رپورٽ: گلشن سومرو
ناري مشاعري جو احوال
ورهاڱي کان پوءِ شاعري ۾ عورتن جو تعداد وڌيو آهي
عورت شاعري وسيلي، عورتن لاءِ؟ پيغام ڏيئي، وڏو اهم ڪردار ادا
ڪري سگهي ٿي. ورهاڱي کان پوءِ شاعري ۾ عورتن جو
تعداد وڌيو آهي. حيدرآباد اچڻ وقت مون کي مايوسي
هئي ته هن عورتن واري مشاعري ۾ عورتن جو الائي
ڪيترو تعداد هوندو، پر اڄ عورتن جي وڏي تعداد کي
شاعري ڪندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ۽ ان کان وڌيڪ
خوشي ان ڳالهه جي ٿي آهي جو ننڍي عمر جون ڇوڪريون
شاعري ڪري رهيون آهن، سندن شاعري، سندن جذبات تي
ٻڌل، واقعات آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي زبان
جي مشهور شاعره محترمه مريم مجيدي صاحبه، ناري
ادبي سنگت ۽ ناري پبليڪيشن پاران، 19 مارچ 1996ع
تي پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ ڪوٺايل ”ناري مشاعري“ جي
اختتامي تقرير ڪندي ڪيو. هن مشاعري جي صدارت ڪئي.
جڏهن ته مشاعري جون خاص مهمان ڪراچيءَ کان عطيه
دائود ۽ نواب شاهه کان آيل ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ
هيون.
مشاعرو شروع ٿيڻ کان اڳ انيتا شاهه تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي ۽ ناري
ادبي سنگت جي اڳواڻ نذير ناز استقباليه تقرير ۾
آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان ناري
پبليڪيشن پاران تمام سٺا پروگرام ڪيا آهن ۽ هي
حيدرآباد ۾ سنڌي عورتن جو پهريون مشاعرو آهي ۽ مون
اڪيلي سر ڪيو آهي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض عربيه
نور ادا ڪيا.
هن موقعي تي جناب رسول بخش پليجو به موجود هو، جنهن پنهنجي
مختصر پر جامع تقرير ۾ شعر جي فن تي روشني وڌي ۽
نوجوانن کي صلاح ڏني ته هو آزاد شاعري کي عذاب
شاعري نه بنائين بلڪ شاعري لکڻ وقت، ان جو معيار
رکن جيڪو تمام ضروري آهي ۽ هو شاعري لکڻ کان پوءِ
پنهنجن استادن کان درست ڪرائين.
ناري مشاعري جي شروع ۾ عربيه نور شعر ۽ غزل پڙهيو، ان بعد ثمينا
عباسي کي شعر پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو، پوءِ باقاعده
ناري مشاعرو شروع ٿي ويو. بدين کان ڊاڪٽر نجمه
جوڻيجو، فضه قريشي، زينب زيب، نيلوفر بحراڻي،
انيتا شاهه، روبينا روبي راجپوت، سحر رضوي، نذير
ناز، رخسانه پريت چنڙ، عطيه دائود ۽ جيجي زرينه
بلوچ پنهنجا شعر پڙهي داد حاصل ڪيو.
مشاعري جي خاص ڳالهه اها هئي، جو عورتن کان وڌيڪ مرد شامل
هئا۽اسٽيج سيڪريٽري کي گذارش ڪيائون ته ڀائرن کي
به مشاعري ۾ شامل ڪيو وڃي. ان ڪري اسٽيج سيڪريٽري
انهن جي ڳالهه کي مڃتا ڏيندي، انهن به پنهنجا شعر
پڙهڻ جي دعوت ڏني.
علي اظهار، ٽنڊو محمد خان کان ڊاڪٽر عزيز، ميرپورخاص کان سعيد
قام خاني، بدين کان رفيق احمد جعفري، ماجد صديقي،
فياض چنڊ ڪليري، سليم چنا، اسحاق سميجو، ناز
سنائي، فتاح دائود پوٽو، عزيز گوپانگ واري واري
سان سنڌي، اردو ۽ پنجابي زبان ۾ پنهنجا شعر پڙهيا.
مشاعري ۾ شهر جي ڪافي معزز عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي، جن ۾ نزهت
پٺاڻ ائڊووڪيٽ، قومي اخبار جي رپورٽر پروين لوڌي،
شمس الدين سومرو، شمع کيبر، مهرالنساءَ زيدي، زينت
صديقي، مسرت جتوئي، ممتاز پنهور، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو،
پرهه، ريحانه چنڙ ۽ مارئي هاسٽل جي ادبي سوچ رکندڙ
ڪافي ڇوڪريون شامل هيون.
