وومين پراسيڪيوشن ونگ جو قيام
سنڌ ۾ عورتن جي لڄالُٽ، ”ڪارڪاري“ جي قابل نفرت حيواني رسم ۽
باهه ۾ سڙڻ جي وڌندڙ ڪاررواين کي نظر ۾ رکندي،
عدالتن ۾ عورتن جي پوليس ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ
سنڌ پوليس ۾ عورت وڪيلن تي مشتمل ”وومين
پراسيڪيوشن ونگ“ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُن
ڏس ۾ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي خاص هدايتن تي
وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت کي خاص امدادي رقم ڏني
آهي.
وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جنوري 1996ع ۾ لاڙڪاڻي جي دوري
دوران ”وومين پوليس اسٽيشن“ جي افتتاح جي موقعي تي
سنڌ پوليس ۾ ”وومين پراسيڪيوشن ونگ“ جوڙڻ جو اعلان
ڪيو ۽ اُن مقصد لاءِ خاص گرانٽ ڏيڻ جو پڻ واعدو
ڪيو.
اسان جي آباديءَ جو ايڪونجاهه سيڪڙو عورتن تي مشتمل آهي،
تنهنڪري پاڪستان جي مستقبل جي ترقي جو دارومدار به
ان ڳالهه تي آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ عورتن
کي به هڪجيترا موقعا ۽ حق ملڻ گهرجن. اسان کي فخر
آهي ته اسلام عورتن کي بي مثال درجو عطا ڪيو آهي.
اسان جي دين عورتن کي هڪ منفرد ۽ نمايان قانوني
حيثيت پڻ بخشي آهي.
وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي اُنهيءَ فيصلي جي اسين آجيان ڪريون ٿا، پر
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اُن تي نيڪ نيتيءَ ۽
ايمانداريءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ متاثر ٿيل عورتن کي
انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن، جيئن
اُن پروگرام جو اصل مقصد صحيح معنيٰ ۾ عمل ۾ اچي
سگهي.
سرتيون جي باري ۾
اسان کي لکندڙن وٽان وڏي تعداد ۾ فوٽو اسٽيٽ ٿيل مواد ملي ٿو،
جنهن ڪري ڪمپوزنگ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ ڪري اشاعت کان
رهجي وڃي ٿو. مهربان لکندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش
آهي ته هو پنهنجي مواد جي اصل ڪاپي ڏياري موڪلين
جيئن اهو ويچار هيٺ اچي سگهي.
هن پرچي کي اڳئين کان وڌيڪ سينگاري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي.
اُن ۾ ڪيتري حد تائين ڪاميابي ٿي آهي، اُن جو
فيصلو مانوارن ليکڪن ۽ پڙهندڙن جي راءِ مان ئي
اسان کي معلوم ٿي سگهندو، جنهن جو اسان کي اوسيئڙو
رهندو. اسان کي يقين آهي ته اسان جون مهربان
ڀينرون ۽ ڀائر ليکڪ اسان سان قلمي سهڪار جي ڏس ۾
پنهنجا ڀال ڀلائيندا رهندا.
گلبدن جاويد
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سَامَ
اها عام چوڻي آهي، ته ”سامُون جهلڻ سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي.“_ سچ
پچ آهي به ائين.
”سَامَ“، سنسڪرت زبان جي لفظ ”شرام“ مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي
معنيٰ آهي: اَجهو، اَمانَ، پَناهه، جهولِي يا ذمو.
عام طرح اَڙ، اَوٽ، بَچاءُ، پنارو، حفاظت، دامَنَ،
رکيا، سَهارو، لڄ ۽ واهر وغيره به هن لفظ جي مفهوم
۾ صادر ٿين ٿا. ’امانت ۾ رکڻ‘، ’حفاظت ۾ ڏيڻ‘،
’سپرد ڪرڻ‘ يا ’نگهبانيءَ ۾ ڏيڻ‘_ عام اصطلاح آهن.
سنڌي زبان ۾ ڪجهه مشهور محاورا به هن لفظ سان لاڳاپيل ملن ٿا.
جهڙوڪ: ”سام پرتڻ“ (ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻئي جي حفاظت
۾ ڏيڻ). ”سام پوڻ“ (ڪنهن جي اجهي هيٺ ڏيڻ). ”سام
جهلڻ“ (ڪنهن کي پناهه ڏيڻ). ”سام ڏيڻ“ (ڪنهن کي
پنهنجي پاڇي ۾ رکڻ) ۽ ”سامَ کڻڻ“ (ڪنهن کي پَناري
جهلڻ يا پنهنجي ذمي امانت طور رکڻ) وغيره
ڏٺو ويو آهي، ته دنيا ۾ اُٿڻ_ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ_ ٻولهائڻ جا ته
جدا جدا طريقا ٿين ٿا، پر پوشاڪ، خوراڪ، رسم_
رواج، ساٺَ_ سَنوڻ، سُڀاءَ_ سينگار توڙي ڳڻ ڳوتَ
جا به ڪافي قدر بدليل ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ايتري قدر
جو ذاتي تعلقات، فڪري فسادات توڙي قومي جذبات ۾
نمايان فرق نظر اچي ٿو. ويچار ڪرڻ وارن لاءِ ملڪ.
شهر ۽ وهنوار وغيره ۾ به اهو واضح طور تي فڪر
وائکو لڀندو. اهو سڀ ڪجهه اخلاقي، سماجي، سياسي،
طبعي، مذهبي ۽ معاشرتي حالتن پٽاندڙ انسان کي
زندگي گذارڻ جو هٿ آيل نمونو ڏسجي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته
موسمي اثرات جو عمل دخل زياده هجڻ ڪري، ماڻهن جي
طبيعتن ۾ سُڀاءُ به مَٽيل ملندو.
مٿين وضاحت مان ثابت ٿيو، ته هن ڌرتيءَ تي رهندڙ فطري تقاضائن موجب زندگي
بَسر ڪرڻ جا بنيادي طور خواهان ٿين ٿا، پر پوءِ
حالت ۽ وقت جي رفتار سان هلڻ ڪري، منجهن ضروري
تبديلي رُونما ٿيندي رهي آهي. انساني تاريخ، سماج
جي اهڙن پُختن زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جو هزارين سال
گذرڻ جي باوجود به اڄ سوڌو ساڳيو ماحول کين ميسر
ٿيندو رهيو آهي. عورت ۽ مرد هڪ ئي سماج جا ٻه فرد
آهن ۽ سماج جو دارومدار انهن ٻن مُتفرقه جنسن تي
محور جيان گردش ڪندو نظر اچي ٿو.
”مرد“ ته آخر مرد آهي، سندس اورچائي، بهادري، حمايت، ذميداري،
شجاعت، نُڪته نظر، نرمل نگاهه ۽ نياءُ ۾ ايتري قدر
ته مڃيل حقيقت مضمر آهي، جو هر دور ۾ سندس ساک
سنواري پئي آهي. مگر ”عورت“، جيڪا بظاهر ڊڄڻي،
ڪمزور ۽ پناري پيل آهي. ان جو وجود ڪنهن نه ڪنهن
نموني ۾ ’سام پيل‘ سمجهجي ٿو. تاريخ جا ورق ورائي
ڏسبا، ته ’عورت‘ کي مختلف مرحلن تي، مختلف نمونن ۾
تذليل ڪيو ويو آهي.
عورت جي عزت ۽ عصمت، دنيا جي اڪثر بي سمجهه قومن ۾ بلڪل نالي
ماتر وڃي رهي آهي، ’اسلام‘، اهو واحد فطري مذهب
آهي؛ جنهن عورت جي حرمت ۽ مرتبي کي برابريءَ جي
بنياد تي بقادار بڻايو آهي.
هڪ ته تقابلي تجربي تحت ’عورت‘ بابت قومن جي ڪمتر سوچ هيٺينءَ
ريت جنم ورتو آهي:
اسلام کان اڳ واري دور ۾ يوناني، عورت کي اُڦٽ ماري ڇڏيندا هئا،
ان وقت جڏهن هوءَ غير ذميدارانه طريقي سان ٻار
ڄڻيندي هئي_ عرب، جهالت واري زماني ۾ پنهنجون
نياڻيون زندهه دفن ڪندا هئا_ آفريڪا جي اندرين
علائقن ۾، ڪيترن قومن جو اهو دستور بحال رهيو، ته
مندر ۾ عورت جو اچڻ نُحوست سمجهيو ويندو هو. قضائي
جيڪڏهن ڪا عورت اندر داخل به ٿي، ته سمورو مندر
ڌوتو ويندو هو_ آرين ۾ وري عجيب رواج هو. جڏهن به
هو جنگ جي تياري ڪندا هئا، ته پنهنجن زان کي
پهريائين قتل ڪري، پوءِ راهي ٿيندا هئا. کين اهو
گمان سدائين غالب هو، ته متان سندس مرڻ کان پوءِ،
اها عورت ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري پوءِ ڀل اها نئين
نويلي به ڇو نه هجي. ويچاريون عورتون کانئن هر وقت
سخت ڊنل رهنديون هيون. خاص طور تي اهڙي ڪيفيت ۾،
جڏهن جنگ جو طبل وڄندو هو. منجهاانئن ڪي ته وري
جنگ کان اڳ ئي پنهنجن مڙسن کي زهر وگهي ختم ڪري
ڇڏينديون هيون.
