سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

عطا محمد ڀنڀرو

سودو

جڏهن مان ننڍڙو ٻارڙو هوس ته منهنجي ڏاڏي هڪ ڳالهه ٻڌائي هئي. هاڻي جڏهن مون کي اها ڳالهه ياد ايندي آهي ته اڃا به وڌيڪ وڻندي آهي. دنيا ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي  جيئن ماڻهو ڪراڙو ٿيندو ويندو آهي، تيئن وڌيڪ وڻنديون آهن.

مون کي پڪ آهي  ته اوهان ٻهراڙيءَ ۾ هڪڙو سادو سودو گهر ڏٺو هوندو. جنهن جي ڇت ڪکن، ڪانن، پنن ۽ سرن جي جڙيل هوندي آهي. گهر جي چوڌاري ڪانڊيرا، لاڻي ۽ ليون بيٺل هونديون. گهر ۾ اندر وري پوسل. گهر مٿان ٻير جو وڻ آهي. جنهن جي پورن ۾ طوطن ۽ ڪٻرين جا آکيرا ته گهر جي ڇت ۾ وري جهرڪين جا. گهر جي اڱڻ ۾ چوڌاري ڪڪڙين جون کڏيون آهن. هڪ ڏاٻڙ ڪتو جيڪو هر آئي وئي تي پيو ٽونڪندو آهي. ٻير جي پاڙ ۾ ڏر کنيو سمهيو پيو هوندو آهي. گهر جي آڏو دُٻي ۾ ٻه ٽي بدڪون پيون ترنديون ۽ تڙڳنديون آهن.

ٻهراڙيءَ جي ان سادي سودي گهر ۾ هڪ جوڙي جهونڙن جي رهندي آهي. يعني هڪ مڙهو هاري ۽ ٻي سندس جهونڙي زال. ٻه ٽي شيون سندن ملڪيت ۾ هيون. جن مان هڪ گهوڙو هو، سدائين ڇيڪ پيو ڇٻر چرندو هو، ڪڏهن رستي جي پاسن کان ۽ ڪڏهن ڪڙئي جي وٽ مان.

ان تي پاڻ به ڪڏهن تماڪ ٻيڙي ڪڏهن جوڻهس لاءِ ناس دٻدلي وٺڻ ويندو هو ته اوڙي پاڙي جو به سک هو. پاڙي وارا ان جي عيوض ڪانه ڪا شيءِ کيس ڏئي ويندا هئا.

پر سندن خيال هو ته جيڪر گهوڙو وڪڻي يا سودو هڻي اهڙي ڪا  سٺي شيءِ وٺجي جيڪا گهڻي فائدي واري هجي. پر هجي ڇا؟ ان جو کين بنهه پتو ڪونه هو.

”اڄ مڙئي کليو ۽ کاشڙو ڏينهن آهي، سو گهوڙي تي چڙهي وڃ. خير سان ميون شاهه جو ميلو به آهي. پوءِ وڪڻي پئسا وٺي تنهنجي مرضي يا هن تي ڪو سودو سٽو هڻي ڪا ڳئون ڪو گابو ٽوبو. ڳنهين اچ. پر اچجانءِ سڌو مون وٽ“ سندس زال جهونڙيءَ کي چيو.

پوءِ هن پنهنجي مڙس جي پوتڙي کي چُڻي کٽ جي پاسي تي چمي ڏئي رکيو ۽ صندوق مان پٽڪو ڪڍي تهه ڪري تنهن کي هيانءِ سان لائي چار چميون ڏئي وهاڻي تي رکيائين. پوءِ هو جهونڙو سهي سنڀري گهوڙي تي چڙهيو  ته جيئن گهوڙي تي ڪو سودو ڪري يا ڪا ڪنهن کي چڱن پئسن تي وڪڻي ڇڏي.

ڏينهن به هجي ڏاڍو جو ڪانوَ جي اک پئي نڪري. آڪاس ۾ ڪڪر نه ڪڪري، نه وري رستي سان ڪو وڻ، رهندو به رستي تان ميلي جي ڪري اٺن گهوڙن ۽ پيادن جي هلڻ ڪري ڌوڙ جا ڪڪر پئي ٺهيا. اس کان اوسي پاسي اجهو به ڪونه هو جتي پوڙهو ۽ گهوڙو مٿي ڇانو ڪن. پگهر سڪائن  يا ڪجهه ساهي پٽن.

