سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :6

   

انٽرويو: گلشن سومرو

امان  بانو غريبن ۽ مسڪينن جي خدمد ڪندي

خوشي محسوس ڪندي آهي

 

امان بانوءَ جي سڄي زندگي ننڍي هوندي کان وٺي جوانيءَ تائين جوانيءَ کان وٺي ٻڍاپي تائين خدمت خلق ۾ گذري آهي. پنهنجي گهر، توڙي مٽن مائٽن کان علاوه پاڙي جي ڪنهن عورت کي بيماري ٿئي، ته اسپتال، امان بانو وٺي وينديس، جي اسپتال ۾ داخلا جو ڪو چڪر ٿيو ته امان بانو نه صرف داخلا وٺرائي ڏينديس، پر مريض سان تيستائين اسپتال ۾ گڏ هوندي، جيسين وڃي مريضه کي موڪل ملي.

ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل ته اسپتال ۾ داخل مريضه گهر اچي ويندي آهي، پر امان بانو پوءِ به اسپتال ۾ رهي پئي هوندي آهي؛ جو اتي موجود مريض اُن کي نه ڇڏيندا آهن. پاڙي ۾ ڪنهن مائيءَ کي باسيل سُکا لاءِ ڪٿي ڪو پَڙُ چاڙهڻو هوندو ته به انهن سان گڏ امان بانو ضرور هوندي. شادين مرادين ۾ ڪٿي گهوٽ ماءُ ته، ڪٿي ڪنوار ماءُ ! امان بانو  1920ع ۾ حيدرآباد شهر جي قديم پاڙي واڍن جي پڙ ۾، واڍڪي ڪم جي جڳ مشهور ڪاريگر اُستي محمد ابراهيم واڍي جي نياڻي آهي ۽ مشهور ڪاريگر اُستي غلام حسين واڍي جي گهر واري آهي، پاڻ ڏهٽن ۽ پوٽن واري آهي. ساڻس ڪيل گفتگو پيش ڪجي ٿي.

س: امان بانو توهين هڪ غريب ۽ مزدور طبقي جي گهر ۾ پيدا ٿيون ۽ پوءِ هيءُ سوشل ورڪ، ٻين ماڻهن جي ڪم اچڻ ڪٿان سکيون؟

ج: ڌيءَ ! ٻين جي ڪم اچڻ، ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ، غريبن جي خدمت ڪرڻ. اهو سڀ ڪجهه مون کي منهنجي پيءُ کان ورثي ۾ مليو آهي.

منهنجو پيءُ اُستو ابراهيم واڍو، واڍڪي ڪم جو ماهر هو ۽ هن پنهنجي سڄي زندگي محنت ۽ ايمانداريءَ سان گذاري. ان ڪري هُن وٽ واڍڪو ڪم ڪرائڻ وارن جي قطار لڳي پيئي هوندي هئي. منهنجو پيءُ هڪ غريب هوندي به هڪ مهمان نواز انسان هوندو هو. مان ننڍڙي هوندي هيس، منهنجي ماءُ کي هٿن ۾ سور هوندو هو. پوءِ سڄي گهر جو ڪم ڪار، کاڌو پيتو مان تيار ڪندي هيس. بابا سائين جي مهمانن جو لشڪر هر وقت موجود هوندو هو.

س: انهن لاءِ به ماني ٽڪي توهين پچائينديون هيون؟

ج: ها ! بابا مرحوم چوندو هو ته پٽ، مهمان الله جي رحمت آهي. انهن جي خدمت ڪرڻ سان ثواب ملندو آهي. بابا سائين ڳوٺن مان آيل وڏيرن جي هارين نارين، انهن جي ٻارن ٻچن کي جڏهن اسپتالن ۾ وٺي ويندو هو. انهن ڏينهن کان وٺي، مان اڃا تائين سڀني جي ڪم ايندي آهيان.

