شاعري
قاصد
ملاح
يادگيري
منهنجي هر يادگيري،
تو وٽ هجي،
اُڀ ۾ اُٿندڙ ڪڪر جيان،
جنهن جو پاڇولو،
رڻ پٽ ۾،
ٽهڪندڙ منجهند جو،
گهڙي پل لاءِ ڇانورو ٿي،
نيري آڪاش ۾،
گم ٿي ويندو آ-
منهنجي هر يادگيري،
تو وٽ هجي،
لهندڙ سج جيان،
جيڪو پنهنجي چٽي روشني ورهائي
ڌرتيءَ جي هن پار ۾
هليو ويندو آ،
منهنجي هر يادگيري،
تو وٽ هجي،
کوٽي سڪي جيان
جنهن کي وزن ته هوندو آ،
پر مُلهه نه !!!
منهنجي هر يادگيري
تو وٽ هجي
لهرن جي دائري جيان
جيڪي تنهنجي لاشعور جي
اينٽينا سان جڏهن به ٽڪرائجن
۽ ڌنڌلي تصوير چٽجي
تنهنجي ذهن جي پردي تي
ته اُن تصوير کي هر ڀيري
صرف تون،
ها !!!
تون پسجان
۽ پوءِ اَڻ چٽو پاڇولو سمجهي
وساري ڇڏجانءِ!
* * *
روشن گُرگيز
غزل
هر هر ٿين نراس ماڻهو،
پوءِ به رکن ٿا آس ماڻهو.
چاهت ڪارڻ ڪيڏو ڀٽڪن،
مايوسين جو بنواس ماڻهو.
ڏکن سوا ٻيو ڇا ماڻيندا؟
هن جڳ ۾ حساس ماڻهو !
ڪنهن جي جذبن جو خون ڪندي،
ذرو نه سوچين بي قياس ماڻهو.
خوشيون ته ملي به وڃن پر،
اچڻ نٿا ڏين راس ماڻهو.
خيرل جمالي
نظم
اَڇو مٿو، اڇي ڏاڙهي،
شادي جي ڪري تياري،
هن جا پٽ شادي شده،
هن جي ڌيءَ گهر واري.
اڃا ڪين مُڙي ٿو،
پئسيءَ تي ٿو ڪونج گُهري
پيري منجهه پنهنجي پَرَ ۾
جواني واري ٿو موج گُهري
پنهنجي زندگي گهاري ويو
ٻئي جي ٿو برباد ڪري
ڌيءَ جيڏي ڇوڪري سان.
شوق منجهان ٿو شادي ڪري.
اڇا ڪپڙا هر هر پائي
وارن کي ٿو ڪيس ڪري
پئسيءَ تي ٿو جوانن سان
پيري منجهه ريس ڪري
رات جو وڃي در کُڙڪائي
پنهنجي لاءِ تو سڱ گهري،
بهتر آهي انهيءَ کان ته
ڍڪڻ پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مري.
* * *
ساجده ”ايس“ سومرو
وائي
ڳولي ٿو ڪير،
مون کي گهر اندر،
مان ڪٿي آهيان پر!؟
ڪيئي راتيون ڪٽجي ويون،
ڪيئي ٿيون آهن سحر؟
مان ڪٿي آهيان پر !؟
رهجي ويس مان هيڪلي،
ويران ٿي ويا شهر،
مان ڪٿي آهيان پر !؟
ڏکن جي سمنڊ ۾،
لوڙهي ٿي هر لهر،
مان ڪٿي آهيان پر!؟
نٿي ملي تو بن منزل،
اڻانگو ٿي پيو سفر،
مان ڪٿي آهيان پر !؟
* * *
ايس مارئي
هي عاليشان خوبصورت محل
جنهن جي تمنا رکندڙ هرماڻهو...
پر،
تنهائي جو شدت سان احساس.....!
ها....
