سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :4

 

زاهده ٿيٻو

وڇوڙي جا وڍ

 

زندگيءَ جي هن موڙ کي مان ڪهڙو نالو ڏيان، جنهن ۾ سواءِ وحشتن ۽ تنهائين جي ڪجهه به ڪونهي. اڄ پهريون دفعو زندگيءَ کي مون ايتري غور سان ڏٺو آهي، ۽ اڄ پهريون ڀيرو مون زندگيءَ جي ويران ريگستان ۾ هلندي، اُڃ محسوس ڪئي آهي. پر پاڻيءَ جو پري پري تائين ڪو نشان ڪونهي. شايد اهائي منهنجي سزا آهي، ۽ اهو ئي منهنجو مقدر آهي. پراهو سڀڪجهه مون پنهنجو پاڻ سان پاڻ ئي ته ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ٻيو ڪنهن جو به ڏوهه ڪونهي.

اڄ وري مون کي تنهنجا آخري لفظ ياد اچي رهيا آهن: ”مُرڪ، تون مون کي سمجهي نه سگهينءَ. تون پنهنجي ڪوڙي ضد ۽ انا پرستيءَ جي اڍنبر ۾ مون کي ٺڪرائي رهي آهين. تون هينئر جوان آهين، اڳتي هلي توکي منهنجن لفظن جي سچائيءَ جي خبر پوندي ۽ توکي سواءِ پڇتاون جي ٻيو ڪجهه به هٿ نه ايندو.“

علي رضا، تون ته اهو چئي هليو وئين. ڪيئي سال گذري ويا. بيشڪ اڄ مون کي تنهنجن لفظن جي صداقت تي يقين اچي ويو آهي. تو سچ پئي چيو. اڄ مان ويچارن جيان هن ويران گهر ۾. جيڪو منهنجو پنهنجو آهي، اڪيلي آهيان. ڪير به مون وٽ ڪونهي...... اِهو سوچيندي سوچيندي، مُرڪ جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا. مرڪ پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هئي. سندس پيءُ بزنس مئن هو. هوءَ جيڪا فرمائش ڪندي هئي، انهيءَ وقت پوري ٿيندي هئي. پيءُ جي ته لاڏلي هئي، پر ماءُ ته هن جهڙو ڪنهن کي سمجهندي ئي ڪانه هئي. اهوئي سبب هو جو هوءُ تمام ضدي ۽ مغرور ٿي پئي هئي. هر ڳالهه ۾ هن کي سئو عيب نظر ايندا هئا.

ننڍپڻ اورانگهي جڏهن هن جوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس عادتون اڃا به بگڙي چڪيون هيون. هينئر هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿي هئي؛ پر ساڻس ڪير به دوستي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو، انهيءَ ڪري جو هوءَ سڀني کي پاڻ کان گهٽ سمجهندي هئي. شڪل صورت جي سهڻي هئي ۽ فيشن ۾ به اڳتي هئي. سندس ئي ڪلاس جا ڪيترا ڇوڪرا هن جي پٺيان آهون ڀريندا هئا، پر هوءَ ڪنهن کي به خاطر ۾ ئي ڪونه آڻيندي هئي.

علي رضا به مُرڪ جو ڪلاس ميٽ هو. هن جو تعلق پڻ وچولي طبقي سان هو. ڪلاس ۾ سندس سٺي پوزيشن هئي. هينڊسم ۽ بردبار ڇوڪرو هو. هو پڻ مرڪ کي دل ئي دل ۾ چاهيندو هو، پر مُرڪ کي اها سڌ ئي ڪانه هئي ۽ علي رضا دل ئي دل ۾ پيو عشق جي باهه ۾ سڙندو هو. آخر هڪ ڏينهن هن کي پنهنجي دل جو حال اورڻ جو موقعو ملي ويو. ان ڏينهن موسم تمام سٺي هئي ۽ آسمان تي سُرمائي ڪڪر ڇانيل هئا. مرڪ جي عادت هوندي هئي ته لائبرريءَ مان ڪتاب کڻي وڃي لان ۾ پڙهندي هئي، ڇو جو دوستي ته ڪنهن سان ڪانه هيس. ان ڏينهن به هوءَ ڪتاب کڻي اچي لان جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پڙهڻ لڳي. ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي. سامهون ٻه- ٽي ڇوڪرا پنهنجين هم – ڪلاس ڇوڪرين سان کل ڀوڳ ۾ مصروف هئا.ا يتري ۾ آواز آيو: ”هئلو، مُرڪ! ڪيئن آهين؟“ مُرڪ ڇرڪ ڀري مٿي نهاريو ته سامهون علي رضا مشڪي رهيو هو، سندس خوبصورت چهري تي ڏاڍي پياري مُرڪ هئي. ”هئلو.“ هن بيرخي سان جواب ڏيندي، نظرون وري ڪتاب ۾ وڌيون.