س: اُن جي بدلي ۾ اوهان کي ڇا ملندو آهي؟

ج: ڌيءَ، مون کي جيڪي غريبن جون دعائون ملنديون آهن، انهن جو مان بيان نٿي ڪري سگهان. انهن جي دعائن جي صدقي ۾ مون کي رب پاڪ نيڪ ۽ محبت ڪرڻ وارو مڙس ڏنو. لائق اولاد جي دولت سان مالا مال ڪيو.ا ڃا مون کي ٻيو ڇا گهرجي. ان کان علاوه مون کي انهن جي خدمت ڪندي ذهني سڪون ملي ٿو.

س: توهان پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري؟

ج: ها، مون پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري ۽ هر ڪنهن سان نيڪي ڪرڻ جو سبق ڏنو ۽ اڃا تائين به نصيحت ڪندي رهندي آهيان.

س: انهن ڪمن جي ڪري ڪڏهن تنهنجي گهر واري اعتراض نه ڪيو؟

ج: نه، ڪڏهن به نه. اهو پاڻ چوندو هو ته مَن ڪنهن نيڪيءَ جي بدلي ۾ منهنجو به ڇوٽڪارو ٿي پوي.

س: اوهان جي گهر جو ڪم ڪار ڪير ڪندو هو؟

ج: هاڻي ته ماشاء الله ننهرون آهن. سڀڪا پنهنجو گهر آباد ڪيو ويٺي آهي. البت جڏهن اڃا پٽ ڪونه پرڻايا هئم ته منهنجي وڏي ڌيءَ سمورو گهر جو ڪم ڪندي هئي. ان کان اڳ منهنجي سَسُ ۽ ڏيرياڻي گهر ڌياڻيون هيون. انهن منهنجي ۽ منهنجي مڙس جي خدمت ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي.

س: توهين ڪجهه پڙهيون؟

ج: منهنجي بابا سائين قرآن شريف، پاڻ مون کي پڙهايو ۽ پنج درجا اسڪول پڻ پڙهيس.

س: امان بانو، توهان هاڻي ڪنهن وٽ رهو ٿيون؟

ج: منهنجا جيئن بچن ٽي پٽ شاديءَ وارا آهن. ڪيڏيءَ مهل وڏي پٽ وٽ، ڪيڏيءَ مهل وچين وٽ ۽ ڪيڏيءَ مهل صفا ننڍي پٽ وٽ رهندي آهيان. باقي ٻه ڌيئون، اُهي به شادي شده آهن. ڪيڏيءَ مهل انهن کي به منهن ڏيکاريندي آهيان.

س: توهين پنهنجي هڪڙي پٽ وٽ ڇو نٿيون رهي پئو؟

ج: ائين ڏاڍو ڏکيو آهي. مان جيڪر ڪنهن به هڪ وٽ اٺ ڏينهن رهان ٿي ته وري اچيو ٻيو پٽ وٺيو وڃي. انهن وٽ به ڪهڙو ٿي رهان. جتي وڃان ٿي، اتي پاڙي وارن جي ڪم ٿي اچان. پوءِ ڪيڏيءَ مهل ميرپور، ڪيڏيءَ مهل ڪراچي، ته ڪيڏي مهل شاهه شريف جي درگاهه ته ڪيڏيءَ مهل مڪان شريف جي بيبين وٽ حاضري رهي ٿي ته ڪيڏيءَ مهل مريضن سان اسپتال ۾ هوندي آهيان.

س: اسپتال ۾ رهندي عجيب لڳندو هوندو؟

ج: ڪنهن ڪنهن هنڌ تي ته اسپتال جي حالت اهڙي خراب هوندي آهي، جو روئڻ اچي ويندو آهي. مريضن کي دوا دارون به پورو ڪونه ملندو آهي. ڪنهن سان ڪو گڏ نه هوندو آهي ته انهن کي دوائون به اسٽور تان مان آڻي ڏيندي آهيان.

