو ته ”اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي... اوهان پنهنجو به ووٽ داخل ڪرايو.“

”منهنجي عمر اڃا ننڍي آهي“ هن کلندي چيو:

”پر مون کان ته وڏي هوندينءَ.... منهنجو به ووٽ داخل ٿيل آهي.“

منهنجي جواب تي هن جي مرڪ ڦڪي ٿي وئي. لکو،”مومل“

هٿ پني تي نچڻ لڳو، ڪيڏو نه سادو ۽ پيارو نالو آهي، آهي به ته مومل.

”تعليم“

مئٽرڪ پاس.“

”غير شادي شده آهيو؟“ هن ڀيري منهنجو ڪنڌ ڪنهن بار سبب هيٺ جهڪي پيو هو، ايندڙ جواب مون لاءِ گل يا پٿر هو، مون تڪڙا ساهه پئي کنيا، هوڏانهن ڪو به جواب نه آيو. ڪنڌ کڻي ڏٺم ته هوءَ مرڪي رهي هئي. ۽ مان هن گهٽيءَ جيان خاموش هيس. مون ٻيهر کانئس پڇيو. غير شادي شدهه آهيو يا....“ مون وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ اضافي سوال ڪري ورتو.

”مان اڃا ڪنواري آهيان“ سندس جواب کان پوءِ دل مان ڪيترائي ڪبوتر ڦڙڪو کائي اڀ ڏانهن اڏرڻ لڳا.

”توهان کي سڀ معلومات ملي وئي؟“ هن کلندي  چيو.

”ها“ مون کي هاڻ بيهڻ جو ٻيو ڪو به سبب نظر نه ٿي آيو، نه هن ٿي در بند ڪيو نه ئي وري مان ٿي چريس، جهٽ پل لئه مون کان منهنجون سڀ سرڪاري ذميواريون وسري ويون اهو به وسري ويو ته هن در تي وري ٻيهر به اچي نه ٿوسگهان. هي سڀ ڪجهه الائي ڪيئن ٿي ويو. هڪ اجنبي عورت ۾ مان ايتري دلچسپي ڀري در ڏي ڏٺم جيڪو بند ٿي چڪو هو. پر ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ اڃا در پًٺيان بيهي وٿيءَ مان مون کي ڏسي رهي هئي. شايد هوءَ به مون وانگر سوچي رهي  آهي، پر هي سڀ ڪجهه ڇا آهي، مون کي ڇا ٿي ويو آهي. ڪٿي مون کي هن سان پيار .....!!

ٿي سگهي ٿو، پر اهو پيار ڪهڙو جو صرف هڪ نظر سان ٿي وڃي. مان ڪجهه سوچي اڳتي وڌيم ۽ وري پوئتي نهاريم، هاڻ مان پنهنجي وس ۾ نه رهيو هيم. مون ٻيهر بغير  ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي در کڙڪايو، هوءَ ٻيهر ظاهر ٿي ايترو جلدي جو ائين ٿي لڳي ڄڻ هوءَ واقعي  در تي بيٺي هئي. جي !!“ مان پريشان ٿي ويم، اظهار جو ڪو گس هٿ ئي نه ٿي آيو.  کيس ڪيئن ٻڌايان، ڪٿان شروع ڪيان، هوءَ ڪو غلط مطلب نه  ڪڍي وٺي، مان پنهنجين نظرن ۾ نه ڪري پوان، پر مون کي سڀ ڪجهه کيس چئي ڇڏڻ گهرجي.“

”هو.... منهنجو مطلب آهي ته....“

ڇا ڳالهه آهي !” اوهان پريشان ٿا لڳو !؟“ هوءَ بلڪل سنجيده هئي.

”منهنجي اکين مان ڪبوتر اڏري ويا آهن،

ڪٿي اهي اوهان جي نيڻن جي پڌر تي ته ناهن لٿا!؟ مون هڪ ساهي ڏڪندڙ لفظن سان چئي ڏنو. هن  جي سنجيدگي هن جي زوردار ٽهڪن ۾ دٻجي وئي. ”اهو ئي ٿيو نه جيڪي هميشه ٿيندو آهي، تون به عام روايتي مرد نڪتين نه! تو  ۾ ۽ عام ماڻهوءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي. مون پهرين ئي تنهنجي اکين ۾ ويٺل ڪبوتر ڏسي ورتا هئا. جيڪي اڏرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ڪافي دير ٿي وئي اٿئي، ڄاڻ ادو به آفيس مان آيو تون هاڻ وڃ“

لفظ نڙيءَ ۾ ريڙهيون پائيندا چپن تائين پهچڻ جي ڪري رهيا هئا، جو رستي ۾ ئي سندن زندگيءَ جو سج لهي ويو. جڏهن هوءَ در ڏئي وڃي چڪي هئي.

مان پنا ٺاهيندو الائي ڪيئن ۽ ڪيڏي مهل گهر آيو هيم، ڪا ڳالهه  ڪانه ٿي وڻي، رڳو هن جو خيال، هن جي مرڪ، هن جون اکيون، ذهن ۾ عجيب آند مانڌ مچي وئي هئي. ذهن ڪنهن همدرد دوست جيان مشوري مٿان ٻيو مشورو ڏيندو رهيو ۽ مان سندس هر مشوري کي جاچيندي هڪ صلاح تي ٽهڪ ڏئي ويٺم“ سڀاڻي ٻيهر هن وٽ ويندس ۽ کيس چوندس ته اڳيان پنا آفيس ۾ گم ٿي ويا آهن ٻيهر نالا لکرايو، پر سڀاڻي نه، ايترو جلدي نه هو ڇا چوندي... ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ها اهو ٺيڪ آهي، ان رٿ کان پوءِ ڪو سک جو ساهه کنيم.