مشاعري جي آخر ۾ ناري ادبي سنگت پاران آيل مهمانن کي رات جي
ماني کارائي ويئي.
رپورٽ: آغا سجاد
سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس مان
سڀني کي يونيورسٽي جو ماحول بهتر بنائڻ گهرجي
شاگردياڻين ۽ شاگردن جي هڪ ٻئي لاءِ راءِ
يونيورسٽي ۾ جڏهن پڙهڻ لاءِ آياسين ته هن کي هڪ تعليمي ادارو
سمجهيوسين پر اتي جي ماحول ۽ خاص ڪري ڪجهه بوائز
جيڪي اسموڪر ۽ ٽائم جو زيان آهن ۽ ڪوبه وقت پڙهائي
کي نه ڏيندا آهن سڄو ڏينهن صرف ڇوڪرين جي پويان
هوٽنگ ڪرڻ کي پنهنجو اول مقصد سمجهندا آهن اسان کي
ڏاڍو افسوس آهي اهڙن ڇوڪرن تي جيڪي صرف ٽائيم پاس
ڪرڻ لاءِ اتي ايندا آهن.
شازيه بلوچ بي.اي. سال پهريون اڪنامڪس.
*
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مَٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
(شاهه)
روبينه صديقي ايم.اي سنڌي آخري سال.
*
ڪجهه شاگردن ۾ بلڪل تميز ڪونهي. نهاريندا ائين آهن جهڙو کائي
ويندا.
سلميٰ مريم ڪامرس
*
مون کي ته ڪوبه چڱو نٿو لڳي، ڪجهه ته منهن به ڊپارٽمنٽ ۾ اچيو ڌوئين ٿا.
اوشا راجپتو فزيالاجي ڊپارٽمنٽ بي.ايس.سي آنرز.
*
يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد ويچارا ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ ايندا آهن البته
ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس به ٿيندا آهن ۽ ڪجهه اٽينڊ به
ڪندا. انهن مان ڪي پڙهائي ۾ فيڪلٽي ٽاپ ڪري ويندا
آهن ۽ ڪي ويچارا ناڪام عاشق ٿي ڇيڙا بازي ۾ فيڪلٽي
ٽاپ ڪندا آهن.
پارس سنڌي بي.اي سال پهريون سوشيالاجي.
*
جيئن سڀئي آڱريون برابر ناهن تيئن ڇوڪرا به برابر نه هوندا آهن
اسان کي ڇوڪرن جي انهي ذهنيت تي افسوس ٿيندو آهي
ته اهي انهن ئي ماڻهن جي باري ۾ غلط رمارڪس ڏيندا
آهن جيڪي ڇوڪريون انهن سان گڏ هونديون آهن.
تسليم جوڻيجو ڪمپيوٽر سائنس
*
پنج آڱريون برابر نه آهن. ڪي شاگرد ڪافي سهڪار ڪندڙ آهن ۽
پڙهندڙ آهن ۽ ڪي صرف اتي اهي خواب کڻي ايندا آهن
ته:
اچهي سي اک گاڙي هو
لڙکي جس مين پياري هو
جس سي ميري ياري هو
گلشن جوڻيجو بي.اي سال پهريون سوشالاجي.
*
فيڪلٽي ۾ ڪجهه ڇوڪرا ڏاڍا بدتميز آهن. ڏاڍي غور سان ڏسندا آهن.
ائين محسوس ٿيندوآهي، ڄڻ هنن پهرين ڪڏهن به
ڇوڪريون نه ڏٺيون آهن. بنا سبب گهمندا وتندا آهن،
ڳالهائيندا ڇوڪرن سان آهن ڏسندا وري ڇوڪرين کي آهن
هنن کي گهرجي ته ائين نه ڪن. پڙهڻ لاءِ آيا آهن ته
دل لڳائي پڙهن. اجاين ڳالهين کان پاسو ڪن.
ڪشف ناز ڀٽي پوليٽيڪل سائنس
*
يونيورسٽي جي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ڇوڪرن کي گهرجي ته هو
پنهنجن ذهنن کي روشن ڪن. پڙهڻ لاءِ آيا آهن ته صرف
پڙهائي طرف توجهه ڏين ۽ يونيورسٽي کي ڪو تفريح هنڌ
نه سمجهن.
فوزيا ملڪ پوليٽيڪل سائنس.
*
يونيورسٽي جي ڇوڪرن ۾ ڪافي صحيح آهن، جيڪي صرف پڙهائي لاءِ اچن
ٿا. البت ڪجهه صرف ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
سيد مهوش فاطمه سوشل ورڪ
*
سڀ ڇوڪرا سٺا آهن انهن مان ڪافي اهڙا به آهن جيڪي صرف پڙهائي
طرف ڌيان ڏين ٿا. البت ڪجهه اهڙا ڇوڪرا آهن جيڪي
غلط حرڪتون ڪري سمورن ڇوڪرن جو اميج خراب ڪيو
ڇڏين.