”مُرڪ، ڇا مان پڇي سگهان ٿو ته تون، اسان سڀني کان ايتري بيزار ڇو آهين؟“ علي رضا ٿورو پريان ويهندي پڇيو.

”مسٽر علي، اوهين ڪير ٿيندا آهيو مون کان سوال ڪرڻ وارا !

مان ڪنهن سان فري ٿيڻ پسند ڪانه ڪندي آهيان.

علي رضا ٿوري همٿ ٻڌي چيو:

”مرڪ، مان توکي هڪڙي ڳالهه چوڻ ٿو چاهيان.“

مرڪ تمام تکين نظرن سان علي رضا ڏانهن نهاريندي چيو، ”اوهان کي جيڪي چوڻو آهي سو جلدي چئو، مون وٽ ايترو فالتو ٽائيم ڪونهي.“

”مُرڪ، مان ڪيتري وقت کان توکي پسند ٿو ڪريان...... ۽ ...... پنهنجيءَ امڙ کي تنهنجي گهر موڪلڻ ٿو چاهيان. پر پهرين مون سوچيو ته تنهنجي مرضي معلوم ڪيان.“ الائي ڪٿان علي رضا ۾ ايتري همٿ اچي ويئي جو هن هڪدم اهو سڀ چئي ڏنو.

”مرضي؟“ يو ايڊئٽ! توکي همٿ ڪيئن ٿي مون سان اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي!“

اهو چئي، هن ڪتاب اتي ڦٽو ڪيو ۽ هڪدم گهر هلي آئي. هن کي علي رضا تي ۽ سڄيءَ دنيا تي ڪاوڙ اچي رهي هئي. گهر اچي هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ويهي رهي. هٺ ۽ وڏائيءَ جي ڪري ان ڳالهه کي هوءَ پنهنجي بي عزتي محسوس ڪري رهي هئي. سڄو ڏينهن هوءَ ڪمرو بند ڪري ويٺي رهي. سندس پيءُ ۽ ماءُ وس ڪري ڇڏيا، پر هن در نه کوليو. آخر شام جو، منٿن ميڙين کان پوءِ، در کوليائين، ماني به کاڌائين. ماني کائڻ کانپوءِ هن صاف لفظن ۾ پيءُ کي چيو، ”بابا، مان شادي ڪانه ڪنديس، ڪڏهن به نه.“ پيءُ- ماءُ گهڻو سمجهايس پر هن صفا انڪار ڪيو ۽ چيائين، ”مان هاڻي يونيورسٽي به ڪانه وينديس. سڀاڻي کان مان اوهان سان گڏ فيڪٽري هلنديس.“

پيءُ ويچارو ڇا ٿي ڪري سگهيو. اهو سڀڪجهه هن جي پنهنجيءَ تربيت جو نتيجو هو.

ان ڏينهن هوءَ جيئن آفيس ۾ پهتي ته سامهون ويٺل علي رضا تي هن جي نظر پيئي. هن کي هڪدم باهه وٺي ويئي.

