سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

(شارلٽ برونٽي) سنڌيڪار: قربان جعفري

آخري حصو

جين آئر

10- شادي جي آڇ

اڳين ڏينهن مسٽر ميسن هليو ويو.

مان مسٽر روچيسٽر کي ٻڌايو ته گيٽسهيڊ واري منهنجي مامي مونکي ڏسڻ چاهي ٿي.

”تون وڃين ڇو ٿي جين؟“ منهنجي مالڪ پڇيو.

”بيگم ريڊ مون لاءِ پڇيو آهي، سائين. هو مرڻ تي آهي، مان گهڻو عرصي پري ڪين هونديس.

منهنجي مامي مرڻ کان اڳ مون کي ٻڌايو ته منهنجي پيءُ جي ڀاءُ ٽي سال اڳ خط لکي منهنجي باري ۾ پڇيو هو. هن ’مديرا‘ کان لکيو هو. هن چاهيو ٿي مان هن ساڻ رهان ۽ هن جي ڌيءَ ٿيان.

”مون هن کي ٻڌايو تون لووڊ ۾ گذاري ويئن.“

منهنجي مامي چيو.

هن کي اڃان مون کان نفرت هئي، مان گيٽسهيڊ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ رهيس.

هڪڙي ڏينهن مون کي بيگم فيئر فيڪس وٽان هڪڙو خط مليو. هن مون کي ٻڌايو ته مسٽر چيسٽر لنڊن ويل آهي. هن لکيو ته هو شايد مس انگرام سان پنهنجي شادي جو انتظام ڪرڻ لاءِ ويل آهي.

جڏهن مان بيگم فيئر فيڪس جو خط پڙهيو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون نه پئي چاهيو مسٽر روچيسٽر مس انگرام سان شادي ڪري.

مان بيگم فيئر فيڪس جي ڄاڻ کان سواءِ ملڪوٽ موٽيس. مان ملڪوٽ کان ٿارن فيلڊ هال ڏانهن پنڌ پيس.مان ٿارن فيلڊ کان گهڻو پري روڊ جي ڪناري تي ويٺل مسٽر روچيسٽر سان گڏيس. هو مون کي ڏسي خوش پئي لڳو. مان هن کي ٻيهر ڏسي ڏاڍي خوش ٿيس.

ٿارن فيلڊ هال ۾ بيگم فيئر فيڪس ۽ ايڊل خوش هيون ته مان موٽي آهيان. مسٽر روچيسٽر پنهنجو گهڻو وقت ايڊل ۽ مون سان گذارڻ لڳو. مان خوش هيس مون محسوس ڪيو ته مون کي پنهنجي مالڪ سان پيار هو.

هڪڙي گرم شام مان مسٽر روچيسٽر سان باغ ۾ گڏيس. هو سهڻن گلن کي ڏسي رهيو هو. مون سندس شاديءَ بابت ڳالهايو. مون منهنجي ٿارن فيلڊ هال ڇڏڻ جي وقت جي باري ۾ پڻ ڳالهايو. مون ايترو ڏک محسوس ڪيو جو مون روئڻ شروع ڪيو.

”تون روئين ڇو ٿي؟“ هن پڇيو.

”ڇاڪاڻ ته مون کي ڇڏڻو پوندو. مون کي هتي سڀني سان پيار آهي.“ مان رنس.

”پوءِ تون ڇڏين ڇو ٿي؟“ مسٽر روچيسٽر چيو.

”توهان مس انگرام سان شادي پيا ڪريو. توهان کي وڌيڪ ڪنهن ماسترياڻي جي ضرورت ڪين آهي.“ مون چيو.

”مان مس انگرام سان شادي ڪرڻ نٿو چاهيان.مان هن سان محبت نٿو ڪيان. مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان، جين، تون منهنجي زال ٿيندينءَ؟“ مسٽر روچيسٽر نرميءَ سان چيو.

”سائين، جيڪڏهن توهان سچ پچ مون سان محبت ٿا ڪيو. مان خوشيءَ سان توهان جي زال ٿينديس.“ مون چيو.

اڳين صبح مسٽر روچيسٽر بيگم فيئر فيڪس کي اسان جي شادي جي منصوبن بابت ٻڌايو. بيگم فيئر فيڪس البت گهڻي خوش ڪين هئي.

”مان تنهنجو ڀلو چاهيان ٿي، جين، پر ڌيان رکجان. مون کي اُميد آهي ته تولاءِ هر شيءِ بلڪل ٺيڪ ٿيندي.“ بيگم فيئر فيڪس چيو.

بيگم، فيئر فيڪس کي اهڙي عجيب نموني ڳالهائيندي ٻڌي مون کي تعجب ٿيو.

11- ڪمري ۾ اجنبي:

مسٽر روچيسٽر مون کي گهڻيون ئي سوکڙيون وٺي ڏنيون. هن وڳا ۽ جواهر خريد ڪيا.

مون پاڻ هن کي سوکڙيون ڏيڻ پئي چاهيون، پر مون وٽ پئسا ڪين هئا. پوءِ مون کي پنهنجو ميرا وارو چاچو ياد آيو، جنهن مون کي پاڻ سان رهائڻ ئي چاهيو. مون لکيو ۽ هن کي ٻڌايو ته مان جيئري آهيان. مون کيس ٻڌايو ته مان ٿارن فيلڊ هال جي مسٽر روچيسٽر سان هڪڙي مهيني ۾ پرڻجي رهي آهيان.

مهيني هلندي مان هر شيءِ تيار ڪئي، منهنجا ڪپڙا ويڙهجي ويا. اسان پنهنجو هني مون لنڊن ۾ گذارينداسين، پوءِ مان جين آئر بدران جين روچيسٽر ٿي پونديس.

ٻه ڏينهن شادي کان اڳ ۾ مون پيتي کولي جنهن ۾ منهنجي شادي جو وڳو هو. مون پنهنجي شادي جو وڳو ٻاهر ڪڍيو. اهو اڇي ريشم مان ٺهيل هو. اهو مون کي سهڻو نظر پئي آيو. پيتي اندر زري مان ٺهيل هڪڙو خوبصورت نقاب پڻ هو. اهو مسٽر روچيسٽر پاران هڪڙي سوکڙي هو.

مون مسٽر روچيسٽر جو تمام گهڻو ٿورو مڃڻ ٿي گهريو، پر هو لنڊن ۾ هو. مون پنهنجي شاديءَ جو وڳو ۽ نقاب، بسري تي وڃڻ کان اڳ ۾ انهيءَ رات، ڪٻٽ ۾ ٽنگي ڇڏيو.

دير ٿي چڪي هئي، پر ننڊ نٿي آئي. هوا ٻاهر زور ۽ شور سان هلي رهي هئي. آخرڪار سمهي پيس، مون ٻه خراب خواب ڏٺا.

پهريون مسٽر روچيسٽر جي ٿارن فيلڊ هال مان رواني ٿيڻ بابت هو. مون هن کي واپس سڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن مون کي ڪين ٻڌو.

ٻيو خواب ٿارن فيلڊ هال بابت هو. خواب ۾ مان ڀڳل ڀت تي بيٺي آهيان ۽ مسٽر روچيسٽر کي روانو ٿيندي جاچي رهي آهيان. اوچتو مان ڪريس، پوءِ مان جاڳي پيس.