آرين ۾ ”ستي لڪڙي“ جي گندي رسم هڪ ڊگهي عرصي کان هلندي پئي آئي،
جنهن موجب جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو هو،
ته ان جي زال پنهنجي مڙس جي مڙهه سان گڏ سڙي مرندي
هئي. البت انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾، راجا موهن
راءِ ۽ ٻين سماجي پيشوائن، هن ڪُڌي ڪرتوت جي خلاف
آواز اٿاريو. ان کان پوءِ سَتي لڪڙي تي قانوني
پابندي پئجي وئي. هندستان ۾ پوئتي پيل علائقن ۾،
ڪيترين جاتين (ڪُٽنبن) ۾ هي رواج اڄ به باقي آهي ۽
اهڙا مثال گاهي به گاهي ملندا رهن ٿا.
مطلب ته ”عورت“ کي ’ويچارو‘، سمجهي، ڪٿي ’ٻارن ڄڻڻ جي مشين‘ ته ڪٿي وري
’رانديڪو‘ ڄاڻي، استعمال ڪيو ويو آهي. ”اسلام“ هڪ
فطري مذهب آهي، جنهن ’مرد‘ سان گڏ ’عورت‘ کي به
سندس جائز درجو ڏئي، هر صورت ۾ سندس ’حرمت حال ڪئي
آهي؛ ۽ اها ئي سندس حقيقي عظمت آهي.
جڏهن به ڪو ماڻهو، ڏاڍ ۽ ڏمر کان تنگ اچي ويندو آهي ته، مجبوراً
کيس اباڻو وٿاڻ ڇڏڻو پوندو آهي. هو پنهنجي اهل
عيال کي به ڪنهن محفوظ مقام تي پهچائڻ لاءِ وڏو وس
ڪندو آهي. تاريخ اهڙن ڪارنامن سان ڀري پئي آهي.
خاص طور تي سنڌ سونهاري، جيڪا دنيا م ’آئي کي
آڌرڀاءُ ڏيڻ‘، ’ستايل جي سار لهڻ‘ ۽ ’مهمان
نوازيءَ‘ جهڙين انمول خوبين سان سرشار آهي. اُتي
’سامهون جهليندڙن‘ ۽ ’سخي سردارن‘ جي به ڪا کوٽ
ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هونئن به ’در آئي کي دان ڏيڻ‘،
سنڌي سورمن جو وڙ رهيو آهي.
دنيا جي تهذيبن ۾ ”سام جهلڻ، ”سام ڏيڻ، ”سام رکڻ“ يا ”سام وٺڻ“
جو ڪو به مثال نه ٿو ملي. اها سنڌ ڌرتيءَ جي
اخلاقي اصليت، عمدي علامت ۽ نمايان خصوصيت آهي؛
جنهن ۾ هي مثالي گُڻ سدائين ثقافتي ورثي طور موجود
رهيو آهي. سنڌي ماڻهو اجهو ته ڏيندا آهن، پر ان ۾
ذري برابر به غرض نه رکندا آهن. خاص طور تي اهڙن
ستايلن کي ساهه ۾ سانڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن،
جن جو ڪوبه اوهي واهي نه هوندو آهي. اها رحمدلي
بهس نڌين سٻاجهڙن جي ميراث بڻيل آهي. عورت هجي يا
مرد، بس؛ جنهن کي ناگهاني مصيبت ۾ وڪوڙيل ڏسندا،
ته ڊوڙي وڃي سندس ڀرجهلا بڻبا. اهڙي حالت ۾ هو،
هرگز اهو خيال نه ڪندا ته پنهنجو آهي يا پرائو.هو،
گهر ۾ آڻيندي، ساڻس اڳيو ئي برتاءُ ڪندا، جهڙو
پنهنجي ڀاتين سان ڪيو ويندوآهي. اهو سڀ ڪجهه
’اسلامي تعليمات‘ جو ئي اثر آهي.
”سام جهلڻ“، سراسر سٺو ڪم آهي؛ ۽ اهي ئي ’سامهون جهليندا‘ آهن
جيڪي عزت دار هوندا آهن ۽ ٻين جو به ڀلي ڀت احترام
ڪري ڄاڻن ٿا. سنڌي سماج ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملندا،
جن ۾ جوڌن جي جوانمردي ۽ ڪوپن جي ڪارگذاري پري پري
تائين پَڌري ٿيل آهي. سنڌي جي رزميه داستانن جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن جوڌا جنگ ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ ويندا هئا، ته پنهنجون ونيون وياڪل ڪرڻ
بدران وَڻراهه ۾ وهاري ويندا هئا. آڳاٽي وقت ۾
وڻجارا به پنهنجا ننگ، ڪنهن نِردوش جي حوالي ڪري
يڪدل ٿي سفر جو سانباهو ڪندا هئا. کين سفر دوران
ڪيئي مهينا، بلڪ سال به لڳي ويندا هئا. مطلب ته
سنڌي سٻاجهڙا، ’سمان جهلڻ وارا‘ ۽ ’نياڻين جا
نياڻ‘ بڻجي، ججهي واهر ڪندا رهيا آهن.
”دودو_ چنيسر“ جو عوامي قصو، سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت جو حامل
آهي. ساڳئي وقت تهذيبي تشخص کي نروار ڪرڻ ۾،
نمائنده حيثيت رکي ٿو.
سمرقند جي حاڪم، علاؤالدين، ڏٺو ته هتان جي سومرن حاڪمن ۾ گهرو
جهڳڙا وڌي ويا آهن، ته هن اهڙي فضا مان فائدو وٺي
جنگ جوٽي. نتيجي ۾ دودي جي لسڪر جا تَرَل سپاهي
مارجي ويا. دودي اها حالت ڏسي، پنهنجون سُومريون،
درٻاري شاعر (جيڪو سندس وزير به هو)، ڀاڳو ڀانو
(وفات 1329ع) هٿان سمي سردار ”ڄام ابڙو“ ڏانهن
(727هه (1326ع) ۾ ”سام“ ڪري موڪليون. ڄام ابڙو،
جيڪو ڪنهن وقت ڀونگر سومرو جو پڳ مَٽُ يار ۽ دلي
دوست هو؛ تنهن هن اخلاقي ذميداريءَ کي نباهڻ لاءِ
ڀرپور تعاون ڪيو.
علاؤالدين ترم شيرين کي جڏهن اها ڄاڻ ملي، ته هن، ڄام ابڙو
ڏانهن قاصد روانو ڪيو؛ جنهن اچي کيس چيو، ته ”تون،
اسان جو پراڻو دوست آهين، جنگ دودي سان آهي، جيڪو
پنهنجي خاص سپهه سالارن سميت اُڦٽ مارجي ويو
آهي.... تو وٽ جيڪا ’سام‘ ڇڏي اٿس، اها اسان جي
حوالي ڪر..... اسان، توکي ماٿيلو ۽ ملتان عوض ۾
عنايت ڪنداسين! نه صرف اهو، پر آئينده زماني لاءِ
به توکي سلطنت جو سرواڻ بڻايو ويندو!!“ هي اعليٰ
ظرف انسان، ڪنهن به لالچ ۾ نه آيو، ويتر جذباتي
انداز ۾ هٿيار کڻي، ويڙهه شروع ڪئي. مسلسل پنجن
ڏينهن تائين وڙهندو رهيو ۽ آخر جام شهادت پيتائين.
ڄام ابڙو، سخت غيرتي مڙس هو. هن، پنهنجي اعليٰ اخلاق، عظيم سوچ
۽ لافاني ڪردار وسيلي، دشمن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا.
ايتري قدر جو مرندو مري ويو، مگر ’سامون‘ ڪڍي نه ڏنائين. سندس
وفات کان پوءِ سُومريون، خدا جي حفاظت ۾ وڃي
هيڪانديون ٿيون.
ڄام ابڙو، سچ پچ مها مانجهي مرد ۽ وڙائتو انسان هو. سندس انسان
دوستي، سُچيتائي، سُورهيائي، فرض شناسي ۽ وعدي
وفائيءَ جو بيان، تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.
دنيا جي عظيم صوفي شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
(1689ع _ 1752ع) کي به هن تاريخ ساز شخصيت جو
مثالي ڪردار پسند آيو ۽ پنهنجي پيغام ۾ کيس اَمر
بڻائي ڇڏيو. ٻين سنڌي شاعرن به بهادريءَ جي هن
بيان کي وضاحت سان قلمبند ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾
هن قسم جا جرائت ڀريا قصا ڪيئي ملن ٿا، ضرورت فقط
کوجنا جي آهي.