”توکي همٿ ڪيئن ٿي منهنجي آفيس ۾ اچڻ جي! مان چوان ٿي نڪري وڃ هتان!“

علي رضا اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو، ”مرڪ، خدا جي واسطي منهنجيءَ محبت کي سمجهه. مان توکي تمام گهڻو پيار ٿو ڪريان. ايترو، جو شايد تنهنجي انهيءَ بيرخيءَ جي سبب مان هيءَ دنيا ڇڏي ڏيان...... مُرڪ، منهنجي زندگي توکانسواءِ ڪجهه به نه آهي. مان چريو ٿي پيو آهيان ۽ اڄ مان تو وٽ آخري دفعو آيو آهيان جيڪڏهن تو وٽ اڄ به انڪار آهي ته پوءِ ٻڌ، مرڪ، مان اهوئي چوندس ته تون مون کي سمجهي نه سگهينءَ ۽ پنهنجي ڪوڙي ضد ۽ تڪبر جي ڪري مون کي ٺڪرائي رهي آهين، تون هينئر جوان آهين، پر اڳتي هلي توکي ضرور احساس ٿيندو. ان وقت سواءِ پڇتاون جي توکي ڪجهه به نه ملندو.“

اهو چئي، علي رضا تڪڙو هن جي آفيس مان ٻاهر هليو ويو. کن پل لاءِ هن جي دل ۾ علي رضا کي روڪڻ جي خواهش پيدا ٿي، پر وري اها ضدي طبيعت......

ٻئي ڏينهن اخبار ۾ وڏي سرخي هئي: ”نوجوان ۽ هوشيار اسٽوڊنٽ“ سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آندو.“ هيٺان علي رضا جو نالو پڙهي، ٿوري دير لاءِ هن جي دل اداس ٿي ويئي. هن کي ائين لڳو، ڄڻ هوءَ قاتل  هجي. پر پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي سمجهائيندي چيو، هر انسان پنهنجي ڪيئي جو پاڻ ذميوار آهي.“

ڪيترا سال گذري ويا. پهرين سندس پيءُ گذاري ويو. آخر ماءُ به هن پٿر سان مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پئي، پر هن جي معيار جهڙو ڪو ماڻهو نظر نه آيو. هن شاديءَ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو. هن جي زندگي هڪ مشين جيان گذرندي رهي. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر. ماءُ جي مرڻ کانپوءِ هن کي احساس ٿيو. پهريون دفعو زندگيءَ ۾ هن محسوس ڪيو ته مان اڪيلي آهيان ۽ ان وقت جڏهن هن پنهنجي پاڻ تي نظر ڦيرائي ته کيس پنهنجي مٿي ۾ چانديءَ جون تارون چمڪنديون نظر آيون. وقت پنهنجا اڻمٽ  نشان ڇڏي چڪو هو. هينئر هوءَ عمر جي انهيءَ حصي ۾ پهچي چڪي هئي، جنهن ۾ انسان ڪنهن ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي. هاڻ هن کي احساس ٿيڻ لڳو هو ته ڪاش ! منهنجي گهر ۾ ٻارن جا ٽهڪڙا ٻڌجن ها ! جيڏيءَ مهل هوءَ گهر ۾ گهڙندي هئي ته الائي ڇو، هن کي پنهنجي پاڇي کان به ڊپ لڳندو هو، آهستي آهستي هن ۾ تبديلي اچڻ لڳي هئي ۽ هاڻي هوءَ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لڳي. آفيس ۾ سڀني سان چڱيءَ طرح ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ٿوريءَ تبديليءَ کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس فيڪٽريءَ سان واپار ڪندڙ مسٽر امان الله هن کي ڏاڍي چاهه سان ڏسڻ لڳو هو ۽ بهاني سان هن جي آفيس جا ڦيرا هڻڻ لڳو هو.

امان الله جي عمر ان وقت پنجاهه سال کن هئي. رنگ جو سانورو، نهايت بدشڪل هو ۽ ڪٿي مرڪ، نرم نازڪ، گلاب جهڙي! پر هن وقت هوءَ به پنجيتاليهن سالن جي ٿي چڪي هئي ۽ انهيءَ عمر ۾ ڀلا هن سان ڪهڙو نوجوان شادي ڪري ها ؟