انهن مسافرن مان هڪ همراهه ڳئون کي ڏور واڳ ڪاهيون رستي تان پنڌ پئي ويو. ڳئون ڏاڍي سهڻي سيبتي ۽ وڙ وجهه جي ملوڪ هئي.

”ڳئون ته ڀٽاري آهي واهه جو، دشمن جي دل تي داڳ آ، چلهه به چگرو اٿس، کير جي به ٺاهوڪي ٿي ڏسجي. جي گهوڙي تي ڪن ڪن تي تاڙي لڳي وڃي ته ڏهو ئي سون“ جهوني هاريءَ دل ۾ سوچيو.

”اي ميان ڳئون وارا ڇا حال آهن تنهنجا؟“ جهونڙي هاريءَ ڳئون واري کي چيو.

”چاچا شکر آ، تون ڀڙ آهين”

”ابا مڙئي خير سلا آ، يار ! اچ ته ڪا ڪچهري ڪريون. تنهنجي ڳئون ته ڀلي آهي، پر يار مون وارو گهوڙو تو واريءَ ڳئون کان چار ڪوڏيون اتر لهڻي. جي تو ڪن ڪن تي تاڙي هئين ته به مون کي قبول. رزق ڀٽارو ڪونه مارائيندو. جهڙي تهڙي ڳئون منهنجي لاٰءِ چڱي آ، جي ڏورو ڦڙ ڪئي ته لڳي تاڙي“

”ڪن ڪن تي تاڙي لڳي پوءِ، کٽ کٽائي شاهه“ همراهه ڪراڙي کي چيو”سودو لڳي ويو.“

خير سان سودو ته ٿي ويو ۽ جهونهڙو به گهر موٽي ها،.پر هن سوچيو ته  هيڪر جي گهرئون نڪتو آهيان ته سانگي سان ميلو به گهمندو وڃان.. سو هي مڙهو ڳئون ڏور واڳ ڪاهيون ڇڪيندو هلڪيندو روانو. ٿيو اڳتي! هلندو وڃي هلندو وڃي ته کيس هڪ همراهه گڏيو جيڪو هڪ رڍ ڪاهيون پئي ويو. دنبي ٿلهي متاري، مٿان اڇي  کير جهڙي سفيد ان: پوڙهي کي رڍ روح ۾ اڙجي وئي.

”هن رڍ واري همراهه سان جيڪر ته رڍ تي تاڙي هڻان. رڍ جي لاءِ گهر جي اوسي پاسي ۾ گاهه به لڀي پوندو. جيڪڏهن سيارو آيو ته جاٿي اسان سمهنداسون رڍ کي به کڻي اتي اٽڪائينداسون. سو مان سمجهان ٿو ته ڳئون جي کٽ ڦٽ کان رڍ وڌيڪ سهنجي آهي.“ پوڙهي دل ۾  چيو.

”ميان رڍ وارا جوان ڪبو سودو ڪن ڪن تي. ڳئون وٺ، ڏي رڍ هڻ تاڙي، پوءِ اٺن ڏينهن لاءِ تون ئي مکياري“ جهوني رڍ واري کي چيو.

رڍ واري همراهه سمجهيو ته پنج ئي آهن گهه ۾، سو ٺهه پهه کڻي ها ڪيائين سو پوڙهو ڳئون ڏئي رڍ ڪاهيون ٿيو روانو اڳتي.

هلندو  وڃي. هلندو وڃي ڏسي ته هڪڙو همراهه هڪ وڏي بدڪ کنيو ٿو وڃي پيو. ٿلهي متاري انڊلٺ جهڙا سهڻا رنگ پوڙهي جو هيانءُ هرکجي پيو ته جيڪر رڍ تي بدڪ ملي ته ٻيو خدا کان ڇا گهران.

”باقي بدڪ آهي واهه جو. واهه جو کنڀ اٿس، ٿلهي متاري به ڪيڏي آهي. نوڙي سان ٻڌي کٽ جي پائي ۾ اٽڪائي ڇڏ ته به واهه جي گهر آڏو ڇر ۾ ڇيرون ڪري تري، تڙڳي ته به واهه.  منهنجي زال به واهه جي خوش ٿيندي. پئي هن جي لاءِ ماني ڀور ڪري ڇلون کلون پئي گڏ ڪندي وتندي. هميشه پئي چوندي آهي ته سُرائتي ڪا بدڪ ملي وڃي ته واهه واهه. ۽ اها هن جي ئي ملڪيت هوندي. ٻڍڙو سوچڻ لڳو.