ولي محمد طاهرزادو
ڪارنهن جو ڪِلنڪ ۽ داغن جو ڌوپ
ساکيات سسئي
پريت جو پيچ پيس، پنهونءَ سان پر ٻنڌ ٿيس. ڀيڄ ڀني جو ڀنڀور جا
ڀاڻا ڇڏي ڀوائتي ۽ بيزار ٿي ڪيچين ڪڍ ڪاهيائين.
گؤنرن ۽ گونگن جي گسڙ تان گس ڳولي پنهل جا پيرا
کڻي، ڪوهن جبلن ۾ ڪاهي پئي. ٽڪر ٽاڪيندي، لَڪَ
لانچيندي پيرن پُرڪڻا ڪرائي، نڌان روهن ۾ رُلي
مئي!
هاڻوڪي سسئي کي پنهون جي پرواهه ناهي، پر پنهون محبت جي مهلن ۾
محروميءَ جي مِهري کان معافي وٺڻ مَرڪ ٿو ڀانئي.
ڇو ته اڄڪلهه ٽَڪَر، ٽُڪر ٽوٽا، روهه رتيون ٿي چڪو
آهي. منجهانئس رستا روان دوان آهن. هاڻ ڪوهيارو،
ڪيچ ۾ ڪلاڪ به ڪاٽي نٿو سگهي. سسئي جي ساروڻي تي،
اُڏامندو اچي ٿو ڀنڀور ڀيڙو ٿئي. اڄ جي، پنهون ۽
سسئي سنڀرن ته مهيني ۾ مڪران مان، چئن ڪلاڪن ۾ چار
چڪر هڻيو ٿا اچن. عشق جا اُلان ختم.
ملول ماندي ماروي
ماروي جڏهن قيد بند ڪاٽي، عمر جي آزار کان آجي ٿي ملير ڏانهن
موٽي ته سندس ئي مڱيندي کاڻي کيتسين مٿس خواريءَ
جو کورو کڻي کامايو: ڪڻس ڪوڙي ڪُساکي ڪوٺيو.
مارويءَ مڙني ماروئڙن مهندان، ملامت مذمت جيميٽڻ
جو مذڪور ڪيو.
چيو ته: ادي عمر مون کي باعزت بري ڪيو آهي. شڪ شبهه لاهڻ ڪاڻ
آءٌ کيت جي خيال موجب کيس خوش رکڻ خاطر جيئن چوي ۽
چاهي پسند ڪري اهڙي پرکيا پڌي ظاهر ظهور پائڻو
واڻي پيش ڪرڻ ڪاڻ تيار آهيان. آزمائش وٺڻ بابت
اوهين پڇوس، پر کيت کرائي نه ڇڏي نڪي خوش ٿيو ۽ ان
جي عصمت تي اُلرون ۽ سيل ست تي سروٽا اڇلڻ لڳو:
ماروي ملول ٿي ۽ کيت جي کؤنچرائي ۽ کانجهاڻي کان
خفي ٿي. ڪلفت ڪروڌ ڪنان پنهنجو انت آندائين.
پنهنجي ئي مرٽ مرم منجهه مئي!
اڄ جو کيت، موٽندڙ مارويءَ واسطي وار وڇائي ٿو. هن کي کينءَ
خير، روڙو ڀَلو چئي کيڪاري، آجيان ڪري ٿو. اڄ هُو،
آڌرڀاءُ ڪندي، ماروي مهندان ڪپڙن ۾ نٿو مائمي. چوي
ٿو: وهمن جو وقت ويو هليو اسين پاڻ ۾ کير کنڊ
آهيون.
منڌل مومل
لُنڊاني جي لعل، ڪاڪ ڪناري، محلات منجهه شمعن جا سوجرا شماع،
ڏيئا ڏياٽيون ٻاري ڏياري جهڙو ڏينهن ڪندي هئي.
محلات جي مهاڙيءَ مٿان اُڀي راڻي مينڌري جي گؤنري
جو گس ڳولي پئي ڳائيندي هئي: ”موٽ مران ٿي مينڌرا،
راڻا ڪارڻ رب! ورلاپن ۾ اُچار آلاپي، مينڌري تي
محبت جي مهلن جون ميارون رکي. راتين جون راتيون
روئي روئي راڻي ڪاڻ رڙي مئي!
اڄوڪو مينڌرو مومل جي مزاج تي مخول نٿو ڪري. هيءُ خود مومل لاءِ
مري ٿو. ڪاڪ نديءَ جي ڪپ تي پنهنجي تربت پيو تيار
ڪرائي. (ڪاڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي قبر جوڙائڻ لاءِ
جگر کپي؛ قبر جي قيمت جي ڪٿ ڪروڙن سان ڪُلهو ٿي
هڻي) رڻي اهائي رمز رٿي آهي ته ڪيئن به مومل
ماڻيان؛ جيڪا ولايت ويل آهي. هيءُ هت هُن جي
انتظار اوسيڙي ۾ گهڙيون پيو گهاري.
لکائتي ليلان
ليلان چنيسر جي چاڳلي هئي. چنيسر جو چِت چريو ڪري وڌو هئائين؛
پر ڪؤنروءَ جي ڪامڻ، قدر وڃائي ڇڏيس. ان کان مڻيو
وٺي مُٺ ۾ ڪيائين. ڪانڌ ڪَٽريو، يللان تان لاڏ
لاهي ڇڏيائين. داسڙي ڌڪي ڌار ڪيس ته آيس ڏنئون
ڏهاڳ جو! پوءِ لهرو منجهه مائٽن ۾ رهي، چنيسر
چنيسر چوندي چري ٿي مئي!
مگر اڄ جو چنيسر چيتاري چاهه سان چرخو پيو چوري، ڪؤنُروءَ جي
ڪنهن کي به ڪاڻ ڪانهي. ليلان وٽ مڻين جون مُٺيون
ڀريل آهن. مجال آهي جو چنيسر منهن موڙي، ليلان وري
به لاڏلي آهي ۽ چنيسر پڻ چال مَٽائي آهي چِلولو
ناهي، پر نانءُ ناموس وارو آهي.
سهاڳڻ سهڻي
سهڻي، ڏم کي ڏنجهه ڏئي، روزانو رات جو لوڪاڻي لڄ لاهي، ساهه تن
سانگو کڻي، آهو پَلي ساگر (لوهاڻو درياهه) جي سِير
تان اُڪري، تار تري، وڃي ميهار سان محبت وٿاڻ ۾
ونڊيندي هئي. ٻاهر پيري ٿي ته نڌان ڪُنن جي ڪَشش
نه سهي، ٻار ۾ ٻُڏي مئي!
هاڻوڪو ساهڙ، سهڻي جي سڏ تي سِگهو ئي اچي سهڙي ٿو. دم جي به دير
نٿو ڪري. دادلي درياهه جي دَڙ دؤنس کان ٻئي دُور
آهن. درياهه ۾ ٻُڏڻ جو خوف خطر ختم ٿي چڪو آهي.
انهيءَ ساڳئي ساهڙ کي سهڻي جي صلاح سان ساري سنسار
جو سفر ڪرڻو پوي ٿو.
نماڻي نوري
نوريءَ جي ناز نوڙت، ارڪان الفت، سونهن سياڻپ تماچي ڄام کي تابع
ڪيو. ڄام جي ڄمار، ڪينجهر جي ڪناري، ڪوڏ ڪليان“
شوق شڪارن ۾ صرف ٿي. تخت کي، تِڇ تختو ڄاڻي، توجهه
نه ڏنائين. نوري ئي سندس نوالو هئي. جا، ڄام جي
ڄاين، سَمين، سومرين جي مسهپ، سُهما، سراپ،
پارانڀا پِٽون پاراتا پيٽاري مئي!
اڄوڪي نوريءَ کي نياز نوڙت کان بلڪل بُڇان نفرت آهي. بيزار آهي،
بان ڀري اٿس، نابري واري اٿس. تماچيءَ به تسليم
ڪيو آهي. اهو نوريءَ سان ناحق آهي، جو منهنجي مرضي
تي هلي. ٻنهي جا حق هڪجهڙا آهن. ٻئي هڪڙي خلاق جا
خلقيل آهيون. هاڻ نماڻائي نوڙت جي ضرورت ناهي، ٻئي
روحاني رواداري تي هري مري ويا آهن.
ڏيهه ڌڻي ڏياچ ۽ سَتي سورٺ
ٻيجل جي ٻيڪراٽن تي ۽ طنبوري جي تان تي تڙڦي، راءِ ڏيا پنهنجو
ڏيل ڏان ۾ ڏنو. پنهنجو ڪنڌ ڪوري ڄاڄڪ جي جهوليءَ ۾
وڌو. راجا رم ڳيو! مهاراجا جي مڙهه جو ڏاگهه تي
ڏنڀالو ڏسي. سورٺ سوگ جو سُور سهسائي نه سگهي.
چنڀڙي وڃي چکيا تي چڙهي ۽ سَتي ٿي سڙي مئي!