آخر هڪ ڏينهن امان الله هن کي آڇ ڪئي. مُرڪ به پنهنجيءَ اڪيلائپ کان تمام گهڻو پريشان هئي. جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ويران گهر ڏسي، هن امان الله لاءِ سوچيو: شايد منهنجيءَ قسمت ۾ امان ئي لکيل آهي، جو نه چاهيندي به مان هاڻي هن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي...... ٻيا ماڻهو ڇا چوندا ته مرڪ لاءِ سڄيءَ دنيا ۾ اهوئي ماڻهو وڃي بچيو هو؟ شڪل جو ڪوجهو، بدصورت! پر مان ڇا ڪريان؟ مون ڇو وقت کي پنهنجي هٿان وڃايو؟ هاڻي ته امان الله کانسواءِ ٻيو ڪير مون سان شادي ڪندو؟ هن تنها وحشتناڪ زندگيءَ کان بهتر ٿيندو ته مان امان الله کي هن جي بدصورتيءَ سان گڏ قبول ڪريان. مون کي ائين ئي ڪرڻو پوندو، نه ته مان چري ٿي پونديس! “ پوءِ هن امان الله سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پهرين ته امان الله هن جو تمام گهڻو خيال ڪندو هو، پر ڪجهه ڏينهن کان هن امان الله ۾ تمام وڏي تبديلي محسوس ڪئي. اهو اڪثر ڏينهن جو ته ڇا پر رات به غير حاضر رهڻ لڳو. آهستي آهستي هن جي مُرڪ ۾ دلچسپي ختم ٿيڻ لڳي. مرڪ تمام خوش هئي ته هو ڪهڙو به هو پر سندس جيون ساٿي هو. هوءَ جڏهن هن جو ڪم ڪار پنهنجن هٿن سان ڪندي هئي، تڏهن هن کي اهو محسوس ٿيندو هو ته هو تمام خوشقسمت آهي هن امان الله جي ڪري پنهنجو پاڻ تياڳي ڇڏيو هو. پر هن جي وحشت کي قرار اڃا مس آيو هو ت امان الله جي رويي هن کي ڇرڪائي ڇڏيو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هوءَ جڏهن امان الله کي سچ پچ پيار ڪرڻ لڳي هئي ته پوءِ ڇو امان الله هن کان پري ٿيندو پئي ويو؟

تنهن ڏينهن به سڄي ڏنهن جي انتظار کان پوءِ شام جو مُرڪ لان ۾ نڪري ويٺي. ملازم کي چانهه جو چئي، هوءَ ناول اٽئلڪس پڙهي رهي هئي جو ڪار جو هارن ٻڌي هن ڏٺو ته امان الله اچي رهيو هو. سندس سامهون ڪرسيءَ تي ويهي، هو خاموشيءَ سان آرس ڀڃڻ لڳو. مُرڪ کان رهيو نه ٿيو، هن پڇيو، ”امان الله، سارو ڏينهن ڪٿي هئين؟ آخر تون ڪيڏانهن ٿو وڃي، مون کي به ته خبر پوي!“ هن جي ڳالهه ٻڌي، امانالله گهڙيءَ کن لاءِ ويچار ۾ اچي ويو. آخر آهستي آهستي هن چوڻ شروع ڪيو ”مُرڪ، ٻُڌ، منهنجي اڳ ۾ شادي ٿيل آهي، منهنجا جوان ٻار به آهن. مون سوچيو هو ته توسان شادي ڪرڻ کانپوءِ مان هنن کي راضي ڪري وٺندس، پر هو ڪنهن به صورت ۾ توکي قبولڻ لاءِ تيار نه آهن. مون کي پنهنجن ٻارن سان تمام گهڻو پيار آهي. مان هنن کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏي نٿو سگهان ۽ هنن اهو شرط وڌو آهي ته هو انهيءَ صورت ۾ مون سان رهڻ پسند ڪندا، جڏهن مان توکي طلاق ڏيندس. ايترا ڏينهن مان ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيو هوس. پر آخر مان انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته منهنجي منزل تون نه، پر منهنجي پهريل زال ۽ ٻار آهن.“

