9 ڊسمبر 1955ع تي ”سرتيون“ پاران ٿيل سنڌي ادبي بورڊ ۾
مذاڪرو
رپورٽ: گلبدن جاويد مرزا
ايڪويهين صديءَ لاءِ سنڌي عورت جون تياريون
پڙهيل عورتن کي، حقن کان محروم عورتن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي:
سينيٽر حسين شاهه راشدي
جيئن ته عورت هڪ ماءُ آهي ۽ هن جي حيثيت مرد کان بالاتر آهي:
رشيده حجاب
عورت پنهنجي استحصال ۾ پاڻ به شريڪ آهي: سحر امداد
اسان قومي اسيمبليءَ ۾ عورتن جون سيٽون به بحال ڪرائي نه سگهيا
آهيون: ارم محبوب
عورتن کي هر محاذ تي جنگ جوٽڻي پوندي: عطيه دائود
هن مذاڪري ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد ۽ ڄام شورو جون ناليواريون
خواتين آيون. جن مان ڪن جو تعلق تعليمي شعبي سان
هو. ڪي سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل هيون. ڪي اين جي
اوز سان واسطو رکندڙ هيون، ڪي شاگردياڻيون ته ڪي
گهريلو خواتين به هيون.
هن مذاڪري جي صدارت مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ تعليمي ماهر محترمه رشيده
حجاب صاحبه ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص نئين ٽهيءَ
جي ڪهاڻيڪاره ۽ ڪالم نويس ارم محبوب هئي. اعزازي
مهمانن جو تعلق وچين ٽهيءَ سان هو. جيئن ته سحر
امداد جنهن جي بنيادي صنف شاعري آهي. پاڻ بهترين
شاعره هئڻ سان گڏ هڪ بهترين ۽ منفرد نثر نويس پڻ
آهي ۽ ٻي اعزازي مهمان هئي عطيه دائود، جيڪا پڻ
سٺي شاعره ۽ ليکڪا هئڻ سان گڏ ٻين سرگرمين ۾ پڻ
نمايان نظر اچي ٿي.
تقريرون ڪندڙ ڀينرن جو واسطو زندگيءَ جي مختلف شعبن سان هو. جن
پنهنجي ڏات، ذهانت ۽ تجربي جي بنياد تي بهترين
تجويزون، ڪي سوال، ڪي مسئلا ۽ انهن جا حل پيش ڪيا.
هن پروگرام جي ڪمپيئرنگ ثمينه ميمڻ ڪمپيوٽر آپريٽر، سنڌي ادبي
بورڊ ۽ صفيه ميتلو ريسرچ انسٽيٽيوٽ سنڌ ڊولپمينٽ
اسٽڊيز سينٽر ڪئي.
پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. تلاوت سورٺ
ممتاز (فرسٽ ايئر پري ميڊيڪل جي شاگردياڻي) ڪئي. ۽
نعت رسول مقبول صاديه (بي ايس سي جي شاگردياڻي)
پيش ڪئي. تنهن کان پوءِ مهمانن کي اسٽيج تي
ويهاريو ويو. ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏيندي راقم
الحروف آجياڻي تقرير شاهه سائينءَ جي هن شعر سان
ڪئي:
ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀئونر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
پاڻ آيل ڀينرن جا ٿورا مڃيندي چيائين” آئون شڪر گذار آهيان سڀني
ڀينرن جي جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪي گهڙيون ڪڍي
هن محفل کي مان بخشيو آهي. وڌيڪ چيائين ڀينرون!
هن مذاڪري ڪرائڻ جو پهريون مقصد اهو آهي ته اسين
هڪ هنڌ گڏ ٿيون. ڇو ته مون محسوس ڪيو آهي ته ميڊيا
(ڊش اينٽينا سيٽ لائيٽس) اسان کي دنيا سان ته ڳنڍي
ڇڏيو آهي پر ٻئي طرف اسين سڀني سهولتن جي باوجود
هڪ ٻئي کان ڪٽجي ويا آهيون. بلڪل ائين جيئن شاهه
سائين چيو آهي:
پاڙي ناهي پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري
اهو سڀ ليڪ آَف ڪميونيڪيشن جي ڪري ٿيو آهي. جڏهن اسين گڏجون ٿا
ته اسان ۾ ڪي ويڇا نه ٿا رهن. ڇو ته اسان جا ڏک،
سک ۽ خوشيون ساڳيون آهن ته اسان جا درد، لڙڪ ۽
مرڪون به ساڳيون آهن“ ۽ اسان جي سونهين ۽ رهبر
شاهه سائين به اها تلقين ڪئي آهي:
هڙئي آهيون هڏ، گڏجون ته ڪو گس ملي.
آخر ۾ مان بورڊ جي چيئرمين سينيٽر حسين شاهه راشديءَ صاحب جن
جي نهايت ئي ٿورائتي آهيان، جن ذاتي دلچسپي وٺي
منهنجي هن تجويز کي پسند ڪندي هر قسم جون تعاون
ڪيو ۽ اهو عنوان به پاڻ منتخب ڪيائون. جناب
سيڪريٽري مراد علي مزار جي به ٿورائتي آهيان جن
ڀرپور تعاون ڪيو ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ ڀاءُ پير بخش
پٺاڻ ۽ ان کان علاوه پنهنجن ڪوليگس ثمينه ميمڻ ۽
نجمه پنهور جن جي به ٿورائتي آهيان جن هر ممڪن
تعاون ڪيو ۽ بورڊ جي ٻئي سڄي اسٽاف جي پڻ ٿورائتي
آهيان جن هن پروگرام کي ڪامياب بنائڻ ۾ هر قسم جو
تعاون ڪيو.
ان کان پوءِ روشن ناز ڌاريجو کي تقرير ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو. روشن
ناز ڌاريجو بنيادي طرح هڪ گهريلو خاتون آهي. سندس
چوڻ هو ته:”جيستائين اسان جي سماج مان غلط قسمن جي
رسمن کي نه ڪڍبو، تيستائين سنڌي عورت جو 21 هين
صديءَ ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي.
سلميٰ پنهور جڪا هن وقت شاگردياڻي آهي ۽ نئين ٽهيءَ جي سڄاڻ
شاعره ۽ ليکڪا به، سندس راءِ هئي ته اسان جي ثقافت
تي مختلف اثرات رهيا آهن، ان ڪري اسان منجهيل
آهيون. عملي قدم کڻڻ جي اسان وٽ کوٽ آهي. جڏهن
عملي قدم کڻبو تڏهن ئي 12 ايڪويهين صديءَ ۾ داخل
ٿي سگهبو.
فردوس مزناڻي، جنهن سنڌي ادب کي ٿوريون پر بهترين ڪهاڻيون
ڏنيون آهن ۽ شاعري به ڪئي اٿائين. اڄ ڪلهه پاڻ هڪ
غير سرڪاري تنظيم ۾ فيلڊ آَفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري
رهي آهي. تنهن پنهنجن تجربن جي روشني ۾ ٻڌايو ته
هن وقت عورتن لاءِ ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون
ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن جو زور رڳو ڀرت ڀرڻ،
انڊسٽريل هومس قائم ڪرڻ تائين محدود آهي. ضرورت ان
ڳالهه جي آهي ته ٻهراڙيءَ جي عورت تائين تعليم جي
روشنيءَ کي ڦهلايو وڃي ۽ پلاننگ ۽ رٿا بنديءَ تي
باقاعده عمل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پلاننگ ذريعي ئي
اسان گهربل نتيجا ماڻي سگهنداسين.