هفتي کان پوءِ پنا کڻي، چڱو ڪاٽن جو وڳو پائي پڪو ارادو ڪري ويم ته اڄ کيس چڱيءَ طرح ٻڌائيندس ته مون کي هن سان محبت ٿي وئي آهي، هن جي در تائين پهچندو رستي ۾ الائي ڪيترن جاين تان ٿاٻڙجندو ويس. شايد گهڻو تڪڙو هلي رهيو هيم. در کڙڪائي، پنا اٿلائڻ لڳم، هٿ ڏڪي رهيا هئا، نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. ڪپڙن جو جائزو ورتم ڪي تازا گهنج ڪاٽن جي سونهن ٿي پيا هئادر اڃا نه کليو هو، دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي وئي. در ڏي ٻيهر  ڏٺم، پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، در جي ڪڙي ۾ چائنا جو ڪلف لڏي رهيو هو. ڄڻ مٿان ڇپ ڪري پئي هئي. سڀ سپنا هڪ پل ۾ چڪنا چور ٿي ويا. مايوس ٿي واپس گهر موٽيم، اهو سڄو ڏينهن عذاب ۾ گذاريو هيم. ٻئي ڏينهن وري سهڪندو دروازي تي پهتم، خوشي مان ٽپو ڏئي رڙ ڪئي هيم، جڏهن لوهي در کليل ڏٺو هيم. در کڙڪائي پنهنجي ڪنڊيشن جو پورو جائزو ورتو هيم. ڪنڌ هيٺ ڪري پنا ٺاهڻ لڳس، ۽ ساڳئي ”سنهڙي آواز“ لاءِ ڪن بي تاب هئا. ”چئو“ هڪ مرداڻي ڳوري آواز تي ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺم، هڪ صحتمند نوجوان دروازي مان نڪتو. نرڙ تان پگهر اگهندي کيس ٻڌايم ته مان ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ نالا لکڻ آيو آهيان.

هن کلي کيڪاريو ڀرسان ڀت جي ڇانو ۾ هلي هن ترتيب وار پنهنجو ۽ پنهنجي گهر واريءَ جو نالو، عمر ۽ تعليم لکرائي. اوهان کان هڪ  نالو اڃا رهجي ويو آهي“ مون لکندي کيس چيو، هن حيرت مان مون ڏي ڏٺو ته مان به پريشان ٿي ويم”توهان کي ڪيئن خبر پئي ته ڪو نالو رهجي ويو آهي؟“ مان هڪو ٻڪو ٿي ويم، جلدي ۾ کيس ٻڌايم ته در اصل گهر شماري دوران توهان جي گهر جا ٽي ڀاتي لکايل آهن، انڪري هن مطمئن ٿيندي چيو؟ ها ها... بلڪل صحي ٿا چئو، منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي، پر هاڻ ان جي ڪا ضرورت ڪانهي.

مان حيرت مان  ڏسندي کيس سمجهايو”سائين عورت کي به ته ووٽ جو حق هئڻ گهرجي. هن کلندي  چيو”ها سائين بلڪل مان پاڻ ان ڳالهه جو قائل آهيان، پر اصل ڳالهه هي آهي جو ٽي ڏينهن اڳ منهنجي ڀيڻ جو مڱڻو ٻئي شهر ٿي ويو آهي، سو هوءَ اڳو پوءِ اتي ئي رهندي، ته پوءِ ان جو ووٽ هتي داخل ڪيئن ڪرائجي. پاڻهي اتي داخل ڪرائيندا.“

لفظ سيني تي تتل شيخن جيان ٽنبجي پيا، ڄڻ زمين مون کي ڳهي رهي هئي، ۽ مان زمين ۾ لهي رهيو هيس. ڄڻ ڪنهن  هالار چوٽيءَ تان ڌڪو ڏئي هيٺ زمين تي ڪيرائي ڇڏيو هجي. الائي ڪيئن اتان رڙهندو رڙهندو گهر پهتو هيم، ڪمري ۾ ساهه  ٻوساٽجي رهيو هو.

پير ڏاڪڻ ڏي وڌيا، گيلريءَ ۾ پهچي ڪٽهڙي تي ٻانهون رکي اڀ ڏي ڪنڌ کڻي ٿڌو ساهه ڀريم، اوچتو سامهون ڪٽهڙي ۾ لڳو اينٽينا تي ڪيئي ڪبوتر ويٺا هئا، اوچتو سڀ ڀڙڪو کائي اڏري ويا ته اکين مان گرم ڳوڙها ڳلن تان ترڪندا چپن کي ڇهندا کاڏيءَ تي سڪي ويا.

*--------*-------*

 

امام غزالي/ دين محمد اديب

گهڻي ڳالهائڻ جي عادت

هن کي بند ڪرڻ به تمام ضروري آهي، ڇو ته سڀني عضون جي حڪم جو اثر دل تي پوي ٿو. خاص ڪري زبان جو،  جا دل جو قاصد آهي. جيڪو نقشو دل ۾ نڪري ٿو ۽ جنهن ڳالهه جو تصور يا ويچار دل ۾ اچي ٿو، ان جو اظهار زبان ئي ڪري ٿي. ياد رکو! ته جڏهن زبان ڪوڙي ٿئي ٿي، تڏهن دل ۾ به  ڪوڙي صورت جي تصوير نڪري ٿي. ۽ دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿئي ٿي. خصوصن جڏهن ڪوڙ سان اجايون ۽ فضول ڳالهيون به شامل هجن، تڏهن به دل بلڪل ڪاري ٿي وڃي ٿي. تان جو گهڻي ڳالهائڻ سببان دل مري وڃي ٿي ۽ منجهس خدائي معرفت حاصل ڪرڻ جي لياقت ڪانه رهي ٿي. ان ڪري حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي:”جيڪو ماڻهو پنهنجي زبان ۽ شرم گاهه جو ضامن ٿيندو، ان لاءِ آئون بهشت جو ضامند ٿيندس.“ حديث شريف ۾ آيو آهي ته:”زبان جا ڪرتوت اڪثر ماڻهن کي اونڌو منهن ڀر دوزخ ۾ وجهندا.“ ان ڪري زبان جي حفاظت يا سنڀال تمام ضروري  آهي. مسلمانن کي گهرجي ته جيڪڏهن زبان کي چوري، ته خير ۽ چڱائي جي ڳالهه ڳالهائي. نه ته صبر ڪري، ڇو ته جڏهن زبان زياده هلڻ لڳي ٿي، تڏهن اجائي گفتگو وڌي وڃي ٿي. جڏهن اجائي گفتگو وڌندي، تڏهن خدا ڄاڻي الائي ڪهڙي سرحد تي وڃي پهچندي؟

حضرت ابوبڪر صديق رضه پنهنجي وات ۾ هڪ پٿر وجهي ڇڏيندو هو ته نفس خبردار رهي ۽ زبان ضرورت کان وڌيڪ گفتگو نه ڪري!