نورالعين صديقي بي.اي. سال پهريون پوليٽيڪل سائنس
*
ڪافي ڇوڪرا سٺا به آهن ۽ ڇوڪرين جي عزت ڪن ٿا پر ڪجهه غلط قسم
جا جملا چون ٿا، جيڪڏهن اسان سان ڪو مهمان هوندو
آهي ته اهو تمام غلط تاثر وٺي ويندو آهي.
اهوئي سبب آهي جو ڪجهه والدين پنهنجن ڇوڪرين کي يونيورسٽي موڪلڻ
کان گهٻرائن ٿا، جيڪڏهن اسين پنهنجي ڪلاس فيلو سان
پڙهائي جي سلسلي ۾ ڪا ڳالهه ڪندا آهيون ته ٻيا
ڇوڪرا ان کي غور سان ڏسندا آهن ڄڻ اسان ڪو غلط ڪم
ڪري رهيا آهيون اسان کي گهرجي ته اسين يونيورسٽي
جي ماحول کي بهتر کان بهتر بنايون.
ارم اسلم راڄڙ بي.اي سال پهريون اڪنامڪس
*
سنڌ يونيورسٽي جي هر اُها ڇوڪري جنهن جي مٿي تي هر وقت شرم و
حيا جي چادر موجود هوندي آهي اها نه صرف منهنجي
نظر ۾ پر منهنجي خيال ۾ هر ڇوڪري جي نطر ۾ عزت جي
نگاهه سان ڏٺي ويندي آهي. باقي ٻين ڇوڪرين لاءِ ته
اهوئي چونديس ته:
ڪڏهن هن پاسي ڪڏهن هُن پاسي
تون ڍنڍ جو پکي توسان ڪير ڦاسي.
وحيد شورو فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ
*
آءٌ ڇوڪرين جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ڏيان ڇوڪرين جو باب ئي بور قسم
جو آهي. هنن ته ڏاڏي آدم کي جنت مان دربدر ڪرايو
ته پوءِ اسان ڪهڙي باغ جي موري آهيون.
دوستو اگر توهان کي پڙهائي ڪرڻي آهي ته ڇوڪرين کان بلڪل پاسو
ڪريو.
محمد شعيب چانڊيو
آئي.بي.ايس پهريون سال
سڀ شاگردياڻيون سڀني شاگردن جون اديون آهن.
رشوان شبير اليڪٽرانڪس
*
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين جي اڪثريت لاءِ ائين چوندس ته
سندن سوچون بيڪ ورڊ ۽ پاڻ فاروڊ آهن.
سيد واجد حسين
ڪمپيوٽر سائنس پهريون سال.
*
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻين کان ڇوڪرن بابت راءِ ورتي وڃي ته
آءٌ يقين سان چوان ٿو ته هو ائين چونديون ته
”ڇوڪرا هيئن آهن ۽ ڇوڪرا هونئن آهن. اسان کي چتائي
ٿا ڏسن، پر آءٌ چوان ٿو جي هو اسان کي نه ٿيون ڏسن
ته کين اها خبر ڪيئن ٿي پوي ته اسان هنن کي ڏسون
ٿا.
پرديپ ڪمار بي.بي.اي پهريون سال
اعجاز جعفري
صحت جا اصول
چيو ويو آهي ته ”انسان هڪ عادتن جو مجموعو آهي.“ پوءِ جي عادتون
سُٺيون، ته پاڻ اڳي ئي سُٺو. عادت رڳو هر ڪنهن ڪم
نه پر ڪهڙي به ڏکئي ڪم کي اهڙو ته سولو ڪريو ڇڏي،
جو بنا ڪنهن سوچ ويچار جي پاڻهي ٿيندو رهي. بهتر
آهي ته پنهنجي ٿوري عمر سڦلي ڪرڻ لاءِ، ننڍي هوندي
ئي، پاڻ ۾ ڪن اهڙيون چڱين عادتن جو ٻج ڇٽيو وڃي،
جو اڳتي هلي اسان جي زندگيءَ جو سفر سولو ۽
ڪارائتو ڪن. ظاهر آهي ته ڪاميابيءَ جي ڪُنجي ”صحت“
آهي. بيمار بُت ڇا ڪري سگهندو! سگهائي سڀ ڪجهه ڪري
ٿي سگهي. اگهو پاڻ ٻين لاءِ آزار.
تندرستيءَ کي سالم رکڻ لاءِ تجويزون:
1- هوا: وس آهر، ڏينهن توڙي رات، کُليءَ هوا ۾ گذاريو.