هاڻي ريڊيو جا راڳ، ٽيليويزن جا ترانا ترنم، ڌنون ڌمالون، دادار، دُرپد، رس
رهاڻ، ڍيٻڪ طنبورن جون تارون طرزون، ڪلام ڪافيون
قواليون، گهر گهر، ڪامورا ڪڙا، زميندار زرا، وڏيرا
وڙا_ ڪمي ڪاسبي، هاري ناري، ڪاريگر ڪسان ڪنڌ
ڪيرائي ڌڙ ڌوڻي داد پيا ڏين. سانگ يپا سمجهن ڌُنون
ڌيان سان ٻڌن، تڏهن به سڀني جا سر بچا پيا آهن.
ڏياچ کان ڏاها آهن.
ڪارو ۽ ڪاريءَ جو ڪُوڪٽ
ڪنهن، ڪاڻياري ڪدورت پاڻ پڏائڻ لاءِ، دينُ دنيا، الله تعاليٰ جي
احڪامن ۽ رسول اللهﷺ جي راءِ (فرمايائون زالن ۽ زر
خريد غلامن جا غمخوار ٿجو) کي ريٽي، غير انوس غيرت
جو عضب کڙو ڪيو ۽ ’ڪارو ۽ ڪاري‘ جي ڪارروائي قائم
ڪرائي، جن قومن قبيلن انهيءَ رواج کي رنگ ڏنو آهي،
تن جا تاثير ٿا وٺون.
جيڪا غيرتمند قومن قبيلن جي نيڪ نياڻي، تنهن کي ’ڪاري‘ چئجي
ڪوهه؟ جنهن کي غيرتمند راڄن جي ريتن رسمن جي سڌ
ساري، تنهن کي ’ڪاري‘ چئجي ڪوهه؟ جيڪا غيرتمند
ماءُ پيءُ پورهيي سان، حلال رزق تي پالي، تنهن کي
’ڪاري‘ چئجي ڪوهه؟ جيڪا غيرتمند حسب نسب ۾ تاڃي
پيٽي بُڻ بنياد واري، تنهن کي ’ڪاري‘ چئجي ڪوهه؟
جنهن کي غيرتمند ڀڙڀائرن جي ڀاڳڀري ڀيڻ پياري،
تنهن کي ’ڪاري‘ چئجي ڪوهه؟ جيڪا غيرتمند پيءُ
ماءُ، غيرتمند مڙس کي نڪاح ۾ سپاري، تنهن کي
’ڪاري‘ چئجي ڪوهه؟ جيڪا منڍ کان مڇي پاڻي ۾ پلي،
پاڻيءَ اُجاري، تنهن کي ’ڪاري‘ چئجي ڪوهه؟.
بهانو بنائي ’غيرت‘ جي نالي تي غلاف چاڙهي: بي گناهه بيوسيلن،
بيوس، بي علم، نياڻين نماڻين، ڪنوارين ڪنيائن،
ويسلي وَرَيتن کي ڪهاڙين سان قيمو ڪريو ٿارکن،
ڪنهن کي به ڪهڪاءُ ڪونه ٿو پوي. هي ڪوس، ڪُلور،
ڪيس قهر قائم آهي! بس، بي غيرت خود پاڻ آهن، جي
پَت بچائڻ لاءِ پاپي پليت ٿيا آهن. ’ڪاري‘ وڃي خدا
کي پياري ٿي، پر هنن پاڻهين پنهنجي پاڻ تي ڪارنهن
جو ڪلنڪ قيامت تائين ۽ خون خرابيءَ جو ڳٽ ڳچي ۾
ڳوپي رکيو آهي. سائين سمجهه ڏين! حڪومت کي عورتن
جي ’حق تلفي‘ ڏانهن توجهه ڏيئي ڪمرڪشي تدارڪ ڪرڻ
کپي. جن به ڳوٺن واهڻن وسين ۽ قومن قبيلن ۾ ۽ جتي
جتي به قصودار قرمساقن هي ڪوس قائم رکيو آهي تن کي
سخت سزائون ڏيئي، هيءَ بڇڙي بد رسم بند ڪرائڻ
گهرجي.
نظير صديقي/ مجيد گل
تنقيد جو مطالعو
شاعري، ناول، ڊراما، افسانه زندگي جي تشريح ڪن ٿا. تنقيد، تشريح
حيات جي تشريح ڪري ٿي. انهيءَ لحاظ کان تنقيد به
ادب جو هڪ قسم آهي. تنقيد جي معنيٰ آهي انصاف
گهرڻ، تنقيد ۽ ادب جي ٻين قسمن ۾ فرق هيءُ آهي ته
شاعري، ناول، ڊرامو ۽ افسانه زندگي جي براه راست
تشريح آهي. جڏهن ته تنقيد بالواسطه تشريح آهي.
توڻي جو تنقيد ادب جي مفيد ۽ اهم خدمت انجام ڏئي ٿي، پر پوءِ به
دنيا جا گهڻا اديب ۽ شاعر تنقيد جا مخالف رهيا
آهن، انهن تنقيد تي مختلف الزام لڳايا آهن، جيڪي
جزوي طرح صحيح به آهن. مثال طور ته تنقيد تنگ نظر
ٿئي ٿي اها جديد ادب جو خير مقدم نه ٿي ڪري، ماضي
جي ادب کي گهڻي اهميت ڏئي ٿي. ادب ۾ نون تجربن جي
حوصله افزائي نه ٿي ڪري. اهڙي طرح ادب جي ترقي ۾
رڪاوٽون وجهي ٿي. اهي الزام ڪنهن هد تائين صحيح به
آهن، پر ان جي باوجود مڃڻو پوندو ته تنقيد ادب جي
ضرورت آهي. ادب کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۾ جيتري مدد
تنقيد ڏئي ٿي، ايتري مدد ڪنهن ٻي طريقي سان نٿي
ملي. ادب جي باريڪين کي جنهن حد تائين تنقيد نگار
سمجهي ٿو. عام پڙهندڙ نه ٿو سمجهي. ادب جي گهرائي
۾ وڃڻ لاءِ تنقيد جو سهارو ضروري آهي.
تنقيد نگار پڙهندڙ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل پڙهندڙ هوندو آهي. هن ۾
ادب کي سمجهڻ ۽ ان جي خوبين جي تجزئي ڪرڻ جي
صلاحيت عام پڙهندڙن کان وڌيڪ هوندي آهي. عام
پڙهندڙ صرف تفريح لاءِ ادب پڙهن ٿا، جڏهن ته
تنقيدنگار ادب کي فلسفيانه نظر سان پڙهي ٿو. هن جي
هر پهلو تي غور فڪر ڪري ٿو ۽ ڪجهه خاص نتيجا ڪڍي
ٿو.
ڪي تنقيد نگار خود شاعر ۽ اديب به هوندا آهن. اهڙن تنقيد نگارن
جي تنقيد گهڻو اهميت رکي ٿي. ڇو ته اهي شعر و ادب
کي فنڪار ۽ تنقيدنگار ٻنهي حيثيتن سان سمجهن ٿا.
تنقيد سان نقصان: تنقيد تي هڪ اعتراض اهو به آهي ته اها پڙهندڙ
۽ مصنف جي درميان هڪ پردو وجهي ٿي ڇڏي. قاري جو
اصل مقصد مصنف جو مطالعو هوندو آهي. نه ڪي مصنف جي
باري ۾ تنقيد جو مطالعو. موجوده دور ۾ تنقيد جو
زور ايتري قدر وڌي ويو آهي، جو هڪ هڪ ليکڪ تي ڪافي
تنقيد ڇپجي ٿي، پر تنقيد تي تنقيد به ڇپجندي رهي
ٿي. اهڙي طرحقاري ۽ مصنف جي وچ ۾ هڪ جي بجاءِ گهڻا
پردا اچي وڃن ٿا. پڙهندڙ تنقيد در تنقيد جي چڪر ۾
ڦاٿو رهجي وڃي ٿو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مصنف جي اصل تصنيف جو مطالعو ڪرڻ، ان متعلق
تنقيدي مضمون يا تنقيدي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ کان
بهتر آهي. پڙهندڙ کي گهرجي ته مصنف کي پنهنجي نطر
۽ پنهنجي شعور کي سڃاڻن جي ڪوشش ڪري. تنقيدي ڪتابن
جي پڙهڻ سان هڪ خطرو اهو به آهي ته پڙهندڙ نقادن
جي راءِ تي اکيون پوري اعتماد ڪري ٿو، پوءِ پڙهندڙ
نقاد جي گرفت مان نڪري نه ٿو سگهي. ۽ هن جون ذهني
قوتون بيڪار ٿي رهجيو وڃن.
