ٽنڊوڄام يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جي ليڪچرر
سنيتا گانڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: شبنم گل
سنيتا سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي آهي. پاڻ هن
وقت ٽندوڄام يونيورسٽي ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرر آهي.
سنيتا مثبت سوچ رکندڙ هڪ روشن خيال ڇوڪري آهي، هو
انهن ماڻهن مان آهي جيڪي پنهنجي محنت، عزم ۽ حوصلي
سان ٻين لاءِ هڪ مثال بڻجي ويندا آهن. سنيتا 1994ع
۾ انگلينڊ مان ايم ايڊ ڪري آئي آهي. سندس جنم
شڪارپور جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس
ڏاڏو جهامنداس ڀاٽيه سنڌي ادب جي حوالي سان ڪنهن
تعارف جو محتاج نه آهي. سندس والد لجپت گانڌي
انگريزي جي پروفيسر هئڻ جي حيثيت ۾ علمي ادبي
سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. سنيتا سان
ٿيل ڳالهه ٻولهه حاضر آهي:
شبنم گل
شبنم: ادبي گهراڻي سان تعلق هوندي به توهان لکڻ طرف راغب نه
ٿيون ڇو؟
سنيتا: ائين به نه آهي، ته مان لکڻ کان بلڪل لاتعلق رهي آهيان،
شاگردي وار دور ۾ مون ڪجهه ڪهاڻيون لکيون، جيڪي
عبرت مئگزين ۾ شايع ٿيون. پر جاب کان پوءِ اهو
سلسلو جاري رکي نه سگهيس ۽ لکڻ جو اتساهه گهٽجي
ويو. بهرحال هينئر وري ڪجهه نه ڪجهه لکڻ جو سوچي
رهي آهيان.
شبنم: اوهان جي ڪاميابين ۾ اوهان جو گهرو ماحول جو ڪيترو هٿ
آهي؟
سنيتا: هر ماڻهوءَ جي شخصيت ٺاهڻ ۾ گهر سماج ۽ تعلم جو وڏو حصو
هوندو آهي. ان سلسلي ۾ منهنجي گهر وارن جو وڏو
(Contribution)
آهي. گهر وارن هميشه منهنجي حوصلا افزائي ڪئي.
فيصلن ڪرڻ ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي. توهان هن ننڍڙي
مثال مان اندازو ڪري سگهو ٿيون ته انهن منهنجو
ڪيئن ساٿ ڏنو مون کي جڏهن لنڊن جي اسڪالر شپ ملي
ته مون لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته اڪيلي ڇوڪري هئڻ
جي حيثيت ۾ وڃان يا نه، پر منهنجي گهر وارن نه صرف
مون کي اجازت ڏني پر ٻاهر وڃڻ جي سلسلي ۾ جيڪي
ڪاغذي ڪارروايون يا مسئلا ٿيندا آهن انهن ۾ پڻ
گهڻي مدد ڪئي.
شبنم: توهان ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي انگلش لينگويج ڊپارٽمينٽ ۾
ڪجهه وقت فارينرس ڪليگس سان رهي ڪم ڪيو، سندن ڪم
جو طريقه ڪار اوهان کي ڪيئن لڳو؟
سنيتا: مون کي اها ڳالهه سٺي لڳي ته اهي وقت فالتو ويهي يا
ڪچهري ڪرڻ ۾ نه وڃائيندا هئا. بلڪه هر وقت ڪجهه نه
ڪجهه ڪندا رهندا هئا. جيئن پنهنجا ڪاغذ وغيره پاڻ
ٽائيپ ڪرڻ، ان ڪري هو اسان کي به ڪم ۾ مصروف رکندا
هئا. ان جو ان وقت ڪو فائدو نظر نه ايندو هو ۽
ڪاوڙ ايندي هئي ته اسان ايترو ڪم ڇو ڪيون. پر هاڻي
پنهنجو ننڍي کان ننڍو ڪم پاڻ ڪري ويندي آهيان.