مون هڪڙي ٻريل ميڻ بتي سينگار ميز تي ڏٺي. منهنجي ڪٻٽ جو دروازو کليل هو. مون ڪنهن کي هيڏانهن هوڏانهن چرندي پرندي ٻڌو. اهو سوچي اها صوفي هوندي، نوڪرياڻي، مان زور سان سڏ ڪيو، ”تون ڇا پئي ڪرين صوفي؟“

ڪنهن به جواب ڪين ڏنو، پوءِ مون ڪنهن کي ميڻ بتي کڻي ڪٻٽ ڏانهن ويندي ڏٺو. اها هڪڙي عورت هئي، هن منهنجي شادي واري وڳي کي ڏٺو، پوءِ هن روشني مٿي جهلي، مون هن کي ڏٺو اها نه صوفي، نه گريس پول، نه ئي بيگم فيئر فيڪس هئي. اها هڪڙي اڇي وڳي ۾ وڏي عورت هئي، جيئن مون هن کي ڏٺو پئي. هن ميڻ بتي هيٺ رکي. هن منهنجو نقاب کڻي پنهنجي مٿي مٿان رکيو. مان پوءِ هن جو منهن آئيني ۾ ڏسي پئي سگهيس. هن جو منهن ڀوائتو ۽ سڄيل هو. هن جون اکيون ڳاڙهيون هيون ۽ هن جا چپ واڱڻائي هئا. هن جا وار ڊگها ۽ بي ڦڻي هئا. مان رڙ ڪرڻ کان وڌيڪ ڊنل هيس.

هن پاڻ کي جهٽ پل لاءِ آئيني ۾ ڏٺو. پوءِ هن نقاب ڇڪي لاٿو. هن ان کي ڦاڙي ٻه ٽڪر ڪيو، ان کي فرش تي اڇلائي ڇڏيو ۽ ان کي مٿان لتاڙيو.

هو ٻاهر ويندي منهنجي بستري ڀرسان بيهي رهي، هن مون ڏانهن هيبتناڪ ڳاڙهي اکين سان نهاريو، پوءِ مان بيهوش ٿي ويس.

مسٽر روچيسٽر اڳين ڏينهن گهر آيو. مون هن کي پنهنجو خواب ٻڌايو. هو رڳو کليو ۽ مون کي چيائين ته ڳڻتي نه ڪيان.

پوءِ مون هن کي ڳاڙهي اکين واري عورت جو ٻڌايو.

”اهو پڪ ٻيو ڪو خواب هوندو، تون شاديءَ تي بيحد جوش ۾ آهين.“ مسٽر روچيسٽر چيو.

”پر مون نقاب ٻه ٽڪر ٿيل فرش تان لڌو هو.“ مون چيو.

هو فڪرمند نظر آيو.

”خدا جو شڪر آهي، توکي ڪجهه ڪين ٿيو“ هن چيو.

12- شاديءَ جو ڏينهن

منهنجي شادي واري ڏينهن تي مان سوير اٿيس. صوفي مون کي شادي جو وڳو ۽ سادو نقاب پائڻ ۾ مدد ڪئي.

مسٽر روچيسٽر مونکي چرچ ڏانهن وٺي هليو. اسان ڪنهن کي دعوت ڪين ڏني هئي. جيئن اسان چرچ وٽ پهتاسين. مون ٻن عجيب ماڻهن کي قبرستان ۾ گهمندي ڏٺو. جڏهن هنن اسان کي ڏٺو، هو چرچ جي پٺيان هليا ويا.

اسان پوءِ چرچ اندر وياسين. پادري ممبر وٽ انتظار ڪري رهيو هو. اسان ممبر ڏانهن وڌياسين، ٻئي اجنبي چرچ جي پٺيان بيٺا هئا. جڏهن اسان تيار هئاسين. پادريءَ پڇيو، ”جيڪڏهن توهان مان ڪوبه، ڪنهن سبب کان واقف آهي، ڇو هنن ٻنهي جي شادي نه ڪرائجي، مهرباني ڪري هينئر اهو چئي ڏئي.“

”هنن جي شادي نٿي ٿي سگهي.“ اسان جي پٺيان بيٺل ماڻهن مان هڪڙي چيو.

هڪڙي لحظي لاءِ ڪنهن به هڪڙو لفظ ڪين ڪڇيو.

”تنهنجو سبب ڪهڙو آهي؟“ پادريءَ پڇيو.

”مسٽر روچيسٽر کي هڪڙي زال آهي.“ اجنبي چيو.

”تون ڪير آهين؟“ مسٽر روچيسٽر پڇيو.

”منهنجو نالو برگس آهي. مان لندن جو هڪڙو وڪيل آهيان، پندرهن سال اڳ توهان هڪڙي برٿاميسن سان جمائيڪا ۾ شادي ڪئي هئي. مون وٽ شادي جا ڪاغذ آهن.“

پوءِ ٻيو ماڻهو اڳتي آيو. هو مسٽر ميسن هو جيڪو هڪڙي رات ٿارن فيلڊ هال ۾ زخمي ٿيو هو. مسٽر روچيسٽر ڏاڍو غصي ۾ هو.

”مون پنهنجي ڀيڻ کي ٿارن فيلڊ هال ۾ اپريل ۾ ڏٺو هو.“ مسٽر ميسن چيو.

مسٽر روچيسٽر هڪڙي گهڙي لاءِ خاموش رهيو، پوءِ هن چيو. ”جيڪو هن ماڻهو چيو سچ آهي. مون کي هڪڙي زال آهي، پر هوءَ چري آهي. منهنجي ڀرسان هي ڇوڪري ان جي باري ۾ ڪجهه ڪين ٿي ڄاڻي. مهرباني ڪري مون سان پاڻ ڏسڻ لاءِ ٿارن فيلڊ هال ڏانهن هلو.“

منهنجو هٿ جهلي مسٽر روچيسٽر اسان سڀني پادري، وڪيل ۽ مسٽر ميسن جي ٿارن فيلڊ هال ڏانهن رهنمائي ڪئي.

13- چري زال

ٿارن فيلڊ هال ۾ بيگم فيئر فيڪس ۽ ايڊل پنهنجي منهن تي مرڪن سان اسان جي انتظار ۾ هيون، پر ان کان اڳ ۾ جو هو ڪجهه چون. مسٽر روچيسٽر خار ۾ چيو، ”پنهنجي مبارڪن کي پاسي ڪريو. اسان کي انهن جي ضرورت ناهي!“

هو مون کي مٿي ٽين ماڙ تي وٺي آيو. هن هڪڙي دروازي جو تالو کوليو ۽ اسان اندر وياسين.

”هيءَ آهي جتي هن توکي چڪ پاتو هو. توکي ياد آهي، ميسن؟“ مسٽر روچيسٽر چيو.

مسٽر ميسن جواب ڪين ڏنو.

پوءِ مسٽر روچيسٽر پڙدي پٺيان دروازي جو تالو کوليو ۽ اسان هڪڙي اونداهي ڪمري ۾ گهڙياسين. گريس پول باهه جي ڀرسان پچائي رهي هئي. هڪ وحشي نظر ايندڙ هستي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن دوڙي رهي هئي. هوءَ هڪڙي عورت کان وڌيڪ هڪڙي جانور جهڙي نظر پئي آئي.

مسٽر روچيسٽر پوءِ ڳالهايو، جڏهن وحشي نظر ايندڙ عورت آواز ٻڌو. هن ان ڏانهن اُلر ڪئي. هوءَ ٻي ڪا ڪين ساڳي ڳاڙهي اکين واري عورت هئي، جنهن منهنجو نقاب ڦاڙيو هو.