ثريا سوز ڏيپلائي پاڻ مشهور قلمڪار آهي. سندس تعلق تعليمي شعبي
سان آهي ۽ پاڻ هڪ ماءُ به آهي. سندس خيال هو ته :”
ضرورت آهي ان ڳالهه جي ته پاڻ ۾ شعور پيدا ڪيون ۽
پنهنجي نسل جي چڱيءَ طرح پرورش ۽ سنڀال ڪيون
جيڪڏهن اسان هڪ بهترين نسل سماج کي ڏنو ته اسان
جو مقصد اسان کي حاصل ٿي ويندو.“
سحر رضوي، پاڻ تخليقڪار به آهي ته سياست سان به نڀائيندي اچي،
پاڻ تمام معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪيائين. سندس
چوڻ مطابق ” مظلوم عورت ٻهراڙيءَ جي عورت آهي،
مڊل ڪلاس جي عورت پاڻ ڀري آهي ۽ مرد تي ڪنهن حد
تائين حاوي به آهي.“
پاڻ هڪ دلچسپ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيائين ته” جيڪڏهن
ٻهراڙيءَ ۾ ڪو در کڙڪائبو ته اندر ڪا عورت هوندي
ته جواب ۾ چوندي ”گهر ۾ ڪو آهي ئي ڪونه“ جيتوڻيڪ
هوءَ اهو جواب به ڏئي سگهي ٿي ته گهر ۾ مرد
ڪونهن، ساڳئي وقت هڪڙي عورت پنهنجي نالي ۽ پنهنجي
وجود جي سڃاڻپ بدران گهر جي مرد جي حوالي سان
سڃاڻجڻ ۾ فخر ڪري ٿي. ايتري قدر جو هڪ مهيني جي
ڄاول پٽ جي پٺيان”پپوءَ ماءُ“ چورائيندي فخر محسوس
ڪري ٿي، سو پهرين ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان
پنهنجو تشخص برقرار رکون ۽ پنهنجي وجود جي نفي نه
ڪيون.“
نسيم پنهور جيڪا پڻ گهريلو خاتون آهي ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀري نظر
ايندي آهي، تنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته: ” اسان وٽ
خاص طور سنڌي عورت ۽ خاص طور عام عورت، صدي ۽ وري
ايڪويهين صديءَ کي سمجهڻ جو ته کوڙو ئي ڪونه ٿو
لڳي. بنيادي سبب آهي تعليم جي کوٽ ۽ مسئلن جا
انبار. اسان جي عورت جيڪا اڃا تائين ڳوٺن ۾ بتي
چمنيءَ ۽ ڏاند گاڏي واري دور ۾ رهندڙ آهي، ڇا اها
ويهين صديءَ واريون سهولتون ماڻي چڪي آهي؟ پاڻ
وڌيڪ چيائين ته ” سنڌي عورت صحت ۽ تعليم جي ميدان
۾ نهايت ئي پٺتي پيل آهي. ڳوٺن ۾ اڄ جي جديد دور ۾
به تعليم جي اڻاٺ ۽ صحت جي سهولتن جي نه هجڻ سبب
عورت سخت مسئلن جو شڪار آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
سنڌي عورت جدوجهد نه ڪئي آهي. عورت انهن سڀني
سهولتن جي کوٽ هوندي به سخت محنت ڪئي آهي ۽
ڪيتريون ئي نياڻيون ڳوٺن کان يونيورسٽي ۾ پهتيون
آهن. ڪيترين عورتن ادب ۽ سماج ۾ نالو پيدا ڪيو
آهي.“
ڊاڪٽر پروفيسر ممتاز ڀٽو به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ سندس
تقرير انگن اکرن تي مشتمل هئي ڇاڪاڻ ته سندس تعلق
تاريخ جي شعبي سان آهي.
عطيه دائود (جيڪا وڏا وڙ ڪري ڪراچيءَ مان آئي هئي. کيس گهرائڻ
جو ڪريڊٽ زبيده ميتلو ڏي وڃي ٿو. جنهن کيس ٽيليفون
ڪري گهرايو جڏهن ته کيس ڪارڊ پهچي نه سگهيو هو)
تنهن اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ تقرير ڪندي چيو ته”
ٽين دنيا جي عورت ۽ اسان جي ٻهراڙيءَ جي عورت جا
مسئلا ساڳيا آهن. انهيءَ لاءِ اسانجين عورتن کي
جدا جدا محاذن تي جنگ جوٽڻي پوندي.“
سحر امداد جنهن پڻ اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ تقرير ڪئي. پاڻ
پنهنجي تقرير ۾ شاهه سائين جي ٻن متضاد معنيٰ
رکندڙ شعرن سان ڪئي.
اچو سورن واريون، ڪريون سور پچار،
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين.
سندس چوڻ هو ته”عورت جو استحصال تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هوءَ پاڻ
اجازت ڏئي ٿي. پاڻ سخت ٿئي ته جيڪر ڪا مشڪل ئي پيش
نه اچيس. بهرحال سندس سڄي تقرير فلسفاڻي انداز ۽
خوبصورت خيالن تي مشتمل هئي.
نئين ٽهيءَ جي ننڍڙي ۽ خوبصورت شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ ڪالم نويس
ارم محبوب جيڪا هن پروگرام جي مهمان خاص هئي. پڻ
خوبصورت ادبي تقرير ڪندي عورتن جي مسئلن ڏانهن
ڌيان ڇڪايو ۽ چيو ته”اڄ سوڌو اسان قومي اسيمبلي ۾
عورتن جون سيٽون به بحال ڪرائي نه سگهيا آهيون.“
هن پروگرام جي صدر محترمه رشيده حجاب نهايت بصيرت افروز تقرير
ڪندي چيو ته”اسان جون اديون (عورتون) سجاڳ آهن،
سياڻيون آهن. مرض جي تشخيص انهن وٽ آهي، پر هاڻي
علاج جي ضرورت آهي. پاڻ چيائين ” جيئن ته عورت هڪ
ماءُ آهي ۽ هن جي حيثيت مرد کان هر لحاظ کان
بالاتر آهي، ماءُ جي هر ڪوٺ ۾ م جو لفظ لازم آهي.
م مان مرد آهي، محنت، مهر، ۽ محبت، يعني ماءُ نالو
آهي. محبت، محنت ۽ مهر جو. بنيادي طرح عورت جيئن
ته تخليقڪار آهي، ان ڪري هو تخريبڪار ناهي. ايندڙ
نسل کي صحيح تربيت ڏيڻ، تخريبڪاري کان پري رکڻ،
دهشتگردي کان پاسو ڪرائڻ ئي سندس اصلي روپ آهي ۽
امن جي حاصلات سان ئي ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿي
سگهنداسين.“
محترمه رشيده حجاب جي تقرير کان پوءِ بورڊ جي چيئرمين سينيٽر
حسين شاهه راشدي صاحب آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو
۽ پنهنجي دلچسپ ۽ معلوماتي تقرير ۾ چيو ته ”اوهان
پڙهيل ڳڙهيل عورتن تي، انهن عورتن جيڪي پنهنجن حقن
کان محروم رکيون ويون آهن ۽ مرد جي ڏاڍ ۽ ظلم جو
شڪار آهن، جن کي حق ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر حق
گهرڻ تي به ماريو وڃي ٿو. تن جو فرض ٿئي ٿو ته
اوهين انهن بي زبانن جي زبان بڻجي اڳيان اچو.
انهيءَ مهم مان اوهان سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ
لاءِ تيار آهيان. ۽ اوهانجين تجويزن کي وزيراعظم
پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو تائين پهچائڻ جو ذمو
کڻان ٿو.
آخر ۾ سورٺ پنهور ۽ فوزيه پنهور ٽيبلوز پيش ڪيا. هن پروگرام ۾
جن ڀينرن شرڪت ڪئي تن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن:
تنوير جوڻيجو، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، زبيده ميتلو، عذرا ڪنڌر،
رضيه قاسم ٻگهيو، تانيه ٿيٻو، زيب شاهه سيد، حنيفه
قاضي، عابده طاهراڻي، ڊاڪٽر فريده ميتلو، سعيده
ميتلو، شميم ٻانڀڻ، خديجه انصاري، آمنه ابڙو، زيبا
سومرو، نصرت پنهور، فهميده مشوري، ساحره اعجاز،
شهناز مشوري، سنڌو پنهور، رشيده آغا، زمر
محبوب،فرح ابڙو، مهوش شيخ، نصرت شيخ ۽ ان کان
علاوه ٻين ڪيترين ئي عورتن شرڪت ڪئي.
.
ڊاڪٽر رابعه انجم / اسما هارون
گار گند ڇو - ۽ ڇو نه
منهنجي ڪلينڪ ڀرسان جيڪو ورڪشاپ آهي، ان ۾ ٻار به ڪم ڪندا آهن.
اتي ڪم ڪندڙ هڪ ٻار احمد ڪڏهن ڪڏهن دوا وٺڻ لاءِ
ايندو هو پوءِ ائين ٿيو جو اڪثر ڪري مون وٽ اچڻ
لڳو. هن سان گڏ سندس هڪ ٻه دوست به ايندا هئا. مان
ڳالهين ڳالهين ۾ سندن تربيت ڪندي هيس. آءُ چاهيندي
هيس ته ماحول جون خاميون ۽ گهٽتايون هنن ٻارن جي
شخصيت کي گهٽ متاثر ڪن ۽ جيڪي سٺيون ڳالهيون آءُ
کين سيکاري سگهيس ٿي سي سڀ سيکاريان.
