ايڊيٽوريل
لاڙڪاڻي ۾ خواتين پوليس اسٽيشن
جو قيام
تازو وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، لاڙڪاڻي ۾
”خواتين پوليس اسٽيشن“ جو افتتاح ڪيو. سنڌ ۾
ڪراچيءَ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل خواتين جي
هيءَ ٻي پوليس اسٽيشن آهي. جنهن جو خاص مقصد اهو
آهي ته ان علائقي جي خواتين سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو
ازالو ٿي سگهي.
موجوده حڪومت جو اهو قدم ساراهه جوڳو آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته ان تي سرجوشيءَ، نيڪ نيتيءَ ۽ ايمانداريءَ
سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن خواتين سان ٿيندڙ ڏاڍاين
کي روڪي سگهجي.
موجوده حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، ۽
هي عمل به ان جي هڪ ڪڙي آهي. وزيراعظم محترمه
بينظير ڀٽو صاحبه، عورتن کي حق ڏيارڻ ۽ کين ترقي
وٺرائڻ لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا آهن اُهي سنهري حرن ۾
لکيا ويندا.
اسان جي آبادي جو 51 (في سيڪڙو) عورتون آهن. تنهن ڪري پاڪستان
جي مستقبل جي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي
ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ عورتن کي هڪ جيترو
شامل ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾
اسان کي فخر آهي ته اسلام عورتن کي هڪ بي مثال
درجو عطا ڪيو آهي. اسان جي دين عورتن کي هڪ نمايان
قانوني حيثيت بخشي آهي. اسان اهو به وساري نه ٿا
سگهون ته پاڪستان جي اسلامي رياست قائم ڪرڻ ۾
عورتن مثالي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ۽ جمهوريت
قائم ڪرڻ لاءِ به عورتن وڏيون قربانيون ڏنيون
آهن. جنهن جو مثال محترمه فاطمه جناح صاحبه ۽
وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو صاحبه آهن.
سرتيون جي باري ۾
پڙهندڙ ساٿيو! ماهوار سرتيون جو جنوري 1996ع جو شمارو اوهان جي
هٿن ۾ آهي، اميد ته اوهان کي پسند ايندو. ٻي هڪ
وضاحت ڪري ڇڏيان ته اسان کي تمام گهڻا خط مليا آهن
جن ۾ اها گهر ڪئي ئي آهي ته ”سرتيون“ ۾ خطن، جو
سلسلو شروع ڪريو. اسان پڙهندڙن جي راءِ کي سامهون
رکي فيبروري 1996ع واري شماري ۾ اهو سلسلو شروع
ڪري رهيا آهيون، جنهن سان اميد ته، پڙهندڙن جي
شڪايت دُور ٿي ويندي. پر خط شايع ٿيڻ لاءِ ضروري
آهي ته ان ۾ ڪو نه ڪو مقصد ضرور هجي.
اسان اوهان جي هر قسم جي راءِ جي آجيان ڪنداسين. گلبدن جاويد
توفيق الحڪيم / ترجمو: مراد علي مرزا
علاج
ويس ڌاري:
انشورنس ايجنٽ
مڙس
زال ۽
ڇوڪري
(هڪ وچولي گهراڻي جو گهر، جنهن ۾ زال ۽ مڙس رهن ٿا. گهر سادو پر
سٺيءَ طرح سينگاريل آهي. ڪمري جي وچ ۾ هڪ ميز تي
بريف ڪيس پيو آهي. ان مان ويمي جو ايجنٽ ڪي ڪاغذ
ڪڍي ٿو پوءِ وري هڪ پين ڪڍي ان کي چمي ڏئي ٿو ۽
اها مڙس کي ڏيندي چوي ٿو.)
ايجنٽ: اوهان مهرباني ڪري منهنجيءَ هن پين سان هت صحيح ڪريو،
هيءَ ڏاڍي سدوري پين آهي. اتفاق ڏسو ته اوهان جي
صحي ڪرڻ کان پوءِ هن پين سان هن وقت تائين هڪ
هزار پاليسيون صحي ٿي چڪيون هونديون.
مڙس: چئبو ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجيءَ زال کي اڌ لک کن
رپيا ملي ويندا.
ايجنٽ: (چپٽي وڄائيندي): هڪدم سائين.
مڙس (انڊپين سان لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان کي اهڙي طرح ڇنڊي ٿو،
ڄڻ ته ان ۾ مس ڪانهي) هن ۾ ته مس ڪانهي.
ايجنٽ: مس وري ڪيئن نه آهي، ٿورو زور سان ڇنڊيوس.
(مڙس، ايجنٽ ڏانهن منهن ڪري پين ڇندي ٿو ته ان مان مس جا ڦڙا
نڪري هن جي ڪپڙن تي ڪرن ٿا).
ايجنٽ: ڏٺوَ نه، مون چيو ته ان ۾ مس ڀريل آهي.
مڙس: (کيسي مان رومال ڪڍي ايجنٽ جا ڪپڙا اگهندي) مون کي افسوس
آهي ته ....
ايجنٽ: سائين مڙوئي خير آهي، اوهان رڳو هت صحي ڪريو.
(مڙس ڪاغذن تي صحي ڪري اهي ايجنٽ کي ڏئي ٿو، ايجنٽ ان مان ڪي
ڪاغذ هن کي واپس موٽائي ٿو.
ايجنٽ: هي ڪاغذ اوهان پاڻ وٽ سنڀالي رکجو.
(مڙس هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪاغذ ويڙهي کيسي ۾ وجهي ٿو.)
ايجنٽ: اوهان کي مبارڪ هجي.
مڙس: مون کي منهنجي موت جي مبارڪ ٿو ڏين؟ شابس هجئي!
ايجنٽ: نه سائين نه، ويمي پاليسيءَ تي صحي ڪرڻ جي مبارڪ.
مڙس: خير، هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ، منهنجي جيئري هن پاليسيءَ جي
کڙڪ منهنجي زال کي نه پوي. ڇو جو هوءَ ڪنهن به
اهڙيءَ ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندي. هن کي مون
سان حد کان وڌيڪ محبت آهي.
ايجنٽ (کلندي) سائين وڏا خوش نصيب چئبو اوهين. مون کي ته اوهان
ٻنهي تي ريس ٿي اچي. (مٿي تي هٿ هڻي) اوهان پڪي
خاطري ڪريو. آءُ هن کي ڪي به نه ٻڌائيندس.رازداري
اسان جو پهريون ۽ آخري اصول آهي.
مڙس: منهنجي زال هينئر مٿي پاڙي وارين سان پئي ڳالهائي. جيڪڏهن
هوءَ هيٺ اچي ته هن کي هرگز نه ٻڌائجان ته تون ڪيو
ويمي جو ايجنٽ آهين.
ايجنٽ ( سيني تي هٿ رکي جهڪي): سائين مجال آهي جو هن کي ٻڌايان.
اوهان خاطري رکو.
مڙس: مون کي توتي ۽ تنهنجي ڪمپنيءَ تي پورو ويساهه آهي ته
منهنجي فوت ٿيڻ کان پوءِ منهنجي گهر واري عزت،
آبرو ۽ آرام واري زندگي گهاري سگهندي.
ايجنٽ ( هن کي هڪ ڪاغذ ڏيکاري ٿو): بيشڪ، بيشڪ پر هن ٺاهه ۾
هڪڙو شرط هيءُ آهي ته اوهان جو پنهنجين ڏنل سڀني
قسطن تي حق ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن اوهان جي بيوهه،
منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن اوهان جي زال اوهان کان
اڳ وفات ڪندي.
مڙس (ڊپ وچان جذباتي ٿيندي) نه، نه هرگز نه. هوءَ مون کان اڳ
هرگز نه مرندي. هن جي مئي کان پوءِ ڀلا هي زندگي،
هيءَ ساري دولت ۽ ڌن منهنجي ڪهڙي ڪم جو. پوءِ آئون
پنهنجي رقم واپس وٺي ڇا ڪندس؟ تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ته
اها دولت منهنجي ڪهڙي ڪم ايندي؟
ايجنٽ: اڙي سائين! معاف ڪجو، مون کان غلطي ٿي، منهنجو مطلب رڳو
هيءُ آهي ته اوهان کي ان شرط کان واقف ڪريان.
مڙس: خير آءُ ته پنهنجي زال جي موت بابت سوچي به نه ٿوسگهان.
ايجنٽ: (ٻئي هٿ مٿي کڻي دعا گهري ٿو) الله تعاليٰ کان دعا گهران
ٿو ته شال اوهان جي زال جي عمر وڏي ٿئي.
مڙس: ۽ هيءَ به دعا گهر ته آءُ هن کان اڳ ۾ مران.
ايجنٽ: (وري ٻئي هٿ مٿي کڻي) الله ڪندو ته اوهان هن کان اڳ ۾
ئي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪندئو ۽ اوهان جي گهر
واري ويمي جي رقم وٺي زندگيءَ جا باقي ڏينهن عزت ۽
آرام سان گذاري (آمين)
(ائين چئي هو ميز تان بريف ڪيس کڻي وڃڻ گهري ٿو)
مڙس: خير تنهنجي مهرباني، پر افسوس جو آءُ توکي چانهه جو هڪ ڪوپ
به پياري نه سگهيس. اڄ اتفاق سان اسان جو نوڪر
موڪل تي آهي ۽ منهنجي گهر واري مٿي پاڙي ۾ سهيلين
وٽ وئي آهي.
ايجنٽ: سائين مڙئي خير آهي، چانهه پئي پيئبي.
مڙس: پر مهرباني ڪري ياد رکجانءِ ته هن ڳالهه جي منهنجي زال کي
خبر نه پوي.
ايجنٽ: اوهان ڳڻتي اصل نه ڪريو.
(اوچتو ڪمري جو دروازو کلي ٿو ۽ زال ڪمري ۾ اچي ٿي ته هن کي
دروازي وٽ ايجنٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن جي هٿ ۾ بريف
ڪيس آهي.)
زال: اوهين ڊاڪٽر صاحب آهيو نه ؟
ايجنٽ: آءُ ......!
مڙس: (هڪدم وڌي ايجنٽ جي ويجهو اچي چوي ٿو): هيءَ منهنجي زال
آهي.
ايجنٽ: اڙي اوهان جي گهر واري ! (زال ڏانهن منهن ڪري) طبيعت
ڪيئن آهي اوهان جي؟
زال: ۽ اوهان ته پڪ سان .....
مڙس: (پريشان ٿي ٻنهي جي وچ ۾ ايندي)ها، ها، هيءُ
زال: پڪ ڊاڪٽر آهي.
(ايجنٽ: ڊاڪٽر ......
مڙس(پريشان ٿي ايجنٽ ڏانهن ڏسي اک ڀڃي چوي ٿو): ها، ها ڊاڪٽر
(زال کي) پر تون دل نه لاهه، آءُ بلڪل چڱو ڀلو
آهيان، ڪيئن ڊاڪٽر صاحب آءُ ٺيڪ آهيان نه؟
ايجنٽ: (ڪنڌ لوڏيندي) ها، ها ڇو نه، اوهان بلڪل چاق چوبند
آهيو.