اوچتو هو مسٽرروچيسٽر تائين ڊوڙي وئي ۽ هن کي چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪئي. مسٽر روچيسٽر هن سان زور آزمائي ڪرڻ لڳو. گريس پول رسي کڻي آئي ۽ هو ۽ مسٽر روچيسٽر هن کي هڪڙي ڪرسي سان ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهو سمروو وقت هن زور سان رڙيون پئي ڪيون.

مسٽر روچيسٽر اُٿي بيٺو ۽ چيائين، ”هوءَ زال آهي جنهن سان مان پندرهن سالن کان پرڻيل آهيان.“

مون کي صدمو ۽ حيرت ٿي، اسان سڀني مسٽر روچيسٽر کان سواءِ ڪمرو ڇڏي ڏنو. هيٺ لهندي رستي ۾ وڪيل چيو، ”مسٽر ميسن تنهنجي چاچي کي هن باري ۾ ٻڌائيندو تنهنجو چاچو هن لاءِ توکي الزام ڪين ڏيندو.“

”تون منهنجي چاچي کي سڃاڻين ڇا؟“ مون پڇيو.

”هو بيحد بيمار آهي. هو شايد زياده زندهه نه رهي.“ وڪيل چيو.

جڏهن مسٽر ميسن ۽ وڪيل هليا ويا. مان پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويس. مان ڏاڍي اداس هيس ۽ مون کي خبر ڪين هئي، ڇا ڪجي. مان خدا کان دعا گهري، پوءِ مون کي جواب ملي ويو.مان ٿارن فيلڊ هال ڇڏي وڃان.

پوءِ جڏهن مان ٻاهر آيس. مون مسٽر روچيسٽر کي پنهنجو انتظار ڪندي ڏٺو. اسان لائبريري ۾ وياسين. هن مون کي ٻڌايو ته ڪيئن هن جي پيءُ چالاڪي سان هن کي برٿا ميسن سان پرڻائي ڇڏيو هو. هوءَ امير هئي پر چري هئي، جڏهن مسٽر روچيسٽر هن سان شادي ڪئي هئي. هن پوءِ مون کي التجا ڪئي ته هن سان ڀڄي هلان.

”مان ائين نٿي ڪري سگهان. اهو غطل ٿيندو.“ مون چيو.

”مهرباني ڪري مون کي نه ڇڏج، جين، مون کي توسان محبت آهي. مون سان هل، اسان پري ڏور هلنداسين. جتي ڪوئي اسان کي ڪين سڃاڻندو.“ مسٽر روچيسٽر چيو.

مون هن کي هتي صوفي تي ڇڏي ڏنو ۽ مٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويس. مون کي هن کي ڇڏڻو هو.

14- ٿارن فيلڊ هال مان روانگي

مون پاڻ کي پنهنجي ڪمري ۾ اڌ رات تائين بند ڪري ڇڏيو. جڏهن هر شيءِ خاموش هئي. مان پنهنجا ڪپڙا ۽ ڪجهه کاڌو کنيو. مان پنهنجي سموري رقم_ ويهه سلنگ_ پنهنجي کيسي ۾ رکيا. مان چپ چاپ گهر کان ٻاهر ڏاڍو ڏک کڻي کسڪيس.

مان ڪجهه وقت لاءِ ٻنيون ۽ جهنگ لتاڙيندي ويس جيستائين مان پنڌ ڪرڻ کان وڌيڪ ٿڪجي پيس.

پوءِ هڪڙي گاڏي اچي لنگهي ۽ مان گاڏي تي چڙهيس ۽ ڪوچوان کان پڇيو ته هو مون کي ويهه شلنگ لاءِ جيترو پري وٺي هلي پئي سگهيو اوترو هلي.

مون وٽ وڌيڪ رقم ڪين هئي، پر مون کي پرواهه نه هئي. مان رڳو ٿارن فيلڊ هال کان تمام پري وڃڻ ٿي چاهيو.

ٻن ڏينهن کان پوءِ مان ڪراس نالي هڪڙي جاءِ تي پهتيس. ڪوچوان مون کي ٻڌايو هي اها جاءِ هئي جيترو پري تائين هو مون کي ويهه شلنگ لاءِ پهچائي سگهيو، تنهنڪري مان هيٺ لٿس ۽ گاڏي کي ويندي ڏسڻ لڳيس. گاڏي جي وڃڻ کان پوءِ مون ڏٺو مون پنهنجو سامان ان ۾ ڇڏي ڏنو آهي. مون وٽ نه کاڌو آهي نه پئسا ۽ نه ڪپڙا، هاڻي مان ڇا ڪنديس؟

انهيءَ رات مون جهنگلي ميوو کاڌو ۽ ٻاهر کلي ستس.

اڳين ڏينهن تي مان ڪم ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن کي منهنجي ضرورت ڪين هئي. مان ٿڪل، ٺريل ۽ بکايل هيس. مان ٻيا ٻه ڏينهن ڪنهن کاڌي بنا پنڌ مٿان پنڌ ڪيو. مينهن پڻ وسي پيو.

جڏهن رات آئي مون هڪڙي روشني فاصلي تي ڏني. مان آهستي آهستي روشني ڏانهن وڌيس. مون هڪڙي دري مان جهاتي پاتي ۽ هڪڙو صاف باورچي خانو ڏٺو. هتي ان ۾ ٽي عورتون ويٺيون هيون. هڪ ڪراڙي هئي. هوءَ اُڻي پئي. ٻيون ٻه نوجوان هيون ۽ هنن کي مهربان منهن هئا. مون هنن کي هڪ ٻئي کي سڏيندي ٻڌو پئي. هنن جا نالا ميري ۽ ڊيانا هئا. ڪڙاري عورت جو نالو حنا هو. هوءَ نوڪرياڻي هئي.

مون دروازو کڙڪايو ۽حنا ان کي کوليو.

”توکي ڇا گهرجي؟“ هن پڇيو.

”مهربان مان اندر اچي سگهان ٿي؟ مان ٺريل ۽ بکايل آهيان ۽ مون وٽ رهڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي.“ مون چيو.

”تون هتي سمهي نٿي سگهين، پر توکي ڪجهه ماني ملي سگهي ٿي.“ هن چيو.

”مهرباني ڪري مون کي پري نه ڌڪيو. مون کي پنهنجي مالڪياڻي سان ڳالهائڻ ڏو.“ مان کيس التجا ڪئي، پر هن مون کي ٽري وڃڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي منهن تي دروازو بند ڪيو.

مان ايتري ٿڪل هيس جو اُتي ئي ويهي رهيس، جتي مان بيٺي هيس.

انهيءَ مهل هڪڙو ماڻهو اچي پهتو. هن مون ڏانهن نهاريو ۽ مون کي ڪجهه چيائين.

هن دروازي کي کڙڪايو. حنادروازو کوليو.

”خدايا، تون سڄو پسيل آهين، جلدي اندر اچ، مسٽر سينٽ جان،“ حنا چيو، پوءِ هن مون کي ڏٺو.

”هش، حنا“، سينٽ جان چيو، ”اسان ڏسون ته سهي هن سان ڪهڙي ويڌن آهي. گهر ۾ اچ، نوجوان عورت.“ هن موچاري گرم باورچي خاني تائين پهچڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

”اها ڪير آهي، ادا؟“ هڪڙي ڀيڻ رڙ ڪئي.