2- پاڻي: صاف پاڻي، بدن جي اندرينءَ توڙي ٻاهرينءَ صفائيءَ لاءِ
جام ڪم آڻيو.
3- کاڌو: پنهنجي پڄنديءَ آهر، بهترين کاڌو کائو، پيٽ کي ڇڏي،
عمدي پوشاڪ پهرڻ غلط آهي. تندرستي، سادگيءَ سان
ويتر سهڻي. ڪپڙو اڄ نه سڀاڻي ٿي پوندو، پر صحت وئي
ته عمر برباد!
4- ننڊ: تن توڙي مَن جي طراوت ”آرام“ آهي. جوان لاءِ اٺ ڪلاڪ
ننڊ ضروري آهي. ٻار جيئن ننڍو تيئن آرام گهڻو
گهرجيس. ننڊ اسان جي سڀني عضون جي ڀڳ، ٽُٽ لاءِ
اڪسير آهي. پر ياد رهي ته ننڊ جو نينهن به ته صحت
سان آهي بيمار کي پڇي به ڪانه!
5- پيٽ جي صفائي: اندرين صفائي، ٻاهرين صفائي کان گهڻو ضروري
آهي. آنڊي جي خرابين جو اثر مغز تي به خوب ٿو پوي.
صبح جو اٿڻ سان پهرين هيءَ ٽَڪ پوري ڪجي؛ جي شام
جو به اون رکجي ته قبضي اصل نه ٿيندي.
6- بدن جي صفائي: بدني صفائيءَ لاءِ هيٺيون ڳالهيون هر وقت ڌيان
۾ رکڻ کپن.
وهنجڻ: چمڙي ته هڪ غلاظتن نيڪال ڪرڻ جو وسيلو آهي. روزاني وهنجڻ
ڪري، پگهر جي ڳلڦڙن جا سوراخ کليل رهندا ۽ هو
پنهنجو ڪم پوريءَ طرح ڪري سگهندا؛ نه ته مٽي ۽
پگهر گڏ ٿي بدن ۾ بوءِ پيدا ڪندا، ۽ آرامي ٿي
پوندي. روز وهنجڻ هر صورت ضروري آهي.
ڏندڻ ڪرڻ: وات صاف نه رکڻ سبب ڪيتريون خطرناڪ بيماريون ٿين
ٿيون. کاڌي جا ذرا ڏندن جي وٿين ۾ جيورڻ جي اثر
هيٺ خراب ٿي زهريلو مادو ٺاهين ٿا، جي هاضمي جون
خرابيون، سنڌن جا سور، دل جون بيماريون، بُڪين جون
بيماريون ۽ رت جون خرابيون پيدا ڪن ٿا. وات گندو
ٿيو، ته ڪنهن بيماريءَ جو ٻج پيو. ڪنهن به شيءِ
کائڻ کان پوءِ گرڙيون ڪجن. رات جو سمهڻ مهل ضرور
ڏندڻ ڪجي؛ وري ٻيو ڀيرو صبح جو اُٿڻ سان سُوئيءَ
يا ٽاچنيءَ سان ڏند ڪڏهن به نه کوٽجن.
ننهن لاهڻ: ننهن وڏا ٿيا، ته منجهن مٽي ۽ ڪچرو ضرور پوندو، جو
ماني کائڻ وقت پيٽ ۾ به ضرور پهچندو. ننهن وقت
بوقت صاف ڪجن، ۽ هر هفتي لاهجن.
وارن جي صفائي: وارن جي پاڙن ۾ قدرتي تيلي غدود ٿيندا آهن، جي
صاف وار کي سڻڀي رکڻ لاءِ ڪافي آهن. ضرورت موجب،
سرنهن جو تيل مغز لاءِ سٺو آهي. ڪوبه تيل جيڪو
بوءِ مٽائي يا رنگ ڦيرائي گهاٽو ٿي وڃي، ته ڪم نه
آڻجي. ڌاڻن، پستن، بادامين ۽ خسخس جو تيل مغز کي
طاقت ڏيڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
نڪ جي صفائي: ساهه کڻن جي اهائي واٽ آهي. نڪ، جو رات ڏينهن هوا
جي گندگين سان ڀرجيو وڇي،. جيڪڏهن صاف نه ڪبو ته
سندس گندگيون ڦڦڙن تائين کڄي وينديون ۽ نقصان
ڪنديون. نڪ کي ڪنهن سان کوٽڻ صحيح نه آهي. ٿورو
پاڻي لَپ ۾ کڻي، نڪ ۾ سڻڪي، ناسن کي وقت بوقت صاف
ڪندو رهجي
منهن ڌوئڻ: هٿ ۽ منهن، جي پوشاڪ سان ڍڪيل نٿا رهن. هميشه مٽيءَ
جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. ضرورت موجب کين ضرور ڌوئجي.