هو چئي رهيو هو، ۽ مُرڪ پٿر جي بت جيان اکيون ڦاڙي، هن کي ڏسي رهي هئي. هن جو اندر پرزا پرزا ٿي رهيو هو. جنوني انداز ۾ هوءَ اٿي، ۽ بي اختيار امان الله جي ٽاءِ ۾ هٿ وجهندي، رڙ ڪئي: ”امان الله، تو مون سان ايڏو وڏو دوکو ڇو ڪيو؟ ڇو تو مون کي نه ٻڌايو ته تون شادي شده آهين؟ توکي مان ئي ڏسڻ ۾ آئي هيس انهيءَ راند کيڏڻ لاءِ......“ ”مرڪ هوش ۾ اچ مان هينئر وڃان ٿو، سڀاڻي طلاق نامو توکي پهچي ويندو.“

امان الله هن جا هٿ ڇڏائي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر هليو ويو.

هوءَ اکيون ڦاڙي انهيءَ رستي ڏانهن نهاري رهي هئي، جتان ڪجهه ڏينهن اڳي امان الله هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو هو ۽ اڄ هن جي زندگيءَ مان به نڪري ويو. هوءَ خالي نظرن سان انهيءَ رستي کي نهاريندي رهي. هن جو ذهن ايڏي اوچتي حادثي کي قبولڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. هوءَ چڪرائجي صوفي تي ڪري پيئي.

ٻئي ڏينهن امان الله طرفان طلاق نامو هن کي ملي ويو.

هوءَ هاڻ پنهنجيءَ زندگيءَ کان بيزار ٿي چڪي هئي. هر وقت خدا کان موت جي دعا گهرندي هئي. هن جي زندگي زنده لاش بڻجي ويئي هئي. جڏهن رات ٿيندي هئي ته هن کي بيگناهه علي رضا ياد ايندو هو، جيڪو صرف هن جي ڪارڻ جواني نه ماڻي سگهيو. هر طرف هن کي علي رضا جي چيل لفظن جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پوءِ هن کي ننڊ جي گورين جو سهارو وٺڻو پوندو هو. هاڻي زندگي هن کي ائين گذارڻي هئي. انهيءَ دورزخ جي باهه ۾ هن کي روز پچڻو هو، جيستائين موت اچي. مرڪ جي زندگيءَ کي دوزخ بنائڻ ۾ هن جي ماءُ- پيءُ جو تمام وڏو هٿ هو.

والدين کي کپي ته پنهنجي اولاد کي سٺي تربيت ڏين، نه ته الائي ڪيتريون مُرڪون هن دنيا ۾ ويران ٿينديون رهنديون.

*


 

 

شعبان وسطڙو

سڏڪا سڏن ۾

 

هن جڏهن پهريون ڀيرو عورت جي آزاديءَ تي ڳالهايو هو، تنهن پل سڀ دنگ رهجي ويا هئا، سندس ذهانت تي. هو عورت جي آزاديءَ جو آواز بلند ڪندو رهيو. سندس ڪهاڻين ۽ مضمونن ۾ خاص ڪردار عورت هئي، عورت کي هن معاشري جو پيڙيل سڏيو ۽ ائين ڏسندي ڏسندي نئين ٽهيءَ جو نمايان ۽ وڏو اديب ٿي پيو. هو وڏو جينس هو ۽ سندس مطالعو به وسيع هو.

سندس هر لکڻيءَ جو پڙهندڙ شدت سان اوسيئڙو ڪندا هئا. سماج جا اهي شخص، جن جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نشانو عورت هئي، انهن لاءِ سندس لکڻي منهن تي چماٽ برابر هئي ۽ اهڙن ئي انيڪ جذبن سان ٽمٽار هئڻ جي ناتي سان سانجهه سندس ويجهو آئي هئي، ڇو جو، ادب سان سانجهه جا به ڪي لڳ لاڳاپا هئا. هوءَ به معاشري جي ناسور تي لکندي هئي، پر عورت هئڻ جي ناتي سان به اڃا عورت جي حق تي ايترو سٺو لکي نه سگهي هئي، جيترو ساغر لکي سگهيو هو. ساغر جي لکت ائين لڳندي هئي ته سندس قلم ڄڻ زهر ۾ ٻڏل هجي، جيڪو سماج جي ٺيڪيدارن لاءِ پڙي هو.