”مون کي خبر ناهي. مون هن کي ٻاهر دروازي وٽ ٿڌ ۾ ويٺل ڏٺو هو.“ سينٽ جان چيو.

مان هيٺ ويهي رهيس ۽ ڊيانا مون لاءِ ڪجهه کاڌو کڻي آئي. مان هر شيءِ جلدي کائي ويس. منهنجي کائڻ کان پوءِ سينٽ جان پيو. ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

مان هڪڙي گهڙي لاءِ سوچيو ۽ مون چيو، ”جين ايليٽ.“ مان نه پئي چاهيو هن کي منهنجي اصلي نالي جي خبر پئي.

هنن مون کان منهنجي باري ۾ سوال پڇيا ۽ ان ڪٿي رهندي هيس. مون هنن کي چيو ته مان تمام ٿڪل ۽ ڪمزور ڳالهائڻ کان لاچار آهيان. تنهن ڪري حنا مون کي مٿي هڪڙي صاف خشڪ ڪمري ڏانهن وٺي وئي.

هن منهنجا پسيل ڪپڙا لاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي بستري ۾ ليٽايائين. مان هڪدم سمهي پيس.

ٽن ڏينهن ۽ راتين کان مان بيمار هيس. مان سمورو وقت بستري ۾ پئي هيس. حنا منهنجي پرگهور لڌي. ڪڏهن ڪڏهن ڊيانا ۽ ميري مون سان ڳالهائڻ لاءِ اينديون هيون.

ٽن ڏينهن کان پوءِ مون پاڻ کي بهتر محسوس ڪيو، تنهنڪري مان اٿيس ۽ پنهنجا ڪپڙا پاتم، جيڪي حنا صاف ڪيا هئا. مان ڏاڪڻيون لهي هيٺ باورچي خاني ۾ ويس ۽ حنا سان ڳالهايم.

هن مون کي ٻڌايو ته سينٽ جان، ڊيانا ۽ ميري ڀاءُ ۽ ڀيڻ هئا. هن مون کي اهو پڻ ٻڌايو ته هنن جو نالو رورس هو ۽ گهر مورهائوس سڏبو هو. هنن جو پيءُ ويجهڙائي ۾ گذاري ويو هو.

”مس ميري ۽ مس ڊيانا ٻئي لنڊن ۾ استاد آهن ۽ مسٽر سينٽ جان هڪڙو پادري آهي. هو سڀئي هتي آهن، ڇاڪاڻ ته هو موڪلن تي آهن.“ حنا چيو.

پوءِ ڊيانا ۽ ميري باورچي خاني ۾ آيون، جڏهن هنن مون کي هتي ڏٺو ته مون کي بيٺڪ ۾ وٺي آيون، سينٽ جان بيٺڪ ۾ پڙهي رهيو هو. هوڊگهو ۽ سهڻو هو. هن کي ڀورا وار ۽ نيريون اکيون هيون.

”تنهنجو گهر ڪٿي آهي؛ مس ايليٽ؟ توکي ڪي دوست آهن؟ اسان انهن کي ٻڌائي سگهون ٿا، تون هتي آهين.“ سينٽ جان چيو.

”مون کي نه ڪوئي گهر نه ڪي دوست آهن.“ ”مون چيو، ”منهنجو پيءُ چرچ جو ڪارڪن هو. هو ۽ منهنجي ماءُ جڏهن مان ٻار هيس گذاري ويا هئا. مان اٺ سال لووڊ اسڪول ۾ گذاريا آهن. هتي اچڻ کان اڳ مان ماسترياڻي هيس. مون کي پنهنجو ڪم ڇڏڻو پيو هو. مهرباني ڪري مون کان ڪين پڇجو ته ڇو. مان توهان کي نٿي ٻڌائي سگهان.“

”مان پوءِ توهان کان وڌيڪ سوال ڪين ڪندس.“ سينٽ جان چيو.

”توهان جي مهرباني، سائين، مان پڻ توهان سڀني جو ٿورو مڃڻ چاهيان ٿي جو توهان مونکي هتي رهڻ ڏنو آهي. مان مري وڃان ها جيڪڏهن توهان نه هجو ها، سائين.“ مونچي.

اسين توکي ماڻي خوش آهيون، جين.“ ٻنهي ڀينرن چيو.

مون پوءِ پڇيو ته ڇا هو ڪم ڳولهڻ ۾ منهنجي مدد ڪري سگهن ٿا.

رورس گهراڻو مون تي ڏاڍو مهربان هو. ڊيانا ڏاڍي هوشيار هئي. نکي جرمن ايندي هئي، تنهن ڪري مون هن کي چيو ته هوءَ مون کي سيکاري. ميريءَ منهنجون ڪجهه تصويرون ڏٺيون ۽ هن مون کي تصويرون ٺاهڻ لاءِ چيو. هتي مون لاءِ وقت خوش خوش گذرڻ لڳو. مان اڃا تائين مسٽر روچيسٽر جي باري ۾ گهڻو ڪجهه سوچيندي هيس.

هڪڙي ڏينهن سينٽ جان کي هڪڙو خط مليو، ”چاچا جان گذاري ويو.“ هن چيو.

ڊيانا ۽ ميري خط پڙهيو هو، غمگين نٿي نظر آيا.

”جين، توکي پڪ حيرت ٿيندي هوندي، اسين غمگين ڇو ڪين آهيون. ڳالهه سمجهه، اسان چاچي جان کي ڪڏهن ڪين ڏٺو هو. هو منهنجي ماءُ جو ڀاءُ هو. هو اسان جي ماءُ سان وڙهيل هو. هاڻي هن ويهه هزار پائونڊ هڪ ٻئي مائٽ لاءِ ڇڏيا آهن.“ ڊيانا چيو.

سينٽ جان مون کي پنهنجي ضلعي ۾ اسڪول ماسترياڻي جو ڪم ڳولهي ڏنو. منهنجي پگهار ٽيهه پاؤنڊ ساليانو هئي ۽ مان هڪڙي ڪوٺي ۾ اسڪول جي ڀرسان رهي پئي سگهيس. مان سينٽ جانجي ڏاڍي ٿورائتي هيس.

ويهه شاگرد منهنجي اسڪول ۾ هئا. انهن مان گهڻا سيکارڻ مشڪل هئا. ڪي پڙهي ٿي سگهيا، پر لکي ڪوبه نٿي سگهيو.

شام جو مان پنهنجي ڪوٺي ۾ بيحد اڪيلي هوندي هيس. مان چاهيندي هيس ته مسٽر روچيسٽر هتي مون سان هجي ها. مان گهڻو وقت تصويرون ٺاهيندي گذاريندي هيس.

سينٽ جان اڪثر مون کي ڏسڻ لاءِ ايندو هو. هڪڙي ڏينهن هن منهنجي تصويرن کي ڏٺو، پوءِ هن منهنجي تصوير جي هڪ ڪنڊ ڦاڙي ۽ ان کي پنهنجي دستاني ۾ رکيو. مون کي اهو بيحد عجيب لڳو، پر مون ڪجهه چيو ڪين.