زال: ڀانيان ٿي ته ڊاڪٽر صاحب ڀلجي هن گهر ۾ آيو آهي. اسان جي
مٿان واري گهر ۾ بيمار ڇوڪري رهي ٿي، اڌ ڪلاڪ کن
ٿيندو جو هن اوهان کي فون ڪيو هو.
مڙس (ٻاهرين در ڏانهن اشارو ڪندي): ڊاڪٽر هيڏانهن مٿي وڃو.
ايجنٽ (دروازي جي ويجهو بيهي ٿورو منجهي بيهي ٿو: آءُ هينئر
وڃان ٿو اتي.
(ائين چئي ايجنت ان پاسي وڃي ٿو).
زال: پر ڊاڪٽر صاحب ! ڇوڪريءَ کي خبر نه پوي ته اوهين ڊاڪٽر
آهيو. هوءَ پاڻ کي بيمار ٿوري ٿي سمجهي. جيڪڏهن هن
کي خبر پئي ته اوهين ڊاڪٽر آهيو ته اوهان جو خير
ڪونهي. (سوچيندي) چڱو هيئن ٿيندو ته اوهين هن کي
چئو ته اوهان.... اوهان ...
ايجنٽ: ها، آءُ ..... مثال طور ويمي ڪمپنيءَ جو ايجنٽ آهيان.
مڙس (وچ ۾ ڳالهائيندي): اهو ضروري آهي ڇا؟ ٻيا به گهڻائي ڌنڌا
آهن.... مثال طور .....
زال: ان جي ڪري ڪو به فرق نه پوندو. رڳو ايترو خيال رکڻ ضروري
آهي ته ڇوڪريءَ کي بلڪل خبر نه پوي ته هيءُ ڊاڪٽر
آهي.
ايجنٽ: (تکو تکو ٻاهر ويندي): اوهين خاطري ڪريو. هن کي کڙڪ به
نه پوندي.
زال: ڊاڪٽر صاحب تڪڙ نه ڪر، ڳالهه خيال سان ٻڌ، هوءَ ڇوڪري
پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلي هوندي آهي ۽ هاڻي ته هن کي
ڏسڻ سان ڊپ پيوٿئي. ٻي ڳالهه ته هوءَ جڏهن
بورچيخاني ۾ وڃي ٿي ته ڇري کنيو هٿ ۾ جهلي، ان
وقت هن جي اکين مان دهشت پئي بکندي آهي. ۽ جيڪڏهن
گهر جو نوڪر يا نوڪرياڻي نظر آيس ته ان جي پٺيان
ڪاهي پوندي. هنن جي گهر ۾ ڪو به نوڪر هفتي کان مٿي
رهي نه ٿو سگهي.
ايجنٽ ( ڊڄي ٻه قدم پٺتي هٽي) يا خدا !
زال: ڊاڪٽر صاحب ! ڀلا اها ڪهڙي بيماري آهي؟
ايجنٽ (وڌيڪ پريشان ٿيندي) اها بيماري...... ان بيماريءَ کي
.....
مڙس (ايجنٽ جي ڳالهه کي ٽيڪ ڏيندي) ان بيماريءَ کي شايد نيوراتي
ماليخوليا چوندا آهن.
زال: تون ماٺ ڪر ميان، ڊاڪٽر کي چوڻ ڏي، هو انهن بيمارين کي تو
کان وڌيڪ سمجهي ٿو، ها ته ڊاڪٽر صاحب ڇا نالو آهي،
ان بيماريءَ جو؟
ايجنٽ (پريشان ٿيندي): ان بيماريءَ کي افسوسناڪ بيماري چئجي.
زال (ايجنٽ جي ويجهو ايندي): ڊاڪٽر صاحب آءُ معلوم ڪرڻ گهران
ٿي. ميڊيڪل سائنس ان لاءِ ڇا ٿي چوي. ان بيماريءَ
جو ڪو علاج وغيره به آهي يا نه؟
ايجنٽ (وڌيڪ پريشان ٿيندي): ڇو نه ! هن زماني ۾ ته هر مرض جي
دوا ملي ٿي ۽ دوائون به نيون نيون نڪتيون آهن، جن
انسان جي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو آندو آهي. انهن جي
ڪري انسان جي زندگيءَ جو مدو ٻيڻو ٿي پيو آهي.
انهيءَ ڪري زندگيءَ جو ويمو ڪرڻ وقت ويمي جي هر ڪا
ڪمپني ان ڳالهه جو خيال رکندي آهي....
مڙس: ( ويمي ايجنٽ کي آهستي چوي ٿو): اڙي چريا ! ويمي جو هن
ڳالهه سان ڪهڙو واسطو؟
ايجنٽ: پر ڳالهه هيءَ آهي ته مريض کي ڏسڻ کان سواءِ آءُ ڪي به
چئي نه ٿو سگهان.
(ائين چئي ايجنٽ دروازي ڏانهن وڃي ٿو ته زال هن کي جهلي چوي
ٿي).
زال: ته پوءِ اوهان هڪدم مٿي وڃو پر خبرداريءَ سان، هن جي ماءُ
اڃا هينئر مون کي ٻڌايو پئي ته مون ڇوڪريءَ جي
ڪمري ۾ پستول جهڙو ڪو هٿيار ڏٺو آهي.
ايجنٽ (ڇرڪي) پستول حد ٿي وئي، خير آءُ وڃان ٿو. خدا حافظ
مڙس: بس خدا حافظ اٿئي.
زال: اوهان کي هن جي گهرجي ته خبر آهي نه. اسان جي مٿان وارو
گهر، ساڄي هٿ وارو دروازو.
ايجنٽ (ويندي: ها ها، الله مالڪ آهي، وڃان ٿو، خدا حافظ
زال (مڙس کي): توبهه، دنيا ۾ ڪيترا نه ڏک ۽ غم آهن، پر اسان جو
گهر هيءُ اسان جي ننڍڙي جنت سڀني ڏکن ۽ غمن کان
آجي ۽ پري آهي.
مڙس: سچ ٿي چوين زال، ڇو جو اسين ته هڪ روح ٻه جسم آهيون.
زال (پيار وچان هن جو هٿ وٺي): ها. ها پاڻ ٻئي هڪ ئي ڳالهه ٿا
سوچون.
مڙس: مون کي ته سدائين هڪڙو ئي ڊپ هوندو آهي ته ڪڏهن مون تي ڪا
اهڙي مصيبت نازل نه ٿئي، جنهن جي ڪري توکي ڪا
تڪليف نه رسي يا وري تون ڪو اهڙو ڏک ڏسين جو
منهنجو ساهه نڪري وڃي.
زال (بيحد پيار وچان): جيڪڏهن اسان تي ڪا مصيبت آئي ته به
پهرين آءُ تو تان پاڻ گهورينديس.
مڙس: پر اهو تون سٺو ڪم نه ڪندينءَ، منهنجي پياري! توکي خبر آهي
ته توکان سواءِ منهنجي زندگي اجائي آهي.
زال: آءُ ڄاڻان ٿي، اسان جي ٻن جسمن ۾ هڪڙو ئي روح آهي.
مڙس: جيڪڏهن اسان کي ٻار هجن ها ته اهو روح ڪيترن ئي جسمن ۾
ورهايل هجي ها.
زال: اولاد نه هجڻ جو ته مون کي ذرو به ڏک ڪونهي
مڙس (تيزيءَ مان): ۽ نه مون کي.
زال: اسان ٻنهي لاءِ هيءُ هڪڙو روح گهڻو ئي ڪي آهي.
جيڪڏهن اهو هڪڙي جسم مان نڪرندو ته ....
مڙس: ته ساڳئي وقت ٻئي جسم مان به نڪري ويندو.
زال: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر فواد، شال تون زندهه سلامت رهين،
منهنجي مرڻ کان پوءِ به.
مڙس: خدا ڪندو ته ائين نه ٿيندو.
زال: ڇو ٿو چوين ائين نه چئو.
مڙس: منهنجي ته اها دعا آهي ته شال تون جيئري رهين. آءُ هجان يا
نه هجان.
زال: خدا توکي وڏي حياتي ڏي.
(گهر جو دروازو کلي ٿو، ڪمري ۾ هڪ سهڻي ۽ جوان ڇوڪري اچي ٿي)
ڇوڪري: خدا اوهان ٻنهي جون دعائون ٻڌندو.
زال (حيرانيءَ وچان): ڊالي تون؟
مڙس (زال کان): ڪير آهي هيءَ ڇوڪري؟
زال: پاڙي وارن جي ڇوڪري.
مڙس: (آهستي ڊپ وچان پڇي ٿو) چري ڇوڪري!
ڇوڪري (کيسي مان پستول ڪڍي): اوهان ٻئي مهرباني ڪري هت منهنجي
اڳيان ويهو ۽ جيڪي چوان ٿي اهو غور سان ٻڌو.
(ڇوڪري پستول سان هنن جو نشانو وٺي ٿي. ٻئي زال مڙس ڊپ ۽ حيرت
وچان ڪڇي به نه ٿا سگهن)
ڇوڪري(هڪڙي ڪرسي ريڙهي هنن جي اڳيان ويهندي): آءُ ڪيتري خوش
نصيب آهيان جو گهر مان ٻاهر نڪرندي ئي پهريون
دروازو مون کي کليل نظر آيو. يعني اوهان جي گهر
جو دروازو. مون کي خبر پئي آهي ته اڄ اوهين پنهنجي
گهر ۾ اڪيلا آهيو. اها ڳالهه به منهنجي ئي فائدي
جي آهي. خير. اوهان ته منهنجي هت اچڻ جو مطلب
سمجهيو هوندو. ٻڌايو.
(زال مڙس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر آواز نه ٿو نڪرين) سنئين سڌي
ڳالهه آهي (پستول ڦيرائيندي) هت آءُ قتل ڪرڻ آئي
آهيان. اوهان ٻنهي مان ڪنهن به هڪ کي قتل ڪنديس.
زال (ڏڪندڙ آواز ۾) ڊالي !
ڇوڪري: مون کي سچ پچ ته ڏاڍو ڏک ۽ افسوس به ٿئي ٿو پر ڇا ڪريان
مجبور آهيان.
زال (رڙ ڪندي) ڊالي.
ڇوڪري: اهو ڪم مون کي ڪنهن به حالت ۾ ڪرڻو آهي. آءُ پنهنجي
انهيءَ خواهش کي ڇڏي نه ٿي سگهان.
زال (ڏڪندڙ آواز ۾): پر ڊالي! اسين تنهنجا پاڙيسري آهيون، ٻيو
ته تون مون کي پنهنجي ننڍي ڀيڻ وانگر آهين.
ڇوڪري(بي پرواهيءَ سان ڊيڄاريندي): اوهان مان هڪ کي قتل ڪرڻ جي
ڪري جيڪي ڪجهه ٿيندو ان بابت مون کي ڪا به خبر
ڪانهي، پر منهنجي دل مون کي چئي پئي، هر هر ۽
لاڳيتو ۽ تيز آواز ۾ ته قتل ڪر، قتل ڪر، اهو آواز
ٻڌي ٻڌي چري ٿيندي پئي وڃان ۽ جيستائين مون ڪنهن
کي خون نه ڪيو آهي تيستائين اهو آواز مون کي سک
سان ويهڻ نه ڏيندو. سمجهئوَ!
