ممتاز عباسي
اڍائي اکر
* انهن ڏينهن ۾ وري گذري ويل يادون هڪ هڪ ٿي دل ۽ دماغ تي
اينديون رهيون، پر پوءِ به منهنجو مڙس مون سان
سهمت هو. الائي ڇو مان ياد جي هڪ هڪ بار ۾ دٻيل
رهيس.
مون ائين مناسب نه سمجهيو ته گذري ويل ياد جو ذڪر ساڻس ڪيان!
اسان خاموش رهي به هڪ ٻئي کي هرٽ ڪرڻ نٿي
چاهيوسين. مون ته شروع کان ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي
هئي ته بهترين دانائي، ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ آهي ۽
اها محبت مون پنهنجي مڙس سان ڪئي هئي. ان ۾ شيئر
ڪرڻ مون اڳ به نه ڪيو هو ۽ هاڻ به نه ڪندس. ان رات
يادن جي عذاب کان پاڻ کي آجو ڪرڻ واسطي دل جي
ڳالهه چيم:
”عمر؟“ کيس سڏ ڪيم.
هن نه ڏٺو پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيو مون کيس غور سان ڏٺو، ڄڻ
پهريون ڀيرو ڏٺو هومانس. سندس اڌ مٿو اڇو ٿي ويو
هو. جسماني طور تي به نٻل نظر آيو. رنگ ڪاراٽجي
ويو هوس. تڏهن به ڏاڍو وڻيو. هو فائيل ٿيل هڪ هڪ
ڪاغذ کي غور سان پڙهي رهيو هو.
مون کيس ٻيهر سڏيو: ”عمر؟“
هن مون ڏانهن ڏٺو. گهڙي پل ائين ئي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هوريان
چيائين: ”چئه.؟“
”توکي هوءَ ته اڃا ياد ايندي هوندي.“
”ڪير؟“
”شيرل_ بنگال واري. ان جي ياد نه ٿي اچيئي.“
هو ڄڻ تڙپي پيو.
هن فائيلن مان نظرون هٽائي مون ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ گم ٿي ويل ياد
جو عڪس ظاهر ٿي پيس. اندر جي اُڻ_ تُڻ منهن تي هلي
آيس. ٿڌو ساهه کڻي چيائين:
”نه“
”تڏهن به.“
”پر......... توکي سالن کان پوءِ اهو پڇڻ جو وري دؤرو ڇو پيو
آهي.“
”ائين ئي.“ مون شڪي ٿيندي چيو:
”واقعي مرد پنهنجي پهرين پيار کي وساري ڇڏين ٿا، ان ڪري به.“ هو
مرڪي پيو. غمناڪ مرڪ سندس مک تي پکڙجي ويئي.
”جيڪڏهن تنهنجو ان سان پيار هو. مون کي ڇڏي شيرل سان شادي ڪري
سگهين پيو، مان رڳو روئي پٽي ماٺ ڪري ويهان ها!“
”ها، مون اها به ڪوشش ڪئي هئي.“ هن فائيلن کي پاڻ کان پري ڪندي
چيو: ”مان کيس آماده ڪرڻ لاءِ ٻه ڀيرا ڍاڪا ويو
هوس.“
”پوءِ؟“
”.... پوءِ..... پوءِ ڇا؟ شيرل مون کي چيو هو ته، مان به عورت
آهيان ۽ ٻي ڪنهن عورت ي اهڙو ڏاڍ برداشت نه ڪندس.
اڄ تون مون کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال کي ڇڏي
سگهين ٿو ۽ سڀاڻي ڪنهن ٻي عورت لاءِ مون کي به ڇڏي
ويندين.“
مون کيس چيو هو ته: ”شيرل نه. توکي حاصل ڪرڻ کان پوءِ مون کي
ٻيو ڪجهه نه گهرجي.“
”مون کي وساري ڇڏ.“
”توکي وساري ڇڏڻ به منهنجي وس ۾ نه آهي، شيرل.“
”پر...... مون کي اهڙي محبت هرگز نه گهرجي، جنهن ۾ شڪ جي ٻٻر
ڪنڍي سان اسان جا جذبا زخمي ٿيندا رهن.“
”مان ٻيهر موٽي ايندس. توکي هتان وٺي ويندس. تڏهن جڏهن پنهنجي
زال ڇڏي چڪو هوندس. رڳو تنهنجي لاءِ.....“
ائين ئي عمر ماٺ ٿي ويو. يادن جي رڻ پٽ ۾ هن جو روح هڪ دفعو
ٻيهر ڪٿي ڀٽڪي ويو. هو ڪنبي رهيو هو. ڪنڌ هيٺ هوس.
ساعتن کان پوءِ هن ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن ڏسڻ
کانسواءِ ئي چيو:
”خبر اٿئي ته شيرل ڇا ڪيو هو؟“
”نه_ تون ٻڌاءِ.“
”هن فقط توکي جيئرو رکڻ لاءِ پاڻ ماريو هو!“
مان تڙپجي پيس.
ٻڌاءِ؟ تون کيس سالن کان پوءِ اوچتو ياد ڇو ڪيو آهي.“
۽......
مان کيس اهو هرگز ڪونه ٻڌائيندس ته، ڏهن سالن کان پوءِ شيرل اچي
منهنجي دل ۾ لڪي گهر ڪيو آهي ۽ ان ڀؤ ۾ باقي عمر
مان اُن بار کان دٻجي هوريان هوريان مري رهي آهيان
۽ بس......
آغا، سجاد زائر
مرڪ، لُڙڪ ۽ سوال
ڪيڏي نه وسعت ۽ گهرائي آهي سندس سيني اندر، جو مان پنهنجي سوچ
جا سڀ گهوڙا ڊوڙائڻ بعد به ان سوال ”آخر ڇو“ جي
جواب کي ماڻي نه سگهيو آهيان.
آخر ڇو؟ ها آخر ائين ڇو؟ منهنجي محفل ۾ ان گهڙي اچڻ جو آخر سبب
ڇا هو؟ منهنجي محفل ۾ ان گهڙي اچڻ جو آخر سبب ڇا
هو؟ جڏهن مُرڪ ۽ لُڙڪ ساڳئي وقت منهنجي مُک تي ڪهي
آيا. حيرانيءَ جي سمنڊ ۾ نه صرف آءٌ غوطا کائي
رهيو هوس بلڪ هو ٻئي بذاتِ خود ان سوچ جي ٻُڏتر ۾
هئا ته ساڳئي ويل هڪئي تڏي تي ڪيئن؟
ايتري ۾ مون ڏٺو ته هڪ لُڙڪ اڳتي وڌيو ۽ مُرڪ جي سامهون بيهي
چوڻ لڳو ”مون ۾ ايتري ته طاقت آهي جو تنهنجي رنگين
دنيا جا سڀ رنگ ڦڪا ڪري سگهان ٿو.“
”پنهنجي هن گڏجاڻيءَ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجي اچڻ سان
تنهنجا مقصد ڦڪا ٿيو پون.“ مُرڪ وراڻيو.
پوءِ هو ٻئي روايتي عورتن جيان پنهنجي مٿاهين هجڻ جا ثبوت ۽
دليل ڏيڻ لڳا.
لُڙڪ: منهنجو استعمال دلين ۾ جاءِ پيدا ڪري ٿو.
مُرڪ: اها ڪهڙي جاءِ جيڪا رحم جي زور تي ملي.
منهنجي استعمال سان دلين جا سودا ٿيو پون.
لُڙڪ: منهنجي استعمال سان ڏک جو اظهار ۽ اک جو سينگار ٿئي ٿو.