اڳين ڏينهن سينٽ جان وري آيو، هن مون کي چيو ته وڪيل مسٽر برگس پڇيو آهي ته ڇا هو ڪنهن جين آئر سڏائيندڙ کان واقف آهي. مون کي حيرت ٿي. ”تون جين آئر آهين. تون آهين نه؟“ هن پڇيو. هن ڪاغذ جو ٽڪرو ڏيکاريو، جيڪو هن منهنجي تصوير مان ڦاڙيو هو. ان جي مٿان ’جين ائر‘ لکيل هو.

”هائو، مان جين آئر آهيان، پر مسٽر برگس ڇو ڄاڻڻ چاهي ٿو؟“ مون پڇيو.

”خير، تنهنجو چاچو، جان آئر، مديرا ۾ گذاري ويو آهي ۽ هن تو لاءِ ويهه هزار پائونڊ ڇڏيا آهن.“ سينٽ جان چيو.

”ويهه هزار پائونڊ!“ مون چيو. مون کي بيحد حيرت هئي جو اعتبار اچي.

”پر تو ڪيئن ڳولهي لڌو. مان اها ئي هيس جنهن جي مسٽر برگس کي تلاش هئي؟“ مون پڇيو.

”منهنجو ماءُ جو نالو آئر هو. هن کي ٻه ڀائر هئا. انهن مان هڪڙو جان آئر هو. ٻيو هڪڙو چرچ جو ڪارڪن هو جيڪو گهڻو وقت اڳ گذاري ويو هو. هن کي ننڍڙي ڇوڪري هئي، جنهن کي جين آئر سڏيندا هئا.“ سينٽ جان چيو.

”ڪيئن. ته ان پوءِ تنهنجي ماءُ کي منهنجي پڦي بڻائي ڇڏيو ۽ تون، ڊيانا ۽ ميري منهنجا ڦڦاٽ آهيو. اوهه، مان ڪيتري خوش آهيان. هاڻي مون کي پنهنجا مائٽ آهن. مان چاچي جي رقم توهان ٽنهي ۾ ورهائينديس.“مون خوشي ۾ چيو.

سينٽ جان نه پئي چاهيو ته مان رقم ورهايان، پر نيٺ هو، ڊيانا ۽ ميري جڏهن مون کين ان لاءِ ٻاڏايو، تنهن کان پوءِ راضي ٿيا.

اسان مور هائوس ۾ گڏجي خوشي سان رهڻ لڳاسين. ميري ۽ ڊيانا کي لنڊن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت ڪين هئي.

سينٽ جان هندستان ۾ هتان جي ماڻهن جي مدد ۽ هنن کي خدا جي باري ۾ سيکارڻ لاءِ وڃڻ ٿي چاهيو. هن مون کان پڇيو ته مان هن جي زال بڻجي هن سان گڏجي هلان. مان ائين نه پئي ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ ته مون کي اڃا مسٽر روچيسٽر سان محبت هئي.

هڪ شام مون کي اوچتو خيال آيو. مون مسٽر روچيسٽر کي مون کي سڏيندي ٻڌو. هن جو آواز لاڳيتو ايندو ويو، ”جين، جين.“

مان ٻاهر ڀڄندي باغ ۾ ويس پر مون کي ڪوبه نظر نه آيو، پوءِ مون کي پتو پيو مون کي واپس ٿارن فيلڊ هال ڏانهن وڃڻو پوندو.

15- فرنڊين:

اڳين ڏينهن مون مور هائوس ڇڏيو. مون ڊيانا ۽ ميري کي ٻڌايو ته مان هڪڙي دوست کي ڏسڻ پئي وڃان، جنهن بابت مون کي ڳڻتي هئي. هنن ڪو سوال ڪين ڪيو.

مان گاڏي ۾ ويس، پنهنجيون شيون هڪڙي مسافرخاني ۾ ڇڏڻ کان پوءِ مان ٿارن فيلڊ هال ڏانهن پنڌ پيس. مان خوش ۽ جوش ۾ هيس، جڏهن مان ٿارين فيلڊ هال جي ڦاٽڪ وٽ پهتس. مون ڦاٽڪ مان نهاريو ۽ هڪڙو پراڻو سڙيل گهر نظر آيو. اهوٿارن فيلڊ هال جهڙو ڪين ٿي ڏٺو، جنهن کان مان واقف هيس، ڪجهه ڀتيون هيٺ ڪريل هيون، هن تي ڇت ڪين هئي.

مان مسافر خاني ڏانهن واپس ويس. مون مسافر خاني جي مالڪ کان پڇيو جيڪو سال اڳ ٿارن فيلڊ هال جو هڪڙو نوڪر هو ته ڇا ٿيو هو.

هن مون کي هي ڪهاڻي ٻڌائي.

گهر يارهن مهينا اڳ سڙي ڪريو هو. ماڻهن چواڻي ته اها مسٽر روچيسٽر جي چري زال هئي، جنهن اهو ڪيو هو، مسٽر روچيسٽر هن کي ٻرندڙ گهر ۾ ڇت مٿان ڏٺو. هن مٿي وڃي کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جڏهن هن مسٽر روچيسٽر کي ڏٺو. هن پاڻ کي ڇت مٿان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.“

”مسٽر روچيسٽر ڪيئن آهي؟“ مان پڇيو.

”گهر مسٽر روچيسٽر مٿان اچي ڪريو، جيئن هن ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هن کي بچايو ويو پر هن هڪڙو هٿ باهه ۾ وڃايو ۽ هو انڌو پڻ آهي.“ مسافر خاني جي مالڪ چيو.

”هو هاڻي ڪٿي آهي؟“ مان پڇيو.

”هو هتان کان ٽيهه ميل پري فرنڊين ۾ رهي ٿو، هو پوڙهي جان ڪوچوان ۽ هن جي زال سان رهي ٿو.“ مسافر خاني جي مالڪ چيو.

مون پوءِ گاڏي لاءِ پڇيو، جيئن مون کي کڻي هلي، منهنجو غريب مالڪ ڏيکاري. مون ڪوچوان کي جيترو هن گهريو ان کان ٻيڻو اجورو ڏنو.

فرندين پراڻو ۽ ٿارن فيلڊ هال جهڙو وڏو ڪين هو. هتي ٻيا گهر چوڌاري ڪين هئا.

جيئن مان گهر ڏانهن پنڌ پئي ويس، مون پنهنجي مالڪ کي آهستي ٻاهر ايندي ڏٺو. هن پنهنجيون ٻانهون ڇڪي ٻاهر وڌايون هيون، جيئن هن کي رستو ڳولهڻ ۾ مدد ۾ ڏين. هو نهايت ٿڪل ۽ غمگين نظر پئي آيو.

انهيءَ مهل مينهن وسڻ شروع ٿيو. مون جان کي ٻاهر اچي، هن کي گهر ۾ وٺي وڃڻ لاءِ مدد خاطر ايندي ڏٺو، پر مسٽر روچيسٽر هن کي اجازت ڪين ڏني. هو ساڳئي رستي جيئن ٻاهر آيو هو اندر هليو ويو.

مان دروازي وٽ وڃي در کڙڪايو. جان جي زال، ميري دروازو کوليو. هن کي ايتري حيرت ٿي ته هو ڳالهائڻ کان اڳ گهڻو وقت مون ڏانهن ڏسندي رهي. مون هن کي ٻڌايو ته مان پنهنجي مالڪ کي ڏسڻ لاءِ آئي آهيان.

هوءَ مون کي باورچي خاني اندر وٺي وئي. جان هتي هو. مان باهه جي ڀرسان ويهي رهيس جڏهن ته جان منهنجو سامان کڻي اچڻ لاءِ ويو.