تنقيد سان فائدا: تنقيد سان سراسر نقصان نه ٿو ٿئي پر فائدا به
ٿين ٿا. گهڻا ڪتاب اهڙا ٿين ٿا جيڪي عام پڙهندڙ جي
پهچ کان ٻاهر هوندا آهن يا ايترا مشڪل هوندا آهن
جو عام پڙهندڙ پڙهي نه ٿو سگهي. اهڙي حالت ۾ انهن
جي باري ۾ تنقيدي مضمون يا ڪتاب پڙهڻ، ان لحاظ کان
بهتر آهي ته ڄاڻن کان ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪجي.
اڄڪلهه جڏهن ته ڪتابن جي اشاعت گهڻو وڌي ويئي آهي. هڪ پڙهندڙ وٽ
ايترو وقت نه هوندو آهي جو هو سڀ ڪتاب پڙهي سگهي.
اهڙي حالت ۾ نقادن جي تحريرن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي،
ڇو ته اهو عام قاري کان وڌيڪ پڙهي ٿو ۽ اسان جي
ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو.
تنقيد جا مقصد: تنقيد جا ٻه مقصد آهن (1) ادب جي تشريح (2) ادب
۾ انصاف گهرڻ.
تشريح جي سلسلي ۾ مشهور انگريز نقاد والٽر پيٽر ٽي ڳالهيون
ٻڌائي ٿو.
سڀ کان پهريان تنقيدنگار کي گهرجي ته زيرِ بحث شاعر جي خوبين کي
محسوس ڪري.
خوبين محسوس ڪرڻ بعد ان جو تجزيو ڪري.
انهن خوبين کان عوام جي سامهون رکي.
ادب جي تشريح ڪرڻ وقت تنقيدنگار جو فرض آهي ته هو تصنيف جي روح
۾ داخل ٿي وڃي. ليکڪ جي خيالن ۽ تجربن جي گهرائي
کي سمجهي. تصنيف جي زبان، بيان جي حسن ۽ اخلاقي
عنصر کي اجاگر ڪري. مختلف شين جو تعلق ظاهر ڪري.
ڪنهن ڪتاب جون خوبيون ۽ خصوصيتن جو تجزيو ڪرڻ وقت هن جي ڀيٽ هن
جي همعصرن سان به ڪري سگهجي ٿي.
تنقيد جا قسم: تنقيد مختلف طريقن سان ڪري سگهجي ٿي.
(1) سائينٽفڪ تنقيد: مولٽن ادب کي سائنسي طريقن تي جانچي ٿو.
سائينٽفڪ تنقيد ۾ هر شيءِ جي خاصيتن کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پر هڪ شيءِ جو ٻي شيءِ سان
مقابلو نه ٿو ڪيو وڃي. هن ۾ شاعر جي خوبين کي بيان
ڪري سگهجي ٿو، پر هڪ ٻئي تي ترجيح نه ٿي ڏئي
سگهجي.
(2) تشريح تنقيد: تشريح تنقيد مان مقصد هيءُ آهي ته صرف تشريح
نه ڪئي وڃي، پر سٺي يا خراب يا ننڍي وڏي هئڻ جو
فيصلو ڪيو وڃي.
گهڻو تنقيدي ادب ۾ اديب، شاعر، ادبي و شاعري تخليقن جي خامين
خوبين تي نظر وجهي پوءِ ان متعلق آخري فيصلو ڪيو
وڃي ٿو.
تشريحي تنقيد ۾ تنقيدنگار مصنف کي توري ٿو ۽ ادب کي جانچڻ لاءِ
ڪنهن اصول يا معيار کان ڪم وٺي ٿو.
(3) تاريخي تنقيد: هن جو مطلب هي آهي ته ڪنهن اديب جو مطالعو،
ان جي عهدجي تاريخي ۽ سياسي حالتن جي روشني ۾ ڪيو
وڃي.
(4) جمالياتي تنقيد: جمالياتي تنقيد جو اصول هي آهي ته ادب کي
پرکڻ لاءِ نه ڪنهن اصول جي ضرورت آهي نه معيار جي.
ڏسڻ صرف هي گهرجي ته ڪنهن تصنيف جي مطالعي بعد
اسان تي ڪيتري قدر سرور طاري ٿئي ٿو.
جمالياتي تنقيد فن براءِ فن جي نمائندگي ڪري ٿي. هن جي ويجهو
ادب جو مقصد لطف و لذت جو حاصل ٿيڻ آهي. اگر ڪا
ادبي تخليق اسان جي نشاظ مسرت جي لهرن ۾ ڇڪي وڃي
ته اها بلند مقام رکندڙ تخليق آهي.
(5) نفسياتي تنقيد: هن تنقيد جو مقصد هي آهي ته نقاد شاعر يا
اديب جي زندگي جي حالتن جو نفسياتي نقطئه نظر کان
مطالعو ڪري ۽ هن جي ظاهري ڪيفيتن تائين پهچڻ جي
ڪوشش ڪري. ائين ڪرڻ سان هو ڪنهن ادبي تخليق جي
خوبي کي سمجهي سگهي ٿو.
نقاد جون خصوصيتون: تنقيد هڪ مشڪل ڪم آهي. هن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ
تنقيدنگار جي اندر ڪجهه خاصيتن جو هئڻ ضروري آهي.
نقاد جو ذهين ۽ حاضر دماغ هجڻ ضروري آهي.
نقاد ۾ هي صلاحيت هجڻ گهرجي ته هو هر شيءِ کي هن جي اصلي حالت ۾
ڏسي سگهي.
نقاد کي تعصب ۽ طرفداريءَ کان مٿانهون هئڻ گهرجي.
نقاد جو فرض آهي ته هو تصنيف کي سامهونرکي تنقيد ڪري نه ڪي مصنف
کي. هن کي ليکڪ جي معمولي تعليم يا هن جي گمناميءَ
کان متاثر ٿي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي ته
ليکڪ پنهنجي معمولي تعليم ۽ گمنام هئڻ جي باوجود
سٺي تصنيف پيش ڪئي هجي.
نقاد جو صرف همدرد ۽ غيرجانبدار هئڻ ڪافي ناهي، پر اهو به ضروري
آهي ته هو اصول فن کان واقف هجي. پنهنجي وقت جي
علم جي تي قدرت رکندڙ هجي.
نقاد لاءِ اهو ڪافي ناهي ته هو ادب تي عبور رکندو هجي، پر ٻين
زبانن جي ان ادب کان به واقف هجي. هن کي قديم ۽
جديد ٻنهي قسم جي ادب کان واقفيت هجڻ گهرجي.
نقاد جو فرض آهي ته اهو هر مصنف کي پنهنجو جائز مقام ڏي. نه اهو
ڪنهن کي اڳتي آڻي نه پوئتي ڌڪاري، پر انصاف کان ڪم
وٺي.
نقاد ۾ يه صلاحيت به هئڻ گهرجي ته اهو هر شاعر يا اديب جي خوبين
کي سڃاڻي سگهي ۽ پنهنجي تنقيد ۾ نمايان ڪري سگهي.
نقاد جي تنقيد کي پرکڻ جو طريقو: نقاد جي تنقيد کي پرکڻ جو
طريقو هي آهي ته مٿين ڏنل سٽن ۾ نقاد جي لاءِ جن
خاصيتن کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، انهن جي
روشنيءَ ۾ تنقيد جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ هي ڏسڻ
گهرجي ته تنقيد ۾ اهي خاصيتون آهن يا نه.
قلب سومرو
زندگي
زندگيءَ جا ڪيئي عجيب و غريب رنگ روپ، ڍنگ ڊول، رُخ ۽ رستا آهن،
ڪٿي ڪنهن جي زندگيءَ ۾ خوشي ايتري ته نظر ايندي جو
ان کي ماپڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، پر وري ڪٿي ڪنهن جي
زندگيءَ ۾ ان جي اُبتڙ غمن، ڏکن ۽ پيڙائن جا انبار
ملندا.
زندگيءَ جي هڪ ٻه رخي تصوير هيءَ به آهي ته ان ۾ ڪٿي ڪنهن جي
زندگي ايتري ته خوشحال آهي، جو هو هر ويلي نئون
ويس پهري پيو، ته ٻئي رُخ کان ان جي ابتڙ وري ڪنهن
جو ننگ به نانگو هوندو آهي. ڪنهن جي زندگي تن تنها
آهي ته ڪنهن جي زندگي دوستن، سنگتين جي ميڙاڪن سان
گذري پئي، ڪن جي زندگي ڦاڪن ۽ ڦٿڪيو ختم ٿي وڃي.