مُرڪ: منهنجو استعمال سُک جو اظهار ۽ مُکَ جي سينگار جو باعث
بڻجي ٿو.
لُڙڪ: منهنجي اچڻ سان دل جو بوجهه هلڪو ٿيو پوي.
مُرڪ: منهنجي دم سان دنيا بارونق نظر اچي ٿي.
لُڙڪ: آءٌ جڏهن مِڪر جو پهراڻ پهريان ٿو ته ائٽمي طاقت احساسِ
ڪمتريءَ جو شڪار ٿئي ٿي.
مُرڪ: منهنجو مِڪر پٿرن کي پاڻي ڪيو وجهي.
لُڙڪ: آءٌ انهن جو غمخوار آهيان جنهن جو دنيا ۾ ڪوبه نه آهي.
مُرڪ: مون کي خوشين جو ساٿي سمجهيو ويندو آهي، اهو ساٿي جو هرهڪ
کي پنهنجو ڪري ٿو.
لُڙڪ: منهنجو استعمال گناهن جي طلافي ڪري ٿو ۽ تنهنجو استعمال
ڏوهن تي ناز.
مُرڪ: ها منهنجي طاقت ڏِس جي چاهيان ته گناهه جي اهميت وڌايان ۽
مرضيءَ موجب ثواب جي اهميت گهٽايان.
مون ڏٺو گهڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ ٻئي هڪ ڳالهه تي اتفاق ڪندي نظر
آيا ته ”هڪ جاءِ تي سندن موجودگي هڪ ٻئي جي اهيمت
گهٽائي ٿي.“ شايد تنهنجي ئي پنهنجي ملاقات ڪونه
ٿيندي آهي، پوءِ اڄ ڇو......؟ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي
جو تون ۽ مان.....؟
مُرڪ چيو: جي خوشي هئي ته صرف آءٌ اچان ها ۽ جي ڏُک هو ته تون.
”ڇا ڏک ۽ سک هڪئي وقت هئا، نه نه!!“ لُڙڪ چيو.
پوءِ ٻئي مون ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ چيائون ته تون به سوچ ”آخر ڇو؟“
جڏهن آءٌ سوچڻ لڳس ته ڪجهه ئي دير بعد مون ڏٺو ته منهنجي چهري
تي نه لڙڪ رهيا نه مرڪ! صرف مون وٽ هڪ سوال رهيو
ته ”آخر ڇو؟“
جميل احمد پال/ غلام مصطفيٰ سولنگي
گهٽو ڏيندڙ بابا نه کپي
هن کي هڪڙ يئي ڌيءَ هئي. اڳ ۾ به هڪ ڌيءَ ڄائي هيس، پر ان
ويچاريءَ کي سُتت ئي خدا پاڻ وٽ گهرائي ورتو، شايد
هوءَ کيس ڏاڍي پياري هئي. هاڻي هن ڌيءَ کي ڏاڍي
لاڏ ڪوڏ سان پاليندا هئا. پيار وچان نالا به ايترا
رکيا هيائونس جو کين به خبر ڪونه هئي ته سندس نالا
گهڻا آهن. ڪجهه نالا مسلمانن وارا، ڪجهه هندن
وارا، ڪجهه سکن وارا ته ڪجهه وري انگريزن وارا.
گهرج ۽ موڊ مطابق اهي پنهنجي ڌيءَ کي مرضيءَ وارن
نالن سان سڏيندا هئا. ريشم، شمو، چمپا، جان من،
گڏي، امرت، بملا، ڪيٿي، پُشپا، راڻي مومل، شهزادي،
پري ۽ ڪُتي جي ڌيءَ. انهن نالن مان آخري نالو به
پيار جو نالو هيس ته ڪي ڪاوڙ وارو. ڀلا هڪڙي ئي
اولاد سان به ڪو ڪاوڙجي سگهي ٿو ڇا.......؟
ڇوڪريءَ کي ”شهزادي“ چوڻ مهل اڪثر اوڙي پاڙي وارا سندس پيءُ کان
پڇندا آهن، ”تنهنجي ڌيءَ ڪهڙي ملڪ جي شهزادي
آهي....“ ان سوال جي موٽ ۾ هو فقط هڪ ئي جملو
چوندو آهي، ”جنهن ملڪ جو مان بادشاهه آهيان.“
۽ توهان کي ضرور اها خبر هوندي ته هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو
بادشاهه هوندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن کيس پنهنجي ڌيءَ تي ترس به ايندو آهي. ويچاري صفا
اڪيلي، نه ڀاءُ نه ڀيڻ. ڪو ننڍڙو ڀاءُ يا ڀيڻ هجيس
ها ته ان سان کيڏي ها، وڙهي جهڙي ها ۽ اهڙيءَ طرح
سندس دل وندري پئي هجي ها. وڏي ٿيندي ته پوءِ
اڪيلائيءَ جو احساس سڄي زندگي کائيندو رهندس، پر
هو ڪري به ڇا پئي سگهيو؟ هن جو ته ڪو حيلو ئي ڪونه
ٿي هليو. اولاد مِٺو ميوو ٿيندو آهي، جيڪو ڀاڳن
وارن کي ملندو آهي. خدا کين اڳ ۾ به هڪڙي نياڻي
ڏني هئي، پر ڇهن مهينن کان پوءِ هوءَ دنيا کي ڇڏي
اڳلي جهان ڏانهن هلي وئي. هاڻي هيءَ ننڍڙي ڇوڪري
هر جمعي تي پنهنجي پيءَ سان گڏ قبرستان ويندي آهي.
قبرن کي ڏسي هوءَ نه عبرت حاصل ڪندي آهي ۽ نه ئي
وري کيس ڪو موت جو احساس ٿيندو آهي. پڻس جو
قبرستان وڃڻ جو مقصد جيڪو به هجي، پر ڇوڪريءَ جو
مقصد فقط سير سپاٽو ڪرڻ هوندو آهي.
ڀيڻ جي قبر مٿان بيهي هوءَ پيءُ کان سوال پڇڻ شروع ڪندي آهي،
”بابا! الله سائينءَ نيلي باجيءَ کي ڇو پاڻ وٽ
گهرايو آهي.....؟ هوءَ ڪڏهن موٽي ايندي؟ ڀلا! هوءَ
ڳالهائي ڇو نه ٿي..؟؟“ پر پڻس خاموش هوندو آهي.
وٽس انهن سوالن جو ڪو جواب ڪونه هوندو آهي. سوالن
پڇڻ هل هوءَ کٽمٺڙا به ائين رڙ ڪندي ويندي آهي ڄڻ
اهي نيلي باجيءَ سوکڙي ڪري موڪليا هجنس.
گهر اچي پڻس پڇندو اٿس، ”شهزادي! ڪاڏي وئي هئين..؟“
”نيلي باجيءَ جي قبر تي....“ اهو چئي وري پاڻ ئي ٻڌائيندي آهي،
”مان اُتي کٽمٺڙا به کاڌا هئا.“ ۽ پوءِ ڪجهه
کٽمٺڙا کيسي مان ڪڍي پيءُ کي به ڏيکاريندي آهي.
قبرستان جي کٻڙن مان ٻه_ ٽي لڪڻ به پٽي ايندي آهي
۽ پوءِ گهر اچي ڏاڏيءَ، ماءُ ۽ پُڦيءَ تي وسائيندي
آهي. کين سڄي اڱڻ ۾ ڊوڙائيندي آهي.