شبنم: انگريزي جي معيارکي ڪيئن بهتر بڻائجي؟
سنيتا: پهرين ڳالهه ته انگلش ٽيچنگ لاءِ جيڪو
Syllabus
يا ڪورسز استعمال ٿين ٿا اهي ڪافي پراڻا آهن ۽
جديد دور جي تقاضائن مطابق نه آهن، جيئن فرسٽ ايئر
۽ انٽر جا ٽيڪسٽ بڪ انگريزي ڪتاب ڏسو انهن جا سبق
ايترا طويل آهن جو شاگرد انهن کي پڙهڻ ۾ ڪافي وقت
وٺن ٿا ۽ انهن کي سمجهڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي. ٻي
ڳالهه ته استاد به غير تربيت يافته آهن. جيڪڏهن
استاد تربيت يافته هوندا ته هو پراڻي ڪورس کي به
جديد طريقن سان دلچسپ انداز ۾ پڙهائي سگهندا.
ٻيو ته جيستائين شاگرد پاڻ دلچسپي نه ٿا وٺن ته ڪجهه به نه ٿو
ڪري سگهي. تحرير کي بهتر بنائڻ لاءِ روز ڪو به
موضوع کڻي هڪ پيج ضرور لکڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ
شاگردن کي پاڻ ۾ مطالعي لاءِ رجحان پيدا ڪرڻ
گهرجي. روزاني انگريزي اخبارن جو مطالعو ڪندا رهن.
انگريزي کي بهتر طور تي سمجهڻ يا صحيح تلفظ لاءِ
انگريزي خبرون ٻڌن ۽ فلمون ڏسن. سڄي ڳالهه ڪوشش ۽
پريڪٽس جي آهي. اسان وٽ انگريزي ڳالهائڻ وارو
ماحول ڪونهي. جنهن ڪري شاگردن ۾ ٽاڪنگ پاور پيدا
نه ٿو ٿئي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ ۾ ڳالهائڻ
جي پريڪٽس ڪندا رهن.
شبنم: توهان ڪهڙا ڪورسز ڪيا آهن؟
سنيتا: مان جيئن جاب شروع ڪئي ان سان گڏ منهنجي ٽريننگ به شروع
ٿي وئي. جنهن ۾ اسان پنهنجي ڪوليگس جا ڪلاس
Observe
ڪري ان تي
Discussion
ڪري هڪ ٻئي کي صلاحون ڏيندا هئاسون، ته پنهنجي
ٽيچنگ ڪيئن بهتر بڻائجي.
ان کان پوءِ اسلام آباد يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن مان مون انگلش
ٽيچنگ ۾ ڊپلوما ڪيو، ان کان سواءِ مون
Spelt
جي ڪجهه ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪئي. تازو مون انگلينڊ
مان ايم ايڊ ڪئي آهي، انهن ڪورسز ۽ ايم ايڊ جي
ٽريننگ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته پڙهائڻ جا ڪيترا
نه نوان طريقا متعارف ڪرايا ويا آهن.
شبنم: ٻاهر وڃي توهان تعليم حاصل ڪئي آهي ان تجربي جي باري ۾
ٻڌايو؟
سنيتا: منهنجي لاءِ ٻاهر وڃڻ تمام فائديمند رهيو، پروفيشن جي
حوالي سان توڙي
Personally
به. ان تجربي مون کي اها به مدد ڪئي ته مان ٻن
مختلف معاشرن کي ڀيٽي سگهان. هتان جا ماڻهو يورپ
جي سحر ۾ گرفتار آهن، پر اتي وڃي اندازو ٿئي ٿو ته
اتي به ڪيترا مسئلا آهن. مثال جيئن نسلي تعصب آهي.
ريپ ڪيسز ڪافي ٿيندا آهن، ان کان سوءِ
Child Abuse
عام هو. اتي ڪو فيملي سسٽم ڪونه هو.
باقي جيستائين اهو سوال آهي ته ذاتي طور تي مون ڇا محسوس ڪيو
ته اسٽوڊنٽس لائف کي مون تمام گهڻو انجواءِ ڪيو.