فصل: زبان جي گناهن کان بچڻ واسطي هن آيت تي عمل ڪرڻ ڪافي آهي جنهن جو خلاصو  مطلب هي آهي ته فضول ۽ بي فائده گفتگو نه ڪريو، صرف ضروري ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ تي ڪفايت ڪريو، انهي ۾ ڇوٽڪارو آهي.

حضر انس رضه فرمايو آهي ته هڪ جنگ ۾، هڪ جوان شهيد ٿي پيو، جنگ کان پوءِ شهيدن جي نعشن ۾ ان جو نعش به مليو. ڏسڻ ۾ آيو ته ان جي پيٽ تي پٿر ٻڌل هئا. ٿوري دير کان پوءِ ان جي ماءُ آئي ۽ بک جي حالت ۾ خدا جي نالي تي ساهه ڏيندڙ شهيد پٽ وٽ ويهي ان جي وات مان مٽي صاف ڪيائين ۽  چيائين ته پٽ توکي بهشت مبارڪ هجي. هي ٻڌي حضور رسول مقبول صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ”ڪهڙي خبر؟ ممڪن آهي ته بي فائده ڳالهائڻ جو عادي هجي“ هن مان معلوم ٿيو ته اجائي ڳالهائڻ جي عادت به بهشت ۾ وڃڻ کان مانع آهي. مسلمانن کي اها  ئي ڳالهه زبان مان ڪڍڻ گهرجي جنهن جو ثواب حاصل ٿئي. يا ڪو نقصان دفع ٿئي. جنهن ڳالهه کي زبان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ نه ڪو ثواب هجي، نه ڪو نقصان ئي دفع ٿئي،ته اها گفتگو بيڪار ۽ اجائي اهي. اهڙي ڪلام کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي.

جيتري دير فضول ڳالهين ۾ مشغول رهو ٿا، جيڪڏهن اهو وقت خدا جي ذڪر ۾ خرچ ٿئي ٿو ته هوند اوهان لئه ڪيڏو نه نيڪين جو وڏو خزانو جمع ٿي پوي! پوءِ خزاني کي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جي بجاءِ ڀتر ۽ پٿر گڏ ڪرڻ ڪهڙي سياڻپ آهي؟

جي اجائي ڳالهائڻ کان وڌي وڃي ته ڪوڙ ڳالهائڻ تائين نوبت پهتي، ۽ زبان مان گلا، ۽ گاريون ۽ بي حيائيءَ جون ڳالهيون نڪرڻ لڳيون. جن مان نفعي جي بجاءَ اٽلندو دين جو ضرر ۽ نقصان ٿيو ته ان جو هي مثال آهي ته وڏو خزانو ڇڏي وڃي باهه جي آڙاهه ۾ پيو! الله تعاليٰ شل اهڙيءَ ردي حالت کان پناه ڏي!

فصل: زبان جون ويهه آفتون آهن، جڏهن ته هر هڪ جي تفصيل ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، انهي ڪري مختصر طرح هتي فقط انهن پنجن گناهن جو بيان ڪجي ٿو، جن ۾ گهڻا ماڻهو گرفتار آهن، ۽ جن جي ڪري زبان ڄڻ ته پليدين سان هري مري وئي آهي.

پهرين آفت: ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. حديث شريف ۾ آهي ته ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ان جو عادي ٿي وڃي ٿو، ۽ خدا وٽ ڪوڙو ليکيو وڃي ٿو. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته ”ڪوڙ ڳالهائڻ مسلمانن جو شان نه آهي،ايمان ۽ ڪوڙ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي نٿا سگهن“ياد رکو ته ڪوڙ ڳالهائڻ سان دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿئي ٿي. جنهن ڪري سُٺا خواب نظر نه ٿا اچن تنهن ڪري گهرجي ته کل، چرچي ۾ به ٻين جي کلائڻ لاءِ ڪوڙ نه ڳالهايو، ۽ سدائين ڪوڙن خيالن ۽ وسوسن کان دل کي بچائيندا رهو. نه ته اوهان جي دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿي پوندي. تجربو شاهد آهي ته اهڙن ماڻهن کي سچا خواب به نظر نه ٿا اچن.

هڪ  عورت پنهنجي ننڍڙي ٻار کي سڏ ڪري  چيو: ”اچ ته توکي هڪڙي شئي ڏينديسن.“ حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم ان عورت کان پڇيو ته جيڪڏهن سڏ تي ٻار اچي ويو ته ان کي ڪهڙي شئي ڏيندينءَ؟ عورت چيو ته کارڪ ڏيندي سانس،“ پاڻ فرمايائون ته،”جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت نه هجي ها ته ۽ فقط خوش ڪرڻ واسطي اهو لفظ چئين ها ته اهو به زبان جو ڪوڙ شمار ٿئي ها.“

البت ضرورت جي وقت، ڪوڙ ڳالهائڻ به جائز آهي، بشرطيڪ سچ چوڻ مان ڪنهن اهڙي گناهه يا نقصان جو انديشو هجي، جو ڪوڙ جي گناهه ۽ نقصان کان وڌيڪ هجي. جيئن ٻن مسلمانن جي ٺاهڻ لاءِ يا جهاد ۾X ڌوڪي ڏيڻ لاءِ زال کي راضي ڪرڻ لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ جي حديث ۾ موڪل ڏني وئي انجو سبب هي آهي ته مسلمانن جي ناراض  رهڻ ۾ جيڪو بڇڙو نتيجو پيدا ٿيندو، سو ڪوڙ جي نقصان کان وڌيڪ خراب آهي. اهڙي طرح جنگ جي راز کي لڪائڻ به ضروري آهي. ڇو ته جي دشمن کي خبر پوندي ته ان کي حملي ڪرڻ جو وجهه ملي ويندو. جنهن کان هزارين پاڪ جانيون تلف ٿي وينديون. انهي ڪري اصلي ڳالهه ظاهر نه ڪرڻ ۽ ڪوڙي ڳالهه  بنائڻ بهتر ثابت ٿي. اهڙيءَ طرح زال کان مرد جا ڪي راز مخفي رکڻ جي لائق آهن. جيڪڏهن سچ چوڻ اسان ان کي ڪا ڳالهه معلوم ٿي ويندي، جنهن ڪري زال ۽ مڙس ۾ اڻ بڻت ٿي پوندي ته ان کان جو بد نتيجو پيدا ٿيندو، ان ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کان وڌيڪ گناهه آهي. پر ان صورت ۾ڪوڙ ڳالهائڻ جي موڪل ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو ٻن بلائن ۾ ڦاسي وڃي ته سڻائي ۽ هلڪي بلا کي بهتر سمجهي. اختيار ڪري، انهيءَ جو مثال هن طرح ڄاڻو ته ڪنهن شخص کي بک جي ڪري مرڻ جو انديشو آهي ته ان کي  مردار کائڻ به  حلال آهي.