هڪ ڏينهن هن ٻار سان گڏ ٽي چار ٻيا به نينگر منهنجيءَ ڪلينڪ تي
آيا، مان دستور موجب کين ٻڌائي رهي هيس ته سٺا ٻار
گار گند واريون ڳالهيون نه ڪندا آهن، وڏن جو چيو
مڃيندا آهن ۽ هڪ ٻئي جون گلائون، شڪايتون نه ڪندا
آهن وغيره. وغيره. اوچتو هڪ ڇوڪري چيو:”ڇا سٺا
ٻار گاريون به نه ڏيندا آهن؟“
ان تي مون کيس چيو ته” ها! گاريون ڏيڻ ته تمام خراب ڳالهه آهي ۽
گاريون ڏيندڙ کي الله سائين به گناهه ڏيندو آهي.“
آءُ هنن ٻارن کي وڌيڪ سمجهايان ها پر تنهن کان اڳ
هن ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
”آنٽي! هي ڏاڍيون گنديون گاريون ڏيندو آهي! ائين
چئي هن تمام رازداريءَ ۽ شرمندگيءَ سان منهنجي ڪن
۾ چيو: ”هي چوندو آهي ته تنهنجي ماءُ کي ڪتا چڪ
پائين!“ ٻار جي هن گار مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو
ته اهي ڪهڙا عوامل ۽ اسباب آهن جو انسان کي گاريون
ڏيڻ تي همٿائيندا آهن ۽ هو گارين جي چونڊ ۽ انتخاب
ڪهڙن بنيادي سببن ڪري ڪندو آهي!
هن ٻار جي گار جو تجزيو ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندي ٻه ڳالهيون واضح طور
سامهون آيون:
1. گار ۾ هن هستيءَ کي نشانو بڻايو ويو آهي جا ٻار لاءِ نه رڳو
اهو ته اهم ترين آهي بلڪه محبوب ترين به آهي.
2. گار ۾ هڪ بد دعا ذريعي شديد خوف ۽ تڪليف جو احساس پيدا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي(ڪتي جو چڪ پائڻ ۽ سو به هڪ
ڪتو نه بلڪ ڪيترائي ڪتا!)
روزاني زندگيءَ جو جيڪڏهن غور سان مشاهدو ڪيو وڃي ته اسان جي
ماحول ۾ خوفائتي شين ۾ ڪتو سڀ کان نمايان آهي. جو
نه رڳو ٻارن لاءِ خوفزده آهي بلڪه وڏا به، خاص ڪري
عورتون ته ان کان تمام خوفزده نظر اينديون آهن.
وري ڪتو پاڻ جيڪر خوفائتو ۽ خطرناڪ به نه هجي پر
ان جي چڪ جو علاج بهرحال سخت ايذاءُ ڏيندڙ آهي.
هن گار جي صورت ۾ ڏنل بد دعا ۽ سراپ جي ڪيفيت کي
جيئن مون پنهنجي تصور ۾ ڏٺو ته هڪ لمحي لاءِ مان
پاڻ به خوفزده ٿي ويس!
جيڪڏهن ٿورو غور ڪيو وڃي ته محسوس ٿيندو ته هن ٻار پنهنجي غصي
جي اظهار لاءِ پنهنجي تجربي ۽ سوچ آهر ٻين کي
نهايت جذباتي اذيت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪتي جي چڪ
پائڻ جي بد دعا جيڪڏهن کيس ڏني وڃي ها ته شايد
ايتري قدر ايذائيندڙ نه هجي ها. جيتري قدر سندس
ماءُ لاءِ ٿئي ٿا. ان ڪري ئي گار ذريعي هن ٻار ٻئي
کي پنهنجي ليکي تڪليف ۽ خوفائتي ڪيفيت سان دوبدو
ٿيڻ جي بد دعا ڏني ۽ کيس سخت جذباتي دٻاءَ هيٺ آڻڻ
جي ڪوشش ڪئي. اهو تجربو ته هو هڪ معصوم ٻار جي گار
جو، جنهن جو تجرباتي علم ۽ عقل محدود آهي. ڏسڻو
اهو آهي ته باشعور ماڻهو گاريون ڇو ڏيندا آهن ۽
اڃا به وڌيڪ اهو ته ماڻهو گارين جي چونڊ ڪهڙي
بنياد تي ڪندا آهن. يا ڪنهن قسم جا ماڻهو ڪهڙي قسم
جون گاريون ڏيندا آهن.
گار جي باري ۾ وڌيڪ لکڻ کان اڳ ۾ پهرين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته
”گار ڇا آهي يا ڪهڙي شيءَ کي گار چئبو آهي؟“ گار
جو مطلب ڪنهن شخص يا سندس باري ۾ اهڙا الفاظ ۽
جملا چوڻ جيڪي تڪليف ده ۽ رسوا ڪرڻ سان گڏوگڏ
حقيقت پسندانه نه هجن ۽ انهن جي استعمال ڪرڻ جو
مقصد صرف ٻين کي اذيت ڏيڻ ۽ رسوا ڪرڻ هجي.
اسان وٽ گار غصي ۽ ڪاوڙ جي اظهار جو طريقو سڀ کان سولو آهي.
بنيادي طور اسين گارين کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهائي
سگهون ٿا.
هلڪيون ۽ بي ضرر گاريون.
تمام سخت ۽ ڪنيون گاريون.
اهڙين گارين ڏيڻ جو تعلق ڪيترن ئي ڳانڍاپن ۽ سببن سان آهي. جن
مان چند اهم واسطا ۽ ڳانڍاپا هيٺ ڏجن ٿا.
جنس، 2. تعليم، 3 ماحول.
عورت جي ڀيٽ ۾ مرد عام طور تمام سخت ۽ اگهاڙيون گاريون ڏين ٿا.
ان جو مطلب هرگز ڪونهي ته عورتون رڳو هلڪيون ۽ بي
ضرر گاريون ئي استعمال ڪن ٿيون. ليڪن مردن جي
مقابلي ۾ عورتون هن معاملي ۾ ڪجهه پٺتي آهن.
تعليم يافته عورتون ۽ مرد عام طور گهٽ گاريون ڏيندا آهن.
پڙهيل ڳڙهيل عورتن جي ڀيٽ ۾ جاهل ۽ اڻ پڙهيل
عورتون اڃا به وڌيڪ تکيون ۽ گنديون گاريون ڏينديون
آهن.
پڙهيل عورتون ۽ مرد جيڪڏهن گاريون ڏين به ٿا ته فحش ۽ ڪنيون
گاريون نه ٿا ڏين. ان کان علاوه مغربي تهذيب جي
اثر هيٺ آيل طبقو سنڌي/اردو جي بدران انگريزيءَ ۾
گاريون ڏئي احساس ڪمتريءَ جي سختيءَ کي گهٽ ڪرڻ
سان گڏ گار جي گندگيءَ کي به گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو.
صاف سٿري ۽ پر سڪون ماحول ۾ پلجندڙ ماڻهو نسبتاً گهٽ گاريون
ڏيندا آهن، مگر
Frustrated
۽ جهالت جي ماحول سان تعلق رکندڙ جهالت ۽
Frustration
ڪري گاريون ڏين ٿا. ماحول جيترو تڪليف ده هوندو،
جهالت اوتري وڌيڪ هوندي ۽ اوتري ئي حد تائين ڪنيون
گاريون ٻڌجڻ ۾ اينديون!
گار ڏيڻ جا ممڪن اسباب ۽ نفسياتي ڳانڍاپا هيٺ ڏجن ٿا
عادتاً گاريون ڏيڻ:
جيڪڏهن اسين پنهنجي معاشري جو غور سان جائزو وٺون ته اسان کي
اندازو ٿيندو ته اسان کي سڄو ڏهاڙو گاريون ٻڌڻيون
پون ٿيون. ٻيو ڪجهه نه ته گڏهه گاڏيءَ يا بيل
گاڏيءَ وارو بيل ۽ گڏهه کي ڪنيون ڪنيون گاريون
ڏيندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو! يا وري ڪنهن سائيڪل جو ٽائر
کڻي پنڪچر ٿيو پوي ته هو سائيڪل کي بيهاريندي
بيهاريندي ٻه چار ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏئي ٿو ڇڏي
!!
بعضي مائرون پيار ئي پيار ۾ ٻار کي گارين سان ڏاڍو نوازينديون
آهن ۽ غصو ۽ ڪاوڙ ته ذريعو ئي مارڪٽ ۽ گارين جو
هوندو آهي. هيءُ سڀ اهي گاريون آهن جي ماڻهو صرف
ان لاءِ ڏيندا آهن ته کين گاريون ڏيڻ ۽ ٻڌڻ جي
عادت هوندي آهي!!، ورنه هونئن ته نه غصو ئي سندن
اهڙو ڪو سخت هوندو آهي ۽ نه ئي وري وقت جي نوعيت
اهڙي هوندي آهي ته هو گاريون ڏيڻ تي مجبور هجن!