انهيءَ ڏينهن به اولڊ ڪيمپس ۾ ٿيل ادبي منڊل مان واندو ٿيو هو ته سانجهه سان گڏ اچي چائنيز ۾ ويٺو هو. سانجهه ڪجهه هيسيل پئي لڳي ۽ ساغر سندس اندر جي مونجهه کي پرکي ورتو هو. تڏهن ڏانهنس نهاريندي، ساغر کيس چيو هو، ”سانجهه! تون ۽ مان هڪ ئي گس جا پانڌيئڙا آهيون، تون ايڏي پريشان ڇو ٿي آهين.“

”نه نه......،نه، مان ......پريشان ڇو ٿينديس.“ سانجهه ڀنڀلجندي ڏانهنس نهاريندي چيو،

۽ ساغر وري کيس چيو، ”تون فري ٿي ويهه نه، تون ته اديب آهين، سماج ۾ ٿيندڙ ارهه زوارين خلاف جوٽيندڙ جنگ جي اميدوار آهين. توکي ئي هن معاشري سان ٽڪر کائڻو آهي ۽ پوءِ تون به جي ائين موڙهيل ۽ حراسيل رهندينءَ ته فاتح ڪيئن ٿي سگهندينءَ.“

ساغر ڌيرج سان کيس سمجهائيندو رهيو، تڏهن آهستگيءَ سان سانجهه ڀڻڪيو هو. ”ساغر ڏس، ٺيڪ آ، تون ۽ مان هڪ ئي پڪار ۽ هڪ ئي آواز آهيون، پر هيئن سڀني جي سامهون گڏ نڪرڻ منهنجي لاءِ سٺو نه هو.“

”اوهه، ڪيڏي نه گهٽيل سوچ اٿئي.

سانجهه تون پڙهيل لکيل آهين ۽ ان سان گڏ تون رائيٽر به آهين.“

”رائيٽر ٿيڻ مان اها مراد ته ناهي.“

”ڀلا ڏس، اسان کي به ڪير غلط سمجهي سگهي ٿو ڇا-؟“

ڇو اسين ڪي فرشتا آهيون !!“

”فرشتا نه سهي، پر عام ماڻهوءَ کان ٿورو مختلف.“

”سماج ڏاڍو ظالم اٿئي ساغر،“

”سانجهه صرف تو ۾ همت هجي. باقي اسين سماج سان هر موڙ تي ٽڪر کائڻ وارا آهيون.“

”ٽڪر کائڻ جي قوت واري منزل ڏاڍي اوکي آهي ساغر. ڇا اسان ۾ اڃا ايتري همت ناهي، جو اسين وقت جو اوسيئڙو ڪري سگهون.“

”سانجهه، هي وقت آهي، سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي.“

”سڀاڻي آئيني جيان صاف چٽي ۽ سنڌو جي جَل جيان اوجل آهي.“

”تون ڪا بنهه چري آهين.“

”اها تو جهڙي وقت جي مڃيل اديب جي سوچ آهي، جنهن پٺيان اٿاهه ماڻهن جو آٽوگرافس لاءِ هجڻ آهي ۽ ڪنهن ادبي فنڪشن ۾ تقرير ۽ صدارت لاءِ هٿ جوڙ.“

”سانجهه...... پليز......!!“

”ساغر......!!“

۽ پوءِ ٻنهي درميان گرما گرم بحٿ جڏهن پورو ٿيو ته هو ٻئي چانهه پي اٿيا هئا. بيري کي بل ڏئي، خاموشيءَ سان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري آيا هئا، رستي تي گاڏين جون قطارون، شور، هُل، آواز، دونهون، ...... هو آهستگيءَ سان رڙهندا رهيا؟ حيدر چوڪ ٽپي، ميمڻ بوڪ اسٽال تي بيهي، ڪتاب ڏسندا رهيا ۽ پوءِ سانجهه اتان ئي ساغر کان موڪلائي، رڪشا ۾ ويهي، گهر هلي ويئي هئي. ساغر جي ذهن ۾ انيڪ خيال ۽ سوچون پلٽا کائينديون سگريٽ جي دونهين جيان واءُ منجهه وکري ويون ۽ آهستگيءَ سان ڀڻڪيو، ”ڪهڙي نه موڳي آهي......چري......!“