”يار بدڪ وارا، آهي سوڌو سروبدر، اتر نه تون ڏي، نه مان ڏيان، سڌو سنئون ڪن ڪن تي، جي دل بارو کاوئي ته لڳي تاڙي ۽ جيڪڏهن سودو ڪندين ٿورو به سمجهندس“ جهوني بدڪ واري همراهه کي چيو.

بدڪ وارو همراهه کي ڪهڙو اعتراض هو، سو جهونو بدڪ بغل ۾ وجهي کنيون ٿيو راهي اڳتي.

هلندو هلندو وڃي شهر کي رسيو، رستي تي ماڻهن جا هشام هجن، تهڙو هجي مال، هو رستي سان اڳتي هلندو ويو تان جو ميلي جي مکيه دروازي وٽ وڃي پهتو. ان مکيه دروازي وٽ هن هڪ ماڻهو ڏٺو جنهن کي هڪ ڪڪڙ جو ٻچو هو. ڏوريءَ سان ٻڌو پيو هوس ته مٿان ماڻهن کان ٽهي يا ڇرڪي. اکين وٽان کنڀ گلابي هئا. ڏسڻ ۾ واهه جو سهڻو ۽ سريلو هو. جڏهن ڪاڪٽ پئي ڪيائين واهه جو ملوڪڙو پئي لڳو. ڏور به رنگين مٿس مڻيا رکيل ۽ ٽئونر پيا ٽلن هڪ پاسي چوزو ته ٻئي پاسي ڏوري.

”واهه جو ڪڪڙ آ، مان اهڙو زندگي ڀر ناهي ڏٺو. اهڙو چوزو ته اسان واري مجيريءَ به ڪونه ڏٺو هوندو. هونءَ ڪڪڙ هوندو  به فائدي وارو آهي. ان جا ٻه ڪڻا وجهه ته ڍئو، جي نه ته به وتي هيڏي هوڏي چڳندو“ هن دل ۾ سوچيو.

”ميان چوزي وارا، لڳي سودو، وٺ هيءَ عاليشا بدڪ ڏي چوزو“ ڪس ڪانهئي، رک مولا تي کٽي ويندين.“

چوزي واري به ٺهه پهه ها ڪئي، چوزي وري بدڪ کنئين ۽ بدڪ وارو جهونو چوزو کڻي روانو ٿيو.

هن ميلي ڏانهن ايندي ويندي ڪيترا سارا واپار هنيا هئا سو ڏاڍو پگهريل ۽ ٿڪل هو. سو هن ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ پئي چاهيو سو هلندو اچي هڪ نانوائي جي هٽ وٽ پهتو. هو اڃا اندر وڃڻ تي هو ته هڪ ماڻهو ڪنن واڱڻن جي ٻوري ٻاهر کنيو ٿي ويو. پوڙهي پڇيس ته ميان ڇا کنيو اٿئي.“

”ڪنا واڱڻ آهن.“ ان ماڻهوءَ وراڻيو.

”انهن کي ڇا ڪندين“

”مڙوئي ڍور ڍڳا کائيندا.“

”مون کي ڏي ته مان پنهنجي زال ڏي کڻي وڃان هوءَڏاڍي خوش ٿيندي. سو اجايو حرام نه ڪر. پر اسان واڱڻ پوکيا ته هيتري ساري ٻج مان ڄائو هڪ ٽانگو. ان هڪ ٽانگي جهليو وري هڪ پتو واڱڻ جو. جڏهن وڏو ٿيو ته منهنجي زال پٽي کڻي رکيو ٿالهيءَ ۾. چيائين ته ڇهن مهينن جي محنت آهي. سو کائي هڪدم کٽائي ڪونه ڇڏبي. پوءِ ڇهه مهينا جاري ۾ پيو رهيو ڪنو ٿي ڳري سڙي ويو پر ٻنڀي کان ٻاهر ڪونه اڇلايائين. اهي ڇهه ئي مهينا  نڪ تي هٿ ڏئي  پئي گهر ۾ گهمياسون.

”هن سڄي ساريءَ ڀريل ڪنن واڱڻن جي ٻوري لاءِ تون ڇا ڏيندين؟“

واڱڻن واري همراهه ٻڍڙي کان پڇيو.