هن جي عمر چار سال کن آهي، پر آهي وڏي سياڻي. سڪيلڌي ۽ اڪيلي
هجڻ جون جيڪي خاميون خرابين ۽ گڻ اوگڻ هوندا آهن،
سي هڙئي هن ۾ موجود آهن. ڏاڍي ضدي آهي. هڪ ڀيرو ضد
تي چڙهي ته پوءِ مجال آهي جو کيس ڪير لاهي به
سگهي. صحتمند ۽ سهڻي به آهي ۽ فقط پنهنجي مرضي
هلائيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي اڙجي بيٺي ته
پوءِ خدا پيو پناهه ڏي. ڌرتي اُٿلي پئي ڇوڪري مُڙي
به کڻي. پنهنجي ڳالهه مڃرائي ئي بس ڪندي. گڏوگڏ
گهڻن نالن جو ناجائز فائدو پڻ وٺندي آهي.
منهنجي بستري تي مس ڪنهن هاري آهي؟“ بسترو خراب ڏسي پڻس پڇندو
اٿس.
”شهزاديءَ!“ هوءَ وڏي لاپرواهيءَ ۾ چوندي هيس.
ڀلا هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته دنيا جي ڪهڙي شهزاديءَ کي مَسُ هارڻ
تي سزا ملي آهي؟ آهي ڪو کين سزا ڏيڻ وارو؟!
شهزاديون ته هر قانون کان مٿانهيون هونديون آهن.
”منهنجو ڪتاب ڪنهن ڦاڙيو آهي؟“ هو ڪڏهن پڇندو اٿس.
”جان من....!“ هوءَ وڏي تڪبر مان ورندي ڏيندي آهي. هو چپ ٿي
ويندو آهي. ڀلا جان من کي چئي به ڇا ٿو سگهجي؟
ديوَ جي جان طوطي ۾ ۽ طوطو پڃري ۾. جالنِ من جي
جان پيءَ ۾ ۽ پيءَ جي جان وري محبت جي پڃري ۾. ته
پوءِ اهڙي سُهڻي ڌيءَ کي ڪير اُف چئي سگهندو. هاڻي
ڀلا سُهڻيءَ جو قصو به ٻڌي ڇڏيو.
هڪ ڀيري هوءَ ڏاڏيءَ سان ڳوٺ گهمڻ وئي. گهر ۾ کيس ويهڻ ڪٿي ٿي
آيو. بس ڪري ويهڻ ته سکيو ئي ڪونه هئائين. ٿوريءَ
دير کان پوءِ گهران نڪري آئي. ٻاهر ڪا عورت ننڍي
وَڇ کي واهه ۾ وهنجاري رهي هئي. هن کي ڏسي مائيءَ
جي واتان نڪري ويو، ”واهه! ڪيڏي نه سهڻي ڇوڪري
آهي....!“ هن اها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ هاڻي ته ڏهاڙي
پيءُ کي ٻڌائيندي آهي.
”شهزادي! وَڇ واري مائيءَ ڇا پئي چيو...؟“ پڻس پڇندو اٿس.
”چئي پئي ته ڪيڏي ته شهڻي ڇوڪري آهي..!“
”ڪنهن جي لاءِ پئي چيائين....؟“ پڻس وري ٻيهر پڇندو اٿس.
”مون لاءِ.... ٻيو ڪنهن لاءِ...!؟“
”تو لاءِ...؟! تون ڀلا شُهڻي (سهڻي) آهين ڇا؟؟!
۽ هوءَ ڪابه ورندي نه ڏيندي آهي.
تون ته صفا ڪوجهي آهين!“ پڻس چيڙائڻ لاءِ چوندو اٿس.
”نه نه.... مان شهڻي آن.....“
هو ڌيءَ تان ساهه صدقو ڪندو آهي ۽ سندس هر خواهش هڪدم پوري ڪندو
آهي. دڪان تي اچي چوندي اٿس، ”بابا! مون کي سڀ
شيون وٺي ڏي.“
پڻس جي دل درياءُ هوندي آهي، وندو اٿس، ”شهزادي! جيڪو وڻي ۽
جيترو وڻي سو کڻ.“
پوءِ جيڪو وڻندو اٿس، سو کڻندي آهي. پڻس ته پاڻ وڪڻي به سندس
فرمائشون پوريون ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي.
هڪ ڏينهن هو شام جو شهر کان ٻاهر سير ڪرڻ لاءِ پوکن ڏانهن هليو
آيو. هوءَ به ساڻ هجيس. هو ڪجهه پريشان هيو، ان
ڪري پنهنجي ئي سوچ ۾ گم هلندو ٿي ويو. ڌيڻس به
سندس چيچ پڪڙي سوال ڪندي هلندي ٿي رهي، ”بابا!
ڳئون گاهه ڇو پئي کائي؟...... بابا! سرنهن جا گل
ڇو پيلا آهن؟.... بابا! هو ڪاڪو گاهه ڇو پيو
ڪاٽي؟“
هن جي سوچ جون تندون ٽٽي پيون ۽ خار وچان منهن خراب ڪندي
چيائينس، ”ايڏا سوال ڪُتي جي ڌيءَ؟ بس ڪر، نه ته
گهُٽو ڏئي ساهه ڪڍي ڇڏيندوسانءَ.“
پر هوءَ ڪونه ڊني ۽ اُلٽو چيائينس، ”ڇو......؟؟ مون کي گهٽو ڇو
ڏيندين؟؟؟؟
ايڏو وڏو سوال؟؟“ ”ڇو“ جو ته هن وٽ ڪو جواب ڪونه هيو.
”شهزادي..! ڏس، مون کي تنگ ته نه ڪر نه...... آئينده تنگ ڪيئي
ته پوءِ سچ پچ گهٽو ڏيندوسانءِ.“
”بابا!... ان توکي تنگ نه ڪندس....“
”ته پوءِ مان توکي گهٽو به نه ڏيندس.“
هوءَ ماءُ پيءُ کان وڌيڪ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي پياري آهي. ڏاڏي کي
وڏا بابا ۽ ڏاڏيءَ کي ”وڏي امان“ چوندي آهي. ڪڏهن
ڪڏهن پيءُ کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ کيس چوندي آهي،
”بابا! مون کي وڏو بابا وڻي ٿو، تون ته صفا ڪِنو
آهين!“
پڻس اهو ٻڌي مسڪرائي ڏيندو آهي. هو اهو پڇڻ جي سگهه نه ساري
سگهندو آهي ته ڏاڏو کيس ڇو پسند اٿس ۽ مان گهٽ ڇو
پسند آهيانس.
چُمي وٺڻ مهل پڻس چوندو اٿس، ”شهزادي! وات جو ذائقو ڦِڪو ٿي ويو
آهي. ڀلا چمي ڏئي وات ته مٺو ڪراءِ!“
۽ شهزادي ٽُپ ڏيئي پنهنجن ڳلن کي پيءَ جي چپن تي رکندي آهي.
هڪ ڏينهن وات مِٺو ڪرڻ مهل هڪ اڻ سُهائيندڙ ڳالهه ٿي پئي. پڻس
ڏاڙهي ڪونه ٺاهي هئي. چُمي وٺندي ڏاڙهيءَ جا کُهرا
وار شهزاديءَ جي نرم ڳلن کي لڳي پيا، ڄڻ ريگمال
پشم جي ڪپڙن کي لڳو هجي. هن اُڀ ڏار رڙ ڪئي. رڙ تي
سندس ڏاڏي ڪمري کان ٻاهر ڊوڙندي آئي ۽ پڇيائينس،
”ڇا ٿيو منهنجي راڻيءَ کي؟“
”ڪُتي بابا جي ڏاڙهي چڀي آ....“ هن ڪاوڙ مان چيو،
”عقل ڪر..! پيءُ کي ائين چئبو آ؟“ ڏاڏيءَ کيس ڇڙٻ ڏني.