زال (هٿ ٻڌي هن جي خوشامد ڪندي) ڊالي! ڪو خيال ڪر:
ڇوڪري: خيال ڪريان! هون، مون گهڻو ئي خيال ڪيو.
هاڻي ......
زال: تون جيڪڏهن خيال ڪرين ها ته ههڙو خوفناڪ ڏوهه ڪيئن ڪريان
ها.
ڇوڪري: آءُ سمجهان ٿي ته هيءُ تمام خوفناڪ ڏوهه آهي، پر آءُ ته
بيوس آهيان، مون ان ڏوهه ڪرڻ کان پاڻ کي بچائڻ جي
ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي. مون ته پنهنجو پاڻ سان ويڙهه
به کاڌي آهي. پر هاڻي آءُ هارائي ويٺي آهيان. هڪ
تيز وهڪرو آهي. جنهن ۾ لڙهندي پئي وڃان. ان خواهش
کي هاڻي روڪڻ منهنجي وس ۾ ڪونهي. ڪنهن نه ڪنهن کي
قتل ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه راهه نه ٿي سجهي، آءُ
ڏاڍي لاچار آهيان.
مڙس (ڏڪندڙ آواز ۾): معاف ڪجو، جيڪڏهن اجازت هجي ته آءٌ به ڪجهه
چوان.
ڇوڪري: ها، ها چئو.
مڙس: تون هڪ تمام سٺي ۽ سمجهو ڇوڪري آهين. ڏاڪڻ لهندي يا چڙهندي
مون توکي ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي ۽ تون سدائين فضيلت
سان ملي آهين. ڇا تو اهي سڀئي ڳالهيون وساري
ڇڏيون؟
ڇوڪري: آءُ ته هينئر به اوهان جي عزت ڪريان ٿي.
مڙس: پوءِ به اسان کي مارڻ آئي آهين.
ڇوڪري: ڇا ڪريان، آءُ ته مجبور آهيان، منهنجي اڳيان ٻي ڪا راهه
ئي ڪانهي. اڄ جيڪڏهن مون ڪنهن کي قتل نه ڪيو ته
آءُ چري ٿي پونديس، منهنجيءَ هن بيماريءَ جو هڪڙو
ئي علاج آهي، يعني خون صرف هڪڙو خون.
مڙس: ته توکي مڙئي ڪنهن نه ڪنهن کي قتل ڪرڻو ئي آهي.
ڇوڪري: بلڪل
مڙس: ته پوءِ هيٺ لهي وڃ ۽ رستي تي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ کي قتل
ڪري ڇڏ.
ڇوڪري: منهنجو به اهو ئي ارادو هو. پر جڏهن هيٺ لٿيس ته اوهان
جي گهر جو دروازاو کليل ڏسي اندر هلي آيس.
زال (افسوس ڪندي): اسان جي بدقسمتي چئبي.
ڇوڪري: پر منهنجي لاءِ ته خوش نصيبي آهي، جيڪڏهن آئون رستي تي
ڪنهن کي قتل ڪريان ها ته اهو ماڻهو ڀڄي جان بچائي
سگهيو ٿي يا دانهون ڪوڪون ڪري ماڻهو ميڙي سگهيو ٿي
۽ پوءِ منهنجو ڪم ته اڌ ۾ ئي رهجي وڃي ها. تنهن
ڪري آءُ ته مرڳو خوش آهيان ته انهي جنجهٽ کان ڇٽي
پيس ۽ منهنجو شڪار مون کي هن گهر ۾ ملي ويو. هيءَ
منهنجي هڪ مجبوري آهي جنهن کي اميد ته اوهين معاف
ڪندئو. هاڻي وقت نه وڃايو ۽ مهرباني ڪري مڙڻ لاءِ
تيار ٿيو.
(ڇوڪري پستول سان وري نشانو وٺي ٿي. زال مڙس محبت وچان هڪ ٻئي
کي چهٽي پون ٿا ۽ پنهنجا منهن هٿن سان لڪائين ٿا.
زال: ڊالي!
مڙس: ڊالي، توکي خدا جو واسطو ڏيون ٿا.
ڇوڪري: آءُ اوهان ٻنهي کي قتل ڪونه ڪنديس، منهنجي علاج جي لاءِ
اوهان مان هڪ جي قرباني کپي.
زال: ڊالي، منهنجي مٺڙي ڊالي، ڏس مون ڪڏهن به توکي ڪا تڪليف يا
ڏک نه ڏنو، تو ته مون کي پنهنجن کان به وڌيڪ ويجهي
آهين، ٻيو نه ته ڀلي پنهنجي ماءُ کان پڇ ته اسان
ڪڏهن به اوهان سان ڪا ڏاڍائي ڪئي آهي؟
ڇوڪري: اها ته مون کي به خبر آهي پر آءُ ڇا ڪريان.
مڙس: اسين بلڪل بي گناهه آهيون ۽ تو جهڙي سلڇڻي ڇوڪري بي گناهه
پاڙي وارن جو خون ڪيئن ڪري سگهندي.
ڇوڪري: اوهين بيشڪ بي گناهه آهيو پر آءُ به ته ڪنهن وير وٺڻ
خاطر اوهان کي قتل نه ٿي ڪريان. اوهين سچ پچ تمام
سٺا ۽ ڀلا پاڙيسري آهيو ۽ مون وٽ اوهان کي قتل ڪرڻ
جو به ڪو سبب ڪونهي، سواءِ ان جي ته ڪنهن به صورت
۾ قتل ڪرڻو آهي.
زال: تون ايتري ظالم ٿي پئي آهين!
ڇوڪري: ظالم! آئون ظالم آهيان؟ هڪڙي ٻليءَ جي ٿوري تڪليف به
مون کي ڏڪائي ڇڏيندي آهي.
زال (تڪڙو چوي ٿي) ڀيڻ اهو ته آئون به چوان ٿي ته ٻين جي تڪليف
تي مون توکي روئيندي ڏٺو آهي.
مڙس(زال کي هٿ کان وٺي): ڇا تنهنجي ماءُ توکي نه ٻڌايو ته اسين
هڪ ٻئي کي ڪيترو نه ڀانيون ٿا.
اسين هڪ ٻئي کي ڏسي کلندا آهيون، خوش ٿيندا آهيون.
ڇوڪري: ها، ها، مون کي خبر آهي.
مڙس: پوءِ به تون اسان جي هن سکئي ستابي گهر کي برباد ڪندينءَ؟
ڇوڪري (بيزار ٿيندي) اوهين نيٺ ڳالهه کي سمجهو ڇو نه ٿا؟ منهنجي
اندر جي خواهش مون کي ٿڪائي ڇڏيو آهي هينئر مون کي
دنيا، دنيا جي رهاڪن ۽ هنن جي پاڻ ۾ محبتن جي ذري
به پرواهه ڪانهي. (چرين وانگر ڳالهائيندي) مون کي
رحم، نيڪي، ظلم، ڏاڍائي جي ڪابه خبر ڪانهي. آءُ
رڳو هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿي اها هيءَ ته مون کي پنهنجي
دل چوي ٿي ته قتل ڪر، قتل، قتل، قتل اهو آواز هڪ
نوڪدار ڪليءَ وانگر منهنجي دماغ ۾ لهندو پيو وڃي.
انهي آواز کان جان ڇڏائڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته
آئون قتل ڪريان.
مڙس (ڪاوڙ ۽ ڊپ مان): پر اهو آواز توکي اهڙي خوفناڪ ڏوهه ڪرڻ جو
سبب نه ٿو ٻڌائي.
ڇوڪري: نه، اهو رڳو حڪم ڪندو آهي ۽ مون کي پنهنجي آرام جي لاءِ،
ان زندگيءَ جي لاءِ حڪم مڃڻو پوندو. هن وقت تائين
مون هر ڳالهه پڌري ڪري ڇڏي آهي. هاڻي مهرباني ڪري
مون کي گولي هلائڻ جي اجازت ڏيو.
(اهو ٻڌي زال مڙس، هڪڙي وک پٺتي هٽي وڃن ٿا)
زال(روئيندي) ته تون پنهنجي هٺ تان نه لهندينءَ
ڇوڪري (شست وٺندي) مون وٽ تمام ٿورو وقت آهي.
مڙس (ڏڪندي ۽ آڱر سان هن کي جهليندي): ترس ڇوڪري، هڪڙو منٽ ترس،
فقط هڪڙو منٽ.
ڇوڪري: ڇو ٿا بحث ڪريو، ان مان هاڻي ڪو به فائدو نه ٿيندو! ۽ نه
وري منٿ ميڙ مان ڪي ورندو! مون کي رڳو هڪڙي گولي
هلائڻي آهي. اوهان ٻنهي مان ڪنهن تي هلايان؟
ٻڌايو، ڪنهن کي هڻان گولي؟
زال (ڊڄي): ڪنهن کي؟
ڇوڪري: ها ٻڌايو نه ته ڪنهن کي، اوهان ٻنهي مان ڪنهن کي گولي
هڻان، توکي؟ يا توکي؟
مڙس(ڏڪندي) ڇا توکي سچ پچ اسان مان ڪنهن هڪ کي مارڻو آهي؟
ڇوڪري(بردباريءَ مان گهوريندي): ها مون کي اوهان مان ڪنهن به هڪ
کي مارڻو آهي. پر اها هڪ تمام مشڪل ڳالهه آهي، ڇو
جو آءُ اوهان مان هڪ به ڪنهن کي چونڊي به نه ٿي
سگهان. ان ڪري جو اوهين هڪ ٻئي کي چهٽيا پيا آهيو.
اوهان مان وري ڪو ڀڄڻ جي به ڪوشش نه ٿو ڪري ته
جيئن اهڙي طرح آءُ هن کي گولي هڻي ماري هن مصيبت
کان پاڻ آجو ڪريان.
(سوچي ٻنهي ڏانهن واري واري تي پستول سڌو ڪري ٿي) اوهان پاڻ
فيصلو ڪريو.
زال (سڏڪا ڀريندي): ڇا اسان جا سچ پچ پويان ڏينهن اچي ويا. سچ
پچ ڊالي، رحم ڪر، خدا جي واسطي رحم ڪر.
مڙس: ڇوڪري ڏس، اسان جي موت جو گناهه تون پنهنجي مٿي تي نه کڻ.
ڇوڪري (ڄڻ پنهنجو پاڻ سان پئي ڳالهائي): اوهين جڏهن به موت جو
لفظ اچاريو ٿا ته مون ۾ قتل ڪرڻ جي خواهش وڌيڪ تيز
ٿي اڀري ٿي. ٻڌو اوهان پاڻ هن آواز کي ٻڌو. اهو
آواز مون کي قتل ڪرڻ جو حڪم پيو ڏئي، ٻڌايو ڪنهن
کي قتل ڪريان؟ ٻڌايو جلدي ڪريو. (اکيون ڳاڙهيون
ڪري ٻنهي کي گهوري ٿي ۽ زال ڏانهن اشارو ڪري ٿي)
ٻڌايو جي نه ته هاڻي منهنجو فيصلو ٻڌو تون بيگم
تون اڳتي اچ. هيڏانهن.
زال (فرش تي ڪرندي): نه. نه . نه،
ڇوڪري : ته تون مرڻ نه ٿي گهرين.