ڪن جي زندگي وري هر وقت طعامن ڪبابن سان تندرست
رهي ٿي. ڪٿي زندگي مينهن ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي ته
ڪٿي وري زندگي پاڻيءَ منجهه ٻڏي رهي آهي. ڪنهن جي
زندگيءَ جو مقصد انسانيت، آزادي، برابري، حق ۽
سچائي آهي ته هو نظربند رهي ٿو، پر ان جي ابتڙ
ڪنهن جي زندگيءَ جو اصول هيوانيت، لالچ، ڪوڙ،
ناانصافي، غداري آهي ته سندس زندگي هر طرح سان آجي
رهي ٿي. مطلب ته سماجي ناهمواري به زندگين کي
تبديلين ۾ آڻي ٿي. ڪنهن جي زندگي نفرتن جا نيزا
آهي ته ڪنهن جي زندگي چاهتن جو چنگ آهي. ڪيڏي نه
عجيب ۽ انوکي آهي زندگي. مطلب ته زندگي هر رنگ
روپ، ڊول ڍنگ، رُخ ۽ رستي ۾ گذري پئي ۽ انسان ان
کي هر حال ۾ گذارن پيا. اسان پاڻيءَ جو مثال وٺي
سگهون ٿا. جيئن پاڻي هر هنڌ پنهنجي ليول درست ۽
سطح سڌي رکندو آهي، پوءِ ڇو نه ڪنهن ٿانو، ڪنهن
واهه، ڍنڍ، درياءَ يا سمنڊ ۾ هجي، چوڻ جو مقصد اهو
ته زندگي هر حال ۾ گذري وڃي ٿي، پر خدا طرفان مليل
هيءَ زندگي هيءَ حياتي، اجائي ناهي، پر هڪ خاص
مقصد ڪارڻ عطا ڪيل آهي. حديث نبويءَ مطابق ”پينگهي
کان قبر تائين علم حاصل ڪريو.“ ان مان زندگيءَ جو
سڄو سارو مقصد علم حاصل ڪرڻ آهي ۽ علم اسان کي
سيکاري ٿو ته، ”زندگي زندهه دليءَ جو نانءُ آ.“ ۽
زنده دلي اُهي انسان چئبا آهن جيڪي پاڻ لاءِ نه پر
پوري قوم، بلڪ پوري انسانيت لاءِ جيئدا آهن ۽ انهن
جي جيون جو هر پل انسانيت لاءِ ئي وقف ٿيل هوندو
آهي، پوءِ انهن جي پنهنجي زندگي دردن ۾ گذري يا
خوشين ۾، پکين جي اُڏام وانگر گذري يا سُڪل پننَ
جي ڪرڻ وانگر. مطلب ته هر حال ۾ تن جي زندگي ذات
کان مٿاهين هوندي آهي ۽ انسانيت منجهه جذب ٿيويندي
آهي، پوءِ اهڙن انسانن کي انسانيت هميشه ياد ڪندي
ايندي آهي ۽ اهائي سچي زندگي آهي جا مرڻ پڄاڻان به
زنده رهي ٿي......
معصوم جي مُرڪ آهي زندگي،
حسن جي جهلڪ آهي زندگي،
نفرتن ۾ ڇا رکيو آهي ڀلا،
دلين جي ڪسڪ آهي زندگي.
عاليه آغا
توبن ڪجهه پل
هوءَ اڪثر انهيءَ جهوني وڻ هيٺان اڪيلي ويٺي سوچيندي رهندي آ،
هن کي مينهن ڪڪر، پوپٽ ۽ گل وڻندا آهن.
هُن کي سمنڊ کان ڊپ لڳندو آ، پر ڪڏهن ڪڏهن هوءَ سمنڊ تي به
ويندي آ.
هوءَ جڏهن به اوتي ويندي آ ته هن جي هٿ ۾ ڪاڳر ۽ قلم ضرور هوندو
آ. هوءَ انهن تي اونڌيون سڌيون لڪيرون ڪڍندي آ ۽
هوءَ ان تي اهو سڀ ڪجهه لکندي آ جيڪو هو ڪنهن کي
چوندي ناهي يا شايد چوڻ نه چاهيندي آ، ڪڏهن ڪڏهن
هوءَ خاموش آسمان ڏانهن گهوريندي آ، سوچيندي آ، پر
جڏهن هو ايندو آ ته هوءَ سوچڻ ڇڏي هن ڏانهن ڏسندي
رهندي آ.
هو ٻئي اڪيلا هڪ ٻئي جا دوست آهن، ڪنهن سان به نه ڳالهائيندا
آهن. بس وڻ جي ڇانوري ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا
رهندا آهن، ٽهڪ ڏيندا آهن ۽ ڪڏهن خاموشيءَ سان هڪ
ٻئي کي محسوس ڪندا آهن بنا ڪجهه چئي گهڻو ڪجهه چئي
ڏيندا آهن. جڏهن هو هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا آهن
تڏهن هو اهو ڀائيندا آهن ته انهي مهل ڪائنات ڪيتري
سندر لڳندي آ.
پر اڄ ايترو وقت ٿي ويو آ، هوءَ انهي وڻ جي ڇانوَ ۾ اڪيلي ويٺي آ، هن جون
نظرون آڪاش ۾ ڪجهه ڳولهي رهيون آهن. شايد هوءَ هن
بابت سوچي رهي آهي.
هوا تو مون کي چيو هو ته هو آيو هو، پر نه تو ڪوڙ ڳالهايو؛ جي
هو اچي ها ته منهنجي نئين ڪهاڻي ضرور پڙهي ها.
اي بهار تون چوين ٿي ته هو آيو هو، پر نه هو نه آيو هو، جي هو
اچي ها ته مون کي تو مان خزان جي سڳنڌ نه اچي ها،
تون ائين ڪوماڻيل نه هجين ها. تنهنجي ساون پتن ۾
هيڊاڻ نه هجي ها، تو به مون سان ڪوڙ ڳالهايو.
هو ڄاڻي يو ته مان اڄ اداس هيم پر هو نه آيو. شايد هو ڪاوڙجي
ويو هوندو منهنجي اداس ٿيڻ تي هن کي منهنجو اداس
ٿيڻ نه وڻندو آ.
هن کي ته منهنجي سوچڻ تي به چڙ وٺندي آ، پر مان ته ڪجهه به
ناهيان سوچيندي، بس ڪڏهن ڪڏهن الائجي ڪيئن ڌيان
ڌرتي جي بدلجندڙ رنگن ڏي هليو ويندو آ، شايد هو نه
ٿو ڄاڻي ته ڌرتي پنهنجا اصل رنگ وڃائي ويٺي آ ۽
سمنڊ ڪارو ٿي رهيو آ، هاڻ سمنڊ به پنهنجو ناهي
رهيو. هن جي گهرائيءَ ۾ به ماڻهن جي گهرائي جيان
ڪاراڻ ڄمڻ لڳي آ، خبر ناهي هاڻ مانا نهيءَ ڪاري
سمنڊ تي ڪيئن سوچينديس.
نه مان هاڻ ڪجهه به نه سوچينديس، بس هو اچي ته مان هن کي
ٻڌائينديس ته مان سوچڻ ڇڏي ڏنو آ، پر هو ته اڃا
تائين ناهي آيو.
هو چوندو آ ته مون کي جيئڻ کپي بنا ڪنهن سوچ جي پاڇن جي، مان هن
کي ڪيئن سمجهايان ته مان ائين نه ٿي جي سگهان. هڪ
اهڙي هوا ۾ ساهه نه ٿي کڻي سگهان جتي جيئرن انسانن
جي سڙيل رت جي باس هجي.
بس هاڻ ڪجهه به ٿي پوي پر مون کي هاڻ ڪجهه ناهي سوچڻو، هاڻ ائين
ئي سوچڻو آ جيئن هو چاهي.
پر ڇو؟
شايد مان ڊڄان ٿي ته ڪٿي هو هليو نه وڃي.
پر هو منهنجي سوچ کان ڇو ٿو ڊڄي، شايد هو سمجهي ٿو ته منهنجي
گهڻي سوچ سان هو منهنجي دل مان نڪري ويندو. هن
ڪيترائي ڀيرا ڪوشش به ته ڪئي آ، منهنجي سوچ کي
پنهنجي قابو ۾ ڪرڻ جي ڀلا ڪڏهن ڪنهن جا خيال به
ڪنهن جي قبضي ۾ آيا آهن، اهي ئي ته آهن جيڪي هن
ڪائنات ۾ آزاد آهن.
هو اڃا تائين ناهي آيو، هن منهنجي نئين ڪهاڻي به ناهي پڙهي،
بهار مان به هن جي سڳنڌ نه ٿي اچي ۽ هن پراڻي وڻ
هيٺيان سڪل پتا به ته ناهن، انهيءَ وڻ ۽ ان جي پتن
سان هن جي دوستي آ، ڪيئن ته هن جي اچڻ تي سڀ هوا
جو سهارو وٺي هڪ هڪ ٿي هن جي پيرن سان چنبڙي ويندا
آهن. ڍير ڪري ڇڏيندا آهن، هن جي اڳيان پنهنجو پاڻ
کي، ۽ هو به ته چاهيندو آ هنن کي ڪيتري نه پيار
سان ميڙيندو آ. اهي ڄڻ سڪل پتا نه پر ڪي تازه نڪتل
گل هجن.