جت صرف
۽ صرف،
مان، ۽ مان جون دعويٰ ڪندڙ ساهيڙيون هجن،
جت،
صرف خود غرضي،
نفرت،
۽
وڏائي جهڙا انيڪ مسائل،
ات ڀلا،
”مارئي“
محبت پنهنجو ديرو ڄمائي ڪيئن سگهندي.....؟!
ازل کان،
هن دنيائي محل ۾
مفاد پرستن،
صرف پنهنجو مفاد ڳوليو آ،
ڪروڙين جانيون
بنا سمجهڻ ۽،
سمجهڻ جي باوجود تباهه ٿي ويون،
۽
مون جهڙا ماڻهو
محبت کي ڦهلائيندي ڦهلائيندي،
نفرت جي کنڊرن ۾ گم ٿي ويا.
۽
نتيجي ۾ تنهائي جو احساس،
شدت سان
بلڊ ڪينسر بڻجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو آهي،
روح جي پاتال ۾،
مايوسي جو زهر اوتجي ويو آهي.
***
راحيلا امان قريشي
نظم
ساڻ هجين نه جي مون سان،
اهڙي ڪا رهاڻ نه گهرجي.
تنهنجو عڪس هجي نه جنهن ۾،
اهڙي ڪا چنڊاڻ نه گهرجي.
امن ۽ پيار جا گيت نه گونجن،
اهڙي ڪا واکاڻ نه گهرجي،
تنها جيون هاڻ نه گهرجي.
منزل ڪا اڻ ڄاڻ نه گهرجي.
*
* *
شبنم گل
هر موسم نه ڄاڻ ته ڇو
اُداسيءَ جي موسم آ
جيئن سمنڊ کان
ڪا لهر وڇڙي وڃي
يا بهارن کان رنگ سمورا
کسجي وڃن
ائين اداسي رونقن ۽ روشنين
کان جدا ٿي
دل جي اڱڻ تي لهي ايندي آهي
اداسي جنهن جو ڪو نانءُ ڪونهي
منزل کان وڇڙيل
رستن تي رلندي
اکين جي آشائن ۾
نراشا جو ڪو سپنو بڻجي
ڌيري سان لهي ايندي آهي
يا وري ڪڏهن ماڻهن جي ميڙ ۾
مرڪ جي پناهه ۾ لڪي
سڀني کان ڌار ڪري
اوپرو بڻائي ڇڏيندي آهي
هوائن جي هر کڙڪي تي
فون جي هر رنگ سان
پوسٽ مئن جو آواز ٻڌي
يا وري ڪڏهن ڪنهن
خوبصورت گيت ٻڌڻ سان
ڪنهن جي اوچتو ملڻ تي
ڪنهن جي ڄاڻي واڻي
وڇڙي وڃڻ سان
ڪا اداس ڌن ڇيڙي
پنهنجا وار کولي
رقص ڪرڻ لڳندي آهي !
* * *
سلميٰ
پنهور
غزل
مون لاءِ تنهنجون آشائون،
سپنن ۾ ڄڻ ساڀيائون.
تنهنجي نانوَ واري ريکا سان،
مٽجي ويون سڀ ريکائون.
وڇڙڻ پنهنجو ٺاهه ڪيل هو،
ڇا جون آهون ڇاجون دانهون.
آس تنهنجي ۾ سڀ ڪجهه وسريو،
ڪڏهن هونديون هيون تمنائون.
هر پل دردن سان گهاريون پيا،
پاڻ لاءِ ڪهڙيون برکائون.
ڪٿ وري موٽي سگهنداسين،
وسريون منزل جون سڀ راهون.
خط نه نياپو، تولاءِ ڪوئي،
سوچون سڀ ٿيون ڪوتائون.
روبينه
ابڙو
گيت
ڪُوڙ لکين هر بات اجائي،
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي !
مورک ماڻهو پريت نه ڄاڻن
مڌر مڌر سنگيت نه ڄاڻن
ڪويل تنهنجي لات اجائي،
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي!