عادت جي مجبوريءَ ڪري گارين ڏيڻ جو تعلق گهڻي حد تائين مخصوص
ماحول سان هوندو آهي. جيڪي ماڻهو شروعات ۾ اک پٽڻ
شرط گاريون ٻڌندا آهن اهي کل، ڀوڳ، پيار ۾، ڪاوڙ ۽
غصي ۾ گارين جي بي درديءَ سان استعمال ڪندا آهن!
غصي جي اظهار جو رواجي طريقي ڪار آهي! جيتري قدر ڪاوڙ ۾ تيزي
هوندي، ايتري قدر سخت گاريون استعمال ٿينديون! مگر
هيءُ ضروري به ڪونهي ته غصي ۾ هر شخص لازمي گاريون
ڏئي. ماحول ۽ تعليم ڪنهن به فرد جي ظاهري طريقي
تي اثر انداز ٿين ٿا.
جاهل ۽ تعليم پرايل افراد جي غصن جي طريقن ۾ فرق لازم هجڻ ئي
گهرجي ۽ سو هوندو به آهي. ساڳي طرح مذهب سان
ويجهڙو تعلق به گندي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت
نٿو ڏئي.
اگر انسان غصي ۾ هجڻ کان علاوه بي وسيءَ جو شڪار هجي ۽ ڪجهه به
نه ٿو ڪري سگهي ته هو گاريون ڏئي سامهون واري کي
انتهائي ذهني ڪوفت ۽ اذيت ۾ مبتلا ڪندو آهي يا
پوءِ وري خود پنهنجي جذبات کي ٿڌو ڪندو آهي.
گاريون ڏيندڙ دراصل ان ذريعي ئي ٻئي کي بي عزت
ڪري پنهنجيءَ بي عزتيءَ، بي وسيءَ جي احساس کي گهٽ
ڪري سندي بي عزتيءَ جو بدلو وٺي ٿو! ٻين لفظن ۾
ائين کڻي چئجي ته پنهنجي عزت ۽ وقار کي ”محفوظ“ ۽
”بچائڻ“ واسطي ٻين کي گار ڏئي بي عزت ڪري ٿو!
گار ڏيڻ در حقيقت بغاوت جو هڪ پهلو آهي. گار ڏئي قانون، معاشري
۽ اخلاقي قدرن کان بغاوت ڪندو آهي. ان بغاوت جو
بنيادي سبب محرومي جو احساس
Frustration
چئي سگهون ٿا. هيءُ احساس ڪنهن به سبب ڪري پيدا ٿي
سگهي ٿو ۽ ان سبب ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. عام طور
محروميءَ جو احساس پيدا ڪندڙ ڳانڍاپن جو تعلق
سماجي ماحول سان ئي هوندو آهي.
هن سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته فحش ڪلامي ۽ ڪنيون گاريون
جنسي بيمار ماڻهن لاءِ تسڪين ۽ آٿت جو باعث
ٿينديون آهن! اهڙا افراد ذري ذري ڳالهه تي ڪنيون
گاريون بڪيندا آهن پر اهڙا ماڻهو تعداد ۾ گهٽ
هوندا آهن ۽ هڪ مخصوص طبقي سان سندن تعلق هوندو
آهي.
اهي ته هئا عوامل جن سببان ماڻهو گاريون ڏيندا آهن. هاڻي سوال
اهو پيدا ٿو ٿئي ته نيٺ گار ڏيڻ ۾ نقصان ڇا آهي؟
اگر صرف نفسياتي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته گار جو سڀ کان اهم عنصر،
اثرائتو عنصر، لذت انگيزي آهي. گاريون ڏيندڙ جي دل
و دماغ ۾ نفرت جو احساس پيدا ٿيندو ۽ وڌندو آهي ۽
جنهن کي گار ڏني وڃي ٿي. هن ۾ به نفرت سان گڏ
حقارت ۽ غصي جو احساس پيدا ٿئي ٿو. فرد ۽ معاشري ۾
محبت جيتري حد تائين گهٽجندي ويندي ته نفرت، خود
غرضي اوتري حد تائين وڌندي ويندي ۽ نفرت جو اهو
سلسلو جيترو وڌندو ويندو معاشرو اوترو فساد زده
ٿيندو ويندو ۽ فساد جڏهن ڦهلجندو آهي ته سڀ ڪجهه
ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي!
اخلاقي ۽ مذهبي اعتبار سان گار فرد ۽ معاشري ٻنهي لاءِ انتهائي
خراب اثرات رکندي آهي. انسان اگر ڪا ڳالهه مسلسل
ٻڌي ٿو ته ان جي اهميت گهٽجي ٿي وڃي. عام طرح
گارين ۾ جن ڳالهين جو ذڪر هوندو آهي اهي گهڻو ڪري
ڏوهه هوندا آهن. جڏهن لڳاتار انهن جو ذڪر ٿيندو
رهندو يا ڪن انهن کي پيا ٻڌندا رهندا ته پوءِ انهن
سان ڳنڍيل گناهن جو احساس گهٽجندو ويندو آهي.
نتيجي طور معاشري ۾ مجموعي افراد ۾ انفرادي سطح تي
بي حسي، بي حيائي وڌي ٿي ۽ آهستي آهستي اها نوبت
اچي ٿي ته جن ڳالهين جو سوچڻ برائي ، جن کي ٻڌڻ
غلط، انسان انهن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪو عار يا
جهجهڪ محسوس نه ڪندو!
مسلمان هجڻ جي حيثيت سان به جيڪڏهن اسين ويچار ڪريون ته پوءِ
گار ڏيڻ هڪ وڏو گناهه آهي. ان جو هڪ اهم سبب هيءُ
آهي ته اسلام حياءُ تي ڏاڍو زور ڏئي ٿو. حياءُ کي
ايمان جو لازمي جزو بڻايو ويو آهي. جيئن ته گار
ڪنهن به قسم جي هجي، بي حيائي ڦهلائڻ جو سبب بڻجي
ٿي. وڌيڪ اهو ته اسلام هڪ مسلمان جي جان، مال ۽
عزت سڀني مسلمانن مٿان حرام ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪو
انسان ٻئي اسان کي گار ڏئي ٿو ته هو در حقيقت سندن
عزت تي حملو ڪري ٿو. جنهن جي کيس ڪنهن به صورت ۾
اجازت ناهي. گار ڏئي مذهب جون مقرر ڪيل حدون ڀڃڻ
يا ٽوڙڻ ڪري انسان ظالم ۽ باغي بڻجيو پوي ۽ ظالم
انسان ڪڏهن به فلاح ڏيڻ جوڳا نه آهن! تنهن ڪري
اسان کي انفرادي توڙي اجتماعي لحاظ کان اها ڪوشش
ڪرڻ کپي ته اسين پڻ بدڪلامي، گار گند کان بچون ۽
اهڙو معاشرو تشڪيل ڏيون جنهن ۾ گاريون ٻڌڻ اسان جي
مجبوري نه هجي. ڇاڪاڻ ته ڪا بڇڙي يا برائي جي
ڳالهه ڪرڻ بلا شڪ گناهه آهي پر ان جو ٻڌڻ به گناهه
ئي ليکبو!
اهي ننڍيون ننڍيون اخلاقي برايون وڏا وڏا فساد ۽ عذاب پنهنجي
پٺيان لڪائي آڻين ٿيون پر اسان تن کي نظرانداز ڪري
ٿا ڇڏيون! ان ئي ڪري اسين مسلسل رُوبه زوال
آهيون. اگر اسين وڏي تباهيءَ ۽ مصيبت کان بچڻ
گهرون ٿا ته اسان کي بظاهر اهڙين ننڍين براين کي
ٻنجو ڏيڻو ئي پوندو.!
*--------*-------*
انور عظيم/سنڌيڪار ناصر ساريو
هڪ رات ماسڪو ۾...
برف باري ٿي رهي هئي. جنهن ماسڪو (روس) جي رات کي وڌيڪ پراسرار
بڻائي ڇڏيو هو. اسان جي ڪار ”يوڪرائنا هوٽل“ کي
ڇڏي نتاشا جي گهر ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. تازو ٿيندڙ برف
باريءَ سبب رستن تي اڇي کير جهڙي برف وڇايل هئي.
روسي وينگس نتاشا ۽ فيض احمد فيض ڪار جي پوئين سيٽ تي ويٺل هئا.
نتاشا جا وار ڪٽيل هئا ۽ گهنگهرن جي روپ ۾ هئا.
جيڪي سندس ڪنڌ تي جهومي رهيا هئا.
هوءِ مهان شاعر فيض احمد فيض جي شخصيت ۽ شاعريءَ کان متاثر هئي.
سچ ته فيض احمد فيض جي سحر انگيز شخصيت ۾ ڄڻ گم ٿي
چڪي هئي. فيض احمد فيض ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وطن
ورڻ وارو هو. جنهن ڪري ئي نتاشا فيض ۽ فيض جي
ساٿين کي پنهنجي گهر دعوت تي وٺي وڃي رهي هئي. جتي
سندس ور ۽ امڙ ايندڙ مهمانن جو اوسيئڙو به ڪري
رهيا هئا ته آيلن جي آجيان به.