تمام گهڻو ڪم ڪندا هئاسين، ڏينهن رات سخت پڙهائي
هوندي هئي. پر جڏهن فرصت ملندي هئي ته مان سفر
ڪندي هيس. ويڪ اينڊ تي اڪثر
Long Walks
لاءِ نڪري ويندي هيس. ان کان سواءِ اتي اهو به
ارينج ڪري ڏيندا هئا ته موڪلن ۾ ڪنهن برطانوي
فيملي وٽ گيسٽ ٿي رهجي ته جيئن اتان جي فيملي لائف
جو مشاهدو ڪري سگهجي.
شبنم: انگلينڊ ۾ پڙهائي دوران استادن جو رويو ڪيئن لڳو؟
سنيتا: اتي استاد هر شاگرد کي
Individually
اهميت ڏيندا هئا. هوشيار شاگردن جي حوصلا افزائي
ڪندا هئا. پر پڙهائي ۾ ڪمزور شاگردن کي بلڪل
نظرانداز نه ڪندا هئا. بلڪه انهن کي ڪلاس ۾ وڌيڪ
توجهه ڏيندا هئا. شاگردن جي مسئلن کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪندا هئا. هر شاگرد کي ان جي نفسيات مطابق
ڊيل ڪندا هئا. سندن رويو انتهائي دوستاڻو هو. مون
پاڻ اهو ڏٺو آهي ته شاگرد به پڙهائڻ جو ميڪنيڪل
اسٽائل پسند نه ٿا ڪن. ڪلاسن ۾ ڪانه ڪا ايڪٽوٽي
هئڻ گهرجي، ٻيو اهو ته فقط ليڪچر ڏئي هليو نه
وڃجي پر شاگردن کي ان ليڪچر ۾ انوالو ڪجي، کانئن
سوال ڪجن جيئن هو به ڪلاس ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن.
شبنم: ڪو يادگار واقعو؟
سنيتا: اسان جو هڪ چائنيز ڪلاس فيلو هو مان ۽ منهنجي ملائيشيا
جي روم ميٽ کي اها شڪايت رهندي هئي ته هو وقت جو
خيال نه ٿو رکي، جنهن تي هن ٻڌايو ته هن جي گهڙي
خراب آهي. مون وٽ هڪ گهڙيال پيل آهي مون اهو کيس
ڏنو پر هن جي چهري تي عجيب تاثرات هئا ۽ هن گهڙيال
وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ مون کي خبر پئي ته
چائنيز ۾ هڪ عجيب رسم آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي
گهڙيال جو تحفو ڏيندو آهي ته ان جو مطلب ته ان جو
هن دنيا مان وقت ختم ٿي ويو ۽ هو مري ويندو ۽ اهو
ٻڌي مون کي افسوس ٿيو.
شبنم: ايگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جي اڳتي وڌڻ جا ڪيترا چانسز
آهن؟
سنيتا: ڇوڪرين جو وڏو تعداد ايگريڪلچر ۾ اچي رهيو آهي. پر سندن
ڪاميابي جا چانسز مليل جليل آهن ڇو ته جيڪي
ڇوڪريون ميڊيسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن انهن
کي اسپتالن ۾ جاب ملي ويندي پر ٻين شعبن ۾ فيلڊ ۾
وڃي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان سلسلي ۾
ڇوڪرين لاءِ ڪي مشڪلاتون پيدا ٿين.
شبنم: زندگيءَ جي ڪهڙي دور کي يادگار سمجهيو ٿيون؟
سنيتا: شاگردي واري دور کي مان يادگار سمجهندي آهيان.
شبنم: زندگي کي ڪيئن محسوس ڪيو ٿيون؟
سنيتا: ڪڏهن بڙ جي گهاٽي ڇانوَ ته ڪڏهن وري جون جي منجهند جي
نٽهڻ اس، اهو روين تي
Depand
ٿو ڪري ته ماڻهو زندگي کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو.
بهرحال مان هر شيءِ جو روشن پهلو ڏسندي آهيان ۽
منفي روين ۽ ڳالهين کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي
آهيان.