”هي چوزو جنهن ۾  ٻڌل ڏوري ئي لک ٿي لهي“

سودي تي تاڙي لڳي وئي، ڪراڙو ڏاڍو خوش هو ته اڌ آني وزن جيتري ڪڪڙ جي چوزي تي سڄي ساري ڏيڍ مڻ جي ڳوڻ وتي اٿم واڱڻن جي. واهه واهه، مزو ٿي ويو.

ڪراڙي ڪنن واڱڻن جي ڳوڻ گهلي آڻي نانوائي جي هٽ ۾ رکي چلهه جي بنهه ڀرسان. چلهه به ڏاڍي گرم لڳي پئي هئي جنهن جي کيس خبر ڪانه هئي.

ميلي تي مال جي پڙي به لڳي هئي. سو ڪي ڍڳن واپاري، ڪي گهوڙن، ڪي رڍن، ٻڪرين جا واپاري نانوائيءَ جي هٽ تي ويٺا هئا.

اتي ڪي ٻه وڏيرا ويٺا هئا جيڪي شرط رکڻ تي هريل هئا. انهن مان هڪ تي وڏيرو والي ڏنو جنهن ڀورين جي شرط تي ايڪهٺ هزار رپيا هارايا هئا. ٻيو هو وڏيرو ٻهڳڻ تنهن وري تترن جي ميل تي رڳو   ڏيڍ لک رپيا هارايو هو.  هاڻي به پندرنهن پندرنهن ايڪڙ زمين وڪڻي اچي پڙيءَ کي پاسو ڏنو هئائون ته من هجي ڪو پيءُ ماءُ جو پٽيل ته رکي بازي.

”اهي واڱڻ ڪباب ڪندين ڇا؟“ هڪ وڏيري نانوائيءَ کان پڇيو.

”هي واڱڻن جي ٻوري هتي ڇا لاءِ پئي آ.“ ٻئي رڙ ڪئي. ٻئي ته ڪنهن ورندي ڪونه ڏني باقي پوڙهي سرڪي اچي پاسو ڏنن ۽ کين گهوڙي کان ڪنن واڱڻن جي ٻوري واري واپار تائين پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي.

”تون پوڙها رڳو پهچ گهر ته تنهنجي زال تو لاءِ چڱي سوڪ ماني پچايون ويٺي آ. ”واليءَ ڏني چيو“ اهو مزو به ڏسڻ وٽان هوندو.“

”منهنجي زال ته ٻڙڪ به ڪونه ٻوليندي. مون سان پيار ۽ پاٻوهه مان  ڳالهائيندي ۽ چوندي“، ”جيڪو به ڪراڙو ڪري آيو آهي، سڀ صحيح آهي.“ ڪراڙي کين وراڻي ڏني.

”اسان شرط ٿا رکون ته اسان هن ڏيڍ مڻ ڪنن واڱڻن جا توکي ڏيڍ لک روپيا ڏينداسون. جيڪڏهن تنهنجي گهر واريءَ توکي ڪجهه به چيو ۽ جيڪڏهن تو شرط هارائي ته تون اسان کي رڳو ڏيڍ سئو روپيا ڏجانءِ“ ٻهڳڻ خان ٻهڪندي ڪراڙي کي چيو.

”لڳي شرط پوڙها“ وڏيري واليءَ ڏني چيو.

”ادا لڳي شرط، لڳي“ پوڙهي وراڻيو.

”چڱو لڳي ته لڳي“ ٻنهي وڏيرن گڏجي چيو.

شرط لڳي وئي، شابي شابي ٿي وئي ٽئي ٿيا گهوڙن تي روانا. ڪراڙي جي گهوڙي تي چليءَ ۾ ڳوڻ ڪنن واڱڻن جي پيل هئي. هڻندي هڪليندي اچي ويچاري ڪراڙي جي گهر پهتا.

گهر پهتا ته  ڪراڙيءَ، ڪراڙي جي دلي آجيان ڪئي. اهڙي حب ۽ هيج مان هڪ ٻئي جي ڀليڪار ڪيائون ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هئا.

”مان سودو  هڻي آيو آهيان“ ڪراڙي چيو.

”اهو تنهنجو معاملو آهي، توکي ئي اوچ نيچ جي خبر هوندي.“

”مان پنهنجي گهوڙي تي ڳئونءَ جو سودو هنيو.“

”اهو ته پاڻ سٺو، کير مکڻ مهيون ڏڌ مائو سڀ پنهنجا باقي کپي واهه واهه واهه جو سودو ٿيو جوڻهس چيو.