پوءِ بيٺڪ جي ڪمري جي گهنٽي وڳي. ميري هڪڙو گلاس ۽ ٻه ٻرندڙ ميڻ بتيون هڪڙي ٿالهه مٿان رکيون.

”ٿالهه مون کي ڏي. مان اهو کڻي هن ڏانهن وينديس.“ مون چيو.

ميري بيٺڪ جي ڪمري جو دروازو کوليو ۽ مان اندر ويس. منهنجا هٿ ڏڪيا پئي. مون کي پڪ ڪين هئي ته هو مون کي ڏسڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ميري سوير ٻڌايو هو ته هو سوائي جان ۽ هن جي، بيٺڪ جي ڪمري اندر ڪنهن کي ڪين ڇڏيندو هو.

بيٺڪ جو ڪمرو اونداهو هو. مسٽر روچيسٽر ٿڪل ۽ غمگين نظر ايندڙ آتشدان جي ڀرسان بيٺو هو، هن جو پراڻو ڪارو ڪتو، پائلٽ هن جي ڀرسان ليٽيل هو.

جڏهن پائلٽ مون کي ڏٺو هن مون ڏانهن ٽپو ڏنو ۽ ڀونڪيو. هن کي سڃاتو. مسٽر روچيسٽر سمجهيو مان ميري هيس.

”مون کي پاڻي ڏي، ميري.“ هن چيو.

مون هن کي پاڻي جو گلاس ڏنو.

پائلٽ اڃان منهنجي چوڌاري ٽپا پئي ڏنا، تنهن ڪري مون چيو، ”ويهه پائلٽ.“

مسٽر روچيسٽر ٻڌو پئي. پوءِ هن چيو، ”تون آهين؛ ميري، آهين نه؟“

”ميري باورچي خاني ۾ آهي“. مون چيو.

هن پنهنجو هٿ جهڙوڪ مون کي ڇهڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيو، پر مان گهڻو پري هيس.

”ڪير آهي هتي؟ مون کي ٻڌاءِ.“ هن چيو.

”پائلٽ مون کي سڃاڻي“ مان جڏهن هن جو هٿ جهلي ورتو، چيو. ”مان جين آئر آهيان. مان موٽي آئي آهيان. مان وري توهان کي ڇڏي ڪڏهن ڪين وينديس.

هن منهنجا هٿ، منهنجو لباس ۽ منهنجو منهن محسوس ڪيو.

”جين آئر! اها تون آهين.، مان خواب پيو ڏسان؟“ مسٽر روچيسٽر چيو.

”نه، مان جين آئر آهيان. تون خواب نه پيو ڏسين.“ مون چيو.

اسين ويهي رهياسين ۽ مان ميري کي اسان لاءِ ماني آڻڻ جو چيو. مسٽر روچيسٽر مون کان سوال پڇڻ شروع ڪيا. مان اڳين ڏينهن هن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.

16- شادي

اڳين ڏينهن اسان ٻنين ۾ هڪڙو چڪر ڏنو. مون هن کي سڀ ڪجهه جيڪو مون سان پيش آيو هو ٻڌايو. مسٽر روچيسٽر مون کان گهڻائي سوال پڇيا. هن مون کي ٻڌايو هن ڪيئن ڀوڳيو هو.

”هاڻي مون سان شادي ڪر، جين. مان هاڻي پوڙهو ۽ انڌو آهيان. مون وٽ جواهر ۽ اڇا وڳا خريد ڪرڻ لاءِ رقم ڪين آهي.“ مسٽر روچيسٽر چيو.

مان هن سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿيس. پوءِ خوش خوش اسان ڪوٺي ڏانهن واپس موٽياسين.

ٽن ڏينهن کان پوءِ مان بيگم روچيسٽر ٿي پيس. مان رورس ڏانهن خط لکيو. ڊيانا ۽ ميري موٽ ۾ لکي اهو چيو ته هو بيحد خوش هيون، پر سينٽ جان جواب ڪين ڏنو.

مان ايڊل کي ڏسڻ لاءِ ويس، جيڪا هڪڙي رهائشي اسڪول ۾ هئي. هو هتي خوش ڪين هئي تنهنڪري مان کيس گهر وٺيم آيس، پوءِ مون هن کي ٻئي اسڪول ۾ رکايو، جتي هوءَ خوش هئي. مان ايڊل جي پرگهور ائين لهندي هيس، ڄڻ ته هوءَ منهنجي سڳي ڌيءَ آهي.

هڪڙي صبح جو، ٻن سالن کان پوءِ مسٽر روچيسٽر منهنجي ويجهو آيو ۽ چيو، ”جين ڇا توکي هلڪو نيرو لباس پاتل آهي ۽ ڇا ڪا چمڪندڙ چيز تنهنجي ڳچي جي چوڌاري آهي؟“

”ها“، مان چيو، ”ڇا اهي توکي نظر پيا اچن؟“

”ها، مون کي ٿورو نظر پيو اچي.“ هن چيو.

هڪدم اسان هڪڙي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ لنڊن وياسين. ڊاڪٽر مسٽر روچيٽر جو علاج ڪيو. جلدي هو هڪڙي اک سان بهتر ڏسڻ لڳو. هو پڙهڻ يا لکڻ جيترو نٿي ڏسي سگهيو پر هو گهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن هڪڙي انڌي ماڻهو جيان محسوس ڪرڻ کان سواءِ گهمي ڦري پئي سگهيو. گهٽ ۾ گهٽ هو اسان جي پهرين ٻار جون اکيون ۽ منهن ڏسي ٿي سگهيو، جيڪو پٽ هو.

اسان جي شادي کي هاڻي ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي ۽ اسان تمام، گهڻو خوش آهيون.

 

 

امير بخاري

بُئا زينب

هن ڪڏهن به، ڪنهن سان به ٻاڙو ٻول نه ٻوليو. ٻارن سان پيار هن جو سڀ کان وڏو گڻ هو ۽ همدردي، ٻين جي مدد ۽ بي غرض خدمت هن جهڙي، ورلي ڪنهن سکي هوندي. تنهن ڪري سڄي ڳوٺ جي هر ماڻهوءَ کي ڏاڍي پياري هوندي هئي. هوءَ وڏي ڄمار وارن جي پياري نياڻي، هڪ جيڏن لاءِ ڀيڻ پر سڳين ڀيڻن کان وڌيڪ ۽ ننڍن جي بُئا (پڦي) هئي، پر عجيب ڳالهه ته کيس هرهڪ بُئا سڏيندو هو. پوءِ اهو جهور پوڙهو مرد هجي يا ڏاڏي ڪراڙي عورت. هن کي ايندو ڏسي، وڏا ننڍا اُٿي بيهندا هئا ۽ هن کان دعائون پنندا هئا.