”پوءِ هن ڀلا ڏاڙهي ڇو هنئي آ.؟“ ڪاوڙ مان سوال جو جواب سوال ۾
ئي ڏنائين.
پڻس هنج تي کنيس، پر هوءَ پاڻ ڇڏائي پري ڪرسيءَ تي وڃي ويهي
رهي. هن ڏاڍيون ميڙيون منٿون ڪيون ۽ خوشامد ڪئي،
پر هن ڀيري ڪاوڙ گهڻي هئي. هوءَ ڊوڙ پائي اندر
ڪمري ۾ هلي آئي. پڻس به پويان اندر هليو آيو ۽ ماٺ
ڪري پلنگ تي ويهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ
چيائينس، ”روئڻا ٻار ته اصل مون کي ڪونه وڻندا
آهن.“
”بابا! مان روئان ٿوروئي ٿي.....“ هن اکيون مهٽيندي چيو.
”ڏس! تون ته مون کي ڏاڍي پياري آهين... ڪاوڙ ته نه ڪر نه!“
پر هوءَ ڪونه چُري. ماٺ ڪيو ويٺي رهي.
”شهزادي! اچ هڪ چمي ته ڏي.“ هن عرض ڪيو.
پر هوءَ منهن خراب ڪيو ويٺي رهي. اڄ ته ڪو حيلو ڪونه پئي هليو.
شام ٿي وئي. پوءَ ٻاهر نڪري ڏاڏيءَ سان اچي کٽ تي ويهي رهي. اڃا
به ڪاوڙ ۾ هئي. پڻس ڪرسي کڻي ڪمري کان ٻاهر آيو.
ڪرسي کَٽ جي ڀرسان رکي ويهندي چيائين، ”مان اڄ
شهزاديءَ کي گهڻي شاپنگ ڪرائيندس.“
شهزاديءَ جو منهن سڄيل هو. نهڪار ڪيائين.
”شهزادي! اچ پنهنجي بابا کي ڀاڪر پاءِ....!“
پر شهزاديءَ وري به نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ڏاڏيءَ پنهنجي پُٽ جي ڀر وٺندي چيو، ”ڏس منهنجي راڻي! وڃ نه
پنهنجي بابا ڏي....!“
”نه نه، نه وينديس....!“ هن ڪاوڙ مان چيو.
”نه ته پوءِ گهُٽو ڏيندوسانءِ.“ پڻس جذباتي ٿيندي چيو.
شهزاديءَ اُڀ ڏار رڙ ڪندي چيو، ”نه کپي مون کي گهٽو ڏيندڙ
بابا..!“
همسفر کوسو
زندگيءَ جو روپ
آءٌ جڏهن هن کي ڏسندو آهيان ته من ۾ مانڌاڻ مچي ويندو آهي ۽
نفرت جي باهه ڀڙڪو کائي اٿندي آهي. ها باهه، جيڪا
هن مرداڻي سماج خلاف ۽ زندگي جي اهڙي حقارت ڀري
ڀيانڪ روپ کان جنهن جو هوءَ نمونو هئي. هوءَ، جيڪا
عمر جو گهڻو عرصو گذاري چڪي آهي. جوڀن ڪيئن گذريس؟
اها خبر مونکي نه آهي. ڇو ته هن وقت منهنجي ۽ هن
جي عمر ۾ فرق اهو آهي جو جڏهن هن جا وار ڪپهه جهڙا
اڇا ٿي ويا آهن ۽ سندس منهن تي ٺوٺ زمين جيئن
ڏارون آهن ۽ سندس هڏ چمڙيءَ کي قبولڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو آهي (نتيجي ۾ سندس بنا چرٻيءَ جي چمڙي
چلڙ ٿي لڙڪڻ لڳي آهي) ته آءٌ جوانيءَ جي ساگر ۾
هينئر ئي مس گهڙيو آهيان جو اڃا پنيون مَس ٻُڏيون
آهن.
ها ته هوءَ جيڪا هن وقت هڪ کٽولي تي بنا مالڪيءَ جي ڪراهي رهي
آهي، انهيءَ جي به هڪ عجيب ۽ دُک ڀري جيون بيتي
آهي. اصل ۾ سندس مڙس کي مئي ڏهاڪو سال مس گذريا
آهن. مڙس ڇا مئس ڄڻ ته هن جي زندگي ئي زهر ٿي وئي،
هن جو سڀ ڪجهه لُٽجي ويو. نه ساڳيا پٽ رهيا نه
ساڳيون نهرون،. ڄڻ ته هو بي واهي ٿي وئي. هن جا هڙ
سهارا هليا ويا. هو بي سهارا ٿي وئي، بلڪل بي
سهارا...!!
ائين به ناهي ته ڪو سندس مڙس ڀينگيو هو ۽ هن لاءِ ڪجهه به نه
ڇڏي ويو. پورا پنجاهه جريب زمين جا سي به آباد ۽
ڪجهه مينهون ڀٽاريون الڳ.
مينهون ته مڙس جي مرڻ کان پوءِ پٽن (ويڳا پٽ اٿس ٻه) مهينو کن
به ڪِلو ٻجهڻ ڪونه ڏنيون. الائي ڪيئن دُڦ (ختم) ٿي
ويون.
رهي زمين جيڪا پنجاهه جريب هئي، ان جا پنج وارث هئا. هو هڪ پاڻ،
ٻه سندس پيٽ ڄايون ڌيئون (پرڻيل) ۽ ٻه پٽ.
جيڪڏهن سڌي سنئين ورهاست ڪجي ته هرهڪ کي ڏهه ڏهه جريب اچن ها ۽
سڀ سکي جيوت گذارين ها، پر ائين نه ٿيو.
هَل، ڌيئن کي هڻو کڏ جي تري ۾، هنن کي پاڻهي ور کارائيندا ۽
کارائن پيا. پر ”هوءَ“ مسڪين ڪاڏي وڃي، جنهن جو نه
اوهي نه واهي. ويڳا پٽ ته مڙس جي حياتي ۾ به پيا
موچڙا هڻندا هئس. سو هاڻي اهي وري ڪهڙو اکين تي
رکندس…..؟
ورهاست به عجيب قسم جي ٿي. زمينون پٽن پاڻ ۾ ورهائي کنيون ۽
ڪراڙي لاءِ اهو فيصلو ڪيائون ته هن کي فصل لهڻ تي
پنج پنج خرار ٻئي پٽ ڏيندس. هن به کڻي چپ ڪئي، پر
جي هوءَ ڪڇي به ها ته ڪهڙو ٿي فرق پيو؟ ڪهڙو آسمان
ڏري پوي ها، انصاف جو فرشتو نازل ٿي هڻي انصاف جا
واهڙ وهائي هن کي حق وٺي ڏئي ها، پر هن کي ڪير حق
وٺي ڏيندو؟ هن کان اڳ جيڪي پڻ ”هن“ جيان مرداني
سماج جي انصاف کي شرمائيندڙ فيصلن جون سٽيل آهن،
جن جا حق فرض سمجهي غصب ڪيا ويا آهن، جن جي چپن تي
چُپ جون مهرون لڳل آهن، ڇا انهن کي انصاف مليو
آهي؟ جو هن جو وارو آهي…..!؟
هونءِ به اڄ تائين هن سماج ۾ عورت ذات حق ادا ته ڪيو آهي، پر
حاصل نه! مولوي صاحب به اٿندو ته انهيءَ کانسواءِ
ٻيو ڪو موضوع نه هوندو جو ڳالهائي. چوندو ”عورت کي
مڙس (مجازي خدا) جي تمام گهڻي خدمت ڪرڻ گهرجي،
ڪنهن به سبب جي ڪري سندس مڙس ناراض ٿيو ته خدا جا
ٻه ملائڪ صبح شام پيا لعنتون وجهندس.“
ان وقت ان کان اها ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويندي آهي ته جڏهن ڪو مرد
ڏنڊو مُڇي مائي جا هڻي هڏ گڏ ڀڃيو وجهي ته ان تي
گهڻا ملائڪ ۽ ڪيستائين پيا لعنتون وجهندا.