”هائو پر پوءِ مان ڳئون تي هڪ رڍ ورتي.“

”اهو ته رهندو به چڱو ٿيو ڀرپاسي ۾ ڪيڏو گاهه آ، رڍ جو کير ۽ مکڻ ڇا چئجي. ان مان ته کٿا به ٺهن جاءِ به گهٽ ”رڌائي کارائڻ پيارڻ ۾ به سولي.“

ڪراڙيءَ چيو ۽ هوءَ ڏاڍي خوش ٿي.

”پر مان اها رڍ  ڏئي هڪ بدڪ ورتي.“

”اهو ته رهندو به ڀلو ڪيئه. مون کي بدڪ ڏاڍي وڻندي آهي. تون هميشه منهنجو خيال رکندو آهين. بدڪ ته روزانو آنو به لاهيندي ۽ گهر جي ڀرسان واري تلاءَ ۾ پئي ترندي تڙڳندي.جي ماهه رمضان واريءَ عيد تي ڪهي وڏڙن کي کتمون ڏياريون ته اهي بهشت ۾ خوش ۽ اسان کي به جئري ئي جنت“ ڪراڙيءَ وراڻي ڏنس.

”اها بدڪ به هڪ ڪڪڙ جي چوزي تي ڏئي ڇڏيم.“

”منهنجا پيارا اهو تو ڪيڏو نه چڱو ڪيو بچيو سچيو ٽڪر به وجهندي مانس جڏهن وڏو ٿيندو ته ٻانگون  ڏيندو، نه ته ڏسين ٿو ته باک ڪيڏو دير سان ٿي ڦٽي، هاڻي جي ڪڪڙ ٻانگو ڏيندو ته سج به جهٽ اڀري پوندو.“

”ها پر.... مان اهو ڪڪڙ جو چوزو ڏئي هڪ ٻوري ڪنن واڱڻن جي وٺي آيو آهيان.“

”واهه! واهه... اهو ته سڀ کان ڀلو ٿيو تون صبح جو نيراني نڪري وئين مان سوچيو موٽندي بکيو سو جمن ان جو ڀري ويس واڙي واري مئي منگهن وٽ، چيومانس ته واڱڻ ڏي خبر اٿئي ته مون کي ڇا چيائين.  مائي وڏي مان انهيءَ ان تي هڪ ڪنو واڱڻ به ڪونه ڏيندوسانءِ، پر تون ته سڄي ساري ٻوري ڪنن واڱڻن جي کڻي آيو آهين. ڪراڙي اهو چئي ڪراڙي کي کڻي ڳراٽڙي پاتي.

ٻنهي وڏيرن جا وات ٻٽون ٿي ويا. هنن شرط هارائي. سوچيائون ته ”سچي خوشي گهڻي پئسي جو هجڻ ناهي پر سچي خوشي محبت جا اڻ ملهيا موتي آهن. جيڪي پئسن سان ملي نه ٿا سگهن هنن چيو ڏيڍ  لک روپيا ٻڍڙي کي ڏيون گهوڙن تي لانگ ورايون اهي جو ويا.

 اها املهه شيءِ آهي جو زال سمجهي ته سندس مڙس گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ڪري ٿو صحيح ڪري ٿو.

 


 

 

ڪلثوم منظور

وڃايو وجود!

 

عورت جو ڪو به گهر نه هوندو  آهي. ڄمڻ کان پوءِ پيءُ جو گهر، وڏي ٿي، شادي ٿي، ته مڙس جو گهر، مرڻ کان پوءِ مقام به ٻين جو! قبر تي، جي تختي لڳي ته ظاهر ٿي ته اها قبر فلاڻيءَ جي آهي. اگر جي نه ته ويچاريءَ جو وجود ختم، پٽ پيءُ نالي ، ڌيءَ مڙس جي نالي بس اها آهي ڄمڻ ۽ مرڻ کان پوءِ عورت جي حيثيت ۽ مقام! باقي عورت جي حق لاءِ وڙهجي ته  ڪٿي ۽ ڪنهن سان؟ الله پاڪ جڏهن آدم بڻايو ته اڪيلو لڳس ته ان جي وندر لاءِ حوا آئي. ڇو ته آدم اڪيلو آهي! جڏهن آدم بهشت مان تڙيو ويو ته الزام وري به عورت تي! آدم کي پنهنجو ڪو عقل ڪونه هو. شيطان نانگ ۽ مور جو جيڪو ڪردار هو اهو به لڪي ويو. واهه ڙي دنيا تنهنجا رنگ! شروع کان هڪ ضعيف ۽  هيڻي مخلوق پيسجي پئي واهه!