وينگس نتاشا جي ور مهمانن جي کلئي دل سان آڌر ڀاءُ پئي ڪيو.
کائڻ هجي يا پيئڻ، روسي روايتن وانگر ڪا ڪسر ڪانه
ڇڏي هيائين. محفل رات جي پوئين پهر تائين متل هئي.
نتاشا جو ور آيل مهمانن جون تصويرون به ڪڍندو
رهيو. چوڻ لڳو” هي تصويرون هندستاني ۽ پاڪستاني
مهمانن جي ياد ڏيارينديون رهنديون.“
اسان نتاشا جي ور جي خوش اخلاقي مهمانن نوازي ۽ کلمک طبيعت تي
حيران هئاسين. سندس اکين ۾ ڏاهپ به سموهيل هئي ته
شرافت به. نتاشا جو چنڊ جهڙو مک به چمڪي رهيو هو.
واقعي اها حقيقت آهي ته خوشيون سونهن کي وڌيڪ
ڀرپور بڻائي ڇڏينديون آهن.
جڏهن گرم گرم ڪافي پي هوٽل طرف ورڻ لڳاسين تڏهن سڀني نتاشا کي
چيڙائيندي چيو”برف باريءَ هوندي ۽ هن رات جي پوئين
پهر ۾ تون اسان کي هوٽل تي ڇڏڻ وڃي رهي آهين.
تنهنجو مڙس ته ڏاڍو شريف چئبو!“
”مان اوهان کي هوٽل تي لاهي سڌو گهر وينديس، گهٽ ۾ گهٽ ايترو
انتظار ته هو ڪري وٺندو...“ شرارت ڀريي لهجي ۾
نتاشا پنهنجي مڙس جي باري ۾ چوڻ لڳي.
فيض احمد فيض سندس ڳالهه ڪٽيندي نرم لهجي ۾ کيس چيو” نتاشا!
ڏسجانءِ ڪٿي تنهنجو مڙس توکي ماري نه وجهي. مون
سندس اکين ۾ خون ڏٺو آهي...“
فيض جي ڳالهه مذاق ۽ ٽهڪن ۾ دٻجي وئي ۽ هوٽل پهچڻ تي سڀ ڪار مان
لهي وياسين.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فيض احمد فيض واپس پاڪستان موٽي ويو مان
ماسڪو ۾ رهي پيس. نتاشا برابر مون کي عجب ۾ وجهندي
رهي. هر وقت سندس ذهن ۽ زبان تي فيض ڇانيل هو.
سندس نه کٽندڙ سوال هئا.
”فيض جي ڪا خبر ڏيو؟ فيض ڪٿي آهي؟ فيض ڪيئن آهي؟ “ وري پاڻ ئي
ٻڌايائين”روسي ٻوليءَ ۾ فيض جو ڪيڏو نه خوبصورت
نظم ترجمو ٿيو آهي.“
ٽيلي فون تي هجي يا ڪنهن ملاقات ۾، هو فيض احمد فيض جوضرور
پڇندي هئي. ۽ چوندي هئي ته ”مون فيض احمد فيض جهڙو
عظيم ماڻهو ڪو ورلي ڏٺو هوندو. سندس عظمت جي ڪري
ته فيض ايڏو وڏو ۽ خوبصورت رچنائن جو شاعر آهي.“
وقت گذرندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٽيليفون فون جي گهٽني وڳي
نتاشا جي هڪ دوست نتاشا جي باري ۾ خبر ڏني.
”نه ائين نٿو ٿي سگهي.... مان يقين نٿو ڪري سگهان...” مون کان
بي ساخته رڙ نڪري وئي. رات .... برف ... آواز....
هڪدم فيض احمد فيض جي ڳالهه ياد اچي وئي...
”نتاشا ڏسجانءِ! ڪٿي تنهنجو مڙس توکي ماري نه وجهي ....“
”۽.... واقعي .... وينگس نتاشا کي سندس مڙس قتل ڪري ڇڏيو....“
لطيف اياز پنهور
بيت
اڃان آن غلام،سوچ اڃا سطحي!
قهري قهري آدمي، من من آ ماتام.
”ڪارو ڪاري“ نام ۾، هيسيل هيءُ هشام،
”بندو“ بڻيو آدمي، قيد ۽ قتلام
هڻي وجهه هام، هينئڙا ڇڏي هول کي.
منهنجو خيال آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي جيڪا ادب کان
وڌيڪ آزادي لاءِ تڙپ پيدا ڪري سگهي خاص ڪري
نوجوانن ۾. (طله حسين)
(مصر جو روشن دل وارو ليکڪ)
اسان کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن اسين ڪو ڪتاب پڙهون ٿا
۽ ان جي پڙهڻ سان اسان جي ذهن ۾ جيڪي خيال اچن ٿا
۽ جنهن قسم جو جذبو پيدا ٿئي ٿو ان جو اظهار ڪا
خراب ڳالهه ناهي. اهڙي طرح نقادن جي تنقيد تي
تنقيد ڪرڻ به ڪو عيب ناهي.
اسان سڀني کي نقاد بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ تنقيد کي انهن
ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏڻ کپي جيڪي اخبارن ۾
تبصرا ڪندا آهن، سٺو نقاد اهو آهي جيڪو تيز ۽
دائمي ادراڪ کي وسيع ۽ گهري اڀياس سان ملائي ڇڏي
(ٽي ايس ايليٽ).
فلابيئر هڪ دفعو ٽي ڏينهن وڏي محنت ڪرڻ کان پوءِ 8 سٽون لکيون
پوءِ ڏک وچان چيائين” انهن کي به ڪاٽڻو پوندو“
(ڇو ته اهي غير ضروري آهن يا اڃا به ٺيڪ ناهن)
سينيٽ بو ڪتاب جو هڪڙو صفحو لکي پنهنجي سيڪريٽري کي ڏيندو هو ۽
چوندو هو” انهي کي اهڙي طرح پڙهي ٻڌاءِ ڄڻ تون
منهنجو دشمن هجين“
بوفون، جڏهن ستر سالن جو ٿيو ته هن چيو ”آئون ڏينهون ڏينهن لکڻ
سکي رهيو آهيان.“ چاليهن سالن جي اڻ ٿڪ محنت ڪرڻ
کان پوءِ مون کي جرمن زبان لکڻ اچي وئي.“ جرمني جو
لافاني شاعر ”گوئٽي“
مصنف: ائنڊريولئنگ/ سنڌيڪار: محمود مغل
قسط: 10
جون آف آرڪ جي ڪهاڻي
باب سترهون (جُون سان پادرين جو دوکو)
آخر ڪار 24 مئي 1341 تي هنن اها ڀرپور ڪوشش ڪئي ته جون مٿان
زبردست دٻاءُ وجهي سندس غلطي تسليم ڪرائي وڃي.
انهيءَ ڏينهن تي هنن جون کي سينٽ اوئن
(Saintoven)
جي گرجا جي قبرستان ۾ آندو جتي ٻه ٿلها ٺاهيا ويا
هئا، هڪڙي ٿلهي تي ڪوچن ۽ سندس ساٿين بيٺل هئا.
جڏهن ته ٻئي تي جون کي بيهاريو ويو. اتي ئي ڪاٺين
جون ڀريون گڏ ڪري رکيون ويون هيون ته جيئن جون کي
جيئري ساڙيو وڃي.
پادرين ٻه ڪاغذ تيار ڪيا هئا. هڪڙي تي اهو لکيل هو ته ”جون هنن
آڏو آڻ مڃي ٿي ۽ هوءَ هاڻي زنانو ويس اوڙهيندي،
ٻئي تي هڪڙو وڏو بيان لکيل هو. جنهن ۾ هنن اهو
اقرار ڪيو هو ته کيس ٻڌجندڙ آواز شيطاني هئا ۽ هن
هر قسم جي غلطي ڪئي آهي.
جون کي ٻڌايو ويو ته جي هن ننڍڙي ڪاغذ تي صحيح ڪئي ۽ زنانو لباس
پهريو ته ساڻس جيل ۾ نرمي ڪئي ويندي، جتي انگريز
سپاهين جي جاءِ تي عورتون سندس نگراني ڪنديون.
ٻرندڙ باهه کي تيار ڏسي جون ننڍڙي بيان کي وري ورجايو ۽ انهي
ڪاغذ تي آڱوٺو هنيو جيڪو کيس ڏنو ويو هو. آڱوٺو
هڻڻ مهل سندس منهن تي مرڪ هئي. پر کيس اها خبر ڪا
ٿورئي هئي ته کيس غلط ڪاغذ ڏنو ويو هو. هن تي
انهيءَ ڪاغذ تي آڱوٺو هنيو جنهن تي ڊگهي تقرير
لکيل هئي جنهن ۾ هن پنهنجن آوازن کي غلط سڏيو ۽ هر
گناهه جو اقرار ڪيو هيائين.