رُوُح ازل کان پياسو پياسو
دل جي دنيا ڄڻ وارياسو
هيڏي هي برسات اجائي،
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي !
تنهنجي دل جو دُک مان ڄاڻان
ڪُوماڻيل ڇو مُک مان ڄاڻان
تنهنجي چُپ چپات اجائي،
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي!
هُو ته هو ڪوئي واچوڙو
خيال پکيڙي واپس وريو
دل کي ڇو فڪرات اجائي !
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي!
ارڏا آدم جهڪندا ناهن
ڏاڍ ڏسي ڀي ڏرندا ناهن
تو ڇو کاڌي مات اجائي !؟
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي !
سُوني سُوني سانجهه سويرو
توريءَ ساجن سانت،انڌيرو
ڏينهن اجايو رات اجائي،
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي !
جيون کي ڪو نانءُ ته ڏي تون
جذبن کي ڪو ڏانءُ ته ڏي تون
ڇالئه هيءَ حيات اجائي !؟
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي !
ڏاتر تنهنجي ڏات اجائي !!!
* * *
فياض مهر
مون وٽ
پيار جي ريت آهي
پر جيت ناهي
مون
زندگيءَ جون
سڀ بازيون هارائي
پوءِ پيار ڪيو آ
هاڻي مون وٽ
هار ۽ جيت جو
ڪوبه تصور ناهي
صرف پيار آ
پائڻ ۽ وڃائڻ
جي سوچ کان آزاد.
* * *
گلبدن جاويد مرزا
محورتيءَ جي توهين
مان ۽ منهنجي سهيلي،
جڏهن به ملنديون آهيون،
دنيا جهان تي وڏا وڏا بحث ڪنديون آهيون.
جيئن ڪل ڪائنات اسان جي هئنڊ پرس ۾ هجي.
پنهنجي ميچور هئڻ تي وڏو فخر محسوس ڪنديون آهيون.
پنهنجي ڏاهپ تي وڏو ناز هوندو اٿئون.
زماني کي هيئن هلائڻ کپي:
وڏا فارمولا ٺاهينديون آهيون،
نوان نظريا جوڙينديون آهيون،
ڄڻ ته دنيا جو نظام اسان کي هلائڻو هجي.
ملڪي سياست ڪيئن هئڻ کپي،
ڪيترائي آئين جوڙي ڪٺا ڪنديون آهيون.
سياستدانن کي ڇا ڪرڻ کپي،
ٿورن کانسواءِ ڪيترن کان ئي ڪرسيءَ تان لاهي،هيٺ
ڦٽو ڪنديون آهيون.
(ڳالهين ئي ڳالهين ۾).
انٽيليڪچوئل طبقي جو عمل ڇا هجي.
ٿورن کي عرش تي پهچائي،
باقي ڪيترن کان انٽيليڪچوئل سڏائڻ جو حق کسي
وٺنديون آهيون. (ڳالهين ئي ڳالهين ۾).
اسان جي فلاسافي ايڏي ته گهري ٿي ويندي آهي جو،
سقراط، ارسطو، فرائڊ وغيره جي فلاسافي،
اسان جي عقل جي پالوٽ ۾ ٻُڏندي محسوس ٿيندي آهي.
پنهنجي ڏاهپ تي پاڻ کي، وڏو داد ڏينديون آهيون.
پنهنجي سياڻپ جي ڏاڍي تعريف ڪنديون آهيون.
ڪير ڇا ٿو ڪري؟
ڇو ٿو ڪري؟
ڪنهن کي ڇا ڪرڻ کپي؟
ڄڻ سڀنيءَ کي هلائڻ جو اسان کي ٺيڪو ڏنو ويو هجي.
ڪامياب زندگيءَ جا گُر رڳو اسان کي ٿا اچن.
جهڙوڪ زندگيءَ گذارڻ جون ايڪئيشنس اسان ايجاد ڪيون
هجن.
ڪنهن جي روين جو محتاج ٿيڻ نه گهرجي،
ڪنهن مسئلي کي مسئلو سمجهڻ نه گهرجي.