هيءَ به هڪ غريب هيڻي حوا آهي. بختاور بخشل جي ڌيءَ ۽ ٽن ڀائرن جي لاڏلي ڀيڻ، ڄمڻ سان چاچا دينوءَ پنهنجي پٽ محمد جي نالي ڪئي. جيڪو ان وقت اڃا ڄائو به ڪونه هو. چاچا دينوءَ کي اڳئي ٽي  ڌيئون هيون. اهي بختاور جي ڀائرن جي نالي هيون. چاچا دينو ۽ بخشل ٻئي ڀائر هئا ۽ سندن زالون ٻئي ڀيڻون هيون. هڪڙو اڱڻ هو. ننڍڙا ٻجرا اڱڻ تي ٻڌل هئا. بختاور ته ننڍي لاڪون ايتري سٻاجهڙي هئي جو پنهنجي اڱڻ کي ڇڏي ڪڏهن به راند روند لاءِ چاچي جي اڱڻ  تي ڪانه وئي. پنجن سالن جي ٿي ته محمد ڄائو، ڏاڍيون خوشيون ملهايون ويون ۽ ڇٺيءَ رات مڱڻو به ڪيو ويو ته ويتر بختاور پابند ٿي وئي. گهوٽ جي گهر شادي کان اڳ ڪيئن وڃبو؟

گهر ۾ قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي جيڪو پڙهي سگهي، اها مائي مٺل مريدياڻي کان پڙهي. سبڻ ڀرڻ ۽ ٻيو هر گهرو هنر گهر جو گهر ۾ سکي وڏي ٿي. گهر جو ماحول به پابند نموني تي هو. اصول هئا. اٿن ويهڻ، اچڻ، وڃڻ حد ۽ فاصلي سان ٿيندو هو.

دينوءَ جي زال ۽ بخشل جي زال هيون ته ڀيڻون پر هروڀيرو زياده هڪ ٻئي وٽ ڪونه اينديون وينديون هيون. مجبوراً بيماري سيماريءَ جي حالت ۾ پنج منٽ ڏسڻ آيون ته واهه نه ته بس پريان هلندي گهمندي اٿندي ويهندي پيون ڏسنديون هيون هڪ ٻئي کي. باقي اچڻ وڃڻ تمام گهٽ هو. ٻار به ائين! محمد ته ننڍي هوندي کان بختاور لاءِ ماندو هو.

سڄو ڏينهن انهن جي گهر ۾ هوندو هو. پڙهڻ ويو وري واپس بختاور جي گهر ايندو هو. جي اتفاق سان پنهنجي گهر ويو ته ماني بختاور جي گهران گهرائي کائيندو هو. تمام مثالي قرب هو. ٻنهي جو. محمد جون ڀيڻون سلميٰ، عائشه ۽ سڪينه وري عارب، قاسم ۽ قربان جي  نالي هيون. اهي سڀئي لڳ ڀڳ سال ٻن جي فرق سان هڪ جيڏا هئا. انهن جو اچڻ وڃڻ راند روند گڏ هوندي هئي. سلميٰ عائشه ۽ سڪينه صرف گهر جو ڪم ڪار سکيون. ٻيو راند روند ۾ وڏيون ٿي ويون. پڙهيون ڪجهه به ڪونه. وڏيون ٿيون ته گهرو ڪم ڪار تان ماءُ ساڻن اهڙو سلوڪ ڪندي هئي جو، جانورن کان بدتر. هن کي اهو ڏک هو ته رڳو ڌيون آهن اهي به جوان وڏيون پرائو ڌڻ اٿي ويٺي اهو ته رڳو  ڌين جو ڌڻ ٿيو آهين. پرائي باغ کي ٿيو پاڻي ڏيڻو. کارائي پياري سانڍي سامائي وري پروان جي حوالي ڪريون نه ڌيون ڄمن نه سور ملن. ڌيون ٻين ماڻهن اڳيان ڪنڌ ٿيون نمائين، پٽ جهجها هجن ته سٺو، وڏا ٿيندا ڪمائيندا شادي ٿيندي ته به آڻيندا.