اسان کي انهيءَ قصي مان ئي خبر پوي ٿي ته جون سان ڪانه ڪا چال
ضرور کيڏي وئي هوندي. جون سان ڪيل ڪنهن به دعويٰ
کي ڪو نه نڀايو ويو، نه ئي جيل ۾ ڪا نرمي ٿي ۽ نه
ئي پهريدارن ۾ ڪا تبديلي ٿي.
جون جي مرداڻي لباس پائڻ جي سزا کيس جيئرو ساڙڻ ۾ تبديل ٿي پئي
سگهي. اهو ڄاڻندي هنن کيس زنانو لباس ته ڏنو پر
سندس مرداڻو لباس به هن جي ئي پڃري ۾ ٽنگي ڇڏيائون
۽ ائين ظاهر ڪرڻ لڳا ڄڻ هوءَ انهيءَ لباس کي ڇڏڻ
لاءِ آماده نه هجي.
ڪوچن هڪ انگريز کي نيٺ چئي ڏنو ”هاڻي هوءَ سوگهي آهي.“
هڪڙو دفعو وري هو سڀ گڏجي ويا ۽ جون کان آخري ڀيرو پڇا ڳاڇا ڪرڻ
لڳا.
”ڇا تون آواز اڃا به ٻڌين ٿي؟“
”هائو“
”هاڻي اهي ڇا ٿا چون؟“
”مون کي چيو ويو آهي ته ڪاغذن تي نشان هڻي مون غلطي ڪئي آهي.“
”توکي پڪ آهي ته اهي آواز نيڪ ماڻهن يا روحن جا آهن؟“
”هائو، مان ائين ئي سمجهان ٿي.“
هن آخري ڀيرو پنهنجن لفظن کي وري ورجايو هو. سندس اعتقاد بيشڪ
پڪو پختو هو.
جنهن ڏينهن جون کي ساڙيو پئي ويو ته ڪوچن ۽ سندس ساٿي وري به
جون وٽ ويا هئا ۽ هڪڙو بيان تيار ڪيو هيائون، جنهن
موجب هنن اهو فيصلو ڪورٽ تي ڇڏيو هو ته اها ٻڌائي
ته جون کي ايندڙ آواز پاڪ هئا يا شيطاني. پر ان
ڪاغذ جي ڪابه حيثيت ناهي. ڇاڪاڻ ته ڪورٽ جي ڪلارڪ
موجب اها به هڪ چال هئي. انهيءَ ڪلارڪ ان آخري
ملاقات تي وڃڻ لاءِ اهو چئي انڪار ڪيو هو ته اها
ملاقات قانوني ناهي. هو ججن جي حيثيت ۾ نه ٿا ملڻ
وڃن بلڪه عام ماڻهو بڻجي وڃن پيا.
ڪلارڪ آخر ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري هئي. هو هڪ بهادر انسان هو. جيڪو
جون کي هڪ تمام سٺي ڇوڪري سمجهندو هو ۽ سندس خيال
موجب جون سان غير قانوني سلوڪ ٿي رهيو هو.
ڪلارڪ جي مائٽن موجب”هو سڄيءَ حياتيءَ ۾ ايترو ڪونه رنو هوندو
جيترو هن ڀيري هن ظلم تي رنو هو. سڄو مهينو هن جا
ڳوڙها نه پئي بيٺا جون کي سزا ملڻ کان پوءِ هو
دعائن جو هڪڙو ڪتاب وٺي آيو هو ۽ سندس بخشش لاءِ
دعا گهرندو رهندو هو.“
هن ايماندار شخص جو نالو گلبرٽ مانچون
(Gilbert Manchon) هو.
هنن کيس ظالماڻي نموني جيئرو ساڙي ڇڏيو.
هن جي جسم کي لڳندڙ باهه جي پهرين شعلي کان وٺي سندس موت تائين
روئن
(Roven)
جي مارڪيٽ پليس
(Market Place)
۾ 8 سئو سپاهي سندس چتا تي پهرو ڏيندا رهيا ۽ انهن
مان هڪڙو به هن جي مدد لاءِ اڳتي نه وڌيو.
هنن ڪاغذن جي هڪ ٽوپيءَ تي ڪجهه لقب لکي، سندس مٿي کي زوري
ڍڪيو هو.
”ظالم، هوڏي، مذهبي، مٿي ڦريل، هٿ ٺوڪي خدائيءَ جي دعويدار.“
جون جي بهادر ترين حياتيءَ لاءِ هي صلو هو!
هوءَ پاڻ ۾ موٽي آئي هئي، پر پنهنجي پاڻ هن کي پنهنجو نه ڪيو.
اتي بيٺلن لاءِ اهو منظر تمام عجيب هو.
”هن باهه ۾ سڙندي چپ جو لباس اوڙهيو هو. صليب کي سامهون رکي
هوءَ سڙندي رهي ۽ جڏهن سندس وجود رک ٿي رهيو هو ته
سندس ڪنڌ جهڪيل پئي نظر آيو.“
هن پادريءَ ازامبرٽ ڊي لا پيري
(Isambe De la Pierre) اهو اکين ڏٺو احوال ائين ئي بيان ڪيو هو ۽ ائين ئي جون
ختم ٿي وئي.
ڪجهه ماڻهو جيڪي اتي موجود هئا ٻڌايو ته انگريزن جي وڏي پادري
بيوفرٽ
(Beaufort)
کيس مرندي ڏسي روئي ڏنو.
”واڳونءَ جا ڳوڙها ٿا ڳڙن“ هينري ڇهين جي هڪ سيڪريٽري جيڪو پاڻ
اڃا ٻارڙو هو، چوڻ لڳو ”اسين برباد ٿي ويا آهيون
اسان هڪ فرشتي کي ساڙيو آهي.“
هو واقعي برباد ٿي ويا هئا. سندن ظلم جو نتيجو کين ڏسڻو ئي پيو.
اسڪاٽن ۽ فرانسيسين کين هڪڙي صوبي مان ٻئي صوبي جو
سير ڪرائي ملڪ مان تڙي ڪڍيو. شهر شهر جا ڌڪا کائي
جڏهن هو انگلستان واپس پهتا ته اتي وري هڪ ٻئي جا
لاهه ڪڍيائون، پنهنجن شهزادن کي قتل ڪري معززين کي
ڦاهي چاڙهيائون. ڪن کي قيد نصيب ٿيو ته ڪي وري
جلاد جي ڪات هيٺان آيا. بورڪ ۽ لئنڪاسٽر هڪ ٻئي جا
ويري ٿي ويا. هينري ڇهون ذري گهٽ چريو چوائيندو
رهيو ۽ جلاوطنيءَ ۾ الاءِ ڪٿي ڪٿي رلندو رهيو. اهو
سڀ انگريزن جي لاءِ هڪ انعام هو. جيڪو قدرت کين هڪ
معصوم کي ساڙڻ جي عيوض ڏئي رهي هئي.
هنن پنهنجي نالي تي اهڙا ته داغ لاتا جو وقت به اهو ڌوئي نه ٿو
سگهي. هنن ئي شيطان جو پاسو وڃي ورتو.
ريمس جي وڏي پادريءَ کي هڪ ڀيري جون چيو هو ته کيس اها خبر ناهي
ته هوءَ ڪٿي مرندي يا ڪٿي دفن ٿيندي.
واقعي سندس رک ڪڏهن به ڌرتي تي نه وکري... سندس ڪا به قبر ناهي.
انگريزن سندس رک سمنڊ ۾ اڇلائي هئي.جون جي ڪابه نشاني سلامت
ناهي، نه ڪا تصوير، نه پهريل ڪو لباس، نه ڪا ٽوپي
نه تلوار نه ڪو هيرو، جنهن کي هن هٿ لاتو هجي پر
وري به هوءَ وساري ناهي وئي، نه ئي کيس وساري
سگهجي ٿو. هر سال مئي جي 8 تاريخ تي سندس شاندار
سوڀ جي حوالي سان آرليئنز جي شهر جي گهٽين مان وڏا
وڏا جلوس لنگهندا آهن. هي اهو ئي شهر آهي جنهن کي
هن بچايو هو. جيتوڻيڪ پوءِ ايندڙن سندس مجسما
ڊاهيا هئا پر تڏهن به فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هن
جا مجسما اڃا به لڳل آهن. ڪيترا ته مجسما ماڻهن جي
دلين ۾ به جڙيل آهن
باب اڻويهون
جون جي مقدمي جو ورجاءُ
اميرن ۽ طاقتورن هڪ ٽڪو به ڪونه خرچ ڪيو هو نه ئي وري ڪا تلوار
هن جي بچاءَ لاءِ اڀي ٿي هئي. غريبن هن لاءِ
دعائون گهريون هيون ۽ اهي دعائون اڄ به لکت ۾
موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي ماڻهو کيس وساري
خوش هجن پر ڪيترائي کيس ياد رکڻ ۾ خوشي محسوس ڪن
ٿا.