’بُئا زينب‘ بابا سائين کي تمام گهڻو ڀانئيندي هئي ۽ بابا سائين به هن جي وڏي عزت ڪندو هو. اهڙي عزت، جنهن م احترام هوندو آهي، تنهن ڪري هوءَ اسان جي ٻُئا هئي، اهڙي طرح ٻين جي به بُئا هئي ۽ اهو رشتو هن کي ۽ اسان کي ڏاڍو پيارو هوندو هو. بُئا زينب امڙ سانئڻ جي ڏاڍي پياري سهيلي هئي. اوترو ئي هن جو امڙ سان پيار هوندو هو. اهو پيار سڄي ڳوٺ جي عورتن لاءِ ٻين جي پيار کان نرالو هو، ڇو ته امڙ سانئڻ بيمار ٿي پودي هئي ته بُئا زينب به ٻئي ڏينهن چڱي ڀلي نه رهندي هئي، پوءِ به هو پنهنجي جيڏي جي ٻارن يعني اسان جي ماءُ وانگر سنڀال ڪندي هئي ۽ رات ڏينهن اسان جي گهر ۾ ئي رهندي هئي. هن اسان کي پنهنجي امڙ سانئڻ وانگر پاليو، منهنجو مطلب هيءُ آهي ته امڙ سانئڻ ته امڙ سانئڻ هئي، پر بُئا زينب به امڙ ئي هئي. اها حقيقت اسان تائين يا مون تائين محدود نه هئي، پر سڄي ڳوٺ جا سڀ ٻار هن لاءِ پنهنجي اولاد وانگر هوندا هئا.

بُئا زينب پنجئي وقت نماز پڙهندڙ، ”روزا رکندڙ“ ۽ الله جي بندن ۽ بندين جي خدمت ڪندڙ عورت هئي. بيمارن جي پرگهور لهڻ ۽ اڙيل ڳوٺاڻين جي آڌر ٿيڻ هن جو پهريون ڪم هوندو هو. هن جي هي ڳالهه به هئي ته هن جا گهر ڀاتي ۽ ڪڙم قبيلي وارا به هن مان راضي هوندا هئا. جيڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن ڪٽنب جي، هن کي خبر پوندي هئي ته اهو بک تي آهي ته روئي پوندي هئي ۽ پنهنجي گهر جو سيڌو سامان کڻي وڃي ان کي پهچائيندي هئي. پوءِ ڇو نه پنهنجي ڀاتين لاءِ ڪجهه به نه بچي. هن جي انهيءَ سخاوت تي هن جا گهر ڀاتي ارها نه، پر سرها ٿيندا هئا. بُئا زينت امڙ کي ٻاهران ڪاٺيون ڪري آڻي ڏيندي هئي. کوهه تان دلا ڀري ايندي هئي. هٽ سان، سودو وٺي ايندي هئي. اٽو ڳوهي ماني پچائيندي هئي. ڀاڄي رڌيندي هئي. اسان جا ڪپڙا ڌوئندي هئي ۽ اهي ڪم ڪندي هو مرڪندي رهندي هئي ۽ چوندي هئي ته مون کي آٿت پئي ملي. بُئا زينب هونءَ ته اڻ پڙهيل هئي، پر جڏهن ڳالهائيندي هئي تڏهن ائين ڀانئبو هو جيئن ڪا وڏي عالم پئي ڳالهائي. هوءَ ڳوٺاڻي مردن، عورتن ۽ ٻارن کي جيڪي نصيحتون ڪندي هئي. سي وڏي اثر واريون ٿينديون هيون. هوءَ عورتن ۽ ٻارن جي باري ۾ مردن کي ٻڌائيندي هئي ته انهن سان پيار ڪريو، انهن جو قدر ڪريو، ڇو ته اهي ڪائنات جو رنگ ۽ خوشبوءَ آهن. هوءَ عورتن کي چوندي هئي ته پنهنجي اولاد جي سٺي پالنا ڪن، ڇو ته اهي اڳتي هلي مجاهد ۽ غازي ٿيندا. بُئا زينب سڀني برن ڪمن کان روڪيندي هئي. جيڪڏهن ڪي ماڻهو کرڻ لڳندا هئا ته انهن کي اهڙي طرح سمجهائيندي هئي جو اهي سڌري ويندا هئا.

جن ڏينهن ۾ بُئا زينب جيئري هئي ۽ اسان جي ڳوٺ لاءِ رحمت بڻيل هئي، تن ڏينهن_ اسان جي ڳوٺ ۾ ”گامون سچار“ جهڙي سچي عورت ”ماسي مريم“ به هئي ته وڏي سخي ماسي موليني (مولي ڏني) به. ڇتل مهرياڻي به هئي ته ”ميجي“ مائي جيجي نور خاتون به جيڪا ڳوٺ جي ٻارڙين کي گهر گهر وڃي قرآن پڙهائيندي هئي ۽ دين جي بنيادي ڄاڻ ڏيندي هئي. هن جو گهڻو زور اخلاق ۽ ڪردار تي هوندو هو. هن اسان جي ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم ۽ تربيت تي گهڻو زور ڏنو هو، پر افسوس جو، مائي نور خاتون جلد گذاري وئي. مان وڏي واڪ چوان ٿو ته اسان جي ننڍپڻ وارن ڏهاڙن ڳوٺ جي مردن ۽ عورتن جي ديني اخلاقي، هڪ ٻئي جي همدردي ۽ مدد واري ڪردار جي ڪري اسان جي ڳوٺ ڳڻن وارو ڳوٺ ٿي پيو هو ۽ انهن جا اثر اڃا تائين موجود آهن ۽ هي به حقيقت آهي ته انهن اثرن کي، ٻين سٺن ماڻهن مستحڪم ڪيو آهي. هاڻي جي هي خوشخبري آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو چور چڪار ناهي، ڪو پاٿاريدار ناهي. اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو ڏاڍ ڏهڪاءُ هلائي يا ڏاڍ هلائيندڙن جو ساٿاري ٿئي. ان جو نتيجو هاڻي هي نڪتو آهي ته مسڪين ماڻهن جو ڳوٺ ٻيرڙي بنيادي سهوليتن کان محروم رکيو ويو آهي.

ڳالهه پئي ڪيم ”بُئا زينب“ جي. سو انهيءَ مائي هڪ دڳ گهڙيو. هڪ رستو ٺاهيو، جيڪو سڌو رستو هو ۽ آهي. ”بُئا زينب مهر“ توڻي جو ”سردار علي گوهر خان مهر“ جي راڄ جي مائي هئي، پر سردار صاحب ان کي نه صرف سڃاڻندو هو پر هن جي عزت به ڪندو هو. بُئا زينب مولوي احمد خان ڳڙهي جي معتقد ۽ مريد هئي، جيڪو وڏو صوفي بزرگ ۽ شاعر هو جنهن هن تر جي ماڻهن کي سلوڪ جي راهه ڏيکاري. اهو بزرگ منهنجي ڏاڏي عبدالله شاهه بخاري جو همعصر ۽ دوست هو، جيڪو ڀٽائي جي رسالي جو حافظ ۽ شارح هو، جنهن جي فيض مان ڀڳت ڪنور به فيضياب ٿيو هو.

بُئا زينب ڪڏهن ڪڏهن، ڪن سببن جي ڪري مونجهي ٿيندي هئي ته ڀٽائي جون وايون ۽ احمد سائين جون ڪافيون جهونگاريندي هئي تڏهن هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا اسان هن جي روئڻ تي روئندا هئاسين ته هو ڀاڪر ۾ ڀري چمي پرچائيندي هئي ۽ پوءِ هن جو چهرو نرو جيئن چمڪڻ لڳندو هو. بُئا زينب احمد سائين جي سي حرفي ورد وظيفي طور پڙهندي رهندي هئي ۽ پوءِ دعا گهرندي هئي ته:

پنهنجن پراون جو خير _ هندو مسلمان جو خير

اوڙي پاڙي جو خير _ ٻارن ٻچن جو خير

ساري جڳ جهان جو خير.