اکين کي به پاڻيءَ سان چڱيءَ طرح صاف ڪجي جيئن
خراب نه ٿين.
7- پوشاڪ: ڪپڙن جو پهريون مقصد آهي بدن کي ڪوسيءَ ٿڌيءَ کان
بچائڻ، ان ڪري سياري ۾ اهڙين شين جا ڪپڙا پائجن،
جيڪي بدن جي گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏين. جهروڪ
اُن ۽ پشم. تمام ٿڌن ملڪن ۾ ته کلن جا به پوشاڪ
پهريا ويندا آهن. اونهاري ۾ سوٽي ڪپڙا پائبا آهن،
ڇاڪاڻ ته اهي گرميءَ کي نه روڪيندا آهن. ريشم، اُن
کان سرد ۽ ڪپهه کان گرم ٿيندو آهي.
ڪپڙي جو رنگ به اثرائتو آهي. اڇو رنگ گرمي ڪونه کڻي، ان ڪري ٿڌو
ٿيندو آهي؛ پوءِ نمبر وار ٻيا رنگ آهن. ڦِڪو،
ڳاڙهو، سائو، نيرو ۽ ڪارو_ اونهاري ۾ ٿلهو اڇو وڳو
سنهي ڪاري وڳي کان بهتر آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪاري رنگ جو
وڳو اُس جي گرمي سان جهٽ تپي وينڪدو آهي.
ڪپڙا هميشه صاف پهرجن، جيئن پاڻ کي به آرام رهي ۽ بين کي به
خراب نه لڳن. چوندا آهن ته ”کائجي پيٽ سهائيندو،
ڍڪجي لوڪ سهائيندو.“
ڪپڙو جيترو هلڪو اوترو چڱو ۽ اهڙو هجي جو پگهر چُهي وٺي، جيئن
ململ. نرم گنجيون به هن خيال کان چڱيون آهن، پر
ڪشاديون ضرور هجن، جيئن ڇاتيءَ کي ڀيڙي نه جهلين.
ٻڍن ۽ ٻارن کي ٻاهر نڪرڻ مهل، ڪپڙو سرس هئڻ بهتر
آهي؛ ڇاڪاڻ ته مٿن ٿڌ جو اثر جلد ٿي سگهي ٿو.
ڪوبه ڪپرو تنگ نه هئڻ گهرجي. جيئن بدن آزاد رهي، جوراب بلڪل صاف
هئڻ گهرجن، نه ته پيرن ۾ بدبوءِ ٿي پوندي. بوٽ جو
پٻ اهڙو هجي، جنهن ۾ پير جون آڱريون آزاد رهن. پٻ
سوڙهو هوندو، ته آڱريون هڪ ٻئي تي چڙهي ڦڏيون ٿي
پونديون؛ ان کان سواءِ ڪڪرن ۽ لڦن پوڻ جو به امڪان
آهي. ٽوپيون هلڪيون بهتر آهن. ٽوپيءَ جو ڪم آهي،
اس جي اثر کان مٿي کي بچائڻ. وارن کي به هوا جي
ضرورت آهي: هرهڪ وار پورو آهي، ۽ انهيءَ پور ۾ هوا
هوندي آهي. جنهن جي مٽاسٽا ٿيڻ ضروري آهي. ٽوپين ۾
بعضي ننڍڙا ڄاريءَ جا منگهه هوندا آهن. اهي به
انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ.
8- ورزش: هڪ هنڌ ويهي ڪم ڪرڻ واري لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه بُت
کي چوري پوري عضوا به هلائي؛ نه ته صحت پوري نه
رهنديس. پورهيت ته مورڳو رت کان گهڻو ٿو بت کي
ولوڙي، ان ڪري ان کي زياده آرام جي ضرورت ٿيندي.
ورزش لاءِ ڪيتريون رانديون به تجويز ڪيون ويون
آهن، ته ڪجهه دلچسپي به شامل ٿئي.
ورزش جو اهو مطلب نه آهي، ته پاڻ ٿڪائي، ماندو ڪري وجهجي. گهڻو
ٿڪ، ته ورزش ڪرڻ کان به خراب.
9- گهر جي صفائي: گهر ۾ ڪٿي به ڪو ڪچرو ڏسجي، ته هڪدم صفا ڪري
ڇڏجي. خاص طرح گلم ۽ غاليچا پوسل ٿيڻ نه ڏجي؛ نڪي
جانور گهر ۾ رکجن، ڪُڪڙيون، ڍڳيون، مينهون وغيره
گهر ۾ ٿيون ته گهر جي صفائي ڏاڍيءَ ڏکي ٿي پوندي ۽
هر وقت جانورن جي ڪچري جي ڌپ پئي پريشان ڪندي.