جي جون ڪا ڏائڻ هجي ها ته بادشاهه به ڪاري علم سان هن سان
مقابلو ڪري سگهي پيو.
جون جي شهادت جي ويهن سالن کان پوءِ جڏهن بادشاهه نارمنڊيءَ ۽
روئن تي قبضو ڪري چڪو هو ته هن سوچيو هو ته ڇو نه
انهن الزامن جو جائزو ورتو وڃي جنهن جي ڪري جون کي
ختم ڪيو ويو. روئن ئي اها جاءِ هئي جتي جون کي
ساڙيو ويو هو ۽ اتي ئي بهتر نموني پڇا ڳاڇا ٿي پئي
سگهي.
مقدمي سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن کان وري جانچ لڌي وئي. عدالت جو
نيڪ خصلت ڪلارڪ، مانچون، پيو پر جيڪو ججن مان هڪ
جج هو، ساهون آيا ۽ سوالن جا سوالن جا جواب
ڏنائون، جج جو خيال هو ته جون ڪا ڏائڻ ڪانه هئي
بلڪه هڪ پر شوق ڇوڪري هئي. جنهن جو خيال هو ته
هوءَ آواز ٻڌي ٿي ۽ روح ڏسي ٿي جيڪو اصل ۾ ائين
ڪونه هو. ڪيترائي چريا ماڻهو عجيب عجيب آواز
ٻڌائيندا آهن. جون جا آواز ته هوشيار هئا.
هن پڇا ڳاڇا جو ڪو به نتيجو نه نڪتو.
ٻن سالن کان پوءِ جون جي ماءُ ۽ ڀائرن هڪ ٻئي مقدمي لاءِ
درخواست ڪئي ته جيئن خاندان جي حيثيت ته واضح ٿئي.
اها عجب جهڙي ڳالهه آهي ته 1452 تائين جون جا ڀائر
۽ سئوٽ ماسات هڪ اهڙي عورت کي جون سمجهي ساڻس مٺ
محبت وارو سلوڪ ڪندا هئا جيڪا اصل ۾ جون ڪانه هئي
۽ جنهن کين اهو اچي چيو هو ته ”مان جون آهيان،
سڙڻ کان ڀڄي لڪندي هتي پهتي آهيان.“
هيءَ هڪ پرمزاح عورت هئي، جيڪا کاڌو پيتو گهڻو واپرائيندي هئي
۽ ٽينس راند جي شوقين هوندي هئي. اها ته وڏي ڳالهه
ٿي هئي جڏهن بادشاهه کانئس ”راز وارو امتحان ورتو
هو ۽ هو پڪڙجي پئي هئي.“
هڪ ٻي تعجب جي ڳالهه اها آهي ته 1936 ۾ ڊيوڪ آف برگونڊي جي
ماسيءَ مئڊم ڊي لڪسمبرگ
(Madam De lxembroug) ان نقلي خاتون جي خاطر تواضح ڪئي هئي جڏهن ته آرليئينز جي سڄي
شهر هن لاءِ دل کولي ڇڏي هئي. کيس تحفن تحائفن سان
سٿي جون جي موت جي ورسي ملهائڻ بند ڪئي هئي. ڇاڪاڻ
ته هو ته وٽن موجود هئي ۽ بنهه خوش پئي نظر آئي.
تنهن کان سواءِ آرليئنيز جي حساب ڪتاب وارن؟؟ هي اصل ڪتاب ۾ به
ائين لکيل آهي، فقير مان ڇا مراد، فقيرن ۾ اهو به
لکيل آهي ته 1452ع تائين جون جي ماءُ کي ”قوم جي
ماءُ“ سمجهندي پينشن به ڏيندا هئا. هاڻي جڏهن جون
جي خاندان سندس ڪردار بابت وضاحت پئي گهري ته اهو
تسليم ڪيو ويو ته هوءَ مري چڪي هئي. 1431ع ۾ کيس
جيئرو ساڙيو ويو هو ۽ واقعي هوءَ ڪو وجود هئي.
اڄ تائين جون آف آرڪ جي حوالي سان ان نقلي جون کان وڌيڪ ڪو به
مثال ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. جون جي خاندان وارن وري به
کيس معاف ڪيو پر عدالت هن کي پنج سال قيد ۾ رکيو
هو جنهن کي ختم ڪري هو الائي ڪٿي وڃي غارت ٿي.
نئون مقدمو هلندو رهيو. شروع ٿيو، ختم ٿيو ۽ وري 1455ع ۾ شروع
ٿيو. انهي وقت تائين ڪائوچن مري چڪو هو ۽ هاڻي
کيس ڪجهه به نه پيو ڪري سگهجي.
سندس شاهد اڳيان آيا جن اهو ئي ٻڌايو جيڪو هن ڪتاب جي شروعاتي
بابن ۾ لکيل آهي ۽ اهو ٿابت ٿيندو ويو ته هيءَ
ڪيتري نه سلڇڻي ۽ بهادر ڇوڪري هئي. پاڻ کان گهٽ
حيثيت وارن لاءِ هن جو ساهه ويندو هو ۽ سلائي
ڪڙهائيءَ ۾ هوءَ پنهنجي ماءُ جي ڀرپور مددگار هئي.
جيڪو به اڃا تائين جيئرو هو، جون سان جنگين ۾ شريڪ هو، شاهد
بڻجڻ لاءِ اڳيان پئي آيو. ايلنڪان، ڊيونوئس، ڊي
آلون ۽ ٻيا الائي ڪيترا ماڻهو آيا جن جون جي
بهادري، ذهانت ۽ بي جگريءَ بابت ذرو ذرو ٻڌايو. هن
ڪيئن نرم دليءَ جو مظاهرو ڪيو هو. قيد ۾ سندس
ڏينهن ڪيئن گذريا هئا. ۽ مقدمي ۾ ڪئين نه هن سان
ڌانڌلي ڪئي وئي هئي.
ان سڄي مقدمي جي پڄاڻي اها ٿي جو عدالت، جون جي اڳين مقدمي کي
مڪمل طرح لاقانونيت جو مظهر، ظلم جو اهڃاڻ ۽ هٿ
ٺوڪي ڏاهپ جو مرڪز قرار ڏنو ۽ کيس ڏنل موت جي سزا
جو حڪم ڪالعدم ڪيو ويو. جون مٿان سڀ الزام ختم ڪيا
ويا ۽ اهو فرمان جاري ڪيو ويو ته جنهن جاءِ تي کيس
ساڙيو ويو هو اتي هن جي ياد ۾ هڪڙي صليب تعمير ڪئي
وڃي.
اتي ئي جون آف آرڪ جي حياتيءَ ۽ موت جو قصو ختم ٿئي ٿو.
بهترين قول
تحمل بهترين مذهب آهي. (وڪٽر هيوگو)
علم حاصل ڪرڻ لاءِ مطالعو ايترو ئي ضروري آهي جيترو ڪنول جي گل
لاءِ پاڻي. (تلسي داس)
ان خوشيءَ کان پري رهو، جيڪا سڀاڻي ڏک جو ڪنڊو بڻجي ڏک ڏي.
(خليل
جبران)
جنهن قوم ۾ غدار پيدا ٿيڻ لڳن تنهن قوم جا مضبوط قلعا به ڪچي
گهر وانگر ثابت ٿيندا آهن. ( ٽيپو سلطان)
دشمن کان هميشه ڊڄو ۽ دوست کان ان وقت جڏهن هو اوهان جي تعريف
ڪري.
(شيخ سعدي)
جنهن علم سکيو پر عمل نه ڪيو ان جو مثال ان هاريءَ وانگر آهي
جنهن هر هلايو پر ٻج نه پوکيو.
علم اهو نور آهي جو روح کي هڪ نئين روشنيءَ سان منور ڪري ٿو.
فقير شهمير چانڊيو
قسط: 4
جنين ڪاڻ مياس!!!