اهڙي طرح  پنهنجو ۽ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو مال ظالم کان بچائڻ واسطي يا ڪنهن مخفي امانت کي سلامت رکڻ لاءِ ٻين جي آڏو ان جونه باسڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جائز آهي. ۽ پنهنجي بدڪاري ۽ گناهن جو انڪار ڪرڻ به انهي سبب کان جائز آهي. ڇو ته فسق ۽ فجور  جو ظاهر ڪرڻ حرام آهي. پنهنجي زال کي هيئن چوڻ ته منهنجي ٻي زال توکان مون کي وڌيڪ پياري ڪانهي. اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ڪري جائز آهن جو انهيءَ ڪوڙ سان هڪ ضرر دفع ڪيو وڃي ٿو.

مگر رپين ڪمائڻ ۽ عزت آبرو حاصل ڪرڻ جي خيال سان، ڪوڙ ڳالهائڻ هر گز جائز نه آهي. ڇو ته جيڪڏهن مال ۽ مرتبو نه وڌيو ته ڪو نقصان ڪونه ٿيندو، وڌ کان وڌ هيءَ ڳالهه ٿيندي ته سچ چوڻ سان فائدو حاصل نه ٿيندو سو فائدي جو حاصل نه ٿيڻ نقصان نه چئبو. هن باريڪ تفاوت کي ماڻهو ڪونه سمجهن ٿا ۽ اڪثر ڪري انهيءَ غرض(فائدي وٺڻ) لاءِ ڪوڙ ڳالهائين ٿا. حالانڪه هي قطعي حرام آهي. جو در حقيقت انهن جي دين جي برباديءَ جو سامان آهي. اهي ماڻهو ضرورت ۽ بي ضرورت ۾ تميز ڪونه ٿا ڪن. افسوس جي ڳالهه آهي  ته جاهلن خيالي ۽ فرضي ضرورتن کي  به واقعي ضرورت سمجهيو آهي.

شرعي ۽ واقعي ضرورت جنهن جو  نالو آهي، اها اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ته جيسين اضطرار يا لاچار جي حالت ۾ ڪنهن وڏي نقصان جو غالب گمان نه هجي تيسين جيئن مردار کائڻ حلال نه آهي تيئن ڪوڙ ڳالهائڻ به (جو شرعن حرام آهي) جائز نه آهي ۽ هن سخت ضرورت جي موقعي تي به وس آهرX ”تعريض ۽ توريه“ کان ڪم وٺڻ گهرجي ته نفس کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت نه پئجي وڃي. شيخ ابراهيم گهر ۾ ڪنهن ضروري ڪم ۾ رڌل هوندو هو ۽ ان حال ۾ ٻاهران ان کي ڪو سڏيندو هو ته پورهيت کي چوندو هو ته ان کي هيئن چئو ته ”مسجد ۾ ڳوليوس“ حضرت شعبي آڱرين سان هڪ گول  ليڪو ڪڍي خادمه کي فرمائيندو هو ته هن گهيري جي اندر آڱر رکي چئيس ته هتي ڪونهي، هن تعريض سان پنهنجو مطلب به ميسر ٿيندو ۽ حقيقت ۾ ڪوڙ به ڪونه ٿيندو، البته ڪوڙ جي ضرورت ٿيندي هئي. جنهن  کي تعريض ۽ توريه چئبو آهي. اهڙي قسم جون تعريضون معمولي غرض لاءِ به جائز آهن. بشرطيه ان سان ڪنهن جو حق ضايع نه  هئي. جيئن ته هڪڙي پوڙهيءَ عورت کي حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم خوش طبعي  طرح  هيئن فرمايو  هو ته ”پوڙهي زال ڪڏهن به بهشت ۾ نه ويندي هي ٻڌي پوڙهي روئڻ لڳي، ڇو ته ظاهري لفظن مان جو مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو، سو هي آهي ته ڪا به پوڙهي بهشتڻ نه آهي، مگر در حقيقت هيءَ مراد  هئي، ته پوڙهائپ جي حالت ۾ پوڙهي بهشت ۾ نه ويندي. بلڪه جا به پوڙهي بهشت ۾ ويندي اها جوان بڻجي پوءِ ويندي. يا مثلاً هڪ ماڻهوءَ  حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم کان سواريءَ جي لاءِ اٺ گهريو پاڻ فرمايائون ته: توکي اٺ جو ڦر ڏينداسين.“

هي ٻڌي سائل عرض ڪيو ته ”ڦر وٺي ڇا ڪندس؟ ان وقت پاڻ ان کي تعريض جو مطلب سمجهايائون ته ”ميان ! وڏو اٺ به ته آخر ڪنهن اٺ مان ئي پيدا ٿيو هوندو. ۽ جنهن اٺ مان پيدا ٿيو هوندو ان جو ته ڦر آهي.“ مثلاً هڪ ماڻهو کي فرمايائين ته ”تنهنجي اک ۾ اڇاڻ آهي. ظاهر آهي ته اڇاڻ سڀني جي اکين ۾  هوندي آهي. مگر جڏهن ته ظاهر ڪري هي مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو ته ماڻڪيءَ ۾ عيب ۽ اڇاڻ جو مرض آهي، ان ڪري ٻڌندڙ کي ڳڻتي وٺي وئي، جنهن کان چڱو چرچو ٿي پيو، ان قسم جون تعريضون ڪرڻ پنهنجيءَ زال ۽ ٻارن سان خوش طبعي طرح جائز آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو کاڌي کائڻ جي صلاح ڪري، ۽ اوهان کي بک هوندي به ماني کائڻ منظور نه هجي ته هيئن هرگز نه چئبو ته مون کي بک ڪانهي، ڇو ته اهو ڪوڙ آهي، بلڪه تعريض  ڪريو، يا هيئن چئو ته ”آئون هن وقت ڪونه کائيندس، اوهان کائو وغيره.