زال (ڏاڍي جذباتي نموني ۾) نه، نه، نه آءُ مرڻ نه ٿي گهران.
ڇوڪري: ٺيڪ آهي ته پوءِ تنهنجي مڙس کي مرڻو پوندو، مسٽر اوهان
هن طرف اچو.
مڙس (ڏڪندڙ آواز ۾): نه نه، ڇوڪري! مون کي ڇو ٿي مارين، آءُ
اڃا ته مرڻ نه ٿو گهران.
ڇوڪري: ته تون به مرڻ لاءِ تيار ڪونه آهين!
مڙس: نه، هر گز نه، اڃا نه.
ڇوڪري: ته تون به مرڻ نه ٿو گهرين، تون به مرڻ لاءِ تيار نه
آهين، پر اوهان مان ڪنهن نه ڪنهن کي مرڻو سو ضرور
آهي. تنهن ڪري آءُ گولي هلايان ٿي (پستول سڌو ڪري)
اوهان مان جنهن کي به گولي لڳي.
زال (خوف وچانر رڙ ڪندي): نه ڊالي نه، مون تي گولي نه هلاءِ، نه
ته اهو ٻٽو قتل ٿيندو. ڇاڪاڻ ته آءُ ماءُ ٿيڻ واري
آهيان.
ڇوڪري(هڪدم پستول هيٺ ڪندي): اڙي اها ڳالهه تو مون کي پهرين
ڇونه ٻڌائي. خدا جو شڪر ادا ڪر جو هن توکي بچائي
ورتو. سچ ته توکي مارڻ نه گهرجي، توکي جيئرو رهڻ
گهرجي. پنهنجي ٻار لاءِ. توبهه آهي، آءُ به ته
ڪيڏو نه وڏو گناهه ڪرڻ واري هيس. تون ۽ تنهنجو ٻار
هاڻي جيئرا رهندئو، ڀلا هاڻي تنهنجو مڙس هيڏانهن
اچي.
مڙس (خوف وچان ڏڪندي): اڙي ڇوڪري! مون کي نه مار، مون کي نه
مار.
ڇوڪري (پستول هن ڏانهن سڌو ڪري): هاڻي ته مون وٽ ڪابه وٿي نه
آهي، تنهنجي زال جي پيٽ ۾ هڪ ٻيو ساهه وارو آهي،
هن جي فتح ٿي.
(پستول سان نشانو وٺي ٿي)
مڙس(ڊپ وچان رڙ ڪندي): هوءَ ڪوڙي آهي، خدا جو قسم هوءَ ڪوڙ ٿي
ڳالهائي.
ڇوڪري توکي ڀلا پڪ آهي ته تون سچ پيو چوين.
مرد: آءُ قسم کڻي چوان ٿو ته ڊاڪٽرن هن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
هن کي ڪڏهن به ٻار ٿي نه ٿو سگهي. مون هن کي ٽن
وڏن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي.
ڇوڪري (نفرت وچان): ته ايڏو وڏو ڪوڙ!
زال (مڙس ڏانهن اشارو ڪندي): آءُ ڪوڙ ڪنه ٿي ڳالهايان، ڪوڙ هي
ٿو ڳالهائي، هيءَ اجائي بڪ پيو ڪري، رڳي بڪ.
مرد: بڪ آءُ ٿو ڪريان، يا تون ٿي ڪرين.
ڇوڪري: اجايو بحث نه ڪريو، اوهان مان ڪو به پنهنجي ساٿيءَ جي
خاطر قتل ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهن ڪري آءُ لاچار
ٻه گوليون هلائينديس، جيتوڻيڪ مون کي ته هڪڙي گولي
هلائي پنهنجي دماغ تان ٻوجهه لاهڻو آهي.
(ٻئي زال مڙس ماٺ ڪن ٿا، ٿوريءَ دير کان پوءِ)
مرد: ڇونه ٽاس ڪجي، جيڪڏهن اکر اچن ته هن کي گولي هنئي وڃي، پر
جي شڪل اچي ته مون کي.
(ائين چئي مڙس کيسي مان هڪڙو سڪو ڪڍي اڇلائي ٿو ته جوڻس هٿ مان
اهو ڦري ٿي وٺي)
زال: نه جيڪڏهن اکر اچن ته هن کي گولي هڻ، نه ته ....
مڙس: ائين به مون کي منظور آهي.
زال: مون کي توتي اعتبار ئي ڪونهي، هيڏانهن ڪر سڪو.
(دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي ۽ ويمي ڪمپني جو ايجنٽ دروازو کولي
اندر ڪمري ۾ اچي ٿو.
ايجنٽ: معاف ڪجو، آءُ شايد پنهنجي پين هت وساري ويو آهيان،
انهيءَ پين سان منهنجو جذباتي لاڳاپو ٿي ويو آهي.
تڪليف جي لاءِ وري به معافي گهران ٿو.
(ائين چئي هو ميز تي پين کڻي ٿو)
زال (ايجنٽ کي ڏسي زور سان رڙ ڪندي): ڊاڪٽر صاحب خدا جي واسطي
اسان کي بچاءِ
ايجنٽ (ڳالهه نٽائيندي): مٿين فليٽ واري هوءَ ڇوڪري هينئر بلڪل
ٺيڪ آهي.
زال(اکين جي اشاري سان ايجنٽ جو ڇوڪريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي
آهستي چوي ٿي): هيءَ بيٺي اٿئي.
(ايجنٽ ڇوڪريءَ کي ڏسي ٿو جيڪا ٽهڪ ڏئي پستول هن ڏانهن سڌو ڪري
ٿي. ايجنٽ ڇرڪي پٺتي هٽي ٿو، ڇوڪري وري مرڪي ٿي.)
ايجنٽ (وري به پٺتي هٽندي): اڙي تون هت بيٺي آهين؟
ڇوڪري: هون، ته تون آهين، ڊاڪٽر صاحب! تون به ٿورو ويجهو ٿي
بيهه.
ايجنٽ: هروڀرو ڇو ويجهو ٿي بيهان.؟
ڇوڪري: هاڻي اوهين ٻن جي بدران ٽي ڄڻا آهيو؟ سولائي سان فيصلو
ڪري سگهو ٿا.
ايجنٽ: ڇا جو فيصلو؟
ڇوڪري: اوهان مان ڪنهن به هڪ کي مرڻو آهي، هتي ۽ هينئر جو
هينئر.
ايجنٽ(ڇرڪي چئني پاسي ڏسندي) خدا خير ڪري.
ڇوڪري: مون سوچيو آهي ته اوهان ٽنهي مان جيڪو هڪ به ڀڄڻ جي ڪوشش
ڪندو ان کي گولي هڻي مارينديس.
ايجنٽ (بت وانگر اتي ويهندي) خير آءُ ڀڄندس ته ڪونه پر مون کي
پوري ڳالهه ته ٻڌايو.
ڇوڪري (ڇڙٻ ڏيندي): اجايون ڳالهيون نه ڪر، مون وٽ وري ايترو
وقت به ته ڪونهي. فيصلو ڪريو ۽ جهٽ فيصلو ڪريو.
(زال سواءِ ڪنهن چرپر جي ايجنٽ سان سس پس ڪري ٿي)
زال: ڊاڪٽر! مهرباني ڪري ڪا اٽڪل ڪر.
ايجنٽ (ساڳئي انداز ۾): ڪهڙي اٽڪل؟ مرڻ جي اٽڪل آئون ته اڄ
ڏينهن تائين ڪو نه مئو آهيان. مون کي ته پاڻ ڊپ
پيوٿئي.
زال (ساڳئي انداز ۾): پوءِ ته اڄ پاڻ سڀئي مري وينداسون. ڪا
اتڪل ڪر بچائڻ جي ڊاڪٽر صاحب !
مڙس(وڏي آواز): اڙي هيءُ ڊاڪٽر ڪونهي پر ويمي ڪمپنيءَ جو ايجنٽ
آهي.
زال (عجب مان): اڙي هيءُ ڊاڪٽر ڪونهي!
ايجنٽ (مڙس سان سس پس ڪندي): توئي ته چيو هو ته ان ڳالهه جي خبر
تنهنجي زال کي نه پوي، اوهين پاڻ ۾ ڏاڍي محبت ڪريو
ٿا.
مڙس: شايد هاڻي منهنجي مرڻ تي هن کي ڏک نه پر خوشي ٿيندي تون
ڀلي هن کي ٻڌاءِ
ڇوڪري (هنن کي سختيءَ سان گهوريندي رڙ ڪري چوي ٿي): ماٺ ڪريو،
ڇا اوهان جي مرضي آهي ته آءُ ڪاوڙ ۾ اچي اهان سڀني
کي قتل ڪري ڇڏيان؟ مون اڳ ۾ ئي چيو آهي ته آءُ رڳو
ڪنهن به هڪ کي قتل ڪنديس. اهو ڪير هوندو؟ ان جو
فيصلو اوهين پاڻ ڪريو. هينئر اوهين ٽي ڄڻا آهيو،
تنهن ڪري گهڻائيءَ جي آڌار تي فيصلو ڪريو. انصاف
جو طريقو به اهو ئي آهي. اوهان مان گهڻائي ۾ جيڪو
فيصلو ڪري اهو مون کي منظور آهي.
(زال مڙس اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائين ٿا)
مڙس: اهو بلڪل ٺيڪ آهي.
زال: آءُ به اهو ئي چوان ٿي. اسين ٻئي ڄڻا فيصلو ڏيون ٿا ته هن
ٽئين شخص کي گولي هڻي قتل ڪيو وڃي.
ڇوڪري: جيڪا اوهان جي مرضي، آءُ اوهان جي فيصلي کي منظور ڪريان
ٿي.
ايجنٽ: ترسو تڪڙ نه ڪريو، جيڪڏهن آءُ پنهنجي پين کڻڻ لاءِ نه
اچان ها ته تون ڇا ڪرين ها.
ڇوڪري (زال مڙس ڏانهن اشارو ڪندي): آءُ هنن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي
قتل ڪريان ٿا.
ايجنٽ: ته پوءِ سمجهه کڻي ته آءُ هت آهيان ئي ڪونه ۽ تون اهوئي
ڪر جيڪو تو پهرين سوچيو هو.
ڇوڪري: اها ته بلڪل بيوقوفي ٿيندي، جو تون هت موجود آهين ۽
گهڻائي تنهنجي برخلاف فيصلو ڏئي چڪي آهي.
ايجنٽ (زال ڏانهن اشارو ڪري) گهڻائي! ان عورت کي ڪا خبر ڪانهي
ته خود هن جي لاءِ ڪهڙي ڳالهه چڱي آهي. جيڪڏهن هن
کي خبر هجي ها ته هيءَ مون سان ملي پنهنجي مڙس جي
خلاف فيصلو ڏئي ها ڇو ته هن جي مڙس جي مرڻ شرط هن
کي پنجاهه هزار روپيا....
مڙس (ڪاٽيندي): لغام ڏي پنهنجي زبان کي.
ڇوڪري: خير فيصلو ٿي ويو آهي، ايجنٽ يا ڊاڪٽر تيار ٿئي مرڻ
لاءِ.