ڏاڍي لاپرواهيءَ سان ڪنڌ ڌوڻي،
پاڻ کي معاشرتي بوجهه کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون
آهيون
پر سڀئي لاپرواهيون وڃي پٽ پونديون آهن،
ذهن جهنجهوڙجي ويندو آهي،
سوچون منتشر ٿي وينديون آهن،
۽ جذبا چڪنا چور ٿي پوندا آهن،
جڏهن انهن ماڻهن،
جن کي ڪجهه به نه سمجهنديون آحيون،
تن کان مات کائي، ڀڄي ڀري پونديون آهيون،
پنهنجي ميچورٽيءَ جي توهين تي،
درد جي بار هيٺ دٻجي وينديون آهيون !
ايوب کوسو
پاند تنهنجي جي سهاري
تو اکيون ٻُوٽي ڇڏيون
۽ دل جا دَر واري ڇڏيا،
خواب ڄڻ ٻاري ڇڏيا،
مان ٿڪل سانجهيءَ جيان،
ٻيڙيءَ ٻڏل مانجهيءَ جيان،
ڪنهن ڳليءَ ۾ پيس رَهي،
ڪنهن ڳليءَ ۾ پيس روئي،
دل ۾ دُک ايڏا هُئا،
ڄڻ ته اُڀ جيڏا هئا،
ها اکين جي پَر ڪناري،
پاند تُنهنجي جي سهاري،
لُڙڪ ڪيڏا مون جهليا،
درد ڪيڏا پئي مليا،
ڇا لڪائي ڇا لڪايان،
ڇا ٻُڌائي ڇا ٻُڌايان،
ڪٿ چنبيليءَ ٽارين تي،
جيڪي ڀي گُلڙا ٽڙيا،
زخم ڄڻ مَن جا هُئا،
گهاءَ ڄڻ بَن جا هُئا،
رات سانت ۾ ڪٿي،
جيءُ هِي جهُريو جتي،
چنڊ پيلي کي ڏسي،
ياد آئين جو وري،
چَين سارو وئين کڻي،
زندگيءَ جي رڻ مٿي،
ڄڻ پرين ڪنهن وڻ مٿي،
آس جا پنڇي اُڃيا،
جيڪي هِن پلپل رُنا،
ٿو لڳي اڪثر هتي،
تون ڪٿي ۽ مان ڪٿي،
ڪو ڪڪر نه بانورو،
ڪو ڇپر نه ڇانورو،
هر سفر آ هيڪلو،
تو جڏهن کان وئين هليو،
هر اجهاميل رات آهي،
مون کان وڇڙي ڏات آهي،
هر گهڙي آپُور جهڙي،
زندگيءَ ناسُور جهڙي !
* * *
حميده
اُتم
نثري نظم
ٽٽي نٿو
رڳو
ساهه جو
سڳو
باقي
سڀ ڪجهه
ٽٽي ويو آ
سڀ ڪجهه
وکري ويو آ
تو پڄاڻان.
نصرت لغاري بلوچ
زندگي هڪ خواب آهي
مون سوچيو،
هيءَ زندگي
ڇا آهي؟
مان هن کي
ڪهڙو نانءُ ڏيان؟
شايد هڪ
خواب آهي.
مون سوچيو،
هن جي تعمير،
خدا ڪري ڪنهن کي نه ملي !
راتيون اداس ۽ ڏينهن
تتل واريءَ جيان
هلندي هلندي پير پٿون ٿي ويا.
مون سوچيو،
هيءَ زندگي هڪ
خواب آهي
هن جي تعبير
خدا ڪري ڪنهن کي نه ملي !
اڻ وسرندڙ واقعا،
چانڊوڪيون راتيون،
مسڪرائيندڙ لمحه
شايد وري نه ملن.
ڇو ته گذري ويل لمحه ڪڏهن به
واپس نه ايندا آهن
زندگي هڪ خواب آهي.