ٻي آفت: گلا ڪرڻ آهي، حق الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”اوهان مان ڪو پسند ڪري ٿو ته مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ (گلا ڪرڻ مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ آهي) پوءِ هن کان پرهيز ڪريو.“ حديث ۾ آيو آهي ته گلا زنا کان به وڌيڪ سخت آهي. حضرت محمد رسول مقبول صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته :”معراج رات منهنجو اهڙيءَ جماعت تي گذر ٿيو جا پنهنجو ماس پنهنجي نهن سان پٽي رهي هئي. اهي گلا ڪندڙ ماڻهو هئا.“

گلا هيءَ آهي ته ڪنهن مسلمان جي ان جي پر پٺ اهڙي ڳالهه ڪجي جو جيڪڏهن اهو اها ٻڌي ته ان کي نا پسند لڳي. مثلاً ڪنهن کي بيوقوف يا ڪم عقل چوڻ يا ڪنهن جي حسب۽ نسب مان عيب ڪڍڻ يا ڪنهن شخص جي ڪنهن حرڪت يا جاءِ يا مال يا مان عيب ڪڍڻ، غرض ته جنهن به شيءَ سان ان جو واسطو هجي ان جو اهڙو عيب بيان ڪرڻ، جنهن جو ٻڌڻ ان کي ناخوش گوار لڳي، خواهه اهو زبان سان ظاهر ڪري يا رمز ۽ ڪنايه سان، يا هٿ ۽ اک جي اشاري سان، يا ان جو نقل يا آهل ڪجي، يا تعريض ڪجي، ته اهي سڀ گلا ۾ داخل آهن. بيبي عائشه رضه الله تعاليٰ عنها هڪ موقعي تي ڪنهن عورت جو بندري هجڻ هٿ جي اشاره سان ظاهر ڪيو ۽  هيئن چيو:”يا رسول الله اها عورت ته ايڏڙي آهي، ان تي پاڻ فرمايائون ته اي عائشه تون ان جي گلا ڪري ورتي“

سڀ کان وڌيڪ بڇڙي اها گلا آهي، جنهن جو رواج عالمن ۽ ديندار ماڻهن ۾ ٿي رهيو هجي، ڇو ته هو گلائون ڪن ٿا ته به پاڻ کي نيڪ سمجهن ٿا. انهن جون گلائون به نرالي نموني جون ٿينديون آهن. مثلاً مجلس ۾ چوڻ لڳندا ته ”الله جو شڪر آهي، جنهن اسان کي اميرن جي دروازن تي وڃڻ کان بچايو آهي، اهڙيءَ بي حيائيءَ کان خدا پناهه ۾ رکي!“ انهيءَ چوڻ مان جيڪو انهن جو مطلب آهي، سو ظاهر آهي، يعني ت اميرن وٽ ويندڙ مولوين تي ٽوڪ ڪرڻ ۽ انهن کي بي حيا چوڻ منظور آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي نيڪ بختي ۽ پرهيز گاري به ٻڌائي رهيا آهن. ۽ رياءَ جو گناهه ڪري رهيا آهن، يا اهڙيءَ طرح مثلاً ڪو چوي ته فلاڻي ماڻهوءَ جي تمام چڱي حالت  آهي، جيڪڏهن ان ۾ دنيا جو فلاڻو فلاڻو عيب نه هجي ها جنهن ۾ اسان جهڙا ڦاسي پون ٿا. هن فقره مان  جيڪو سندس مقصد آهي، سو ٿوري فڪر سان، سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو. يعني ان جو بي صبر هجڻ ظاهر ڪن ٿا ۽ پهنجي طرف عيب جي نسبت هن نيت سان ڪن ٿا ته ٻڌندڙ انهن جي تواضح ۽ نوڙ وارو سمجهي، اها گلا به آهي ۽ رياءَ به آهي. گهڻو تعجب ته هن تي ٿئي ٿو ته اهي بزرگ گلا  به ڪن ٿا پوءِ پاڻ کي گلا کان پاڪ ۽ پارسا به سمجهن ٿا. يا مثلاً چون ٿا:”سبحان الله وڏي تعجب جي ڳالهه آهي!“ جڏهن ايتري چوڻ تي، ماڻهن سندس ڳالهه ٻڌڻ جي شوق ۾ انهن جي طرف ڪن ڏنو، تڏهن چون ٿا ته ”ڪجهه نه آهي“ فلاڻي شخص جو خيال اچي ويو، حق تعاليٰ اسان جي ۽ هن جي حال تي رحم فرمائي ۽ توبهه جي توفيق ڏي.“

هن فقره جي جيڪا مراد آهي، سا عقل واري کان ڳجهي نه آهي، ڇو ته سندن هي گفتو رحم ۽ شفقت يا دعا جي نيت سان چوڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جيئن ظاهري لفظن مان گمان ٿئي ٿو، ڇا لاءِ ته جي سندن مراد دعا ڪرڻ هجي ها ته دل ۾ دعا ڇونه ٿا ڪن؟ سبحان الله چئي ماڻهن جي ڌيان ڇڪائڻ ۽ گناهه ڏي اشاري ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟ ڀلا ڪنهن شخص جو عيب ظاهر ڪرڻ به ڪا شفقت ۽ خير خواهيءَ جي ڳالهه آهي؟ اهڙيءَ طرح ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته گلا کان منع ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ادا گلا نه ڪريو، مگر سندن دل گلا کي مڪروهه نه ٿي سمجهي، بلڪه انهي نصيحت ڪرڻ مان، سندن مراد فقط پهنجي دينداريءَ ۽ پرهيزگاري ظاهر ڪرڻ هوندو آهي. اهڙي طرح ڪنهن مجلس ۾ گلا ٿئي، ته ناصح ۽ پارسا بڻجي چوڻ لڳن ٿا ته ”ميان! گلا ڪرڻ گناهه آهي، ان کان اسان ٻڌندڙ به گنهگار ٿيون ٿا، سو اهي ماڻهو نالي خاطر ته ائين چئي وڃن ٿا، مگر سندن دل کي هي تمنا رهي ٿي ته ڪاش! جو هي شخص اسان جي هن نصيحت تي عمل  نه ڪري. ۽ جيڪي  چئي رهيو آهي، سو چوندو رهي ۽ اسان کي ٻڌائيندو وڃي! ڀلا انهن کان ڪو پڇي سگهي ٿو ته گلا ٻڌڻ جو به شوق اٿو پوءِ  هيئن سمجهو ٿا ته اسان گلا کان روڪڻ ڪري گناهه کان بچي وياسون ياد رکو ته جيسين گلا ڪرڻ ۽ گلا ٻڌڻ کي دل سان خراب نه سمجهندو تيسين گلا جي گناهه کان هر گز نه بچندو. ڇو ته گلا ڪندڙ ۽ گلا ٻڌندڙ ٻئي برابر آهن. ۽ جهڙيءَ طرح زبان سان، گلا ڪرڻ حرام آهي. اهڙي طرح سان گلا جو مزو ماڻڻ به حرام آهي. مگر ڪن صورتن ۾ خاص ماڻهن جي گلا ڪرڻ جائز آهي، جنهن جو تفصيل بيان ڪريون ٿا: (1) مظلوم ماڻهو، ظلم جي شڪايت ڪنهن وڏي آفيسر تائين پهچائي ۽ پاڻ تي ظلم دفع ڪرڻ جي نيت سان، ان جي ظلم بيان ڪري، ته گناهه نه آهي، باقي ظالم جا عيب، اهڙن ماڻهن سان بيان ڪرڻ جن کي ان جي سزا ڏيڻ يا مظلوم تان ظلم ٽارڻ جي طاقت نه  هجي، گلا ۾ داخل ۽ حرام آهي.