س: ڪو اڻ وسرندڙ واقعو ؟

ج: سوين هزارين واقعا آهن. پر هڪ اهم واقعو هيءُ آهي ته اسان جي پاڙي جي هڪ ڇوڪري چمنيءَ کي گلي جو آپريشن ڪرائڻو هو، ان سان گڏ ڄام شورو اسپتال ويس. ان جي گلي جو آپريشن ٿيو. هوءَ پندرهن ڏينهن اتي رهي، ٺيڪ ٿي گهر ويئي. پر مان پوءِ به هڪ مهينو اتي وارڊ ۾ موجود رهيس. اتي موجود پرديسي مريضن مون سان اهڙو ڪم ڪيو، جو مون کي ماءُ بنائي ويهاري ڇڏيائون. انهيءَ مهيني ۾ ڪيئي مريض آيا ۽ ڪيئي ويا، پر هڪ ڳوٺاڻي عورت اهڙي هئي، جنهن مون کي ماڳهين ڪونه ڇڏيو. سڄي وارڊ ۾ امان بانو، امان بانو پيئي پوندي هئي. پوري ڏيڍ مهيني کانپوءِ منهنجو وڏو پٽ مون کي وٺڻ لاءِ آيو. ان ڳوٺاڻي عورت مون کي نه ڇڏڻ چاهيو ۽ روئي ڏنائين. سڄي وارڊ جون مريض عورتون ۽ انهن جا وارث منهنجي پٽ کي چنبڙي پيا ته اسان جي امان بانوءَ کي نه وٺي وڃ. ائين سڀني مريضن کي رئندو ڇڏي پاڻ به رئندي اچي گهر پهتيس.

س: ڇا اُهي عورتون وري توهان سان مليون آهن؟

ج: ها، اهي ته اڃا تائين به منهنجي گهر اينديون آهن. مون وٽ رهنديون آهن. مان به انهن جي خدمت چاڪري ڪندي رهندي آهيان. اُهي سڀ مون کي پنهنجا ڳوٺ گهمائي آيون آهن.

س: عورتن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: پنهنجي اولاد کي پڙهايو، نيڪ بنايو، نيڪي ڪرڻ ۽ ٻي جي ڪم اچڻ جي نصيحت ڪريو.

*  *  *


 

 

 ماه طلعت عباسي

مينا بازار جو اکين ڏٺو احوال

 

مورخه 21 اپريل 94ع تي شام جو عورتن ۽ ٻارن لاءِ ٻن ڏينهن واري مينا بازار جو افتتاح ٿيڻو هو، ان لاءِ صبح جو ڏهين بجي کان ئي عليز اسڪول لطيف آباد نمبر 7 ۾ شاميانه لڳڻ شروع ٿي ويا ۽ اسٽال حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي پيهه پيهان لڳي ويئي. اسٽالن جي سينگارجڻ جو عمل شام جو پنجين بجي پورو ٿيو. عليز اسڪول جي چئني پاسن ۽ گيٽ کان ٻاهر اسٽالن تي رنگين بتين جي جهومر عجيب رونق لڳائي ڇڏي هئي.

اها ٻن ڏينهن مورخه 21 ۽ 22 اپريل 94ع واري مينا بازار حيدرآباد جي هڪ سماجي تنظيم، (ٽي آءِ پي) جيڪا هن کان اڳ عورتن، مردن، ٻارن لاءِ مفت طبي ڪئمپ، تربيتي نشست ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جي پهرين ورسي ملائي چڪي آهي. ان جي عورتن واري شعبي جي انچارج آصفه رياض پنهنجي ساٿين جي مدد سان لڳرائي.

انهيءَ مينا بازار جو افتتاح ٺيڪ ڇهين بجي عليز اسڪول جي باني محترمه آپا منظر راول صاحبه ڪيو؛ ۽ مينا بازار گهمي ڏٺي. ٿوري ئي دير ۾ حيدرآباد جي مشهور شخصيت مير حيدر علي خان ٽالپر مينا بازار جي دروازي وٽ بيٺل نظر آيو. ان کي وٺڻ لاءِ سيد شڪيل احمد، آصفه رياض، سيد فاروق علي شاهه، شمس الدين سومرو اڳتي وڌيا ۽ معزز مهمان کي مينا بازار جو سير ڪرايو. ان بعد حيدرآباد جون مشهور سماجي ڪارڪن بيگم حاذق علي، مس فرحين مغل، آپا فردوس ابڙو، مس نسرين قادري آيون ۽ مينا بازار گهمي ڏٺائون.