هاڻ مان هن کي ڇا چوان، هو انهن کي پيار ته ڪري ٿو، پر ماڻهن کي
پيار نه ٿو ڪري. ڪڪرن پتن ۽ برپتن سان دوستي ته
ڪري ٿو، پر ماڻهن کان نفرت، ماڻهو به ته هن کي
پيار نه ٿا ڪن، هر ڪو هن جي ئي پويان لڳل هوندو آ،
پر هو ته ڪنهن جي به پويان ناهي لڳندو. ڪنهن سان
به گڏ ناهي ويهندو. بس مون سان گڏ ويهندو آ،
ڳالهائيندو آ لفظ جوڙيندو آ، پر مان ڄاڻان ٿي هن
کي لفظ جوڙڻ نه ايندا آهن، هو ڪيتري دير مون سان
گڏ ويهي انهيءَ کي جوڙڻ چاهيندو آ، پر جڏهن هو
واپس ويندو آ ته سڀئي لفظ هڪ هڪ ٿي وکري ويندا آهن
۽ هن کي اڪيلو ڇڏي ويندا آهن.
تڏهن ته ماڻهو هن تي ڪاوڙ ڪندا آهن، ڇو جو هو لفظن کي آزاد ڪري
ڇڏيندو آ.
هاڻ مان هن کي ڪيئن سمجهايان ته لفظن کي ايتري آزادي نه ڏي لفظ
آزاد ٿي وڃن ته پوءِ پنهنجي وس ۾ نه رهندا آهن،پر
هو نه مڃيندو آ، چوندو آ ته مان اهو انهيءَ ڪري
ڪندو آهيان جو مان ڄاڻان ٿو ته مون کان پوءِ ڪوبه
لفظن سان راند نه کيڏندو، ڪوبه انهن کي آزاد نه
ڪندو. انهيءَ ڪري مان چاهيان ٿو ته جيترو ٿي سگهي
لفظن کي آزاد ڪريان، انهن کي آزاد هوائن جي شهر ۾
اڏرندو ڏسان.
پر هو اڃا تائين ڇو نه آيو آ، شايد هو نه ٿو ڄاڻي ته مون کي هن
جي اوسيئڙي ۾ ويٺي ڪيتري دير ٿي وئي آ.......
اوهو هي گل هن ڪهاڻي ڀرسان.
شايد هو آيو آهي، هن منهنجي ڪهاڻي به پڙهي، ها ڪهاڻي جي پنن مان
هن جي آڱرين جي سڳنڌ پئي اچي. هو ضرور ايو هوندو.
ڪجهه چئي هليو ويو هوندو.
هي مون ڇا ڪري ڇڏيو، هاڻ هو ضرور مون کان ڪاوڙجي ويندو، پر هن
کي ڪهڙي ڄاڻ ته مان آڪاش ۾ هن کي ئي ڳولي رهي هيس،
هن لاءِ ئي سوچي رهي هيس.
احمد شاهه بطرس بخاري
سنڌيڪار: ساحره جعفري
ميبل ۽ مان
ميبل ڇوڪرين جي ڪاليج ۾ هئي، پر اسان ٻئي ڪئمبرج يونيورسٽي ۾ هڪ
ئي مضمون پڙهندا هئاسين. ان ڪري اڪثر ليڪچرن ۾
ملاقات ٿي ويندي هئي. ان کان علاوه اسان دوست به
هئاسين، گهڻن ئي دلچسپين ۾ هڪ ٻئي سان شريڪ ٿي
ويندا هئاسين.
تصويرن ۽ موسيقي جوشوق هُن کي به هو، مان به ساڳيو شوق رکندو
هئس. اڪثر گيليرين ۽ ڪينٽين ۾ گڏ ويندا هئاسين.
ٻئي انگريزي ادب جا طالبعلم هئاسين. ڪتابن جي
متعلق هڪ ٻئي سان مباحثه ڪندا هئاسين. اسان ٻنهي
مان جيڪڏهن ڪو نئون ڪتاب يا نئون ليکڪ دريافت ڪندو
هو ته ٻئي کي ضرور ان کان آگاهه ڪندو هو ۽ پوءِ
ٻئي ملي اُن جي بهترين يا بدترين هئڻ جو اعلان
ڪندا هئاسين.
پر ان ۾ تمام يڪجهتي ۽ هم آهنگي ۾ هڪ خلش ضرور هئي. اسان ٻنهين
ويهين صدي ۾ پرورش ورتي هئي. عورت ۽ مرد جي مساوات
(برابري) جو قائل ته ضرو رآهيان، پر تنهن هوندي به
پنهنجي خيالن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وقت پنهنجي رويي ۾
ان تي اختلاف به ظاهر ڪندو هئس. گهڻن موقعن تي
ميبل کي ڏنل رعايت کي پنهنجو حق سمجهندي هئي، جيڪا
صرف صنف نازڪ يا صنف ضعيف جي ئي ڪنهن فرد کي ملڻ
گهرجي ۽ گهڻن موقعن تي مان حاڪم ۽ رهنمائي وارو
رويو اختيار ڪري وٺندو هئس، جنهن جو مطلب اهو هو
ته هڪ مرد هئڻ جي حيثيت ۾ منهنجو اهوئي فرض آهي.
خصوصاً اهو احساس منهنجي لاءِ تمام گهڻو تڪليف
بخشيندڙ هو ته ميبل پڙهائي يعني مطالعي ۾ مون کان
تمام گهڻي اڳڀري آهي. ان ڪري مرداڻي وقار کي گهڻو
صدمو رسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي بدن ۾ منهنجي
ايشيائي اباڻن جو خون جوش هڻندو هو ۽ دل جا جديد
تهذيب کان باغي ٿي، مون کي چوندو هو ته مرد اشرف
المخلوقات آهي. ٻئي پاسي ميبل عورت ۽ مرد جي
برابري جا دليل ڏيندي هئي. ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن
ايتريون ڳالهيون ڪري ويندي هئي جو عورتون ڪائنات
جون رهبر آهن ۽ مرد حشرات الارض (زمين جا ڪيڙا)
سمجهندي هئي.
پر ان ڳالهه کي مان ڪيئن نظرانداز ڪري سگهان پيو ته ميبل هڪ ڏينهن ۾ ڏهه
ٻارنهن کن ڪتاب خريد ڪندي هئي ۽ هفتي اندر انهن کي
منهنجي ڪمري ۾ ڦٽو ڪندي ۽ اهو چئي هلي ويندي هئي
ته ”مان انهن ڪتابن کي پڙهي چڪي آهيان، تون به
پڙهي وٺ، پوءِ ان متعلق بحث مباحثو ڪنداسين.“ اول
ته مون لاءِ هڪ هفتي اندر ڏهه ٻارنهن ڪتاب پڙهي
ختم ڪرڻ محال هو، پر فرض ڪجي مردن جي عزت بچائڻ
خاطر، راتين جي ننڊ حرام ڪري انهن سڀنين کي پڙهڻ
ممڪن به هجي ها ته انهن ۾ ٻه ٽي ڪتاب فلسفي يا
تنقيد جا ضرور اهڙا هوندا هئا، جن کي سمجهڻ لاءِ
تمام گهڻو عرصو کپندو هو، تنهنڪري پوري هفتي جي
جاکوڙ کان پوءِ مون کي هڪ عورت اڳيان اهو مڃڻو
پوندو ته مان هن ڊُڪ ۾ پوئتي رهجي ويو آهيان.
جيستائين هو منهنجي گهر ۾ ويٺي هوندي هئي، مان
شرمنده ٿي هن جون ڳالهيون ٻڌندو رهندو هئس، هو
ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ ڀرون مٿي چاڙهي ڳالهيون ڪندي
هئي. جڏهن مان هن لاءِ دروازو کوليندو هئس يا هن
کي پاڻي پيئڻ لاءِ گلاس ڏيندو هئس يا سڀ کان وڌيڪ
آرامده ڪرسي هن لاءِ خالي ڪندو هئس ته هو منهنجي
خدمتن کي حق نسوانيت نه بلڪ حق استادي سمجهي قبول
ڪندي هئي.
ميبل جي وڃڻ کان پوءِ ندامت (شرمندگي) وڌندي ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي
ويندي آهي! جان يا مال جي قرباني آسان آهي، پر عزت
جي خاطر نيڪ کان نيڪ انسان به هڪ نه هڪ ڀيرو ضرور
ناجائز ذريعا استعمال ڪرڻ تي لهي پوندو آهي. ان کي
منهنجي اخلاقي پستي (گهٽتائي) سمجهو، پر ساڳي حالت
منهنجي به ٿي وئي. ٻئي ڀيري جڏهن ميبل سان ملاقات
ٿي ته جيڪي ڪتاب مان نه پڙهيا هئا، انهن تي به
راءِ ڏيڻ شروع ڪري ڏني، پر جيڪو ڪجهه به چوان پيو.
سنڀالي سنڀالي چوندو هيم، تفصيل متعلق ڪڏهن ڪا
ڳالهه منهن مان نه ڪڍندو هئس. سرسري طور تي تنقيد
ڪندو هئس ۽ ڏاڍي هوشياريءَ ۽ دانائيءَ سان پنهنجي
راءِ کي بدلائي به ڇڏيندو هيس.