شبنم: عورت هئڻ جي حيثيت ۾ معاشرتي مسئلن کي ڪيئن ڏسو ٿيون؟
سنيتا: عورت خود اعتماد آهي ته پوءِ هر ماحول سازگار آهي. جيئن
شروع ۾ اڪيلو سفر نه ڪري سگهندي هيس پرجڏهن عورت
جاب ڪري ٿي ته هن کي پاڻ تي ڀاڙڻو پوي ٿو. مائٽ
ڪيستائين گڏ هلندا. ڇو ته اڄ جي دور ۾ هر ڪو مصروف
آهي. ان ڪري آهستي آهستي مون ۾ خود اعتمادي آئي. ۽
اجائي خوف مان نجات ملي. ٻي ڳالهه ته مائٽن جو
اعتبار ئي عورت لاءِ وڏي خود اعتمادي آهي. باقي
جيڪي ٿورا گهڻا معاشرتي مسئلا آهن ۽ رڪاوٽون آهن
عورت کي انهن کي صبر ۽ حوصلي سان
Face
ڪرڻ گهرجي، ڇو ته تعليم آهي ته پر اها
Enlightment
اهو شعور اڃا ناهي آيو، جو عورت پنهنجي پاڻ کي هر
لحاظ کان محفوظ سمجهي.
شبنم: سنڌي عورت جي پوئتي رهجي وڃڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟
سنيتا: مون اهو ڏٺو آهي ته شادي کان پوءِ عورت کي جاب کان ۽ ٻين
سرگرمين کان روڪي گهر تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي ويندي آهي. جيستائين مرد جي سوچ نه بدلبي ۽ هن
۾ روشن خيالي نه ايندي سنڌي عورت ڪڏهن به اڳتي نه
وڌي سگهندي. باقي سنڌي عورت کي جيترو به موقعو
مليو آهي هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃايو آهي. پر هر
ان عورت جنهن کي پيءُ، ڀاءُ، ۽ مڙس جو ڀرپور تعاون
حاصل رهيو آهي. اها ڪامياب رهي آهي ڇو ته عورت جي
ڪاميابين ۾ مرد اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
*---------*---------*
شاعري
وائي
شهيد احمد خان آصف مصراڻي
پارس کان وڌ تنهنجو پيار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
تنهنجي ياد جياپو جيءُ جو،
تنهنجو آر هنئين جو هار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
تنهنجو چاهه چکائي چٽائي،
تنهنجو نينهن ڪري نروار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
تنهنجي ”الفت“ جي مٽ ناهن،
ماڻڪ موتي لک هزار،
تنهنجي سڪ سان سون لکي ڇا!
تنهنجي ڏوري ڏيل ڏڪائي،
تنهنجي قرب ۾ آهه قرار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
تنهنجي توه تڳي ٿو ”آصف“
تنهنجو آه اجهو آڌار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
شهيد احمد خان آصف جي ياد ۾
خاور قبولائي
چوسٽو
سنڌ جي نقشي ۾ ڄڻ گلدان هو،
سر بسر سنڌي ادب جي جان هو،
ظالمن گهايو ادب جو نيڪ مرد،
سائين”آصف“ شخص عاليشان هو.
طارق عالم
هائيڪا
اٺن قطارون
اوٺين اوڀر اک ۾
ڇڪيل مهارون.
اوندهه رات اَپار
ڏور ڳليءَ مان سانت کي ٽوڙي
سيٽي جي گونجار.
ڪوئل ڪوڪارون
مينهن وسي ٿيو دنگ
روئن ديوارون.
ننڊ کنيس ايڏي
ٻار سمهي پيو ڌرتي تي
مٽيءَ سان کيڏي.
ڏيئي جي آڏو
معمولي ماڻهوءَ جو
قدرآور پاڇو.
عمر اها ستهٺ
پنهنجا سارا ڇڏي ويا
ساٿ نڀايس لٺ.
*---------*--------*
زيب نظاماڻي
نظم
ٽه هٽي
منهنجو وکريل وجود
شهر جي ٽه هٽي تي
هي گهر
منهنجو گهر
پنهنجو نه رهيو
۽ پنهنجن جا سڀئي در
بند ٿيندا رهيا
سج الهندا رهيا
ساگر جي لهرن مٿان
شهر جي هر روڊ تي
ڪيڏا ماڻهو هئا
ڪوئي پنهنجو نه هو
هر چهرو نئون
هر چهري مٿان
اوپرائپ سندو
آهي ماسڪ مڙهيل
مان ڪاڏي وڃان؟
شهر جي ٽه هٽي تي
منهنجو وکريل وجود
هي گهر
منهنجو گهر
پنهنجو نه رهيو!!