قرة العين قربان
رڌ پچاءُ
لذيذ ڪوفتا
ڌونئري ۾ ڪڪڙ پچائڻ
جهينگا پچائڻ
مڇي ترڻ
مٺو زردو
لذيذ ڪوفتا:
استعمال لاءِ شيون: قيمو
=
اڌ ڪلو، چڻن جي دال
=
50 گرام (هڪ ڇٽانگ)، ادرڪ
=
10 گرام، بادام جا ڌاڻا
=
10 عدد، گرم مصالحو
=
هڪ چمچو، بصر
=
هڪ پاءُ، خسخس (پسجيڪڻ)
=
هڪ چمچو، پستا
=
10 عدد، ڌونئرو
=
اڌ پاءُ، ڪشمڪش
=
ڇهه عدد، گيهه
=
اڌ پاءُ،
=
پيٺل ناريل (کوپرو)
=
هڪ چمچو، بيضا
=
ٽي عدد، لوڻ، ڳاڙها مرچ
=
پسند مطابق، ڊبل روٽي جو چورو
=
ٽي چمچا.
ترڪيب: ٿوم، بصر ۽ ادرڪ سنها ڪٽيو. ڪشمڪش، بادام ۽ پستا ڇلي صاف
ڪيو ۽ گيهه ۾ ڀُڃي ٻاهر ڪڍو. هڪ پليٽ ۾ وجهي ان جي
مٿان پيٺل کوپرو وجهو ۽ الڳ رکو. چڻن جي دال صاف
ڪري پاڻي ۾ ڀڃڻ لاءِ رکي ڇڏيو. ان کا پوءِ هڪ
ٿانوَ ۾ قيمو، گرم مصالحو، لوڻ، پيٺل ڳاڙها مرچ،
ادرڪ ۽ اڌ بصر وجهي چڱي طرح ملايو. ٿانون کي چُلهي
تي رکي ڏيڍ ڪوپ پاڻي وجهي پچايو. پاڻي خشڪ ٿين سان
ئي هيٺ لاهيو ۽ سِل تي باريڪ پيسي، گول گول ڪوفتا
ٺاهيو ۽ انهن مٿان بادام ۽ پستا هڪ هڪ ڪري هڻندا
رهو. پوءِ هڪ پيالي ۾ بيضا ڦيٽي ان ۾ لوڻ ۽ ڊبل
روٽي جو چورو ملايو ۽ گيهه گرم ڪري ڪوفتا بيضن ۾
ٻوڙي تريندا وڃو. ان کان پوءِ هڪ ٿانو ۾ گيهه
وجهي، چُلهي تي رکو، ان ۾ بصر ڀُڃي، لوڻ، ڳاڙها
مرچ، ٿورو گرم مصالحو وجهي، اُهو مصالحو ڀُڃو ۽ ان
۾ تريل ڪوفتا ۽ ڌؤنرو وجهي هلڪي باهه تي ڏهن منٽن
تائين ڀُڃو، پوءِ ان ۾ ٻه ڪوپ پاڻي شامل ڪيو ۽
هلڪي باهه تي اڌ ڪلاڪ کن تائين پچائڻ کان پوءِ
چُلهي تان لاهيو ۽ ساوا ڌاڻا ڪٽي مٿان ڇڙڪيو.
ڌونئري ۾ ڪڪڙ پچائڻ:
استعمال لاءِ شيون: ڪڪڙ جو گوشت
=
اڌ ڪلو، ڌؤنئرو
=
اڌ ڪلو، پيٺل خشڪ ڌاڻا
=
هڪ چمچو، هيڊ
=
ننڍي چمچي جو چوٿون حصو، بصر
=
اڌ پاءُ، ٿوم ڇهه ڪڻا، لونگ
=
چار عدد، گيهه
=
ڇٽانگ، لوڻ ۽ ڳاڙها مرچ
=
ضرورت مطابق.