 هڪڙي بزرگ جي مجلس  ۾ حجاج بن يوسف جو ذڪر آيو ته ان هيئن  فرمايو : الله تعاليٰ انصاف جي ڏينهن مظلومن جو بدلو حجاج کان وٺندو ۽ حجاج جو بدلو سندس گلا ڪندڙن کان وٺندو  ڇو ته گهڻا ماڻهو حجاج جا ظلم اهڙن ماڻهن سان بيان ڪن ٿا جن کي حجاج جي ظلم دفع ڪرڻ جي طاقت ڪونهي. پوءِ اهڙن ماڻهن جي آڏو حجاج جي گلا  ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿي؟ (2) ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪنهن بدعت يا گناهه جي دفع ڪرڻ ۾ مدد وٺڻي هجي، يا ڪنهن کي ان جي فتني کان بچائڻو هجي ته ان سان به بدعتي ماڻهن جو حال بيان ڪرڻ جيتوڻيڪ انهن جي گلا ڪرڻ آهي، مگر جائز آهي. (3) مفتيءَ کان فتويٰ وٺڻ واسطي سڄي ڳالهه ڪرڻ به جائز آهي. جيتوڻيڪ ان جي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪنهن جي گلا ٿيندي، هجي ڏسو! حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم کي بيبي هنده رضي الله تعاليٰ عرض ڪيو ته يا رسول الله! منهنجو خاوند ابوسفيان ايترو بخيل آهي، جو ضرورت آهر به مون کي خرچ نه ٿو هجي“ ظاهر آهي ته اها ابو سفيان جي گلا ۽ شڪايت آهي، مگر جڏهن ته شريعت جي مفتيءَ کان سوال ڪيو ٿو وڃي (ته ان صورت ۾ مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟) ان ڪري هن گلا ۾ ڪو نقصان ڪونهي مگر ياد رکڻ گهرجي ته ان صورت ۾ به هيءَ گلا تڏهن جائز آهي، جڏهن پاڻ کي يا ڪنهن مسلمان کي ڪنهن فائدي پهچڻ جي اميد هجي.(4) ڪو شخص ڪنهن سان نڪاح يا واپار جو معاملو ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان کي خبر آهي ته هن معاملي ۾ ناواقفيت ڪري ان کي نقصان پهچندو ته ان کي نقصان کان بچائڻ  واسطي ان جو حال ٻڌائڻ به جائز آهي. اهڙيءَ طرح قاضي جي عدالت ۾ ڪنهن شاهد جو عيب هن خيال سان ظاهر ڪرڻ ته حق واري کي ان مقدمي ۾ منهنجي ماٺ ۾ رهڻ کان نقصان نه پهچي، جائز آهي. مگر فقط ان شخص سان بيان ڪرڻ جائز  آهي، جنهن جي نقصان جو انديشو هجي، يا جنهن جي فيصلي ۽ حڪم جو مدار هجي. (5) جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اهڙي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، جنهن مان ان جو عيب ظاهر ٿئي ٿو، مثلاً اعمش) (چنجهو) اعرج (منڊو) ۽ جاحظ (دور) ته ان نالي سان ان جو پتو ڏسڻ گلا ۾ داخل نه آهي. تڏهن به جي ٻيو پتو ٻڌايو ته بهتر آهي، تان ته گلا جي صورت به نه  ٿئي. (6) جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ ڪو اهڙو چٽو پٽو عيب لڀي ٿو  جو ماڻهو سندس اهو عيب ظاهر ڪن ٿا ته ان کي ناپسند نه ٿو لڳي(جيئن کدڙو، جو ان جي هن ڪم جو بيان ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي خيال به نه ٿو ٿئي) ته هي بيان به گلا ۾ داخل نه آهي البته ان کي ناخوش لڳي ته حرام آهي ڇو ته فاسق جو ڪو اهڙو گناهه بيان ڪرڻ جو ان کي ناخوشگوار لڳي، خاص عذر کان سواءِ جائز نه آهي:

نفس کي گلا کان روڪڻ جي هيءَ تجويز آهي ته گلا ڪرڻ تي پاڻ کي سزا ڏيو، حديث ۾ آيو آهي ته ”جيئن باهه گاهه کي ساڙي ڇڏي ٿي، تيئن گلا مسلمانن جي نيڪين کي کائي ڇڏي ٿي.“ گلا ڪرڻ سان چڱا ڪم سڙي وڃن ٿا. هاڻي ذرا خيال ڪريو ته جڏهن ڪو نيڪ بخت شخص، جنهن دنيا ۾ تڪليفن سان نيڪيون جمع ڪيون آهن جڏهن قيامت ۾ پنهنجا عمل ناموس ٿيل ڏسندو تڏهن کيس خبر پوندي ته گلا جي ڪري ان جون نيڪيون انهي ماڻهو جي عملنامه ۾لکيون ويون آهن. جنهن جي هو گلا ڪندو هو. تڏهن ڪيترو نه افسوس ۽ ارمان ٿيندس. مسلمانن کي سوچڻ جي واسطي پنهنجي نفس جا عيب ئي گهڻا آهن. ان ڪري مناسب  آهي ته جڏهن فرصت ملي تڏهن پنهنجي حالت تي نظر ڦيرايو ۽ جو عيب ڏسو ان کي ڪڍڻ ۾ مشغول ٿي وڃو ته ٻين جي عيبن ڏسڻ جو موقعو ئي نه ملي. هيئن سمجهو ته توهان جو ننڍڙو عيب جيترو اوهان کي نقصان پهچائيندو، اوترو ٻئي جو وڏو عيب اوهان کي نقصان نه پهچائيندو. جيڪڏهن اوهان کي پاڻ  ۾ عيب ڏسڻ ۾ نه اچي ته اهو خود اهڙو عيب آهي جنهن جي برابر ڪو عيب ڪونهي ڇو ته ڪو به انسان عيب کان آجو ڪونهي. سو پنهنجو پاڻ کي بي عيب سمجهڻ وڏو گناهه آهي. انڪري اول ان جو علاج ڪريوان کان پوءِ جيڪي اوهان کي گناهه نظر ايندا وڃن انهن کي ڪڍڻ جي تدبير ڪندا رهو. جيڪڏهن اتفاقاً اهڙي حال ۾ به ڪنهن شخص جي اوهان کان گلا ٿي وڃي ته توبه ڪري الله سائين کان جدا معافي وٺو ۽ ان شخص وٽ وڃي گلا جو گناهه معاف ڪرايو. جيڪڏهن انهي سان نه ملي سگهو ته ان جي حق ۾ بخشش جي دعا گهرو ۽ خيرات ڏئي ان جي روح کي ثواب پهچايو. مطلب ته اوهان گلا ڪرڻ سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ تي ظلم ڪيو آهي، ان ڪري جيئن به ٿي سگهي تيئن انهي ظلم جي ترت تلافي ڪريو.

ٽين آفت: اجايو جهيڙو ڪرڻ آهي. ”حضرت مقبول صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته جيڪو مسلمان حق تي  هوندي به جهيڙي تان هٿ کڻي ته ان جي جاءِ بهشت ۾ اعليٰ محل تيار ٿيندي.“ هي بلڪل صحيح آهي ته حق وارو ٿي بس ڪري ويهڻ تمام ڏکيو ڪم  آهي، ان ڪري حقدار جو جهيڙي کان علحده ٿيڻ ان جي ايمان جي ڪماليت شمار ڪئي وئي آهي.

ڪنهن جي ڳالهه تي اعتراض ڪرڻ اُن جي لفظ يا معنيٰ ۾ غلطي يا نقص ڪڍڻ کي جهيڙو چئجي ٿو. اهو گهڻو ڪري ٻن سببن ڪري پيدا ٿيندو آهي: يا ته تڪبر (هٺ) ڪري، پنهنجيءَ وڏائيءَ ۽ زبان درازيءَ کي نروار ڪرڻ مقصود هوندو آهي، يا ٻئي ماڻهوءَ کي چپ ڪرائڻ ۽ ذليل ڪرڻ جو شوق هوندو آهي. ان ڪري مسلمان کي گهرجي ته جا ڳالهه سچي ۽ حق هجي، سا مڃي ۽ جيتري قدر حقيقت جي برخلاف يا غلط هجي، ته ان کان ماٺ اختيار ڪري. باقي جي هن غلطيءَ جي ظاهر ڪرڻ مان ڪو ديني فائدوهجي، ته ان کان ماٺ ڪرڻ جائز نه آهي. مگر ان هوندي به اهو آسانيءَ سان بيان ڪري، هٺ ۽ سختيءَ سان نه چوي.

چوٿين آفت: خوش طبعي، چرچو ڪرڻ ۽ گهڻو کلڻ کلائڻ آهي. ان سان دل مري وڃي ٿي، هيبت ۽ وقار هليو وڃي ٿو. اهڙو شخص ماڻهن جي نظر ۾ ڪري پوي ٿو ۽ اڪثر ڪري ٻين کي ان سان وير ۽ دشمني پيدا ٿئي ٿي. معرفت جي نور ۾ اونداهي اچي وڃي ٿي، ۽ تحت الثريٰ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. البت ٿورڙي خوش طبعي ۾ ڪو عيب ناهي. خصوصن پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻارن  ٻچن سان خوش طبعي ڪرڻ سنت آهي. ڇو ته اهڙي خوش طبعي حضور رسول  مقبول صلي الله عليه وآله وسلم کان به ثابت آهي. مگر سندن خوش طبعي حقيقت ۾ سچي هوندي هئي. ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوڙ ڪو نه هوندو هو. جيئن ته هڪڙيءَ پوڙهيءَ زال کي پاڻ فرمايائون: بهشت ۾ ڪابه پوڙهي عورت ڪا نه ويندي.“ ان مان مراد هيءَ آهي، ته بهشت ۾ جا به عورت ويندي، اها جوان ٿي: پوءِ ويندي. يا جيئن ته حضرت صهيب ننڍڙائي جي وقت ۾ ڳاڙهي رنگ جي هڪ جهرڪي پالي هئي: جا اتفاق سان مري وئي. جنهن تي حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم فرمايس، ته ”ٻڌاءِ اي ابو عمير! تنهنجي جهرڪيءَ کي ڇا ٿيو؟“ اهڙيءَ طرح هڪ دفعي حضرت صهيب کارڪون پي کاڌيون. ان وقت ان جي هڪڙي اک پي ڏکي، ته پاڻ فرمايائونس: ”ڇو صاحب! اک به ڏکي ٿي ۽ کارڪون به کائو ٿا.“ صهيب خوش  طبعي طرح جواب ڏنو ته ”يا رسول الله! ٻئي پاسي سان کان ٿو.“ يعني جنهن پاسي اک ڏڪي ٿي، انهيءَ پاسي جي ڄاڙيءَ سان ڪو نه ٿو کان. هڪ دفعي آنحضرت صلي الله عليه وآله  وسلم جن، بيبي عائشه صديقه رضه سان، محض دلجوئي ۽خوش طبعي طرح ڊوڙيا به آهن. مطلب ته اهڙيءَ خوش طبعيءَ ۾ ڪا حرڪت ناهي. البت ان کي عادت  بڻائڻ چڱو نه آهي.