*--------*--------*
(ڪراچيءَ شهر جو مشهور چوڪ)
گيت
ڪالهه ڪڪري وُٺي،
مون سکي سا ڏٺي
گيت ملهار جا
سرنهن ڦولار جا
هيل هٻڪار جا، سر وکرائي پئي
ها،. هوءَ ڳائي پئي.
واٽ هئي، جا ڀنل
وک وک واسيل،
پريت برکا وٺل، من مهڪائي پئي
ها، هوءَ ڳائي پئي
سونهن سنسار ۾
پريت پولار ۾
نيڻ نهار ۾، پيچ پائي پئي
ها، هوءَ ڳائي پئي.
سنڌ ٻولي ڏني
ڏات لولي ڏني
جنڊ جهولي ڏني. پاند پائي پئي
ها، هوءَ ڳائي پئي.
آس پيهي اتي
خواب پئي جا ڏسي
سک شال وسي، مال ڪاهي پئي،
ڪالهه ڪڪري وٺي
مون سکي سا ڏٺي
*------*-----*
ارشاد ڪاظمي
هميشه وانگر
هميشه وانگر
هڪ وڌيڪ ڏينهن گذارڻ لاءِ
سوئر جي کل پائي نڪرڻو پوندو
اهو سلسلو هلندو رهندو
جستائين
ٻنهي مان ڪو هڪ
ٻئي کي بدلائي نٿو وٺي.
اسد ڪيريو
نظم
اهي ڏينهن،
جڏهن سانوڻ جي ٿڌڙي هوا ۾،
ڪجهه شعلا ڀڙڪي رهيا هئا،
در جو ٽانڊاڻو
ٽمڪي رهيو هو،
آڪاش جا تارا ٽٽي
پٽ پئجي رهيا ها
تڏهن دور ....
سنڌوءَ جي ڇل ڇل لهرن ۾
آس ڪنول جي خوشبو
گيت بڻجي پکڙجي رهي هئي!!!!
*----------*---------*
شاهه زمان ڏونگر
نهارڻ ڇڏي
اجايو اسان کي
پئي ڇو نهارين
اسان کي نهاريندي
لڙڪن سان گڏجي،
اوهان جي اکين جي
ڪجل مک جي
سرخين تي ٻه ڪارا
جي ليڪا ڪڍيا هن
اوهان جي اندر تي
ڪا چغلي هڻن ٿا
اسان کي تو ايڏو
جو سولو اچڻ جو ئي
سوچي آ ورتو
ٻڌي ڇڏ اسان جو
اڙانگو آ رستو
جتان ڀي لنگهون ٿا
ڪنڊا ئي ڪنڊا هن
تپيل آهي واري جي
چادر وڇايل
رڳي سڃ آهي
رڳي اڃ آهي
نه پاڻي ڦڙو آ
نه ڪي ڇانورو
اسان جي هلڻ سان
جي پيرا ٺهن ٿا
انهن ۾ پگهر جا
وري رت جا ڪي
ڦڙا ئي ڦڙا آهن
سدا مون ڏٺا آهن
مگر کن پل ۾
هوائون گهلن ٿيون
سي ڊاهي ڇڏين ٿيون
سڀئي نشانيون
اسان پيا هلون ٿا
سهارن جا گهوڙا
اسان جي پٺيان هن
نه پهچي سگهن ٿا
نه بيهون اسان ٿا
اسين ناهيون عادي
سهارن جا سادي
اسان کي ڇڏي ڏي
نهارڻ ڇڏي ڏي
پڪارڻ ڇڏي ڏي
تون سارڻ ڇڏي ڏي
اسان جا هي رستا
اڙانگا جي آهن
نه تنهنجي نزاڪت جو
ادراڪ تن کي
انهن تي هلڻ کان
بچي وڃ ڳلن تان
اهي ٻيئي ليڪا
اگهي پو وري وڃ
انهي ماڳ پنهنجي
جتي سک تنهنجي
حڪم تي هلن ٿا
اشارا تڪن ٿا
نون نازڪ گهڻي آن
امالڪ گهڻي آن،
اسان کي اجايو
نهارڻ ڇڏي ڏي
اجايو اسان کي
پئي ڇو نهارين.