مون کي اوچتو ڏسي ڀيڻ کان رڙ نرڪي وئي”اجهو ادا اچي ويو، حياتي
وڏي اٿس.“
اديءَ اڃا اهو جملو چئي بس ئي مس ڪئي ته اوچتو مامي بچل مٿي
تان پٽڪي لاهي، منهنجي پيرن تي رکي ۽ مان سندس ان
عمل تي حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳس، سندس اکين مان
ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ وهندڙ ڳوڙهن کي ضبط ڪندي،
نماڻي انداز ۾ چوڻ لڳو”پٽ! مون کي معاف ڪر، جو
مريم مون کي برغلايو هو نه ته مان ته ڏيو ويٺو
هوس. هونءَ به چوهڙن جون ونڊيون چوهڙائي کڻندا
آهن. صبح جو ڀليل، شام جو ماڳ تي موٽي اچي ته ان
کي ڀليل نه چئبو آهي. هاڻي منهنجن اڇن جو ڀرم رک
!“ مامي پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکندي چيو.
مان ايڏو ته حيران هوس، جو مامي جي ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه پئي
آئي، سو چيومانس ”ماما توهان وڏا آهيو. اوهان کي
ائين نه ڪرڻ کپندو هو. جو پٽڪي لاهي، منهنجن پيرن
تي رکيو. لکيو نه هو. ڪا ڳالهه ناهي، سڀ ڪو پنهنجي
مرضي جو مالڪ آهي. منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ اهو ئي
احترام آهي.“
”نه ادا نه تو مامي جي اڃا ڳالهه نه سمجهي آهي.“ منهنجي ڳالهه
ختم ڪرڻ تي منهنجي ڀيڻ چيو.
”پر ڀڻ ان ۾ مامي وارن جو ڪهڙو ڏوهه! ڀلا ائين هجي ها ته مان
وٽن اچان، وڃان به نه هان! مون وضاحتي انداز ۾ ڀيڻ
کي جواب ڏنو.
”نه پٽ، اصل ۾ چوڻي آهي ته ”سيوهاڻي چريو ٿيندو آهي، ته ڀتر
پنهنجي گهر ۾ اڇلائيندو آهي. هونئن ته ڪافي
مائٽيون اچي چڪيون آهن. پر هوءَ ڪنهن کي به توکان
سوا نٿي قبولي. هاڻي تون ئي منهنجي عزت جو ڀرم رک،
مامي وري منٿ واري انداز ۾ چيو.
”پر ماما، مون اوهان جي ڳالهه اڃا نه سمجهي آهي؟“ مون حيرانيءَ
۽ پريشانيءَ واري عالم ۾ چيو.
”پٽ ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڀڳلون ٻانهون مائٽ ئي ورائيندا آهن. اسان
حسنا کي واپس ورائي آيا آهيون، هاڻي رڳو تون ”ها“
ڪر ته توکي نڪاح ڪري ڏيون، ۽ سر تان بار لاهيون.“
مامي جي ان ڳالهه تي، منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي ۽ سمجهه ۾ نه
پئي آيو ته مامي کي ڪهڙو جواب ڏيان ۽ ان ڳالهه کي
قبول ڪريان يا نه. جيڪا هڪ غيور انسان لاءِ ضروري
هوندي آهي پر منهنجي اندر جي سڪل ۽ ٺوٺ زمين کي
سيراب ڪرڻ لاءِ يار جو ديدار ۽ ان جو وصال حاصل
ڪرڻ نهايت ضروري ٿي پيو ۽ اهو سوچي، اڃا مون چپ ئي
مس چوريا ته ڀيڻ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. ”پر ماما
هن، مُئي نڪاح وڌو هجي ته پوءِ ڪيئن ٿيندو؟“ نڪاح
مٿان نڪاهه ته نٿو ٿي سگهي!“
”نه امڙ، اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، مون ڌيءَ کان پڇيو آهي، مامي
مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي مطمئن ڪندي چيو.“
”تنهن هوندي به ماما، ڪجهه بندوبست ڪرڻوئي پوندو!“ مون چيو”ڀلا
توهان پوليس ۾ فرياد لکرايو هو؟“ اوچتو مون ڪجهه
سوچي سوال ڪيو.
”ها پٽ“ پوليس وٽ به ويو هوس، پر انهن مون کي ليکيوئي ڪونه،
پوءِ مجبور ٿي، ان مردود جي ويجهن ماڻهن کان پڇا
ڪندو، آخر ان جي ڳوٺ پهچي ويس. جتي ان پناهه ورتي
هئي. پوءِ مون اتي ڳوٺ جي چڱي مڙس کي دانهن ڏني.
ان مون سان ڏاڍا وڙ ڪيا ۽ جنهن ماڻهوءَ وٽ ان
مردود پناهه ورتي هئي ان کي گهرائي ڏاڍو بڇڙو
ڪيائين ۽ ان سان گڏوگڏ پوليس جا به کيس دڙڪا
ڏنائين. تنهن کان پوءِ مس مس ٻانهن منهنجي حوالي
ڪيائون. هو مردود ڀڄي ويو“ مامي مختصر نموني چيو.
”ماما هاڻي هڪڙو ڪم ڪرڻو پوندو. جو ڪنهن وڪيل سان صلاح ڪرڻي
پوندي ۽ ان جي معرفت حسنا کي لکت ۾ بيان ڏيڻو
پوندو. جيئن اڳتي هلي ڪو ڏچو نه پيدا ٿئي!“ مون
بزرگانه انداز م مامي کي صلاح ڏيندي چيو.
”جيئن پٽ توکي مناسب لڳي، هاڻي ابا هلبو، تنهنجي وڏي مهرباني!“
ائين چئي مامو ۽ مامي موڪلائي هلايا ويا.
انهن جي وڃڻ کان پوءِ ڀيڻ سان ان معاملي تي صلاح مشورو ڪيم،
جنهن مون کي سنڀالي وک کڻڻ جو مشورو ڏنو ۽ مان اها
رات ڀيڻ وٽ ئي ترسي پيس. اها سڄي رات منهنجي لاءِ
سوچن جو آماجگاهه بنجي وئي ۽ خاص طور تي ان ڳالهه
تي گهڻو سوچيندو رهيس ته ڏوهه ۽ گناهه ته انسان
کان ئي سرزد ٿيندا آهن. جيڪڏهن حسنا صبح جي ڀليل
شام جو ماڳ تي موٽي آئي آهي ته ان کي ڀليل نٿو چئي
سگهجي. اها ته مائٽن جي ڪمزوري هئي. جو هڪ ڌارئي
ماڻهو کي گهر ۾ هيريئون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو.
جو ظاهري ”ڀيڻ“ چوڻ وارو ڪيترو نه مڪار ۽ ڪمينو
نڪتو جو وڏي مڪار ته حسنا نڪتي جو ان ڳجهه ڳوهه ۾
نه سوچيو ۽ نه سمجهيو ، هڪ اجنبيءَ کي پنهنجو تصور
ڪرڻ لڳي يا پوءِ شايد جواني انڌي ٿيندي آهي!
صبح ٿيندي ئي ڀيڻ کان موڪلائي، شهر پهتس، ۽ اتي صحافي دوست سان
ملي ان جي معرفت هڪ وڪيل سان مليس، جنهن مون کي
حلفيه بيان ڏهين رپين جي اسٽامپ تي لکي ڏنو ۽ ان
سان گڏ هڪ عدد فوٽو پڻ ان تي حسنا جو لڳائڻ لاءِ
چيو. ۽ آخر ۾ ٻانهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چيو،
جيئن جج اڳيان بيان ڏيئي. پاڻ کي آئنده جي خطرن
کان محفوظ رکي سگهجي!
ان ڪم کان فارغ ٿي، سڌو پريس ويس جتي ٻن ڏيهن جي موڪل جي
درخواست ڏئي سڌو ڳوٺ پهتس ۽ مامي وارن کي ٻانهن
کي جج اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ چيم. مامي فورن ”ها“ ڪئي
۽ شهر پهچي پهرين حسنا جا فوٽو ڪڍرايم مطلب ته هر
ڪم کان آجو ٿي پنهنجي دل جي ملڪه حسنا کي شريعت
محمدي موجب ازدواجي زندگيءَ ۾ منسلڪ ڪري شهر واري
مسواڙي جاءِ تي وٺي ويس.
حسنا کي حاصل ڪري مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپس. ائين پي لڳم ڄڻ ٻئي
جهان ملي ويا هجن، منهنجا ڏينهن، حسنا جهڙي هسمفر
سان ڏاڍا سهڻا ۽ سٺا ڪٽجڻ لڳا پر هڪ ڳالهه جيڪا
مون کي گهڻو پريشان ڪندي هئي سا اها ته حسنا جو
پيٽ غير معمولي طور وڏو ٿيندو ويو شايد هوءَ
حاملا هئي. جڏهن ته ماءُ هوندي به ان کي اها خبر
ڪانه پئي ته حسنا حاملا آهي يا شايد ان لڪ ڪئي
هجي، پوءِ ويڙهي سيڙهي منهنجي مٿي ۾ هڻي ڇڏيائون. |