مينا بازار جي گيٽ تي ايوب علي پاڪستاني، عثمان شيخ، الطاف احمد ۽ عدنان هر ايندڙ مهمان جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪري رهيا هئا.

هن مينا بازار ۾ ڪل 19 اسٽال لڳل هئا، جن ۾ پهريون اسٽال مس سميعه ابصار گول گپا پاڻي وارا، شاهد حسين چوڙين جو دڪان، حيدرآباد جي مشهور سماجي ليڊي ورڪر شمشاد ميمڻ ٻارن جي شين جو اسٽال لڳايو. ۽ ساڻس گڏ ريحانه ناگوري ۽ عاليه ناگوري ميندي جوا سٽال، عامر علي بمبئي برياني، مسز ضياءُ حليم، جاويد ۽ فراز ڪمپيوٽر، فرزانه پڪوڙا، سوپاريون ۽ ٽافيون، بيگم منظر راول بوتيڪ سينٽر، جميل رياض بوتلون ۽ جوس، ارشد چڻن جي چاٽ، ڪامران جيولري، عبدالصمد فروٽ چاٽ، مسز عشرت راٺوڙ گارمينٽس، صابر ملن چوڙيون، خرم سعيد ٻارن لاءِ رانديون، مسز اقبال ملڪ هئنڊي ڪرافٽس، شافيه صاحبه خوبصورت بوتيڪ، زاهد احمد آئيس ڪريم، فنگر چپس ۽ گورنمينٽ خواتين پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد جي پرنسپل مسز نسرين جي سربراهي ۾ هينڊي ڪرافٽس جو هڪ دلفريب اسٽال لڳايو ويو.

هونئن ته اها مينا بازار پهرئين ڏينهن تي افتتاح کانپوءِ بند ڪري ڇڏڻي هئي، پر ماڻهن جي اصرار تي رات جو يارهين بجي تائين جاري رهي.

ٻئي ڏينهن مورخه 22 اپريل 1994ع تي صبح جو ڏهين بجي کان ئي مينا بازار کولي ويئي ۽ رات جو ٻارهين بجي تائين جاري رهي.

ٻئي ڏينهن تي ٽيليويزن جي مشهور ڊرامي ماروي جو صوبيدار متارو خان (رشيد صابر) مولانا عاشق علي انصاري ڪراچيءَ مان ۽ هلال احمر حيدرآباد ضلع جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر فاروق ميمڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي،

جڏهن ته مسز ڊاڪٽر عبدالجبار قريشي، مسز ناصر رضا جعفري، مس شهلا جميل، مس نگهت سلطانه، ڊاڪٽر شگفته، ڊاڪٽر عاليه، ڊاڪٽر فريال، مس شبانه، مس ريحانه ناگوري، مس ثمينه، مس رخسانه، مس زاهده پروين ۽ مس راشده خاص طور تي شرڪت ڪئي. رات جو نوين بجي محفل موسيقيءَ جو پروگرام ٿيو ان ۾ شوقيه فنڪارن شاهد پيرزاده، شبانه رياض، عامر نيازي، عمران شيخ لوڪ گيت ۽ ٻيا راڳ ڳايا ۽ آخر ۾ هو جمالو سڀني عورتن توڙي مردن ملي ڳايو ۽ پوءِ انعام ورهايا ويا.

آپا منظر راول اهڙيون مينا بازارون لڳائڻ لاءِ اسڪول ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ تنظيم اتحاد پاڪستان جي عورتن واري شعبي جي انچارج آصفه رياض، سيد شڪيل احمد، فاروق شاهه، شمس الدين سومرو ۽ ٻين کي مبارڪ باد پيش ڪئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com