هي رنون ته ڄمڻ مهل به مائن کي سورن جي باهه ڏين ۽ وري سامائجي سر ٿين ته به آزار! ڌارين ماڻهن جون اکيون سڀ ڪو ڀانئين ته سڱ اسان کي ملي. بختاور جا ڀائر وڏا ٿيا سندن ڳوٺ کان پريان وري ننڍو ڳوٺ هو. اتي پري جي سندن مائٽي هئي. انهن بخشل کي چيو ته اسان وٽ ٻانهن آهي ۽ تون مائٽي ڪر. سکيو ستابو گهر هو، جنهن جي ٻنڌ ٽٽي اهو اتي اچي ڪرندو هو. اهي بخشل کي به سڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. بخشل به ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو. ڏاڍو ڪيس ڪري پاڻ کي کڻي جوان ڪيائين. ڇا سندس هلڻي، ڇا ڪپڙو، لٽو، سندس ته ڳالهائڻ ئي ڦري ويو. بخشل اهو بخشل نه هو. قاسم سندس پٽ جوشيلو ۽ تمام چيڙاڪ، ويڙهاڪ ۽ تيز هو. بخشل به ان کان گهڻو لنوائيندو هو. ۽ ان کان گهڻي لڪ به ڪيائين. پر سندس زال کي خبر پئجي وئي ان به وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئي ته پيري ۾ ٿو مون کي رلائي. اڇي ڏاڙهي اٽو خراب! ڇتو ٿيو آهي..... ڀلا سج به ڪو کاري ۾ لڪو؟ ۽ اهڙي ڳالهه ته لڪڻي ڪانه آهي ڄڃ تيار بيٺي هئي. مولوي صرف اشاري جو منتظر، قاسم به اچي نڪتو ۽ محمد به. هتي ته منظر ٻيو ٿي ويو. بخشل موڙ لاهي پٽ کي ٻڌا ته ”بابا آءُ ڀلجي ويس، موڙن جو ٽائيم ته تنهنجو هو.“ محمد چاچي جي پيرن تي ڪري پيو ته منهنجون ڀيڻون ته تنهنجي پٽن جي نالي تي آهن. اهي ڪيڏانهن وينديون. ان کي اهو چئي خاموش ڪرايائين. ته ٻيا به منهنجا پٽ ويٺا آهن، ماڻهو نه کلاءِ.

محمد  ته سڌو گهر آيو، پر پوءِ ان به جيڪا سوچي، سا ڪري ڏيکاري، هر سال لال جي مينديءَ وانگي چاچهنس شادي جي تياري ڪري ڏينهن وٺندو هو. ۽ هن جي اها ئي ”هينئر نه اڳئين سال!“ ائين ٽاري ٽاري پنج ڇهه سال گذريا. محمد وڃي ٻاهران شادي ڪري آيو ۽ بختاور جي ڀائرن به ٻه ٻه شاديون ٻاهران ڪيون. پر هتي بختاور، سلميٰ، عائشه ۽ سڪينه آس ۾ ويٺي ويٺي چاندي جون تارون مٿي تي سجائي ڇڏيو. سڪينه سڀن ۾ ننڍي هئي. ڪجهه دنيا کي ڏسڻ، ساهيڙين سرتين سان اٿڻ ويهڻ لڪ چپ ۾ ٽي وي ڏسڻ، حويلين جو ماحول اهڙو هوندو هو جو ڪمرن مان وڏيريون نڪرن ڪونه. ٽائيم تي نگراني لاءِ رڌڻي ۾ وڃي ماين جو ڪم ڏسن. انهن کي ٻڌائي ماني هر ڪا پنهنجي مرضي تي پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي کائي، مردن جو واسطو ته گهر جي عورتن سان ڪنهن خاص ٽائيم تي ٿيندو آهي. هنن  کي پڪ آهي ته  عورتون به هڪ خاص قسم جا جانور آهن اهي پنهنجي ڪلي کان پري ڪونه وينديون. آهورا  ڀريا پيا آهن، پيون کائينديون، باقي هنن کي وڌيڪ ڇا کپي! سو مطمئن هوندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن  وڏن ڪوٽن کي به کاٽ لڳي پوندو آهي. سڪينه ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ مريدياڻين سان گڏجي شهر مان گهمي ڦري به ايندي هئي. ان جڏهن ڏٺو هتي شادي جو ڪو آسرو ڪونه آهي تڏهن پنهنجين سرتين کان ماءُ کي چوارايو. آخر پاڻ ماءُ جي سامهون آئي ته ڪٿي جو دستور آهي. ڀائر ته شهر ۾ ٻن ٻن زالن سان هلن اسان کي جانور سمجهي بند ۾ رکيو اٿن. آخر ماءُ به ڌيئن جي نموني کي ڏسي پٽن کي چيو. وڏن چڱن سٺن کان چوارايو پر ڪو شاني شريڪ ملي ته شاديون ٿين! سو نظر ڦيرائي ڳالهائي اجلاس، ڪانفرنسون، ٿيون پر نتيجو وري به اهو ته اهڙو ڪو هجي جو اسين ڀيڻون ڏيون ته سڀاڻي اسان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ويهي ته اسان جهڙو ته لڳي! ائين مهينن مان سال ٿيندا ويا. آخر سڪينه رات جي اونداهي ۾ گم ٿي وئي. جيئن رات اونداهي ۽ خاموش هوندي آهي تيئن سڪينا کي به خاموش ۽ صبر سان مئل برداشت ڪيو ويو. پڇڻ ۽ سڏڻ وارن کي اهو چئي خاموش ڪيو ويو ته ڪني آڱر وڍي چڱي، مري وئي.