پنجين آفت: تعريف ڪرڻ آهي. توهان ڏٺو هوندو، ته اڪثر وعظ ڪندرن ۽ دنيادار مسلمانن جي عادت هوندي آهي ته شاهوڪارن ۽ امير  ماڻهن جي تعريف پيا ڪندا آهن. انهن جي شان ۾ مدحيه قصيدا لکي، نذرانه طرح انهن کي ڏيندا آهن. حالانڪه مداح يا مدح ڪندڙ واسطي هن ۾ چار خرابيون هي آهن. (1) ساراهه ۾ اڪثر اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جي واقعي يا حقيقت جي برخلاف هونديون آهن، جن جو ممدوح ۾ نالو، نشان به ڪونه هوندو آهي. اهو صريح ڪوڙ آهي، جو وڏو گناهه آهي. (2) ساراهه ۾ وڏي محبت ظاهر ڪن ٿا. حالانڪه دل ۾ خاڪ به محبت ڪا نه هوندي اٿن، اهو صريح رياءُ ۽ منافقي آهي، جو گناهه ۽ حرام آهي. (3) ساراهه ۾ اٽڪل جا تير هڻن ٿا، جا ڳالهه يقين سان معلوم ڪانهي، اها اٽڪل ۽ گمان تي سچي ظاهر ڪن ٿا. مثلن هيئن چون ٿا ته ”اوهان وڏا پرهيزگار آهيو ۽  نهايت انصاف وارا آهيو.“ حالانڪه حضرت مقبول صلي الله عليه وآله  وسلم فرمايو آهي: جنهن کي ساراهه ڪرڻي هجي، اهو هيئن چوي ته منهنجو هي گمان آهي ته اوهان اهڙا آهيو.“ ڇو ته گماني ڳالهين کي واقعي ۽ يقيني بڻائڻ ڪنهن به طرح جائز نه آهي. (4) جيڪڏهن ظالم ۽ فاسق جي تعريف ڪئي وڃي، ۽ هو پنهنجي  مدح کان خوش ٿيو ته فاسق کي خوش ڪندڙ مداح به فاسق ۽ نافرمان ٿيو. حديث ۾ آيو آهي ته، ”فاسق جي تعريف ڪرڻ کان الله تعاليٰ جو عرش ڏڪي وڃي ٿو!“ حضرت حسن رحمت الله عليه فرمايو آهي ته ”فاسق جي عمر وڌڻ لاءِ دعا گهرندڙ ماڻهو به فاسق آهي“ ڇو ته اهو گهري ٿو ته فسق و وفجور (بدڪاري) دنيا ۾ گهڻي مدت تائين قائم رهي. ظالم ۽ فاسق جي ته مذمت ڪرڻ  گهرجي ته هو ڊڄي ۽ گناهه جو ڪم ڇڏي ڏئي.

ممدوح کي جيڪي تعريف مان نقصان پهچن ٿا، سي هي آهن: (1) تعيرف جي ڪري ممدوح مغرور ٿي وڃي ٿو. پاڻ کي تعريف جي لائق سمجهڻ لڳي ٿو. حالانڪه هي ان جي برباديءَ ۽ تباهيءَ جو بنياد آهي. حديث ۾ آيو آهي ته هڪڙي ماڻهو مجلس ۾ پنهنجي دوست جي تعريف ڪئي ته حضور رسول مقبول صلي الله عليه وآله  وسلم فرمايو ته ”تو پنهجي دوست جي گردن ڪپي وڌي.“ ان مان مراد هيءَ آهي ته ان جي نفس ۾ خود پسندي ۽   وڏائي پيدا ڪري، ان کي برباد ڪيائين. (2) ممدوح پنهنجي تعريف ٻڌي، ڦنڊي ٿو ۽ چڱن ڪمن ۾ سست ٿئي ٿو. حديث ۾ آيو آهي ته ”مسلمان ڀاءُ کي مُڏيءَ ڪاتيءَ سان، ڪهڻ کان بهتر آهي ته منهن تي سندس تعريف ڪجي.“ ڇو ته ڪهڻ سان فقط دنيا جي حياتي تلف ٿيندي. ۽ منهن تي، ساراهڻ جي خراب نتيجن سان (جيڪي اسان بيان ڪيا) آخرت جي عظيم الشان حياتي  بربادي ٿي ويندي! پر جي انهن نقصانن جو انديشو نه هجي، ته تعريف ۾ ڪجهه به حرج ڪونهي! بلڪه بعضي مستحب ۽ اجر جو سبب آهي. حضرت  رسول مقبول صلي الله عليه وآله  وسلم پڻ ڪن اصحابن جي مدح فرمائي آهي. جيئن ته پاڻ فرمايو اٿن: ”جيڪڏهن سڄي دنيا جي ايمان کي ابوبڪر جي ايمان سان توريو وڃي، ته ابوبڪر جو ايمان ڳئورو ٿيندو.“ پڻ فرمايو اٿن: ”اي عمر! جيڪڏهن آئون نبي ڪري نه موڪليو وڃان ها، ته ضرور توکي نبي ڪيو وڃي ها. گويا حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه کي سندس پيغمبريءَ جي قابليت ٻڌائي وئي. پوءِ جڏهن ته اصحابن ۾ خود پسندي ۽ عمل جي ڪوتاهيءَ جو انديشو ڪو نه هو، ان ڪري منجهن خوشي پيدا ڪرڻ واسطي سندن ساراهه ڪرڻ مستحب هئي، ڇو ته ساراهه انهن جي عبادت لاءِ ترقيءَ جو وسيلو هئي.

(انسان نفسيات جو جائزو تان ورتل)

 

*-------*------*


X  هن مان بدعهدي يا ٺڳي ڪرڻ مراد نه آهي، جا حرام آهي. بلڪ ٺڳي هي آهي ته اڻ ٺهراءَ جي حالت ۾ڪا اهڙي ڪارروائي ڪجي، جنهن مان غنيم ڪجهه ٻيو سمجهي ۽ بي فڪر ٿي وڃي، جنهن ڪري هو پنهنجو ڪم ڪڍي وٺي.

X  تعريض ۽ توريه – اهڙي ڳالهه چوڻ جنهن مان ٻه مطلب نڪري سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com