مون سوچيو،
هن جي تعبير
خدا ڪري ڪنهن کي نه ملي !.
نجمه پنهور
بي يقيني
نه وقتي سڪون آ، نه ئي ابدي سڪون جو يقين.
زندگي بي يقيني جو رستو آ ٿي وئي،
غيرن جو يقين، نه پيارن جو.
ادائن جو، نه وفائن جو.
اي بي يقيني جا سج گم به ٿي !
اي بي يقيني جا رستا ختم به ٿي !
ڇو ته اسين هڪٻئي سان،
يقين ۽ سچائي سان ملڻ چاهيون ٿا !
***
شازيه عارب منگي
جا
شيءِ، تقدير ۾ نه هُجي،
اُن جي حصول جي تمنا ڪرڻ
اجائي آهي !
مون کي ڄاڻ آ،
ته منهنجو آدرش
مون کي ملڻو ناهي !
* * *
حميره شمس شيخ
غزل
ڳولين ڇاٿي جذبن ۾،
لوچين ڇاٿي لفظن ۾.
ناهي ماڻهن ۾ ماڻهپو،
ڳولين ڇاٿي رشتن ۾.
رنگ دنيا مان اڏري ويا،
ڳولين ڇاٿي بهارن ۾.
رشتا هن سڀ نالي ماتر،
ڳولين ڇاٿي روين ۾.
سڃاڻن ڪين سڃاڻپ وارا،
ڳولين ڇاٿي ويچارن ۾.
خوشبوءِ جهان مان نڪري ويئي،
ڳولين ڇا ٿي گلابن ۾.
* * *
علي دوست عاجز
غزل
سڀ ۾ پنهنجو مِٺاس هوندو آ،
تنهنجي ڳالهين ۾ واس هوندو آ.
هن جي اندر جون موسمون ٻيون هِن،
چيٽ ۾ ڀي اُداس هوندو آ.
جوان بيواهه ڌيءَ جو بابو،
جائي ڏاڍو حساس هوندو آ.
پنهنجي هٿ سان لکيل نه وڻندو آ،
لفظ، جنهن تي ”ڪراس“ هوندو آ.
اهڙي آفيس کي ڏجي تيلي،
بي سُرو جنهنجو ”باس“ هوندو آ.
پيار ۾ هار کائيندڙ عاجز،
زندگيءَ کان نراس هوندو آ.
* * *
ناهيد شازيه
رانديڪو ۽ ٽواءِ اسٽور
عورت
TOY STORE
تي رکيل
اهڙو رانديڪو
جنهن کي ڪو کيچلو ٻار
پنهنجي ضد سان
خريد ڪري ٿو وٺي
ساهه ساڻ سانڍي ٿو رکيس
پيار ۽ پاٻوهه مان ٿو چميس
ڪنهن جي نظر نه ٿو پوڻ ڏئيس
پنهنجي ساهه کان به ويجهو ٿو ڀانئيس
پر ڪيستائين !؟
(TOY STORE)
جي نون رانديڪن منجهه
(MISFIT)
۽ پراڻي ٿي ڀاسجي
جنهن هُن کي چاهنا سان خريد ڪيو هو
ساهه ساڻ سانڍيو هو.
پيار ۽ پاٻوهه مان چميو هو
وقت جي هڪ ئي ٺوڪر سان ڀور ڀور ڪري هلندو ٿو وڃي
اڳتي اڃا اڳتي
جت نوان
(TOY STORE)
۽ نوان رانديڪاهجن
۽ هُوءَ ٽٽل ڦٽل اڪيلي ۽ اولڪ
رُت جي بدلجڻ تي
پاڻ بدلجي ٿي وڃي
هوءَ ٽراءِ اسٽور تي رکيل
اهڙو رانديڪو آهي
جيڪو هاڻ،
ڪڏهن به نه وڪبو !!
* * *
شمائله
ڪريم چنا
آزاد نظم
اونداهي رات آ،
جيون اداس آ.