پر هن اسان جي معاشري ۾ عورت ذات جو حق به ڪهڙو آهي!؟ هن جا حق
ته صرف مڙس سان لاڳاپيل هوندا آهن، نه ڪي مڙس جي
ملڪيت سان، مڙس مئو ته حق به ختم. جيڪڏهن ڪڇي ته
معنيٰ هٿ سان پادرن کي سڏي.
هوءَ ويچاري مڙهي به جڳ جيان چپ جو وکر وهائي ويهي رهي. اهو به
چڱو جو حلالي سال ۾ ڏهه خرار به ڏيندا، نه ته اهو
به آسرو پلي_ يا ته رهندو به پٽن جا ڏنڊا کائي
هيڻا هڏ ڀڄائي ويهي رهي. انهيءَ ڪري مٺي به ماٺ ته
مُٺي به ماٺ، جيڪو پکي ۾ پيو سو گنج.
پر قصو ته اتي به ختم نه ٿو ٿئي. پٽن ۾ ڪجهه مڙئي غيرت اچي وئي،
جڏهن خبر پين ته ”هُن“ پنهنجا ان جا پئسا پنهنجي
ڌيءَ کي رکڻ لاءِ ڏنا آهن، سو صفا بِر ٿي ويا ڄڻ
ته هن کان گناهه ڪبيره سر زد ٿي ويو هجي.
چيائون، ”اسان تنهنجو ئي بار الائي ڪيئن کنيو آهي. تون وري اسان
جن پيسن مان وتين ڳوٺ پاليندي. اڄ هڪڙي ڌيءَ کي ٿي
کارائين سڀان وري ٻي کي…. اسان ڪو جڳ جو ٺيڪو کنيو
آهي ڇا؟ هن ڀيري الائي ڪيئن اهي ٻه چار ڏوڪڙ ملي
ويئي. جي نه ٿورو اڳ ۾ کڙڪ پوي ته تون اسان جي
پئسن تي حاتم طائي بڻجي ڳوٺ تاتيندينءَ وتين ته
اصل ٽڪو به ڪونه ڏيون ٿا. وتين ٿي سخاوتون ڪندي
حرام جا پئسا هٿ ۾ آيئي تڏهن. بهرحال هاڻي اسان کي
تنهنجي ضرورت ناهي. وڃ پنهنجي سگهڙ ڏي، جيڪا پئسا
رکي ٿي ته اها توکي به پاڻ وٽ رکي. اسان تنهنجي
جيتري عزت ڪئي تو اوترو ان مان نه ڄاتو. تون اسان
کان زور ٿي وئينءَ. هاڻي وڃ پنهنجي وڏور ڏي.“
ٽڪو مان ڪيائونس. ويچاري ماٺ سان بنا ڪڇڻ جي (ڪڇندي به ڪيئن.
سمجهي پئي ته ٻڙڪ به ٻوليائين ته مٿس پادريش ٿي
ويندي.)
ڪپڙن جي هڙ ڪڇ ۾ هڻي ڌيءَ وٽ وڃي سهڙي.
شروع ۾ ته ڌيءَ ڪجهه نه ٿي ڪڇيو، پر جڏهن ماءُ هميشه لاءِ لڏو
لاهي رهڻ لاءِ چيو ته مڙئي ڪجهه منهن جي جوت جهڪي
ٿي ويس.
وري خدا جي قدرت ڏسو! اڃا آئي ٻه مهينا مس گذريس ته هٿن پيرن ۾
اڇا ٽڪا ٿي پيس. سڄي بدن تي خارش سبب سڄو ڏينهن
پئي کرڙيندي هئي. سمجهيائين ڏڍ آهي ڇڏي ويندي، پر
خارش ۽ ٽڪا وڃن وگهرندا. ڊاڪٽرن کان به ڏاڍو علاج
ڪرايائين. ملمون، دوائون، صابڻ، (خارش جا) استعمال
ڪيائين، پر ڪو فرق نه پيو. سڄو منهن به بدن جيئن
اڇو ٿي ويو اٿس. پنهنجا پئسا کپائي چڪي آهي. هاڻي
نه پئسا نه علاج. هاڻي ڌيءَ کي ته ڪونه چوندي. هڪ
اڳئي مٿن بار. ٻيو وري علاج جا پئسا گهري، سو شرم
اچڻ لڳيس، پر ڌيءَ وٽ به ڪهڙي ڌراوت اٿس. نياڻو
اٿس پرائمري ماستر، پئسا بچنس ئي ڪونه. هاري وانگر
سدائين قرضي پهريون پندرهن تاريخون ته مزي سان
گذرن، باقي پويون پندرهن پَٽ ڊوهه ۾. اهو سوچي چپ
ٿي وئي ۽ لڳي ڏس پنڌ ڪرڻ ڪنهن چيو، ”ادي! انهيءَ
جو هڪ ٽڪ علاج اٿئي ڪنڊيءَ جو ڇوڏو. هيئن ڪر جو
ڪنڊيءَ جو ڇوڏو کڻي انهيءَ سان کرڙينس پوءِ ڏس….
ادي منهنجي ڀيڻ کي به ائين ٿيو هو. چڱا ڀلا ڊاڪٽر
نه ڇڏائي سگهيا، پر اهو ڏس ڇا ڪيوسين ادي هفتي ڏيڍ
۾ بيماري جي خبر ئي نه پوي ته ڪٿي هئي…..“
ڪنهن چيس، ”ادي! گاڏي جو گريس هڻيس، پوءِ ڏس. ڀيڻ ڇا ٻڌايائين،
مون سان به اها ساڳي حالت هئي. کرڙي سارو ڏينهن
گذري وڃي، پر خارش مئي ڇڏي ئي ڪونه. اصل بُت مان
رت نڪري پوي. الله بخشي ادي ملوڪان کي اهو ڏس
ڏنائين، بس پوءِ ته بيماري مان جان ڇٽي پئي.“
ڪنهن چيس ”ادي! ليمو ته هڻي ڏسينيس مان چوان ٿي ته انهيءَ لاءِ
اصل هڪ ٽڪ آهي.“
ڪنهن وري چيس، .ادي! تون انهيءَ جي نه اڳ ۾ ڳالهه ڪرين ها ته
ايترو لوڙين ئي نه ها. تون رڳو ڇيڻو کڻي انهيءَ
سان کرڙينس ها ته، پاڻهي ئي ڇڏي وڃي ها. اجايو
ايتري آجهار ۾ ئي نه پوين ها.“
بس پوءِ ته ڪراڙين اچي ورتس. جيئن پي چيائين تيئن پي ڪيائين پر
بيماري وئي چوٽ چڙهندي. نظر به ڪمزور ٿي ويس هينئر
هڪ کٽ تي پئي آهي. سندس ڌيءَ به ڇا ڪري پئسا اٿس
ڪونه جو ماءُ جو علاج ڪرائي. ائين ئي پئي ٿي
ڪراهي، درد وچان.