ادب ۾ اچي ڪري ماڻهن کان ڊڄي ٿي، اسان کي ڪنهن کان به ڊڄڻ نه کپي آخر اسان جي به ڪا حيثيت آهي، ۽ هئڻ به گهرجي. ٻئي هن وقت سنڌي ادب جا ناميارا ليکڪ آهيون. ڪيئي ماڻهو اسان جي لکڻين جو انتظار ٿا ڪن. اسين سماج سان ٽڪر کائڻ وارا اهي لوها آهيون، جيڪي جبل جيان کڙي ٿيل سماج سان ٽڪرائجي کيس ڀورا ڀورا ڪري ڇڏينداسين. ساغر آهستگيءَ سان پنهنجون وکون کڻندو اچي گهر ڀيڙو ٿيو هو، فليٽ جون ڏاڪڻيون چڙهندو گهر پهچي، ماني کائي لکڻ کي لڳي ويو هو ۽ دل منجهه سانجهه جو خيال آيس ته اٿيو هو کيس فون ڪرڻ لاءِ، فون هُن ئي کنيو هو، کيس چيائين، ”سانجهه اهو نه چئجان ته فون هن مهل ڇو ڪئي اٿئي؟ بس سانجهه سچ پڇين ته تون ئي منهنجي آئيندي جي اميد آهين!“

هوءَ خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌندي رهي ۽ آهستگيءَ سان بنا موڪلائڻ جي فون رکي ڇڏيو هئائين، ۽ پوءِ ساغر به خاموشيءَ سان اچي ٻيهر ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ ڪنهن گهري سوچ منجهه گم ٿي ويو، تنهن وقت صرف آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍندو رهيو هو.

مهينو کن گذري ويو جو ٻنهي جي ڪابه ملاقات ٿي نه سگهي ۽ وري ساغر ئي ٻيهر کيس فون ڪيو ۽ ائين اوچتو ميوزيم منجهه ڪتابن جي نمائش تي سندن ميل ٿي ويو ۽ هڪٻئي کي ڀليڪار ڪرڻ بعد تصويرون ڏسي هال کان ٻاهر نڪري آيا هئا ته ساغر سندس چهري ڏانهن ڏسندي چيو،

”سانجهه تون ناراض آهين ڇا؟“

”نڪو.“

”ته پوءِ هي هيڏي دوري ڇا لاءِ.“

”انهن دورين ۾ ته سڀ ڪجهه آهي.“

”مون کان اهي دوريون زور آهن.“

”تون اديب آهين ساغر، معاشري جو سنواريندڙ.“

”نه کپي اها تڙپ، اهو عذاب ۽ اها دوري مان انهن ڳالهين مان نه ڄاڻان.“

”هڪ ليکڪ جي لاءِ اها ڳالهه به اهميت رکي ٿي.“

”سانجهه ها مان اديب آهيان، پر منهنجي من ۾ به هڪ ڪومل جذبن واري دل آهي. منهنجو من احساسيت کان وانجهو ناهي. تون ته سچ آهين سانجهه، تون ڪا ڪهاڻي ناهين.“

”ڪهاڻي پنهنجي حيثيت وڃائي وهندي آهي ڇا؟ يا ڪهاڻي به ڪوڙ جي گهڙيل هوندي آهي.“

”ڪوڙ ته نٿي چئي سگهجي، پر سچ ۽ ڪهاڻي ۾ وري به فرق آهي.“

”تون ڪهڙي قسم جو اديب آهين......!!“

”ڏس تون ناراض ٿي وئين نه-!“

”انهيءَ ۾ ناراض ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ساغر، پر هڪ حساس دل ۽ ڪومل جذبا رکندڙ اديب جا لفظ، جي ڪيڏا نه مختلف آهن. انهن اڻڄاڻ دوستن آڏو ڪيڏو نه فرق آهي اسٽيج آڏو ايندڙ ساغر ۾ ۽ سانجهه آڏو ڳالهائيندڙ ۾...... ساغر سچ ڏاڍو ڪڙو آهي، سچ ٻڌڻ جي قوت، همت ۽ برداشت اسان ۾ اڃا ڪٿي آهي.“