ويچاري بختاور جو اهو حال آهي ته ماءُ پيءُ ته مري ويا ڀائرن ته شاديون ڪري گهر آباد ڪيا پر ڀيڻ کان وري ڪنهن حال ڪونه پڇيو هو ڪڏهن هڪ ڀاڄائي وٽ ته ڪڏهن ٻي ڀاڄائي وٽ. ڪرڪيٽ جي بال وانگر پئي ڪڏجي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٿئي. ڀاڄايون فاتح ۽ سرخرو تمام وڏي ڪر سان هر ايندي ويندي وٽ بختاور جي هڪ ٻه برائي ته ضرور ريشمي رومال ۾ ويڙهي اهڙي انداز ۾ ڪن ٿيون جو بختاور مسڪرائي اٿي آيل ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ اندر هلي ٿي وڃي-  آهي ڪو انهن بيمارن جو مسيحا! انهن معصوم عورتن جو ڪو ته وجود ڳولهي!

 

 

چونڊ: حميد گل

سنگيت مون کي مست ۽ بي خود ڪريو ڇڏي ۽ منهنجي آتما کي ائين ٿو وڪوڙي وڃي جو آئون سچ پچ بيمار ٿيو پوان. بلڪل اهڙو جهڙو هڪ ڀيرو پهرين به پنهنجي زال جي محبت  ۾ گرفتار ٿي  چڪو آهيان (سيموئل پيپس ( 1633-1703)

شاعريءَ ۾ لفظ شين جو نشان هئڻ بدران خود شيون بنجي وڃن ٿا ۽ شين جي ڪائنات ۾ واڌارو آڻين ٿا.(سارتر)

ليکڪ هيڪلائي سبب پاڻ اورڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن جو مثال ان ڏورانهين تاري وانگر آهي، جيڪو اشارا موڪليندو رهندو آهي. ليکڪ نه ٻڌائي ۽ نه سيکاري ٿو ۽ نه حڪم ڪري ٿو بلڪه معنيٰ جا، احساس جا، مشاهدي جا ناتا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. اسين هيڪلا جانور آهيون. اسين سڄي حياتي ان هيڪلائي کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا. اسان جو هڪڙو قديم طريقو ڪهاڻي ٻڌائڻ آهي ۽ ٻڌندڙ کي چوڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ليلائڻ آهي.(جان اسٽين بئڪ)

هر ڪنهن فن جي پڄاڻي حيرت تي وڃي ٿئي ٿي. انهيءَ نڪتي کي ڪسوٽي جو بنياد بنائجي ته پوءِ شايد ٻيو ڪو به ادبي فن ڪهاڻي سان برميچي نه سگهندو.(گوئٽي)

ڪهاڻي ۾ نالن ۽ تاريخن کان سواءِ هر ڪا شيءِ صحيح هوندي آهي. ۽ تاريخ ۾ سواءِ نالن ۽ تاريخن  جي ڪجهه به صحيح نه هوندو آهي.(گوئٽي)

جيڪو شاعر حقيقت پسند ناهي، سو مئل آهي، ۽ اهو شاعر جيڪو حقيقت پسند آهي، سو پڻ مئل آهي، جنهن شاعر ۾ عقل ڪونهي سو رڳو پاڻ کي سمجهندو.

 

----------------------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com