هينئر هو هڪڙي ڪتاب جي ٽائيٽل تصوير آهي، جنهن اندر سواءِ مڙس
واري باب جي رڳو ذلتون آهن. ڏاڍايون آهن. بي وسيون
آهن. پٽن جي صورت ۾ مرداڻي معاشري طرفان مليل
روحاني رهنڊون آهن ۽ سماجي اذيتون آهن. هو هڪ اهڙي
زندگي جي تصوير آهي، جنهن کي مون جهڙو حساس ماڻهو
قبول نه ٿو ڪري سگهي.
نه ڄاڻ حوا جون ڪيتريون ڌيئرون زندگي جو اهو روپ ڌاريو وتن.
روشن ناز ڌاريجو
آس
دهشت گرديءَ جا سٽيل
وحشت جا ماريل جوڌا جوان
اڃان ڪهڙي اذيت برداشت ڪرڻ لاءِ
ماٺ ڪئي اٿيئي.
اڀ ۾ چمڪندڙ چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪي پئه
ڪڙڪي پئه
جيجل سنڌ ڌرتيءَ جي
ويرين مٿان
هوشو بڻجي ڪڙڪي پئه
اي منهنجا سنڌي مٺڙا ڀاءُ
هر ناريءَ جي آس اميدن
جا سهارا
خدا توکي
سوڀارو ڪندو.
ريحانه سومرو
چؤسٽا
اڃايل اکين کي آزادي جي پياس
ڪوٽن ۽ بندن کي ڪيرائڻ جي آس
اچو سورميون سنڌ لئه سوچجي
ڀلا سنڌ جي ڇو خوشي هر نراس
جدائي جون راتيون گذارڻ ڏکيون هن
محبت جون ڳالهيون وسارڻ ڏکيون هن
هزارين تمنائون دل جون ريحانه
ڀتيون روڪ جون پر اڪارڻ ڏکيون هن.
آهن خار پوءِ ڀي سي گل ٿا لڳن
گلن سان گڏ سي سٺا ٿا لڳن
جي ماڻهو بهارن جئان هن ريحانه
خزائن ۾ ڀي سي سهڻا ٿا لڳن.
سلميٰ پنهور
غزل
تنهنجي آس پاس ٿيا گهاريون،
پوءِ به ڏاڍو اداس ٿا گهاريون.
نيٺ گهرجي اسان کي پرچائڻ،
هُن بن نراس ٿا گهاريون.
توکي آواز ڀي ڏنو هوندم،
هيڪلو هراس ٿا گهاريون.
هي موسم به ڪهڙي آ سائين،
جنهن ۾ هيڏو اُداس ٿا گهاريون.
چئه تو سواءِ چنڊ ڇو اُلهي،
هر رات اُماس ٿا گهاريون.
شازيه عارب عمراڻي
خفگي
نه ائين
خفا ٿيندو ڪر...
جو جيترا
ڏينهن ۽...
جيتريون راتيون....
تنهنجي ناراضگيءَ جو
احساس کڻي
ڪٽجن ٿيون....
اوترائي
شب و روز
مان به
زندگيءَ کان.... خفا....
ٿي رهندي هان...!
بشريٰ رحمان/ امام راشدي
بک جي ڪُک
بابا!
اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو!
جڏهن تنهنجي جسم تي نوان ڪپڙا ڏسان
۽ پيٽ ڀري توکي کائيندو ڏسان
۽ تنهنجي اوجهامندڙ اکين کي چمڪندو ڏسان؟
ها، منهنجا پُٽ! تون پڙهي جڏهن آفيسر ٿيندين،
تڏهن منهنجي هر ڏک جو درمان ٿيندو.
پر بابا،
توکان اڳ به ڪيترن بابن
اهڙا سهڻا خواب ڏاڍي شوق سان ڏٺا هوندا.
ڇا، انهن کي به خوابن جي تعبير اهڙي ملي آهي؟
تون ته هڪ مزدور آهين!
۽ مزدور جو پُٽ آهين!
۽ مان به مزدور جو پُٽ آهيان.
کيسي ۾ پئسو ڪونهي،
ٽافي ڪونهي چيگم ڪونهي.
ها، مگر سُڪل مانيءَ جا ڳڀا آهن
۽ اسڪول جي بلڊنگ هڪڙو وڻ آهي
جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهي،
مان پڙهندو آهيان.
اُگهاڙن پيرن سان تتل اُس ۾
جڏهن هلان ٿو ته ڏاڍو سڙان ٿو.
ٻه ٽي پِنيل ڪتاب
منهنجي ميراث آهن
۽ هڪ ڀڳل پَٽيءَ تي منهنجي لکيل تقدير آهي.
بابا!
خوابن جي دنيا مان نڪري اچ!
انهن جي تعبير ڏاڍي خراب آهي
تون ته مزدور جو پُٽ آهين.
بُک جي ڪُک مان ته رڳو بُک ڄمندي آهي.
اُداس بوزدار
وائي
لکندي ڪوتا ڪاڳر تي
جذبا جاڳي پيا
تنها تنها ويٺي
گهر جي آڳر تي
جذبا جاڳي پيا
ڏسندي ئي ڪنهن اُجڙيل نينگر کي
جذبا جاڳي پيا
امر اوڏ
وائي
اکڙين جي ڇپر مان
گوري تون نه وڃ
ڏس چنڊ به چئي ٿو
گوري تون نه وڃ
ائين ئي امبر مان
گوري تون نه وڃ
تولئه جوسجايو اٿم
منهنجي گهر مان
گوري تون نه وڃ
توکي جنهن ۾ پوڄيم
ان من مندر مان
گوري تون نه وڃ
تنها ڪيئن ڪٽينداسين
زندگيءَ جي سفر مان
گوري تون نه وڃ
جنهن جيون ارپيو توکي
تنهن امر مان
گوري تون نه وڃ
عبدالحميد آس ٻٻر
وائي
گم ٿي ويو آهي،
تنهنجي خوابن مان ڪِري،
گونگا ڳوڙها ڳوٺ جا،
بڻجي ويو آهي،
تنهنجي خوابن مان ڪِري.
اوجاڳن جي سمنڊ ۾،
لڙهي ويو آهي،
بڻجي ويو آهي،
تنهنجي خوابن مان ڪِري.
الائي ڪٿي پاڻ کي،
ڀلجي ويو آهي،
تنهنجي خوابن مان ڪِري.
آس ته خوشبو هو، تڏهن،
وکري ويو آهي،
تنهنجي خوابن مان ڪِري.
سعيد سومرو
پنجڪڙا
آرسي آڏو پاڻ ڏسي ٿي مرڪي
سوچي: ’سونهن ته آ ساراهڻ جوڳي،
پوءِ به مون لئه هو ڪين ٿيو روڳي.‘
دلڙي هن جي اندر ۾ پئي ڪُرڪي
آرسي آڏو پاڻ ڏسي ٿي مرڪي.
ساجن بن ڪئن ساوڻ گذرن؟
ڪڪرن هوندي اُس ۾ آهيون،
ٿا ساٿ وري هن جو چاهيون،
جنهن سان گهاريل مينهن نه وسرن.
ساجن بن ڪئن ساوڻ گذرن؟
او امان! هاڻِ نه هان مان ٻالڪي،
آرسي ۾ سونهن من کي ٿي وڻي،
دلبري ٿي نيڻ مون ڏي پئي کڻي،
بابل کي چئه، آڻِ مون لئه پالڪي،
او امان! هاڻ نه هان مان ٻالڪي.