ڪنهن ناول متعلق ميبل پڇيو ته جواب ۾ نهايت فيلسوف واري ناداز ۾
چيو ”ها“ سٺو ڪتاب آهي، پر اهڙو ڪو خاص به نه.
ليکڪ جديد دؤر جي نقطئه نظر کي صحيح طور نڀائي نه
سگهيو آهي، پر تنهن هوندي به ڪيئي نقطا نرالا آهن،
بُرو ڪونهي، بُرو ڪونهي.
آڏين اکين سان ميبل ڏانهن ڏسندو هئس، پر هن کي منهنجي رياڪاري
بلڪل محسوس نه ٿيندي هئي. ڊرامي متعلق چوندو هيس.
”ها پڙهيو ته آهي، پر هينئر تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته
جيڪو ڪجهه پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ٿو، اُهو اسٽيج تي
وڃي باقي رهندو يا نه؟ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
۽ اهڙي طرح منهنجو ڀرم به قائم رهندو هو ۽ گفتگو جو بار به ميبل
جي ڪُلهن تي وجهي ڇڏيندو هئس. تنقيد جي ڪتابن بابت
چوندس هئس.
”هن نقاد مٿان ارڙهين صديءَ جي نقادن جو ڪجهه اثر معلوم ٿئي ٿو،
پر ائين ئي اڻڄاڻ به لڳي ٿو ڪٿي ڪٿي. بلڪل هلڪو
آهي ۽ شاعري متعلق رويو دلچسپ آهي، ڏاڍو دلچسپ.“
آهستي آهستي مون کي هن فن ۾ ڪمل ٿي ويو؛ جنهن رواني ۽ نفاست سان
مان اڻ پڙهيل ڪتابن تي گفتگو ڪري سگهندو هئس. ڪڏهن
ڪڏهن ته مان پاڻ حيران ٿي ويندو هيس، ان سان جذبن
کي هڪ آسودگي نصيب ٿي.
هاڻ مان ميبل کان نه ڊڄندو هيس. هن کي منهنجي علم و فضل کان
متعرف ٿيڻو پيو، هو جيڪڏهن هفتي ۾ ڏهه ڪتاب پڙهندي
هئي ته مان صرف ٻن ڏينهن اندر انهن سڀني ڪتابن تي
راءِ ڏيئي سگهندو هيس. هاڻ ان جي سامهون ندامت جو
ڪو موقعو نه هو.
منهنجي مرداڻي روح ۾ احساس فتحمندي ڀرپور انداز ۾ اڀري آئي. هاڻ
مان هن لاءِ ڪُرسي خالي ڪيان، يا پاڻيءَ جو گلاس
ڏيان ته عظمت ۽ برتري جي احساس سان گڏ، جيئن هڪ
تجربيڪار ۽ صحتمند نوجوان هڪ نادان ڪمزور ٻار جي
حفاظت ۽ تربيت ڪري رهيو هجي.
صراطِ مستقيم (سچائيءَ جي راهه) تي هلڻ وارا انسان منهنجي هن
فريب کي پسند نه ڪن ته نه ڪن، پر گهٽ ۾ گهٽ مردن
جي طبقي مان ان جو داد ضرور چاهيان ٿو. عورتون
منهنجي ان حرڪت تي ٻيڻيون لعنتون وجهنديون ته هڪ
ته مان مڪاريءَ کان ڪم ورتو، ۽ ٻيو ته هڪ عورت کي
ڌوکو ڏنو. انهن جي تسليءَ لاءِ مان اهو چوڻ ٿو
چاهيان ته يقين ڪريو ته گهڻا ڀيرا تنهائي ۾ مان
پنهنجي پاڻ کي بدڪار به چوندو آهيان. اڪثر ڪري ته
مون کي پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳندي آهي. گڏوگڏ اها
ڳالهه وسارڻ به مشڪل ٿي وئي ته مان بنا پڙهئي
ڪتابن تي علميت ظاهر ڪندو آهيان. ميبل ته اهي سڀ
ڪتاب پڙهي پوءِ گفتگو ڪندي آهي، بهرحال هن کي
منهنجي مٿان فوقيت ضرور حاصل آهي. مان پنهنجي گهٽ
علميءَ جو اظهار ٿيڻ نه ڏيندو هيس، پر حقيقت ته
اهائي آهي ته مان ڪتاب نه پڙهندو هئس. منهنجي
جهالت هن جي اڳيان نه سهي، منهنجي لاءِ ته هڪ
سچائي آهي. هن خيال سان دلي سڪون تباهه ٿي ويندو
آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ عورت جي مقابلي ۾ فقير نظر
ايندو آهيان، پهرين ته مان ميبل کي صرف علم واري
سمهندو هئس. هاڻي اها اڳي جي مقابلي ۾ پاڪدامن ۽
سچائي جي ديوي نظر اچڻ لڳي.
بيماري دوران منهنجي دل زياده نرم ٿي ويندي آهي. بخار جي حالت ۾ ڪو ناول به
پڙهندي وقت اڪثر ڀيرا منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪري
ايندا آهن، صحتياب ٿين کان پوءِ مونکي پنهنجي
اهڙين ڪمزورين تي کل ايندي آهي، پر اُن وقت ڪمزوري
جو احساس بلڪل نه ٿيندو آهي. منهنجي بدقسمتي جو
اُنهن ڏينهن ۾ مون کي معمولي قسم جي زڪام سان گڏ
بخار ٿي ويو، نقصان ڏيندڙ نه هو، گهڻي تڪليف ڏيندڙ
به نه هو، پر تنهن هوندي به گذريل زندگيءَ جا ننڍا
ننڍا واقعا به گناهه ڪبيره (وڏا گناهه) بڻجي نطر
اچڻ لڳا. ميبل جو خيال آيو ته ضمير سخت ملامت ڪيو
۽ هنڌ تي ئي گهڻي دير تائين تڙپيندو رهيس. شام
ويلي ميبل ڪجهه گل کڻي آئي، خيريت پڇيائين، دوا
پياريائين، مٿي تي هٿ رکيائين، منهنجا ڳوڙها ٽپ ٽپ
ڪري ڪرڻ شروع ٿيا. مان چوڻ پيو چاهيان، منهنجو
آواز ڀرجي آيو هو. ”ميبل خدا جي واسطي مون کي معاف
ڪري ڇڏ.“ ان کان پوءِ مان پنهنجي گناهه جو اعتراف
ڪيو ۽ پاڻ کي سزا لاءِ تيار ڪري، پنهنجي مڪاري جي
هر تفصيل بيان ڪري ڇڏي. هر اُن ڪتان جو نالو کنيو
جيڪو بنا پڙهي، ان تي وڏيون وڏيون تقريرون ڪيون
هيون. مون چيو ”ميبل گذريل هفتي جيڪي ٽي ڪتاب تون
مون کي ڏئي وئين هئين. ان متعلق مان توسان ڪيترو
وڏو بحث ڪري چڪو آهيان..... پر مان اُنهن جو هڪ
لفظ به نه پڙهيو آهي. مان ڪانه ڪا ڳالهه اهڙي ضرور
ڪئي هوندي، جنهن سان منهنجو پول تنهنجي مٿان ظاهر
ٿي ويو هوندو.
چوڻ لڳي،
”نه ته......“
مان چيو،
”مثلاً ناول جو ته صرف نالو پڙهيو هو، ڪردارن متعلق مون جيڪو
ڪجهه چيو سڀ فرضي هو.“
چوڻ لڳي،
”ڪجهه اهڙو غلط به نه هو.“
مون چيو ”ان مرڪزي خيال متعلق مون ظاهر ڪيو هو ته هلڪو آهي، اهو
به ٺيڪ هو؟“
ان کان پوءِ گذريل فريبڪاري تي مان ۽ هو ٻئي کلندا رهياسين.
ميبل وڃڻ لڳي ته چيائين: اُهي ڪتاب مان کڻي وڃان؟“
مون چيو ”هڪ گناهگار انسان کي اصلاح جو موقعو نه ڏي. مون اهي
ڪتاب نه پڙهيا آهن، پر هينئر انهن کي پڙهڻ جو
ارادو رکان ٿو. انهن کي ڇڏي وڃ. تون ته پڙهي چڪي
آهين.“
چوڻ لڳي،
”ها..... مان ته پڙهي چُڪي آهيان. ٺيڪ آهي مان ڇڏي ٿي وڃان.“
هن جي وڃڻ کان پوءِ، انهن ڪتابن کي مون پهريون ڀيرو کوليو. ٽنهن
مان هڪ جا به ورق ڪٽيل نه هئا، يعني جيڪي ڪتاب
اُهي ڏئي وئي هئي، ميبل به انهن کي نه پڙهيو هو.
پوءِ مون کي يقين ٿي ويو ته مرد ۽ عورت برابر هجن يا نه هجن مڪر
۽ فريب ۾ ضرور برابر آهن. |