ايجنٽ: ڇوڪري مون ڀلا ڪهڙو گناهه ڪيو، مان بي ڏوهي آهيان، مون
تي رحم ڪر، منهنجي موت جي خبر ٻڌي منهنجي زال جو
هانءُ ڦاٽي پوندو. منهنجي ٻچا رلي ويندا. هن جو
مون سان ڏاڍو قرب آهي. ڏاڍي محبت آهي.
ڇوڪري: قرب، محبت، هون! اهي سڀئي اجايون ڳالهيون آهن (زال مڙس
ڏانهن اشارو ڪندي): هنن کي ڏس، هنن پنهنجي محبت کي
ازلي ۽ ابدي ٿي سمجهيو،سڀني هنن جي وفاداري ۽
سچائي جي ساراهه جا ڍڪ پئي ڀريا، هاڻي ڏسين ته
ڪيئن نه هڪ ٻئي جا ويري ٿي بيٺا آهن.
زال: منهنجي ته ملائڪن کي به خبر نه هئي ته منهنجو مڙس مون کي
اهڙي طرح ٺڳي ويندو.
مڙس: ٺڳي تو ڪئي آهي، مون سان ۽ نه مون.
ڇوڪري: مون کان پڇو ته ڪنهن به ڪنهن سان ٺڳي ڪيئن ڪئي آهي. باقي
اوهان هڪ ٻئي سان ٺڳي ڪٿي ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان
مان ڪنهن به پنهنجي روح جي سمنڊ ۾ جهاتي پائي نه
ڏٺو ته اتي ڇا آهي؟ انهيءَ جي چمڪندڙ مٿاڇري جي
هيٺا ڪيترا نه ميرا ۽ گندا پٿر، ٽڪرين، گاهه، ٻوڙا
۽ ٿوهر جا وڻ لڪل آهن، اهي سڀئي ڳالهيون مون کي اڄ
ڊاڪٽر ٻڌايون.
زال: ڇا اڄ تو وٽ ڊاڪٽر آيو هو.
ڇوڪري: ها هو وڏو هوشيار ۽ سمجهدار ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر جي اچڻ جي
ڳالهه مون ڪنهن سان نه ڪئي. پنهنجي ماءُ کي به نه
ٻڌايم. مون ڊاڪٽر کان ان آواز بابت پڇيو جيڪو مون
کي قتل ڪرڻ تي اڀاريندو رهي ٿو.
زال پوءِ ڊاڪٽر توکي ڇا چيو؟
ڇوڪري: هن مون کي چيو ته ان آواز جو حڪم مڃ. هن چيو ته پنهنجي
اها خواهش پوري ڪر ۽ ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ کي قتل
ڪر.
ايجنٽ (عجب وچان رڙ ڪندي): هن توکي چيو آهي ته وڃي قتل ڪر،
نسورو ڪوڙ.
ڇوڪري: هن ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ قتل ڪندس ته آءُ بلڪل تندرست ٿي
وينديس. انهي لاءَ هن مون کي هيءُ پستول به ڏنو
آهي.
ايجنٽ (سخت حيران ٿيندي): توکي اهو پستول ڊاڪٽر ڏنو آهي؟ قتل
ڪرڻ جي لاءِ؟ ڪمال آهي!
ڇوڪري: هن مون کي پڪ ڏياري آهي ته منهنجو اهو ئي علاج آهي. هاڻي
جيئن ڊاڪٽر چيو آهي، تيئن آءُ به ڪنديس. ان لاءِ
تون به منهنجي مدد ڪر، تون به هن پاسي ٿي بيهه،
جلد ڪر، آءُ تنهنجا ٿورا مڃينديس.
ايجنٽ: ٿورا مڃيندينءَ! ڪڏهن؟ مرڻ کان پوءِ! تون چوين ڇا ٿي
(ٻئي هٿ کڻي هن کي جهليندي) ترس مهرباني ڪري تڪڙ
نه ڪر، منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.
ڇوڪري: آءُ گهڻو ترسي آهيان، هاڻي مون کي پنهنجو علاج ڪرڻ ڏيو،
بس اوهين تيار هجو.
ايجنٽ (مڙس کي ٻانهن کان جهليندي): آءُ توکي اصل ڪين ڇڏيندس،
اسين گڏ مرنداسون، ڀلا مون ڪهڙو گناهه ڪيو؟ آءُ ته
هت تنهنجي زندگيءَ جو ويمو ڪرڻ آيو هوس. پر هت مون
کي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻا پون ٿا. منهنجي
زندگيءَ جو ته ويمو به ٿيل ڪونهي. هاڻي اسين ٽيئي
گڏ مرنداسون.
مڙس (زال کي): خدا جي واسطي مون کي هن مصيبت کان ڇڏاءِ.
زال: آءُ ڪيئن ڇڏايان، هيءُ ته بنهه چهٽي پيو آهي (ٽي ئي هڪ ٻئي
طرف ڏسن ٿا)
مڙس: ڪي ته ڪر، صفا بت بني بيٺي آهين (پريشاني وچان ٽنهي کي ڏسي
ٿي)
ڇوڪري: آءُ اوهان تي گولي هلايان ٿي، پر اوهان مان جنهن کي به
گولي لڳندي ته اها هن جي قسمت، بس هاڻي وڌيڪ ترسڻو
ڪونهي. تيار، هڪ، ٻه، ٽي (ٽئي يڪي دانهن ڪري هيٺ
فرش تي ڪري پون ٿا، ڇوڪري سک جو ساهه کڻي ٿي، جنهن
مان پتو پوي ٿو ته ذهن تان ڪو بار لهي ويو آهيس.)
ڇوڪري: گولي ڪنهن کي لڳي؟
زال: گولي مون کي نه لڳي، منهنجو ساهه نڪري پيو.
مڙس: آءُ مري ويو آهيان.
ايجنٽ: منهنجو ساهه نڪري ويو آهي.
ڇوڪري: اهو وري ڪيئن! پستول ۾ هئي هڪڙي گولي، جنهن سان ٽي ماڻهو
ڪيئن مرندا. اوهان مان ٻه پڪ سان جيئرا آهن. ڏسو
خاطري ڪپو، (ٽئي اٿي پنهنجن پنهنجن جسمن کي هٿ
لائي خاطري ڪن ٿا) هي اوهانجن جي ڪپڙن ۽ منهن تي
ڪارا داغ ڇا جا آهن؟
ايجنٽ: شايد بارود جا آهن.
ڇوڪري: ۽ گولي! گولي ڪنهن کي لڳي! ڪنهن جي جسم ۾ گولي آهي!
مڙس: (پنهنجي بدن ۽ ڪپڙن کي چڪاسيندي) هاڻي تنهنجي گوليءَ کي به
اسين ڳوليون ڇا؟
زال(منهن تان پگهر اگهندي): رت جو ڦڙو ته ڪٿي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
ايجنٽ (ميز تان پستول کڻي ان کي غور سان ڏسندي): پستول ۾ بارود
کان سواءِ ڪجهه به نه هو.
ڇوڪري: ڇا توکي پڪ آهي؟
ايجنٽ (هن کي پستول ڏيندي: ها، تون پاڻ ڏس.
ڇوڪري: ان جو مطلب ته اها سڄي اسڪيم ڊاڪٽر جي هئي، پر آءُ
سمجهان ٿي ته هينئر آءُ چاق چڱي ڀلي آهيان.
ايجنٽ: آءُ سمجهان ٿو ته آءُ به هاڻي بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان،
تنهنجي بيحد مهرباني، تو مون کي سٺو سبق سيکاريو.
هاڻي جيستائين پنهنجو ويم نه ڪرايو اٿم تيستائين
ڪنهن جي به گهر ويمي ڪرڻ لاءِ نه ويندس (ائين چئي
هو ٻاهر هليو ويو)
ڇوڪري: مون کي ڏاڍو افسوس آهي ته منهنجي ڪري اوهان کي ايتري
تڪليف سهڻي پئي. پر تڏهن به آءُ اوهان جا ٿورا مڃڻ
کان سواءِ رهي نه ٿي سگهان. مون کي لڳي ٿو ته گولي
هلائڻ کان پوءِ آءُ بلڪل ٺيڪ ٿي وئي آهيان. اهو
آواز به بند ٿي ويو ۽ سمورو جسم هلڪو ٿي پيو اٿم.
هينئر آءُ تندرست آهيان، چڱو اجازت ڏيندا. خدا
حافظ.
مڙس: آخر هي سڀ ڪجهه ڇا هو؟
زال: شايد ڪو ڀوائتو خواب هو.
مڙس: پڪ ڪو ڀوائتو خواب هو. ڇو جو دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي هڪ
ٻئي کان جدا ڪري نه ٿي سگهي.
(گولي هلڻ جو آواز)
ڇوڪري: معافي گهران ٿي. هڪ ڳالهه چوڻ وسري ويم. منهنجي تندرست
ٿيڻ جي خوشي ۾ اڄ اوهان ڊنر منهنجي گهر کائجو،
جيڪڏهن اجازت ڏيوم ته باقي رهيل ڦٽاڪن جا ٻه ٺڪاءَ
ڪريان (پستول هلائي ٿي).
--------------------------
ماهتاب محبوب
جُتيءَ جوڙ
”ائي سوني، هيءَ ته اصل نج ويٺي آهي!“ ڀوريءَ جو پشم جهڙو هٿ
پنهنجي کهري کڙپيل هٿ ۾ جهليندي، ڦاپل لچائيءَ مان
چيو ته، هن مرم مان مرڪي کڻي نيڻ نمايا.
”تون ته ان نس پس کي ڏسيو پئي ٺرندي هوندينءَ....ها نه؟ ڦاپل
ٻيهر وار ڪيو.
”هاڻ بس ڪر مئي حرام زادي....“ هن به ساڳئي حجت ڏيکاري ۽ ڀر ۾
ليٽيل سدا ملوڪڙي ڀوريءَ جا سونهري وار سائڻ لڳي.
جنهن جي عمر اڃا ته کڻي اهي مام ڀريا گفتا سمجهڻ
جهڙي نه هئي. پر به اهڙين مهلن تي هوءَ ويتر لاڏلي
۽ کيچلي بڻجي نوان نوان انگل پئي ڪندي هئي. ڪڏهن
ماءُ کي رئي مان ڇڪڻ، ته ڪڏهن چوٽيءَ سان کيڏڻ،
هينئر به چولو چٻاڙيندي، ٻانهن ۾ پيل چانديءَ جي
چوڙن کي اچي ورتئينس.
”ڇڏ مِٺي، خفي نه ڪر، وڃي کيڏ“ سوني ٻانهن ڇڏائيندي هلڪڙوڇنڀيس،
پر هن جي دل راند ۾ ڪٿي ٿي لڳي، هوءَ بس ڀائيندي
هئي ته وڏن جي وچ ۾ ايئن ڊٺي پئي سندن ڳالهيون
ٻڌي، پوءِ ڀل ڪجهه نه سمجهي، تڏهن به اهو ته سمجهي
ٿي ته گفتگوءَ جو مرڪز سندس ئي ذات آهي.