پريم پتافي
گيت
او سجني، هيل ته اچُ ني!
مٽرن ڄانڀي ڦول جهليا هِن،
اوسيئڙي جا گُل ٽڙيا هن،
چيٽ جي رت آ،
ڄڻ ته بسنت آ،
چپ هوا جا گيت ٿا چوني!
او سجني هيل ته اچ ني!
توبن منهنجا گيت اڌورا،
مَن ۾ کامن ڪيئي کورا،
قلم هٿن ۾
ديد دڳن ۾،
اڻپورا ڪي گيت ٿا سڏني!
او سجني هيل ته اچ ني!
لهرون لهرون ڇاتي ڇُلڪي،
سانوڻ ۾ جيئن سنڌو اُٿلي،
لهر نچي ٿي،
موج ڪري ٿي،
ڇاتيءَ تي ڄڻ گيت ٿا رچني!
او سجني هيل ته اچ ني!
ساهه سڪي ٿو آءٌ گهڙي پَل،
درد اسان جا ٿي پيا اڻ جهل،
رت ئي چوي ٿي،
توکي سڏي ٿي،
گوري هاڻ پڪائي ڇڏني!
او سجني هيل ته اچ ني!
آفتاب ناز خاصخيلي
غزل
جيڪو ڪيو تو سٺو ڪيو تو،
دنيا اڳيان بس ڏٺو ڪيو تو!
اسان سان جاني ڪيئي جفائون،
غيرن کي هردم مِٺو ڪيو تو.
باهه برهه جي ڀڙڪا ئي پيارا،
دلڙي اسان جي کي بٺو ڪيو تو.
ناز سڙي چاهي ڳري مري پيو!
سدائين پنهنجو سٺو ڪيو تو.
نازڪ شيدائي
گيت
واهوندي جو واءُ وريو آ،
آءُ اسان وٽ يار!
ساهن جي هٻڪار کڻي آ،
گيتن جي گونجار کڻي آ،
توکي منهنجو هانءُ هُريو آ،
آءُ اسان وٽ يار!
تارا ڪتيون نچن ڪڏن ٿيون،
چانڊوڪيون ڀي درد ڏين ٿيون،
اوڀر کان ڏس چنڊ کڙيو آ،
آءُ اسان وٽ يار!
جوڀن جذبا جهلجن ڪيئن؟
تو بن ڏينهڙا گذرن ڪيئن؟
پڄري پڄري اندر ويو آ،
آءُ اسان وٽ يار!
ڪنول محمد يوسف
چؤسٽا
تنهنجي ياد سهاري جيئان پيو،
اميدن جا ڏيئا ٻاري جيئان پيو،
من ڪڏهن ڀُلجي اچو جي اوهين،
انهي آس سهاري جيئان پيو.
ڏکي سکي ۾ هر ويل ساڻ هئاسين،
ڪڏهن ڪونه ڪنهن جي ڪڍندا ڪاڻ هئاسين،
هاڻ آئون آئمون، تون تون آهين،
اڳي ته پيارا پاڻ پاڻ هئاسين.
انجم قاضي
بيت
جڳ آهي صحرا ۽ مان اڪيلو،
چوڏس آهن ماٺ جا، ڪيڏا نه پهرا،
راز مونکي گهرا، ڏسي قبرستان ٿو.
آهي ڪاري رات، گهري قبرستان ۾،
نه ڪو ڀڻڪو ڀونءِ تي چوڌر چُپ چُپات،
ويڙهي ويئي سانت، آهي قبرستان کي.
مان ٿو اڪيلو، هيڏن ماڻهن ۾ رهان،
وٺي ڏاهپ سک جو پوءِ، وڃايم ويلو،
مان ئي ڳهيلو، رهجي ويس هن ڏيهه ۾.
چوڏس آهي ٻاٽ، اوهي نه ڪو واهي،
سناٽو ڇانيل گهڻو، گهائي ٿي هر واٽ،
ناهي ڪائي لاٽ، پوءِ به اڳتي ٿا وڌون.
ناهي ڪائي لات، جيون انڌيرو ٿيو،
گهارڻ ٿيو اوکو وڏو، جهڪيل پنهنجا ڳاٽ،
گولين جا ڪڙڪاٽ، پنهنجي سورج ديس تي.
ايوب کوسو
درد جي آرسي
شامن جون سڳواريون،
هرلام تي لُڏن ٿيون،
هن پوپٽن جي بُت تي،
ڪنهن خواب کي ڏسن ٿيون،
هن دل جي بيقرري،
هن اُفق کي ڇُهي ٿي،
۽ تنهنجي ساروانگيان،
هو سانجهه جو ٽڙي ٿي،
ڪن ڪاڪلن جي خوشبو،
ڪنهن پا رڏي ڌڪي ٿي،
اڄ ڀي اسان لئه جانان،
تون ڪو خواب آهين،
جو باک ۾ ٽڙيو آ،
سو تون گلاب آهين.
هر رات آ هرڻ جيئن،
جا تو بنا ٿي ڀٽڪي،
ڪو سڏ به ناهي ڪاٿي،
ٿي نظر خالي اٽڪي،
تو چنڊ کي سنيهو،
ڪونهي ڪڏهن اُماڻيو،
هر رات ۾ اسان آ،
خود پاڻ کي ئي ڇاڻيو،
هر پهر جي تنهائي،
زنجير آهي ڪائي،
هن حسرتن جو سينو،
جهوري آ وئي جُدائي،
ويو وقت آهي جانان،
اکڙين جا خواب ڇاڻي،
تارن جي هيٺ آهيون،
بس درد کي ئي ماڻي،
بس پيار ئي رهيو آ،
ڪا ياد بڻجي هاڻي
نه آسرن جو جهُلو،
نه خواب جو ڪو موتي،
بس چنڊ آهي چريو،
جوپيار مان ملي ٿو،
هونئن اُس آهي گهاٽي،
هن پيار جي ڳليءَ ۾،
هر گام تي نظر جا،
پنڇي جو هُو اُڏن ٿا،
ان منظرن ۾ تون آن،
۽ ياد آهي تنهنجي،
تون ڪو ڪتاب کُليو،
ڪي لفظ جو پڙهان ٿو،
ته دل ۾ غم چُڀي ٿو،
تون خيال ۾ کِلين ٿي،
مان درد کي ٿو اوڍيان،
تون ان ۾ ئي ملين ٿي،
ڪا آرزو جي اُس آ،
جنهن ۾ بدن سڙي ٿو،
ڇو تنهائي ڊگهي آ،
ڪو خيال ائين پُڇي ٿو،
تون آس پاس آهين،
ڪو خيال ايئن اچي ٿو،
پَهرن جي سوڳواري،
دل ۾ لهي وڃي ٿي،
ڪا آس نئين اُٿي ٿي،
جا پَل ۾ ڊهي وڃي ٿي،
دردن جي آرسي ڪا،
دل ۾ ٽٽي پوي ٿي!!
خليل عارف سومرو
غزل
ڪڏهن زخم ڪنهن کي رسي ٿو جي ڪوئي،
ڏسي حال ان جا پوان مان ٿو روئي.
آهيان دل جو نازڪ ۽ حساس ماڻهو،
چاهيان ٿو ته غم ۾ هجي هت نه ڪوئي.
ڏئي سک به ماڻهو سگهي ٿو ماڻهو کي،
ڏکايل به ماڻهو آ ماڻهوءَ جو ئي.