ترڪيب: ٿوم ۽ بصر ڇلي سنهو ڪٽجي، پوءِ هڪ سِل تي خشڪ ڌاڻا،
لونگ، لوڻ، ڳاڙها مرچ، بصر ۽ ٿوم وجهي پيسجي. هن
مصالحي کي هڪ ٿانو ۾ وجهي رکو. هاڻي هڪ ٿانو ۾
ڌونئرو کڻي ٿورو پاڻي ملايو ۽ چڱي طرح ان ۾ حل
ڪري، مصالحي واري ٿانون ۾ وجهي گيهه گرم ڪري شامل
ڪيو.ان کان پوءِ ڪڪڙ جا پسند مطابق ٽڪرا ڪيو ۽
پاڻيءَ سان ڌوئي هڪ خالي ٿانوَ ۾ وجهو هن ۾ پاڻي
وجهي ٿورو لوڻ به وجهو ۽ ٻاڦي لاهي ڇڏيو. جڏهن
گوشت جا ٽڪرا ٿڌا ٿي وڃن ته اُنهن کي ڌؤنئري واري
ٿانو ۾ وجهي ٻن ڪلاڪن لاءِ ڇڏي ڏيو. پوءِ هن ٿانوَ
کي چلهه تي رکو ۽ گهٽ باهه تي اُن وقت تائين پچايو
جيستائين ڌؤنئري جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي ۽ گوشت جاٽڪرا
به ڳري وڃن. ان کان پوءِ چُلهي تان لاهي ڊش ۾ وجهي
کارائڻ لاءِ تيار ڪيو.
جهينگا پچائڻ:
استعمال لاءِ شيون: جهينگا
=
اڌ ڪلو، ڌونئرو
=
اڌ پاءُ، سرڪو
=
اڌ ڇٽانگ، گيهه
=
اڌ پاءُ، گرم مصالحو
=
اڌ چمچو، هيڊ
=
چوٿائي چمچو، ٿوم
=
اڌ ڳنڍ، بصر
=
هڪ عدد (ننڍو)، لوڻ مرچ ضرورت مطابق.
ترڪيب: ٿوم ۽ بصر ڇلي سنها ڪٽيو پوءِ سِل تي لوڻ ڳاڙها مرچ هيڊ
۽ بصر سنهو پيسيو. جهينگا صاف ڪري ڌوئو، پوءِ سرڪو
لڳائي ڪلاڪ تائين رکي ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪ ٿانوَ
۾ گيهه وجهي چلهي تي رکو ۽ پيٺل مصالحو ڀُڃي ان ۾
جهينگا وجهو. ڏهن منٽن تائين پچائڻ کان پوءِ
ڌونئرو وجهو ۽ هڪي باهه تي پندرهن منٽن تائين
پچائڻ کان پوءِ پيٺل مصالحو مٿان ٻُرڪيو، ڪجهه
منٽن کان پوءِ کائڻ لاءِ پيش ڪيو.
مڇي ترڻ:
استعمال لاءِ شيون: مڇي
=
اڌ ڪلو، گرم مصالحو
=
هڪ چمچو، تيل
=
ضرورت مطابق، ٿوم
=
ٽي ڳنڍيون، جاڻ
=
اڌ چمچو، ادرڪ
=
اڌ چمچو، بيسڻ
=
ڇٽانگ، ليما
=
ٻه عدد، لوڻ مرچ
=
ضرورت مطابق.
ترڪيب: هڪ ٿانوَ ۾ بيسڻ ٺاهي لوڻ ڳاڙها مرچ، سنهي ڪيل قوم، سنهي
ڪيل ادرڪ ۽ پيٺل گرم مصالحو وجهي چڱي طرح سان
ملايو. مڇي صاف ڪري لوڻ لڳائي ڪلاڪ تائين رکڻ کان
پوءِ بيسڻ سان ڌوئجي. ان کان پوءِ هڪ ٿانو۾ ٻه ڪوپ
پاڻي مڇي جا ٻيرا، جاڻ ۽ ليمي جو رس وجهو. ان ٿانو
کي چلهي تي رکي، ٻاڦي هيٺ لاهيو. مڇيءَ جي ٻيرن
مان ڪنڊا صاف ڪيو، هاڻ فرائي پين ۾ تيل گرم ڪري
مڇيءَ جا بيسڻ وارا ٻيرا مصالحي ۾ ٻوڙي ترڻ شروع
ڪيو. ڳاڙها ٿيڻ تي لاهي هڪ پليٽ ۾ وجهي انهيءَ
مٿان پيٺل گرم مصالحو وجهو ۽ کائڻ لاءِ پيش ڪيو.
مٺو زردو:
استعمال لاءِ شيون: چانور
=
هڪ پاءُ، کنڊ
=
اڌ پاءُ، زرد رنگ
=
زرڙي، بادام
=
ڏهه عدد، چانديءَ جا ورق
=
ضرورت مطابق، ڪتريل ناريل (کوپرو)
=
هڪ چمچو، مائو
=
اڌ پاءُ. لونگ
=
چار عدد، گيهه
=
ڇٽانگ، روح ڪيوڙه
=
چند قطرا.
ترڪيب: بادام ڪجهه دير پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ کان پوءِ کلون لاهيو.