ڏينهن، مهينن سان چيڪلي پائيندي هوريان هوريان کيس محسوس ٿيڻ
لڳو ته منجهس ڪا اهڙي ڳالهه ضرور هئي، جو جنهن جي
به مٿس نگاهه ٿي پئي. تنهن سرٻاٽن ۾ ٿي
ڳالهايو..... اهي سرٻاٽ نه ٻڌندي به هوءَ اکين جي
حيرتن مان پڙهي وٺندي هئي. چپن جي حفيف مرڪن،
آبروءَ جي هلڪي اشارن مان جهٽي سگهندي هئي. اهي
سرٻاٽ هر لمحي هن جي اندر ۾ ٻرندا. سندس زندگيءَ
جو آڇڄ حصو بڻجي ويا. هن جي لاشعور ۽ سندس شعور جو
ڌنڌلو، اڻ پورو خاڪو اڃا سرجيو ئي مس ته سرٻاٽن کي
لفظن جو چٽو ويس پارائي حويلي ۾ پلجندڙ داين،
گولين جي نينگرين ۽ سندن جيڏين، وڏن کان ٻڌل راز
اچي ساڻس سليا.
”تون ڌيءَ برابر سائين جي آهين پر حرام جي!“
”حرام جي !“
”هائو ٻيو نه ته، سڄو ڳوٺ ٿو ڄاڻي، الله جو سنهن....“
هوءَ ڪا دير منجهي ماٺ ٿي وئي ۽ سوچي سوچي ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳي:
”هل ڙي ڪوڙي، حلال ته ٻڪر ۽ ڪڪڙ کي ڪبو آهي، ماڻهو وري حلال يا
حرام ڪيئن ٿيندو. ان کي ڇري ٿوري ڪا ڦيربي آهي.
ڦيرين ته اڦٽ مري نه وڃي!“
”تون چري آهين، صاف چري،ڀلي وڃي ماڻهين کان پڇي ڏس.“
”امان کي جڏهن مومل ڄائي ان کي ته ڪنهن به ڇري ڦيري حلال ڪونه
ڪيو.“ تڏهن هن پنهنجي تازي ڄاول ڀيڻ جا مثال ٿي
ڏنا. پر وقت سان گڏ حلال ۽ حرام واريون سموريون
حرام پايون سمجهي وئي.... اهو ته ڪيترائي ڪات ۽
ڇريون پنهنجي ڳلي تي ڇو نه ڦيرائي، هوءَ ڪڏهن به
حلال نه بنجي سگهندي.....
حويليءَ جي هر فرد ڄاتو ٿي ته ڀوري پير سائين جي ڦٽندڙ جوانيءَ
جو پهرين ڪارنامو آهي. ڳوٺ جي ماڻهن کان به لڪل
نه هو ته ڪيئن نه رات جي وڳڙي ۾ پير سائين چلڪڻي
گهوڙي تي چڙهي حڪما حڪمي هلي اچي پنهنجي غريب ۽ بي
پهچ مريد مانڌل جي امانت ۾ هٿ وڌا ۽ واپسي تي ڀريل
بندوق نياپي طور ڇڏي ته ”خبردار جو ڪنهن ٽن مڻ
ڪئي، نه ته گولين مان نڪرندو!“
مانڌل جڏهن ڀر واري ڳوٺان موٽيو ته زال سان ان ويڌن تي کيس ڄڻ
ماٺ جو کپر کائي ويو. هن اها بندوق کڻي پير سائين
کي ائين وڃي پيش ڪئي جيئن پاڻ پنهنجو مڙهه پيش
ڪندو هجي. هو ڪيترو عرصو پنهنجو پاڻ تي ماتم ڪرڻ
لاءِ مئل رهيو، پر پوءِ ڀوريءَ جي پيدائش هن جي
زبان ۾ حرڪت پيدا ڪري ڇڏي. جنهن سبب هو ٻيهر جيئڻ
جي سگهه ساري سگهيو. جيڪو ٿي وات ۾ آيس سو ٿي
واڦيو.
”ڇا ٿي پيو جو پير سائين منهنجي عزت ۾ هٿ وڌا..... نياڻيءَ جي
صورت ۾ پنهنجي عزت آبروءَ ڏئي به ته ويو!
ٽڪيءَ رن پويان مرشد سان سينو ساهي پنهنجي قيام ڪاري ڪيان ها
ڇا.... کانئس ڪهڙو بدلو وٺجي ها؟ هو ته پاڻ بدلو
ڏيئي ويو. نياڻيءَ کان مٿي ٻي ڪهڙي ڳالهه چئبي.
سائين جي دعا سان ته اها نياڻي ٿي آهي. نه ته پٽ
به ٿي سگهيو پئي. اها ته پير سائين اسان ڪين جهڙن
کي پنهنجو ننگ پنهنجي عزت ڏئي اسان جي عزت ڪئي
آهي.“
سندس احمقاڻن دليلن تي ڪي بوڇڻ ۾ منهن لڪايو پيا کلندا هئا. ته
ڪي وري کيس تهائين ڇتو ڪندي چوندا هيس:
”ڪهڙو ڪو سائين توکي پنهنجي حق حلال جي ڌيءَ جهولي ۾ وڌي آهي.
جو بي غيرتيءَ مان پيو ايڏو ڦونڊجين“
”اي بي بي حوا ۽ آدم وري ڪهڙا نڪاح جا ڪاڳر ڪڇ ۾ ڪري ملان سوڌو
فرش تي اچي لٿا هئا....“
اجائي کئونس ڪرڻ وارا ڪي ٿورائي هيس، نه ته هروڀرو ڪنهن به مٿس
آڱر کڻي، کيس بير غيرتيءَ جو طعنو ڏئي مهڻي هاب
ڪري سندس جيئڻ جنجال نه ڪيو. ڇو ته ان معاملي ۾
ڏوهه وري به قدرت جو ليکيو جو ان ئي سونيءَ کي هڪ
غريبي ۽ ٻي اڻ هوند جي عيوض، ڇتي ڪرڻ جهڙي حسن سان
نوازيو.
پير سائينءَ جي ڇتو ٿيو به کڻي. ڌڻي به ته پاڻ ئي هو، رعيت راڄ
کي سڃاڻڻ يا نه سڃاڻڻ واري اختياري سورنهن آنا
سندس وس هئي.
پڳدار ٿيڻ کان پوءِ هن جي جوانيءَ جا اڙٻنگائيءَ وارا ڏينهن ته
حويلي ۽ ان جي اوسي پاسي ٿونا هڻندي گذريا. پر سڳي
سئوٽ ماڻڻ بعد سندس ٽيسٽ ڪجهه ”مٿڀرو“ ٿي پئي.
نتيجي ۾ يارن، دوستن، خليفن کي ساڻ ڪري ڇيرن جي
ڇمڪار ۽ گجرن جي مهڪار وارين انهن تاريخي ماڳن ڏي
رخ ڪيائين، جتي جون رونقون سندس ئي جهڙا ”اعليٰ
مرتب“ شخصيتن جي دم سان قائم آهن. تڏهن ڪو وڃي ڳوٺ
جي لڄن ۽ ننگن ٿانيڪو ساهه کنيو.
وقت جي ڦرڪڻيءَ ۾ تيزي سان ويڙهجندڙ ڏينهن، ڀوريءَ جو ننڍپڻ به
پاڻ سان ويڙهيندا ويا، جن سرٻاٽن ۾ هن اک کولي،
هاڻي انهن ئي هن ۾ پنهنجي اهم هئڻ جو احساس
اڀاريو. هڪ اڻ لکو غرور منجهس سرجڻ لڳو. پاڻ ڏانهن
کڄندڙ هر معنيٰ خيز نگاهه کيس ڄڻ ڪو اعزاز ٿي
بخشيو. ان دم هڪ خوشي جي لهر، ست رنگو احساس جنهن
کي هو ڪو نانءُ نٿي ڏئي سگهي. سندس ساري وجود ۾
پکڙجي ٿي ويو. هن پنهنجو پاڻ هوائن ۾ اڏامندي
محسوس ڪيو پر اهو نٿي ڄاتائين ته سامائجي سياڻي
ٿيڻ سان برتريءَ جو احساس، ڏينهون ڏينهن کيس پستين
۾ گهليندو ويندو.
”ڀوري او ڀوري ! ٻوڙي ٻڌين ڪونه ٿي؟“ حاطوءَ هسٽريائي نموني
مانيءَ جي وڌ تان ائين دانهون ڪيون. ڄڻ ڪوسو ديڳڙو
اچي مٿس ڪريو هجي.
”ڇا هي؟ اچان ته پئي، ڪهڙو گوڙ لاتو اٿئي“ هن رڌڻي ۾ گهڙندي
چيو.
”اچي هي مرداڻي ۾ لشڪري ماني ڏئي آ.“
”آءُ مرداڻي پاسي ڪونه وينديس، تون پاڻ وڃي ڏيئي اچ“
”مرداڻي ۾ ڪونه ويندينءَ جو وڏي بي بي اچي ساماڻين آهين.“
”ائي بي بي ته آهي....“ ٿانوَ ڌوئيندي سڀائي شودپائيءَ مان
چيو.
”هون ! بي بي دلي يڪي ڀلي، اهڙيون سوين بيبيون اسان جي قوم ۾
ٿڪون پيون جهلين“ حاطوءَ ڀرون چاڙهي نفرت مان
ڀوريءَ ڏي ڏٺو ۽ پريان بيٺل جادل ڏي تشت
وڌائيندي چيائين:
”هي مها راڻي نٿي وڃي ته ڇڏيس، پئي ڇائي پائي، تون ئي کڻي ڏئي
اچ“
”اهڙيون ڪيئي مهلون آيون جن ۾ پير سان وابستگيءَ وارو احساس
سنها سنها ڀتر بڻجي هن جي شيشي جهڙي نازڪ وجود کي
سنگسار ڪرڻ لڳو تڏهن لڳندو هئس ته هوءَ سائين جي
هٿن پيرن جي مر هجي.... هن جي بي داغ اڇن اجرن
ڪپڙن جي گر هجي. ۽ پوءِ نيٺ اهو وقت به آيو جنهن
۾ کيس پنهنجو وجود مسخري جهڙو لڳو..... بنهه کل
جهڙو.... ڄڻ ماڻهن جي وچ ۾ هوءَ ڪا عجيب جانور يا
ڪو عجوبو هئي. جنهن کي ان راز کان آشنا ٿيڻ وارو
هر نئون ماڻهو وڏي شوق ۽ هورا کورا وچان ڏسڻ ايندو
هجي. ڪي حجائتيون زالون ته ماڳهين سڌ ڪري بي بي
سانئڻ کي ان ٻانهيءَ ڏيکارڻ جي فرمائش ڪنديون
هيون. هينئر به شهر مان آيل سانئڻ جي سر تي حميده
ساڳئي حجت ڪئي، ان کي اڳ جو سانئڻ کيس بهاني سان
سڏي ئي سڏي هن جي اندر ۾ ازخود آواز اڀري آيا.....
”ڀوري او ڀوري، هيڏانهن اچ پنهنجي نمائش ڪرائي.... نمائش
ڪرائي....“ ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. بي بي سانئڻ جو
آواز سندس سوچ جو سفر پورو ڪندي کيس سڏيو:
”ڀوري هيڏي اچ.... هي چانهه جا خالي ٿيل ڪوپ کڻي وڃ، مکراٽ پيو
هئي....“
جيتر هو ٽپائيءَ تان ٿانو ميڙڻ لڳي، تيتر سانئڻ جي سر تي حميده
جون نوريئڙي جهڙيون اکيون سندس ساري وجود تي مکين
جيان ڦرڻ لڳيون. جن جا ڏنگ کيس پنهنجي روح ۾
لهندي محسوس ٿيا. هن جيئن ئي ٿانو کڻي پٺ ڏني ته
سندس ڪنن ۾ ٿڌي ساهه سان گڏ حميداه جو آواز جو بم
بلاسٽ ٿيو.