لڳي دل ٿي جنهن سان ڏئي ٿو سو دوکا،
سڪي ساهه جنهن لئه ستائي ٿو سوئي.
رڳو منهن جي ڌوتو ۽ ڪپڙا ته ڇا ٿيو؟
اندر رکجي اجرو ۽ دل ڇڏجي ڌوئي.
ڀلي لوڪ عارف ڀلو يا برو چئي،
جيڪو آءٌ آهيان سو هوندس اهوئي.
روشن گهانگهرو
ترائيل
اوهان جي سدائين وفائن تي لکجي
ڪئي سين اوهان جي حوالي حياتي
اوهان جي ته ڪيئن جفائن تي لکجي
اوهان جي سدائين وفائن تي لکجي.
محبت جي دلڪش ادائن تي لکجي
نظر سان ڪُهي ٿي پئي قرب ڪاتي
اوهان جي سدائين وفائن تي لکجي
ڪئي سين اوهان جي حوالي حياتي.
جبار تاثير سومرو
غزل
رنگتون آيون گلن ۾ ٿو ڏسان،
مُرڪندي مُکڙيون چمن ۾ ٿو ڏسان.
جهومندي آئي چمن ۾ آ بهار،
گل حسينن جي هٿن ۾ ٿو ڏسان.
نيڻ منهنجا تنهنجو اوسيئڙو ٿا ڪن،
ديد پائي مان دڳن ۾ ٿو ڏسان.
اڄ پکيئڙا لام تي لڏندي ڏسي،
شاخ کي، گل کي خوشين ۾ ٿو ڏسان.
عڪس پنهنجو مونکي ايندو آ نظر،
مان جڏهن تنهنجي اکين ۾ ٿو ڏسان.
ٻيا به دنيا ۾ حسين آهن گهڻا،
مان پرين پڌرو لکن ۾ ٿو ڏسان.
ٿي ٿئي ورکا گلن جي دوستو!
پوءِ به پنهنجي دِل ڏکن ۾ ٿو ڏسان.
لفظ جيڪي تو لکيا ها پيار مان،
تڙپندي لڇندي خطن ۾ ٿو ڏسان.
ڇا ٻڌايان خواب توڙي جاڳ ۾،
اي پرين توکي سُکن ۾ ٿو ڏسان.
آئي موٽي ساڳي آ رونق وري،
ڪڻڪ جي سونن سنگن ۾ ٿو ڏسان.
هي دعائن جو ٿيو ”تاثير“ آ،
توکي مان پنهنجي وطن ۾ ٿو ڏسان.
ساجد کوکر
غزل
نديءَجي ڪناري گهڙو پئي ڀري ٿي،
وجهي پير پاڻيءَ ۾ وينگس ٺري ٿي.
نهاري پئي راهه ڪنهن لاءِ نينگر،
اٿس ڪير اچڻو ۽ ڪنهن تي مري ٿي.
تڪي راهه پنهنجن چپن ۾ چوي ٿي،
”ڪٿي يار تو بن اسان جي سري ٿي.“
ڪئي دير هن جي آ ساهڙ اچڻ ۾،
سندس رخ تي ڪاوڙ جي اگني ٻري ٿي.
آيس ڪونه صاحب صنم جو ڪناري،
گهڙي کي کڻي هنج واپس وري ٿي.
گل محمد خاصخيلي
غزل
اکين مان وٺي اهڙي برسات آ،
مونکي سهڻا صنم تنهنجي ئي تات آ.
زندگي جو سمورو سفر ائين لڳو،
رڻ ۾ پئجي وئي ڄڻ ڪٿي رات آ.
بادلن سان سڄو اُڀ ڍڪجي ويو،
چنڊ ليڪن قبولي نه ڪٿ مات آ.
ڪا گهڙي جي مونکي ٿي اڪيلي ملي،
منهنجي سوچن ۾ لهندي تنهنجي ذات آ.
تنهنجو جيون سڄو سونهن آهي مٺا،
منهنجي هرڪا خوشي ڄڻ ته خيرات آ.
شوڪت علي ڌماچ
غزل
هانو کاڌي ڇو ڇڪي آ،
ڪا ته توسان مائٽي آ.
نفرتون ئي موت آهن،
چاهتن سان زندگي آ.
ڏوهه ڏي الزام هڻ تون،
مون تي تنهنجي مالڪي آ.
اذيتون ساريون اکين تي،
جي اها تنهنجي خوشي آ.
اڄ به اُلڪا ساڳيا هن،
دل ڪٿي ٿي جائتي آ.
موسمون آيون ويون پر،
دل اها ساڳي دکي آ.
هانوَ تي تون هٿ رکي چئه،
ڪنهن ڪئي بي واجبي آ.
اڳ جيان ئي اڄ به تنهنجي،
دل تي ساڳي وارثي آ.
تنهنجي شوڪت سک ورهائي،
پاڻ لئه پيڙا رکي آ.
مشتاق بخاري
وائي
آخر مون کي ڇو؟
ننڊ نه ٿي اچي.
ڳالهه ته ڪا آهي،
ويٺو سوچيان ٿو،
ننڊ نه ٿي اچي.
لوڇ اٿم ڏاڍي،
الڪو آهي ڪو،
ننڊ نه ٿي اچي.
ها، ياد اچي ويو،
هن جي وئي کان پوءِ،
ننڊ نه ٿي اچي.
ممتاز لوهر
صليب تي ٽنگيل شاعري
تنهنجي ورکا لئه،
مون جيڪي گل آندا آهن،
تن کي ڏسي سوچان ٿو،
اهي تنهنجي لائق آهن به، الائي نه.
*
اوڪارل مارڪس!
تنهنجون ڪي شيون،
قبول ڪري سگهجن ٿيون، بلڪل ائين،
جيئن ڪنهن ٽاريءَ مان رڳو گل.
*
او ليڊر!
تنهنجون هي همدرديون ڀي،
”ڊيٽ ايڪسپائر“
دوائن جهڙيون آهن.
*
ذهن_ ڍنڍ تي
هيءَ منهنجي شاعري،
ٿي آڙين جيان اُڏري اچي.
*
پرهه ويلي نيري اُڀ تي،
رت هاريل ڳاڙهي دڳ ۾،
ڪنهن ڪونڌر جي ڪنڌ ڪپيل،
سسيءَ جهڙي سج جو قسم،
ڇڏي تون جو ويندينءَ سکي!
مري ويندو سانءِ، الا!
وري نه ايندوسانءِ الا!
*
مون لئه هر شيءِ، اوستائين پاڪ ناهي.
جيسين تون ان کي ڇُهين نه ٿي.
فهميده سحرش ميمڻ
نظم
اڄ هلندي هلندي
نڪري ويس
خبر ناهي ڪِٿ
اڻ ڏٺل رستن تي.
ڪنهن پڇيو
ڪنهن کي ٿي ڳولهين
بي جان جسم ۾
زندگيءَ جي لهر اُڀري
پل کن لاءِ مان
خاموش ٿيس ۽سوچيان ٿي
ها شايد مونکي
ڪنهن جي تلاش ئي ته آهي
مون پاڻ کان پڇيو
ڪنهن کي ٿي ڳوليان مان؟
ڪو خواب ٻيهر جاڳي آ پيو
مون ڳوليو آهي هاڻي سڪون
جو شايد
هن ڌرتيءَ تان
ائين ئي آهي گم ٿيو
ڄڻ رستي ويندي
ٿيو اغوا
تاوان گهڻو
ڪو ڏيئي نه سگهيو
۽ سارو شهر ئي اُجڙي ويو. |