*--------*-------*
فضه غزل
سپنا
ها اهي سپنا،
سندر سپنا،
جن جي
ساڀيا
جي آس ۾
ماڻهو
دردن سان به
مقابلو ڪري
ٿو
۽ ڏکن دردن
۾ جيون گهاري
ٿو
ڪاش! اهي
سپنا،
ساڀيا ماڻين
پر سپنا
رڳو سپنا آهن.
*-------*-------*
راهي چنا
نظم
بنا نانءَ جي ڪتبو!
مان هر دور ۾
ڪارو ڪاري ڪوڙهه ورتل
ان ڪوڙهي رسم ۾،
ماري لوڙهي وئي آهيان
مان ڪنهن اڻ ڏٺي ڏوهه ۾
ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي آهيان
۽ لاش منهنجو
ڳڀا ڳڀا ڪري
وزني پٿر سان ٻڌي،
لوڙهيو ويو آهي،
آءُ عورت هئڻ جي
ازلي ڏوهه ۾
هر هر سنگسار ٿي آهيان
منهنجي ڪنهن به قبر تي
منهنجي نانءَ جو
ڪو به ڪتبو ڪونهي.
منهنجو ڪو به نانءُ ڪونهي
منهنجو ڪو به آواز ڪونهي!
*---------*-------*
نجمه راشدي
جيون جو سهارو
تنهنجي ياد کي دل ۾
سانڍي رکيو اٿم،
گلن جيان ان کي
پيار جو پاڻي ڏئي،
تازو رکيو اٿم،
مون کي هر حال ۾
ان کي تازو رکڻو آ،
ڇو ته تنهنجي ياد
۽ تنهنجو پيار
مهنجي جيون جو سهارو آهن.
ايوب کوسو
غزل
جڏهن جذبن جي رونق لٽي ٿي وڃي
تڏهن جلون جي موسم کٽي ٿي وڃي
پيارن کان پاڻ ڪيڏو جهليندين ڀلا،
هي ته آ روشني سان ڦٽي ٿي وڃي
بيرخيون تنهنجون صحرا جيئن آهن پرين!
آس هر ڪائي منهنجي ٽٽي ٿي وڃي
پاڻ کي ڪجهه سنڀال هاڻ اي دل مٺي،
توکان هر ڪا خوشي پئي رٺي ٿي وڃي
ڏي زمانا کڻي ڪجهه ته تون ڀي جواب،
ڇو هي سچ جي نڙي هيئن گهٽي ٿي وڃي
اٿو وحشت جي ديوار ڊاهي وجهو.
پوءِ ته دنيا گلشن جيئن سٺي ٿي وڃي!
ساگر سرتومل روپاڻي
غزل
تو جا گهور رات ڏني،
مون کي سانئڻ مات ڏني
مون پيار جا پل گهريا ها،
تو ايڏي ڇو تات ڏني
منهنجا پلڪ پسائي وئي،
نيڻن جا برسات ڏني
اوشا نيڻ نماڻا کڻ!
رات ڪيڏي آ سانت ڏني.