”واهه ڙي قدرت تنهنجا شان! ڄڻ ڳل ڳل مان چيرجي نڪتو هجي.
حالتن، سان زوريءَ ٺاهه ڪندي ڀوريءَ هاڻي چڱيءَ ريت ڄاڻي ورتو
هو ته هن جهڙا وجود نه رڳو وڏن ماڻهن جو مرڪ، شان،
ديوانگي، ۽ مردانگي هوندا آهن، پر هر اخلاقي
ڏيوالو، نڪتل مرد جو مرداڻو حق به هوندا آهن پوءِ
اهو مرد غريب هجي، چاهي امير، انهن افعالن ۾ هو
پنهنجي ”مردانگي“ اڳيان ڪُتي کان به ڪسيرڪ آهي.
ڀوري شڪل صورت ۾ ماءُ کان سرس نه ته گهٽ به نه هئي. ساراهڻ
لاءِ جوئر جهڙو رنگ، ڪمند جهڙو قدئي بس هئس......
مٿان وري پر اعتماد چهري تي سنجيدي مرڪ ۽ هر وک ۾
پير سائين پاران ورثي ۾ مليل بي شرمو وقار، سکڻو
توشو بڻجي پاڻ مرادو جو هلي آيس، تنهن کيس نرالو
شان بخشي مڙني ٻانهين ۾ نمايان ڪري بيهاريو.
هونءَ ته حاڪمن جا اهي ناجائز اولاد الائي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن پيا
پلبا آهن پر ڀوري ان لحاظ کان لاشڪ ته خوش بخت هئي
جو وري به کيس ”ابي“ جو در نصيب ٿيو هو. مائٽاڻي
ڀونگي سڏ پنڌ تي هوندي هو ننڍي لاڪر داين، گولين
سان سڄا سڄا ڏينهن ۽ راتيون ان حويلي جي سڳوري
چانئٺ تي سر ڏيو پئي هوندي هئي. پر سائين جي دادلي
ڌيءَ بي بي فرح، سڪيلڌا پٽ سائين مظهر ۽ سائين
اظهر سندس ئي هٿن ۾ نپجي وڏا ٿيا. جن کي هن پنهنجي
ماءُ ڄاون کان به وڌيڪ ٿي گهريو. ڄڻڪ منجهن ساهه
پساهه هجيس، پر هنن کيس هڪ ٻانهيءَ کان وڌ ڪڏهن
ڪا اهميت نه ڏني. بعضي ته ڪنهن ڪميءَ پيشيءَ تي
مٿس الرون ڪري ايندا ته به پئي مشڪندي:
”ڪاوڙ نه ڪريو، ننڍا سائين، هاڻ جيئن چوندو تئين ڪنديس.“
”ائي ڀوري، هيءَ استري ڪئي اٿئي، ڪپڙن کي! ائين ٿيندي آهي،
استري! اهي ڪپڙا پائي اسڪول وينديس؟ فرح ڪپڙن جو
ويڙهو ٺاهي پرتي اڇليو.
”سهڻي سڳوري، ٺهيو هاڻي خفي نه ٿي” هن ڪپڙا کڻندي چيو،”مون ته
گهڻائي وس ڪيا، پر استري ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي،
وري ٿي وڃو ڏسانس.“
”جڏهن کان وارن ۾ اڇا پيا اٿئي، تڏهن کان ايمان وڃائي بهانا سکي
آهين“فرح بي رحميءَ مان چيو.
ان دم هڪ بيهوش مرڪ هن جي چپن تي دم ڏنو.
”حيف، اڇن وارن تي جيڪي منهنجي پيشانيءَ تي لڳل ڪارو داغ به
ڌوئي نه سگهيا“ هن ڏک مان سوچيو. ڪير هو جو کيس
آٿت ڏئي ها. اهڙين مهلن تي هو پنهنجو پاڻ کي آٿت
ڏيندي هئي:
”غم نه ڪر ڀوري ڇوري، ويچارن اڇن کي پاراتا نه ڏي، اهي تنهنجو
سهارو آهن... هن رڻ جهڙي ٻرندڙ زندگيءَ مان
ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي علامت بنجي تنهنجي پيشانيءَ جو
داغ ڌوئڻ لاءِ ئي ته ايڏو جلد اچي نازل ٿيا آهن.
ڪجهه گذري وئي اٿئي، باقي به گذري ويندءِ.....“
موت جي پناهن ۾ وڃڻ واري انتظار ۾، هوءَ وري ڪي
ڏينهن پوندي هئي.
بي بي سانئڻ جي ته ٻڌي ٻانهي هئي، پير سائين جي حڪمن ۽ ڪمن کان
وڌ ترجيح ڏيندي، هن اصل ڇيهه ڪري ڇڏيا، ائين ڪرڻ
سان کيس جيڪو ويجهڙائپ جو احساس ٿي مليو تنهن ۾
ڀائيندي هئي ته اهي ڪم ڪڏهن کٽن ئي نه.....
ڀوري جي محرومي واري انداز پير سائين جي ضمير کي ته ڪا چهنڊڙي
نه هنئين البت سندس جذباتي چاڪريءَ کيس بيزار سو
ضرور ڪيو. هن اها ڪسر بي بي سانئڻ مان ڪڍندي کيس
ڇڙٻ مان چيو.
”ٻيون سڀ مايون ڪيڏانهن مري ويون آهن، جو سارو ڏينهن اها ڇوري
سر تي بيٺي آهي.“
”ڇو سائين هڏ ٿو ڪر ڪنئي ڇا؟ هن پاڻ پراگ، مان چمچو ڀري مِٽ ۾
وجهي، چڀندڙ نظرن سان پڇيو، جواب ۾ هو کيس خونخوار
نظرن سان ڏسي فون گهمائڻ لڳي ويو.
ڀوري جي چوٿين ۽ آخري ڀيڻ شينهن ڪلهي چڙهندي ئي مامس رحيم اچي
مانڌل کي ورتو.
”پنهنجي نياڻين کي ته گهر ڀيڙو ڪيئي هاڻي ڀوريءَ جو به ته ڪو
بلو ڪر،ڏينهن کان به چڙهي وئي آهي. اڃا به ٻانهن
سيراندي ڏيو ويٺو هوندين ڇا ؟“
”ادا ڀوري سائينءَ جي امانت آهي، پنهنجا وارث ويٺا اٿس. مالڪ
آهن. پاڻ ڄاڻن، مون کي ان معاملي ۾ ڪڇڻ نٿو جڳائي.
”ڳالهه تنهنجي برابر آهي، پر هيل تائين ڀوريءَ جو سڱ به ته ڪنهن
ڪونه گهريو آهي....“
”اي سڄو ڳوٺ هن لاءِ حيران آهي پر سائينءَ جي ڪري سڱ گهرڻ جي
ڪو جرئت ئي نه ٿو ڪري، ڪنهن مان مرتبي واري هنڌ
ڪرائيندو. ڀانيان ٿو دير پوڻ ۾ به اها ئي مصلحت
هوندي.“
”واهه جي ڳوٽ ڀڳئي اٿئي! مون به زماني ۾ ڏٺو ٻڌو آهي ته اهڙا
شونق شڪار ڪرڻ وارا، جن ۾ ٿوري به غيرت هوندي. سي
پنهنجي رت کي خاص ڪري نياڻي هئڻ جي صورت ۾ ننڌڻڪو
ڪين ڇڏين. هر حالت ۾ ان کي هٿ ڪندا. ويندي بازاري
رنن کان به ٽڪا ٽڪر ڏيئي پنهنجي نياڻي گهر وٺي
ايندا نه ته به وچ ۾ پئجي چڱي هنڌ پرڻائي ڏيندا.“
”ها دا نه ته به مردن تي ڪهڙي ميار.“
”پر به نياڻي ويهارڻ وڏو عذاب آهي“
”ڪهڙو ڪو منهنجي ڄائي آهي، جنهن جو گهڻو ويهارڻ تي عذاب اچي مون
بي گناهه تي لهندو. جنهن جي آهي سو پاڻهي بلو
ڪندس.“
پير سائين جي آسري ٻارنهن مهينا ٻيا لنگهي ويا، تڏهن ربوءَ رازي
جنهن جي زال کي مئي ٿورو مٿي وقت ٿيو هو، تنهن همت
ڪري ڀوري جو سڱ ڀريو، کيس ڪو جواب ڏيڻ کان اڳ
مانڌل ۽ نياڻي جي ڳڻتيءَ ۾ جهرندڙ سونيءَ وري به
ان باري ۾ سائين سان صلاح ڪرڻ ضروري سمجهي.
سنجها مهل کيس اوطاق ۾ نويڪلو ڏسي مانڌل منهن جي پڪائي سان
اندر اچي هٿ ٻڌي ڊڄندي ڊڄندي عرض ڪيو.
”سائين پاڻ واري نياڻي ڀوري جو سڱ ربوءَ رازي گهريو آهي، توهان
کي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو.“
”بابا اوهين وڌيڪ مناسب ٿا سمجهو ته جتي کپيو اتي ڪريو، مائٽن
کان وڌيڪ ننگ جي ڀلائي ٻيو ڪير ٿو سوچي سگهي.“ پير
سائين اخبار تان نظرون هٽائڻ بنا ٽٿ پڪ چٻاڙڻ وارو
شعل جاري رکندي وراڻيو.
سائين اوهين مالڪ آهيو.... وڏا آهيون، اوهان جو فيصلو ضروري
آهي، مانڌل اڻ سڌي ريت ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
”وڏو الله آهي، بسم الله ڪريو، سٺا سڱ روز روز نه ملندا آهن.
نياڻي جي ماني ته بادشاهه وٽ به ڪونه هوندي آهي.
اهو بار جيترو جلد لاهجي اوترو چڱو...“
هن کيسي مان هزار رپيا ڪڍي کيس ڏيندي چيو: ”اچي بابا حال هي وٺ،
پوءِ جيڪا به مدد کپنو تنهن لاءِ مان ويٺو آهيان.“
”سائين رب اوهان جو رزق ڪشادو ڪري.... شال ٻچن مان ڪيچ
ٿيندوَ..... هو نوٽ مٺ ۾ قابو ڪري مٿان دعائون
ڏيندو اندران سڙي پچي اوطاق مان ٻاهر نڪتو.
ڀوري پرڻي پٽ به ڄڻيو ته سال اندر ڏهاڳ جو ڏئون به آيس. ربو اڃا
هروڀرو مرڻ جهڙو نه هو. پر روڊ جي حادثاتي موت کيس
ترت اين او سي ڏياري وڃي. قبر ڀيڙو ڪيو ته ڀوري به
بونس ۾ مليل پٽ سوڌو ٻانهي واري ازلي بيگر ۾ وهڻ
لاءِ ساڳئي در تي اچي سر نوايو.