 

 

ثمينه ميمڻ

نه ڀرجندڙ خال!

 

موت اٽل آهي. ان کي ڪنهن به حالت ۾ ٽاري نٿو سگهجي، ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪٿي ڪنهن جو موت ٿئي ان جي ڄاڻ ڪنهن کي به نه هوندي آهي. ڪي ماڻهو موت کانپوءِ جلد وسري ويندا آهن، پر ڪجهه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن کي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به صورت ۾ وساري نه سگهبو آهي. انهن جي ياد ۽ خوشبو هميشه دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويندي آهي. اهڙين ئي ڪجهه امر شخصيتن ۾ رضيه ڀٽيءَ جو پڻ نالو آهي.

ڪيئن، ڇو ۽ ڪڏهن وسارجي ته رضيه ڀٽي هيرالڊ ۽ نيوز لائين جي اڳوڻي ايڊيٽر اڱاري 12 مارچ 1996ع تي گذاري وئي. ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق سندس مرڻ جو ڪارڻ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ هو. وفات وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه هئي. هن پنهنجي پويان ٻه ٻار_ ڪامل 15 ورهيه ۽ سارا 12 ورهيه جي ڇڏي آهي.

اها نه صرف ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڄاتي سڃاتي ويندي آهي. پر تمام گهڻي شهرت حاصل ڪندڙ هئي.

اها ڪلڪتي جي هڪ خاندان بونڊري سان تعلق رکندي هئي. ڪافي پرديدار گهراڻي ۽ محبتي خاندان سان وابسته هئي، جڏهن ننڍي هوندي ڇوڪري هئي، تڏهن شرمائڻ واري، لڄائڻ واري ۽ پنهنجي مٿان غير اعتماد هئي.

جڏهن هن جرنلزم ۾ ايم اي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو تڏهن اها هڪ ننڍي سنهي ۽ هلڪي ڇوڪري هئي.

حقيقت ۾ اها ميڊل حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي جدوجهد ڏانهن راغب ٿي وئي هئي.، جنهن کان پوءِ هن جي زندگيءَ ۾ پختگي اچي وئي ۽ زندگي ۾ اهڙا ڪارناما انجام ڏنائين جن تي فخر ڪري سگهجي ٿو.

هن جي پيشه ورانه زندگيءَ جي ابتدا ٿي وئي. هن هڪ غير نمايان نئين هفتيوار ”هيرالڊ“ کي ماهوار رسالو ڪري ڇڏيو.

رضيه ڀٽي 1967ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم.اي صحافت ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات اليسٽرڊ آف ويڪلي پاڪستان (جيڪو ماهوار هيرالڊ جي نالي سان نڪتو) ۾ بحيثيت اسسٽنٽ ايڊيٽر جي ڪئي. هو 1970ع کان 1976ع تائين ماهوار ”هيرالڊ“ جي ايڊيٽر رهي.

1989ع ۾ رضيه ڀٽي حالات حاضره تي ”نيوز لائين“ رسالو جاري ڪيو. جڏهن ”نيوز لائين“ جو آغاز ٿيو ته ان وقت ڪجهه اهڙا به ماڻهو هئا، جن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته اهو رسالو گهڻو وقت هلي نه سگهندو. جيستائين ان کي ڪا وڏي پئسي واري ڌر مدد نٿي ڪري، پر ڪافي رنڊڪن جي باوجود رضيه ڀٽي جذبي ۽ بهادرانه صحافت جي ذريعي رسالي جي شروعات ڪئي. نيوز لائين وارو سفر هن جي ڪنڊن وارن رستن تي هلڻ وارو سفر هو، پر جنهن همت ۽ عزم جي سچائي ان سفر ۾ رهي اهو پاڪستان جي صحافتي دنيا ۾ سدائين ياد رهندو.

رضيه ڀٽي رسالي ۾ سماجي مسئلن، سماجي بڇڙائين ۽ ٻي اهم موضوعن تي قلم کنيو.، سندس ايڊيٽوريل تلوار وانگر تيز هئا ۽ اهي هڪ ماڊل بڻجي ويا.

رضيه ڀٽيءَ کي 1994ع ۾ آمريڪا جي هڪ اداري پاران ”وومينز ميڊيا فائونڊيشن“ جو اعزاز پڻ ڏنو ويو. اُن کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي اعزازن سان گڏ 1989ع ۾ ”نيوز لائين“ ۾ بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ڪري کيس ”ايشيا پئسفڪ ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو.

جنهن وقت جنرل ضياءَ سر غوريءَ کي هيرالڊ جو ايڊيٽر ڪيو ۽ گڏوگڏ مارننگ نيوز جو به ايڊيٽر ڪرايو. ان وقت هيرالڊ جي گروپ مئنيجمينٽ کي هڪ بهتر ايڊيٽر جي ضرورت محسوس ٿي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته رضيه جي ڪم ڪار تي ڪنهن جي ڪا خاص نظر نه هوندي هئي، پر جڏهن غوري وڃڻ وارو هو ته هن تمام گهڻي سفارش ڪئي ته رضيه کي ايڊيٽر شپ ڏني وڃي.

رضيه ڀٽي اهڙي آڇ کي قبول ڪرڻ کان پهرئين ڏاڍي گهٻرائي پئي ته ايڊيٽر شپ ڪيئن سنڀالي سگهندس، ڇو ته مان سياست جي ’س‘ کان به واقف نه آهيان.

واقعي اها حقيقت آهي ته ان زماني ۾ رضيه کي سياست جي ’س‘ جي به ڄاڻ نه هئي، جنهن لاءِ ان کي ڪنهن باقائده اداري مان سياست جي سکيا وٺڻ کپي ها، پر ان ۾ خوداعتمادي خاص طور تي سمايل هئي، جنهن ڪري ان پنهنجي جرنلزم ۾ تمام تيزي سان ترقي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي نه صرف سياست تي پر هر موضوع تي ڄاڻ ازخود ملندي رهي.

رضيه کي گهڻن ئي سياسي شخصيتن پنهنجي ڪارڻ استعمال ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي پر رضيه جي سچائي، ايمانداري ڪري ان کان ڪوبه فائدو حاصل نه ڪري سگهيا. جنهن جي نتيجي ۾ رضيه کي ڪيئي ڀيرا جيل جون سخت سزائون سهڻيون پيون پر تنهن هوندي به رضيه جي سچائي ۽ ايمانداريءَ ۾ ڪوبه فرق نه آيو ۽ جنهن لاءِ هوءَ آخري دم تائين جدوجهد ڪندي رهي.

جنهن دور ۾ پرنٽ ميڊيا کي ذاتي غرضن ۽ مالي مفاد لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو تنهن دور ۾ رضيه لاءِ جرنلزم هڪ مشن بڻجي ويو.

هو بهادر، سچ ڳالهائڻ سان وابسته ۽ آزاد صحافت ۾ گهڻو ڪجهه ڪندي رهي. رضيه ڀٽيءَ لاءِ انهن کان وڌيڪ اعزاز ”سچ جي حاصلات“ وارو هو جنهن لاءِ هو آخري دم تائين جدوجهد ڪندي رهي.

رضيه ڀٽي پاڪستان جي صحافت ۾ اهو نالو آهي جيڪو سدائين دل جي احترام، سچ ۽ صاف گو صحافت واري جذبي سان ياد ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com