*-------*------*
گلزار
نثري نظم
هڪ شاعر
پنهنجي قوم کي
تباهي ڏانهن وڌندو ڏسي
روئي پيو
تڏهن ڌرتيءَ ڪجهه هيئن ڳالهايو
”مون کي روئڻا پٽ پسند ڪونهن.“
سليمان سومرو
نثري نظم
وڇوڙو
جنهن وقت
بهار جي موسم ايندي آهي،
ته ڪوئل ڪوڪندي آهي،
گل ٽڙڻ لڳندا آهن
پکي ٻولڻ لڳندا آهن،
پن ساوا ٿيڻ لڳندا آهن،
پيار جا نغما سرجندا آهن،
پر بهار جي اچڻ سان،
تو ۽ مان ڇو ناهيون ملي سگهندا!؟
آدرش
نثري نظم
ننڊ خوابن کي دريافت ڪندي آهي
رات جو،
ننڊ خوابن کي،
دريافت ڪندي آهي،
جڏهن تون سمنڊ ڪناري،
پنهنجا پير پاڻيءَ ۾ پسائيندي آهين،
ته سمنڊ جون ڇوليون،
تنهنجن پيرن کي ڇهي،
هڪ ٻڏندڙ جهاز کي بچائينديون آهن،
جڏهن تون چانڊوڪيءَ ۾،
هڪ وڻ هيٺان،
هٿ تريءَ تي لکيل منهنجو نانءُ
پڙهندي آهين،
ته چنڊ تنهنجي هٿ تريءَ تي لهي ايندو آهي،
مان رات جو،
جهيڻي روشنيءَ ۾ نظم لکندو آهيان،
۽ نظم ۾،
توکي دريافت ڪندو آهيان
مينهن
نتاليا دريءَ جو پردو هٽائي چيو:
”ٻاهر مينهن وسي رهيو آهي.“
مون چانهه جو ڪوپ خالي ڪري،
ميز تي رکندي وراڻيو:
”نتاليا!
اهو مينهن ناهي
پر غريب ماڻهو روئي رهيا آهن.
شگفته شاهه
هيءَ منهنجي ڌرتي
هر پاسي ”ٺا.... ٺا“
ڪونهي داد ڌرتيءَ تي
جت ڪٿ آ انياءِ
رت ۾ ٿئي ٽهڪاءُ
پنهنجي جيجل ڌرتيءَ تي
ايڏو ڏسي انياءُ
هر ڪنهن دل ۾ دهشت
هيءُ منهنجي شهر ۾
آئي ڪهڙي وحشت ! ؟؟
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پهرا آهن
هي منهنجي شهر ۾
ڪيڏا اوپرا چهرا آهن !!!؟؟
وريو هي ڪهڙو واءُ
رڳو بوءِ بارود جي
گولين جا ٺڪاءُ
گليءَ گليءَ هلن گوليون
تون ڇو چئين:
”هل ! امن کي ڳوليون“
سرمد چانڊيو
لوڪ گيت
منهنجو گڏو راضي آهه، تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پڇي ڇڏي،
تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
منهنجي گڏي بي اي پاس، تنهنجو گڏو پنجون پاس،
جوڙ: ڪانه جچندي، وو شادي ڪانه رچندي،
منهنجي گڏي بي اي پاس.
منهنجي گڏي راضي آهه، تنهنجو گڏو ڇا ٿو چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پڇي ڏي،
تنهنجو گڏو ڇا ٿو چئي؟
منهنجو گڏو ايم اي پاس، تنهنجي گڏي ميٽرڪ فيل،
جوڙي ڪانه جچندي، وو شادي ڪانه رچندي،
منهنجو گڏو ايم اي پاس.
منهنجو گڏو راضي آهه، تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پڇي ڏي
تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
منهنجي گڏي ڪنول ڪنوار، تنهنجو گڏو رنڙ آهه،
جوڙي ڪانه جچندي، وو شادي ڪانه رچندي.
منهنجي گڏي ڪنول ڪنوار
منهنجي گڏي راضي آهه، تنهنجو گڏو ڇا ٿو چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پاچي ڏي.
تنهنجو گڏو ڇا ٿو چئي؟
منهنجو گڏو ڳڀرو گهوٽ، تنهنجي گڏي ٻارن ماءُ،
جوڙي ڪانه جچندي، وو شادي ڪانه رچندي
منهنجو گڏو ڳڀرو گهوٽ
منهنجو گڏو راضي آه، تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پڇي ڏي.
تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
منهنجي گڏي هيٺان ڪار، تنهنجو گڏو پيرين پنڌ،
جوڙي ڪانه جچندي، وو شادي ڪانه رچندي.