نه ڪا سوچ آ،
۽ نه ڪو خواب آ.
بس ! مان اڪيلي آهيان،
۽ تنهنجي ياد آ.
جنهن کي مون دفن ڪيو هو
سيني جي قبر ۾،
ڳوڙهن جي مٽي وجهي،
ته جيئن تون وسري وڃين،
پر مشڪل آهي،
ڪيڏو نه مشڪل توکان جدا ٿيڻ !
* * *
انتيا شاهه
ڪيڏو ڏکيو آ انتظار
ٿڌي هوا
سرءُ جي صبح
پيلن پنن جي ڪرڻن جا
ڌيما آواز
آڪاش تي آگم
وڻ تي ڪوئل
ڪوئل جي ڪُوڪُو
۽ مان اڪيلي
اڪيلائي ڪيڏو عذاب آهي
توکي ڪهڙي خبر
ڪيڏو ڏکيو آ انتظار
* * *
سحر امداد
ڪارو سورج
تنهن ڏينهن
جنهن ڏينهن
منهنجي اڱڻ تي ڪارو سورج اُڀريو هو
ڏينهن ڏٺي جو اونداهه انڌوڪار ٿيو هو
پکي پکڻ سڀ آکيرن ۾ لِڪي ويا ها
ٽڙيل ٽانگر جا ڳاٽا ٽڙِڪي پيا ها
گهاٽي بڙ جا پن سمورا ڇڻي پيا ها
گهٽيءَ ۾ کِلندڙ ڪُڏندڙ ٻارن جا
آواز سمورا مري ويا ها
هڪڙي اڪ ۽ سوُئر- وڄ ۽ چئن هٿن وارو
اونداهيءَ جو راڪشس
وسندي وسندي ڪاهي پيو هو
چئن هٽن سان چوڌاري
هُو ٻارڻ ٻاري ويٺو هو
ساهه نپوڙي ويٺو هو
نرڙ تي اُڪريل هڪڙي اک سان
خوني، چور ۽ رهزن، زاني
عالم، ليکڪ، دانشور کي
شاعر، سرجڻهار سڀن کي
هو هڪڙي اک سان ڏسندو هو
”انڌير نگري- چرٻٽ راجا وارو“
قصو هِت به هلندو هو
تن ڏينهن ۾
ڏينهن به راتين جهڙا ها
راتيون ڪاريون راتيون
گگهه اونداهيون،
ڪاڻي- ڏائڻ جهڙيون؛
ڪاتيون راتيون
۽ ههڙي ئي هڪ يخ، ٿڌي ۽ ڄمي ويل اونداهي انڌي رات
جو
آڌيءَ آڌيءَ
ٻرندڙ سورج
اونداهين کي چيري، ڦاڙي ۽ چيٿاڙي
تيز تکن ۽ ڪوسن روشن ڪرڻن کي
چئني ڏسن ڦهلائيندو
اُلري اُڀري آيو هو
۽ تڏهن
سڀ چٻرا ۽ چمڙا انڌا ٿي پيا ها
چُرن، ٻِرن ۽ اونداهين جي تلاش ۾
ڦٿراٽيندا اُڏريا ها
ان ساڳي لمحي
ڪاري گدلي سينور ۾
هڪ نيل ڪنول
ٽهڪ ڏيئي ٽڙي پيو هو
۽ سمورا سورج مکي
ڪيڏي نه مڌرتا سان مُرڪيا ها
سونهري سورج
يخ؛ ڄَميل ٿڌي رات جون
برفاني ڇِپون رجائيندو
ڇل ڇل ڇل ڇل پاڻي بڻجي
لڪن، پهاڙن ۽ جبلن تان
پنهنجا رستا ٺاهيندو
ڌوم تتيءَ جو گجگوڙن سان ڪاهيندو
هر روڪ، بند ۽ ڊيم سمورا ڊاهيندو
ڌرتيءَ جي اُڃايل ڪُک ۾ پنهنجو پاڻ سمائيندو!
* * * |