بي بي فرح لاءِ سڱ ڳولهڻ ماڻس لاءِ مسئلو بڻجي پيو. خاندان ۾
ته کين ڪو سڱ ئي ڪونه ٿي سجهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ سي به
ڏنڊي ڪونڊي جا پوڄاري، رات ڏينهن ڀنگ جي گهوٽ
گهوٽان. نشي ۾ پُر غشيءَ ۾ ٽٻ، ڌارين ۾ مائٽي ڪرڻ
ته ڪڏهن ڪنهن سوچيو ئي نه هو. ڀلن پٺيان ڍلا، پوءِ
به پنهنجا، چريا کريا ته به اکين تي، بسم الله ئون
چئي قبوليا ويندا. ڪنهن نياڻيءَ جي ڪا واهه ئي نه
هوندي ته ماٺ ڪري حق بخشرائي ڇڏبو هو. پر بي بي
فرح جيئن ته مائٽن جي سڪيلڌي ۽ مٿان وري چار اکر
انگريزي جا پڙهي پئي، تنهن ڪري پراڻا اصول ساڻس
لاڳو نه ٿي سگهيا. هونءَ به تيزيءَ سان بدلجندڙ
زماني جي حالتن جو ٿورو ڪي گهڻو اثر، ان خاندان تي
به پوڻو ئي هو.
بي بي سانئڻ سندن شايان شان واري سڱ جي پنهنجي پي-آر توڙي ماڊرن
ڌوتين ذريعي ”ميچ ميڪرز“ جي ذريعي گهڻي ڳولا
ڪرائي، جيڪي هر ڦيري تي شاهن، سيدن جا آسرا ۽ گشا
ڏئي چار پنج هزار ڇڏائي وينديون هيس. پر اشراف ۽
اصل خانداني سيد گهراڻن جا سڱ ڳولهي نه ٿي مليا.
البت اهڙا ڳريل سڙيل سيد زاده ٿي اچيو ور چڙهين،
جن ۾ ڪونه ڪو خانداني خلل هو.
”مٺي سانئڻ ڇوڪر جي ماءُ سيدياڻي ناهي، ته ڇا ٿي پيو... پيٽ کي
ڪو ڏسبو ڇا. پاڻ ته پاڪن جو خون آهي.“ ماڊرن ڌوتي،
بي بيءَ کان ورتل پنجن هزارن جي ٿهي پرس ۾ رکندي
وراڻيو.
”هڪ ڀيرو وري ڪوشش ڪرڻ ۾ ڇا آهي، سيد جانڻ شاهه وارن کي چئي ڏٺو
اٿئي؟“
”الله ٿو ڄاڻي. تنهنجو ڏنو ڪنو نه ڪندي، ڪو در ڪونه ڇڏيو
اٿم.... انهن سيدن سان ته پهريان ئي ڳالهه چوري
هيم...”
”پوءِ ڪهڙو جواب مليو؟“
”چيائون اتي مائٽي ٿيڻ ته اسان جي خوشبختي هجي ها پر اڪيلي پٽ
ٻه ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش ڪري نيٺ کين مڃرايو آهي،
ته شادي ڪندو ته ان پناهگيرڻ سان جنهن سان گڏ
ڊاڪٽري پيو پڙهي.“
”انهن رنن جو ته شل اڇو منهن ٿئي! ناز، نخرا ڪيو، ادائون
ڏيکاريو ڇورن جا مال ملڪيتون کايو سيدياڻيون ٿيون
ويٺيون آهن.“
”بس سڄي خبر اٿئي، پاڻ ڏاهي آهين.“
”وري به ڪوشش ڪجئين، پئسي پائي جي پرواهه نه ڪر، سڱ رڳو دل وٽان
وٺي ڏي، تنهنجو حق ڪونه رکنديس.“
پر جڏهن ڪٿان به اهڙي سڱ جو آسرو نه مليو ته لاچار بي بي سانئڻ
پنهنجو پاڻ کي ”سيد ميرو ته به پنج سيرو“ واري
دلداري ڏيندي هڪ ناءُ چڙهئي سيد لاءِ هائوڪار ڪرڻ
تي هئي،. جو امالڪ قسم کڻي ساٿ ڏنس ۽ ويجهي شهر
مان اصلي خانداني سيد جو سڱ ملڻ تي سندس خوشيءَ جي
ڪا حد نه رهي.
پوءِ بي بي فرح جي بار لاهڻ ۾ دير ڇا جي؟
ڏاج ۾ ”اڌ راڄ، اڌ ڀاڳ“ ڏيڻ جهڙو مثال قائم ڪندي، لاتعداد بي
جان سامان جيان ڀوريءَ کي به ٻار سوڌو ٻانهي طور
ڳڻايو ويو.
بي بي فرح بخت ماڻيو، ته بنا تخت پنهنجي گهر ۾ راڻين جيان راڄ
ٿي ڪيو. نوڪرن چاڪرن جي ته ڪا ڪمي ئي نه ئي پوءِ
به ور سوڌو سندس سمورا ڪم رڳو ڀوريءَ بلي هئا.
تنهن ڏينهن ڳوٺ کان پهريون ڀيرو پير سائين پنهنجا مبارڪ قدم کڻي
ڌيءَ جو گهر گهمڻ ۽ کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ آيو.
پيجارو کي پورچ ۾ بيهندو ڏسي، ڀوري خوشيءَ وچان ٿڙندي وڃي بي بي
فرح کي خبر ڏني، هوءَ اتاولي سان ٻاهر آئي.... پير
سائين مرڪندڙ چهري سان پڌر ۾ پير رکيو ئي مس، جو
ڊوڙي وڃي پيءُ جي ڇاتيءَ سان لڳي. هن بي اختيار
خوشي مان آيل اکين جا لڙڪ پيئندي وڏي شفقت مان
ڌيءَ جو منهن چميو. ڀوري پڻ بي تابيءَ مان اڳتي
وڌي آئي... ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءَ اڄ وڃي پير
سائينءَ جو ديدار ٿيو هوس. کيس گلي لڳڻ لاءِ هن
جون ٻانهون ٻلڪڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳيون... هن بي ساختگي
مان اهي بلند ڪيون ۽ ٻئي لمحي هيٺ ڪري پير سائين
جي قدمن کي ڇهي ائين پوئتي ٿي وئي جيئن ڪتو پير
نوسي وڃي ....
”مائي بابا ڪيئن آهين؟“
”شڪر آهي سائين !“ پير سائين جي کيڪار کيس ميڻ جيان رجائي رکيو،
اکين ۾ آيل لڙڪن جي جهل مل کان بي نياز ٿي هن
سوچيو:
”ڪهڙو ڏوهه پير سائين جو، جي هن مون کي کلئي پلئو ڌي ڪري نه
قبوليو.“ هن جي دل بحر بنجي وئي.
”هو به ته مون جيان ئي بي وس هوندو..... نيٺ به ته اشرافن جو
اولاد آهي.... پڳ ڌڻي.... مون اَڪ کاڌيءَ ڪاڻ ڪيئن
پنهنجي ڳچيءَ ۾ گلا جو گانگهو وجهي ها... جواني
ديواني ٿيندي آهي. امان کي ڏسي جي ڀنڀلجي پيو ته
اهو لکيو ته به قدرت جو هو... قدرت جو ڪم قدرت
ڄاڻي، مون بخش ڪيو کيس... مون بخش ڪيو، پنهنجي مٺي
بابي سائين... خدا به بخش ڪندس.....“
سوچن جي دريا ۾ وهندي هو اڃا الائي ڪيترو اڳتي نڪري وڃي ها جو
بي بي فرح جي آواز کيس پوئتي گهلي ورتو.
”ڀوري جلدي وڃ، بورچيءَ کي بابا سائينءَ لاءِ ڪِريءَ واري ماني
ٺاهڻ جو چئي آ ۽ چانهه به کنيو اچ.“
ڀوريءَ کي رڌڻي ڏي اماڻي، پاڻ پيءُ جي ڀاڪر ۾ هلندي کيس ڏاڍي
قرب مان آڻي سينگاريل لائونج ۾ ويهاريو.
ڏينهن جي ماني، ڌيءَ ۽ ناٺيءَ سان کائڻ بعد پير سائين ان ڪمري ۾
اچي آرامي ٿيو، جنهن جي پوئين پڌر جي چپري هيٺ
ڀوريءَ جي کٽ رکيل هئي. هن جو پٽڙوڪن ۾ سور هئڻ
ڪري يڪو پئي ٻاڪاريو. کيس ماٺ ڪرائڻ لاءِ هن
ٻچڪاريون ۽ چمڪيون ڏئي هر هر ڇاتيءَ سان لائي پيار
پئي ڪيو ۽ ڪڏهن هوريان هوريان پنهنجي مٺڙي ٻولن
سان ڳالهائي کيس پرچائڻ جا وس پئي ڪيا.
”منهنجو بابلو.... منهنجو ابو نا روئي.... مان صدقو وڃان. سئو
ڀيرا، روئي نا منهنجو بابلو نا روئي... ڏس نانا
سائين ستو پيو آهي... الي الي چپ.... ماٺ ! نانا
سائين جاڳي پوندو. ماليندءِ الا ! مري ويس !“
پويان چوٽيءَ کي ڇڪ آيس، جيترا حواس جائتا ڪري ئي
ڪري چوڙين جي ڇڻڪاٽ سان زوردار چماٽ سندس ڳل تي
ڇپجي وئي.
”رن مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا؟ مائٽيون ٿي ڳنڍين، پاڪن سان!
شريڪياڻي ٿي ٿين اسان جي! وري جو اهو لفظ ڪڍيو
اٿئي ته زبان پاڙئون پٽي ڇڏيندي مانءِ“
ٻار جي روئڻ کي ٻنجو ڏيارڻ لاءِ مڄاڻ ته ڪا بي بي فرح ان پاسي
اچي نڪرندي، تنهن جو کيس گمان ئي نه هو. کن جو کن
۾ سڄو رت ست ڇڏائجي ويس. هو پنڊ پهڻ بڻجي وئي.
”هي ڇا ڪيم..... هي ڇا ٿي ويو.... ڇا ٿي ويو!“
اندر جا آواز مغز سان ٽڪرائجي سندس لوندڙيون ڦاڙڻ لڳو. اکين آڏو
ايندڙ اونداهي ۾ کيس ٻيو ڪجهه نه ٿي سجهيو. هوءَ
پٽ سوڌو امالڪ پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي پيرن تي ڪري
پئي. ورهين کان جا برکا رت هن جي پنهنجي اکين ۾
لڪائي رکي هئي. ساجهر جهر ڪري برسي پئي.
”بخش ڪر سانئڻ، مون کي معاف ڪري ڇڏ.... مون نانگيءَ نپٽيءَ کان
ڀل ٿي.....خطا ٿي... آءُ ڏوهارڻ، تنهنجي جتيءَ جي
جوڙ به ناهيان! تنهنجو ڪو به مِٽ ڪونهي.... آءُ
ڪنهن جي شريڪياڻي ناهيان..... مون تي رحم
ڪر....... مون کي بخش ڪر... مون کي بخش ڪر...“
هن جو سُڏڪندڙ آواز عرش ۾ ته پناهون نه ڳولهي سگهيو. پر ڌرتي
فراخدليءَ سان پنهنجي سيني ۾ جذب ڪندي وئي. |