چانور صاف ڪري ڪلاڪ تائين پاڻي ۾ ڀڄائي رکو. ان
کان پوءِ هڪ ٿانو ۾ ٽي ڪوپ پاڻي زرد رنگ ۽ چانور
وجهي چلهي تي رکو پنجن منٽن تائين چانور اوٻارڻ
کانپوءِ ڇاڻيو، پوءِ خالي ٿانو ۾ گيهه وجهي چلهي
تي چاڙهيو. ان ۾ لونگ ۽ چانور وجهو پوءِ ان ۾ کنڊ
ملائي ڪفگير سان ملائڻ سان گڏوگڏ بادام به شامل
ڪريو. ڪجهه وقت پچائن کانپوءِ روه ڪيوڙه وجهو ۽
ڪتريل ناريل ان ۾ شامل ڪيو پوءِ چلهي تان لاهي ۽
ڊش ۾ وجهي ان مٿان چانديءَ جا ورق لڳائي دسترخوان
جي زينت بنايو.
ايڊيٽر ڏانهن خط
ايڊيٽر سرتيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ
محترمه ايڊيٽر
السلام عليڪم
سرتيون رسالي جڏهن کان ساهه کنيو آهي، خاص طرح عورتن جو احتجاج،
حق تلفي، حق نوازي جون حقيقتون حرف بحرف ڏنيون
آهن، سيرت، سعادت خاطر پاڻ پتوڙيو آهي. ان رسالي
کي دانش جي دستور سان ڇاپڻ ڇپائڻ، سيگهه سان شايع
ڪرڻ جو ڏانءُ ڏاتار توهان کي ڏنو آهي. توهان کيرون
لهڻو.
ادبي بورڊ جا معياري رسالا: سرتيون، گل ڦل ۽ مهراڻ شايان شهپارا
۽ ادبي غنچا آهن؛ جي ادبي بورڊ جي ايوان ۾ توهان
جهڙن محنتي مالهين جي آبپاشي ۽ آبياري سان ڦلجي
ڦولجي رهيا آهن، جن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ. هاڻ ساري
سَنڌ ۾ مُشڪ مثل واس ڌوپ ورکائي رهي آهي.
خير انديش
الحاج ولي محمد طاهر زادو بڪيرا شريف
محترمه ايڊيٽر
حق موجود! سنڌ موجود!
گذارش ته ڪافي اوسيئڙي کان پوءِ ”سرتيون“ جو سندر تازو پرچو
نيڻن آڏو نروار ٿيو.
پرچي ۾ مواد مهڪندڙ ٽانگر جان ٺهڪندڙ ۽ باک جي سکا ڏيندڙ آهي.
غزل شايع ڪرڻ لئه وڏا وڙ.
روشن گهانگهرو رتوديرو
محترمه ايڊيٽر
السلام عليڪم
هر گهڙي توهان جي خوشين ۾ گذري آمين
فيبروري جو شمارو پڙهيم ڏاڍو خوبصورت ٽائيٽل اٿس. ڊاڪٽر
عبدالغفور سنڌي، شگفته شاهه عاليه آغا، زرينه غزل،
استاد نظاماڻي، ڪلثوم منظور شاهه، روشن ناز ڌاريجو
۽ صنوبر، زرين ابڙو جن جون لکڻيون ڏاڍيون وڻيون.
شاعري تمام سُٺي هئي منهنجي شاعري شايع ڪرڻ لاءِ وڏا وڙ.
ڪنول محمد يوسف ڪپري
محترمه ايڊيٽر
شال سکيون هجو:
سرتيون روز بروز ترقي طرف وکون کڻي وڌي رهيون آهن. اسان کي اميد
آهي ته اوهان جي نگرانيءَ ۾ هيءُ رسالو حد کان
وڌيڪ معياري ٿيندو. اوهان جون ڪاوشون رنگ
لائينديون. اوهان هن ۾ خطن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪري
هڪ بهترين روايت کي وري زندهه ڪيو آهي ۽ ٻي سٺي
ڳالهه اها ڪئي آهي جو سٽاءَ ۾ انهن شاعرن جا به
نالا ڏيو ٿا جن جي شاعري ان پرچي جي سونهن بڻيل
آهي. بهرحال اوهان مبارڪن جون مستحق آهيو_ اميد ته
اسان پاران مبارڪون قبول پونديون.
مشتاق بخاري ڳوٺ لونگاڻي شريف
”سرتيون“ جو تازو شمارو معياري مواد سان وزنائتو ڀاسيو. سڀئي
رنگ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بهتر لڳا.
سرتيون سان هڪڙي شڪايت آهي سا اها ته سرتيون اسان وٽ دير سان
پهچي ٿو.
ساگر ڀٽي فضل ڀنڀرو. |