منهنجي گڏيءَ هيٺان ڪار
منهنجي گڏي راضي آه، تنهنجو گڏو ڇا ٿو چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پڇي ڏي،
تنهنجو گڏو ڇا ٿو چئي؟
منهنجو گڏو آه سيٺ، تنهنجي گڏي آ غريب،
جوڙي ڪانه جچندي، وو شادي ڪانه رچندي.
منهنجو گڏو آهي سيٺ
منهنجو گڏو راضي آهه، تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي؟
ورندي جلدي وٺي ڏي، ساري مرضي پڇي ڏي،
تنهنجي گڏي ڇا ٿي چئي.
گڏو گڏيءَ کي ڏسي، گُڏي گُڏي سان ملي،
جن جي شادي ٿي ٿئي، مرضي انهن جي هجي،
جوڙي پوءِ جچندي، وو شادي پوءِ رچندي.
وو شادي پوءِ رچندي.
*-------*--------*
رجب ٻگهيو
غزل
هيل موسم به مهربان ٿئي ئي نٿي،
ڪو ڪڪر بڻجي وسي ئي نٿي.
ڪالهه تائين اڪيلائي جي آٿت هئي،
پر خبر ناهي ڇو اڄ پڇي ئي نٿي!؟
زندگي درد جو ڪو ڊگهو آ سفر
رڃ پويان ڪندي پنڌ ٿڪي ئي نٿي،
آءُ ٻئي کي ڀلا ڪيئن چاهيان پرين،
دل چري تو سواءِ ڪٿ لڳي ئي نٿي.
چاه چپڙن سان چمجي ته امرت ملي،
وار کائي ڪمن مان ملي ئي نٿي.
راتين جو پڇن ٿا ستارا کلي.
ننڊ توکي رجب ڇو اچي ئي نٿي.
ممتازلوهار
ڏيڍوڻا
تون پو به مٺو آهين
هڪ ڳالهه ننڍڙيءَ تان، توڙي جو رٺو آهين.
ها ڳالهه سولي آ،
مون کي وساريندين، ڄڻ ته پرولي آ،
ڀت تي ٻرڪيندي کنڊ،
نينگر ضد ڪري چيو، اما آڻي ڏي چنڊ.
دلڙي ته چري آهي،
ڀلا لهر درياهه جي، ڇا ڪڏهن وري آهي.
ڇا لا رنو آهين؟
ننڍڙي خوشي ڪونهي، ڇا ايڏو سڃو آهين؟
ان لاءِ رنو آهيان،
سڀ ڪجهه هوندي به توبن ڄڻ سڃو آهيان؟
سرسبز کيتن جي،
منظر ڪشي آ ڄڻ شاهه جي بيتن جي.
*---------*--------*
حبيب ساجد
جيئن
جيئن-
هڪ خواب ڏسن ٻه سانوريون اکيون
۽ جئن-
هڪ بادل ٽمي پوءِ اوچتو
۽ جئين-
شام روئي پئي رات جي هنج ۾
۽ جيئن-
شاعري کي باهه وٺي وڃي هڪ بي رخي شعلي سان
۽ جيئن-
زندگي صليب ٿي وڃي ۽ ان تي ٽنگجي وڃي هڪڙو بي گناهه عيسيٰ
۽ جيئن
تون ديوي بڻجي وڃين ۽ مندر جا سڀ دروازا بند ڪيا وڃن
ائين مان- اڄ ڪلهه رهان ٿو
منهنجا محبوب
توکان سواءِ !
*--------*--------*
مارو جمالي
غزل
ڪڏهن اڃ ۾ رڃ نظارون ته ٿي پئه !
ڪڏهن آس بک ۾ سڪارو ته ٿي پئه!
انهيءَ عشق ساگر گهڻا گهوٽ ٻوڙيا.
اڙي پيار ڪنهن لاءِ ڪنارو ته ٿي پئه!
سدائين پهاڙن ڪيان پير پرزا،
پٿر تون به ڪڏهن پنارو ته ٿي پئه!
اسان ڪٿ ٿا چاهيون لڙهي هل اسان سان،
مگر پوءِ به ساٿي سهارو ته ٿي پئه!
ڀلي چنڊ بڻجي کڙي پئه او مارو،
نه ٿين چنڊ ته پوءِ ڪو ستارو ته ٿي پئه! |