”سانجهه تون منهنجي زندگي آهين.“

ساغر اهي لفظ ڏاڍي جهيڻي ۽ نماڻي انداز سان سانجهه کي چيا ۽ سانجهه کي لڳو ته ڄڻ اهي لفظ چئي کيس مياري ڪندو هجي. تڏهن سانجهه به پنهنجو رخ تبديل ڪندي کيس چيو هو، ”مان انڪاري ناهيان، پر تون ڳالهه کي ڌيمو وٺندو ڪر. جذباتي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر پليز. جيڪڏهن تون منهنجو آهين ته مان به تنهنجي آهيان.“

۽ پوءِ ٻئي مرڪي پيا هئا. من ئي من ۾ هڪٻئي لاءِ اٿاهه پيار ڀرجي آيو هون ۽ ٻئي ڏينهن فٽاز هوٽل ۾ ٿيندڙ فنڪشن جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا. تڏهن ساغر چيو هيس، ”سانجهه“ سڀاڻي منهنجي مضمون ۾ چڻنگون هونديون.“

”ڇاجون سچ جون يا ڪوڙ جون؟“

”ڏس...... ڏس تون منهنجي سموري لئه جي ستياناس ڪري رهي آهين.“

”مان ته پاڻ وڌيڪ رنگ ڀري رهي آهيان.“

”خير اها خبر ته سڀاڻي پوندي.“

فٽاز هوٽل جو سمورو هال سٿجي ويو هو، چوڏس خاموشي ڦهلجي ويئي هئي، جنهن ويل ساغر ڊائيز تي آيو هو، تاڙين جي گونج ۾ هڪ دفعو ٻيهر هال ٻري پيو هو. هن شاهه جو بيت پڙهي پنهنجي مضمون جي شروعات ڪئي، اڄ ساغر عورت جي آزادي ۽ حقن تي ڳالهايو، هن چيو ”عورت ڪمري ۾ رکيل ڪنهن شوپيس جيان ناهي، جا بي جان ٿيو ڪمري جي ڪنڊ پاسي ۾ پئي هجي. عورت کي ڪمري جي رنگيني لاءِ شوپيس بنجڻ نه کپي، پر هن کي به هن ترقي جي دور ۾ وکون اڳتي کڻي آڪاش ۾ کڙيل تاري جيان چمڪندڙ کپي، ساري ساري رات جنڊ پيهندڙ عورت کي جنڊ ڇڏائي، کيس ڪمپيٽر ڏنو وڃي-!! هي وقت عورت جي قيد جو ناهي، هاڻي ڪمپيوٽر ايج جي عورت ڪوٽن ۾ قابو نه ٿيندي.

عورت جو به اهو فرض ٿئي ٿو ته هوءَ هن ظالم ناسوري سماج کي ٽوڙي مروڙي ڦٽو ڪري. هن دور ۾ اها سنڌي عورت مري وئي، جنهن جي جذبن کي گهٽي، قرآن شريف سان لائون لهرائيندا هئا. هوءَ پنهنجي حق ۾ ڪنهن جي به حددخلي قبول نه ڪندي. عورت ڪا پلاسٽڪ جو رانديڪو ناهي جنهن کي پيرن هيٺان آڻي، ٽڙڪا ڪڍائي، ٽوڙي ڇڏجي، عورت آهي آواز پنهنجي حق ۽ سچ جو-!! عورت پڙلاءُ آهي انتقام جو-!!

ساغر جنهن ويل اسٽيج تان هيٺ لٿو هو ته ٻيهر هال منجهه تاڙين، جا جلترنگ وڄي پيا هئا.

هال ۾ ويٺل مڙئي عورتون ۽ مرد کيس داد ڏيڻ لڳا.

ساغر جو اهو روپ، جو سنڌي ماڻهن جي سامهون هو، پر سندس ٻيو روپ، جنهن جي ڪنهن کي به ڪل نه هئي ته عورت جي آزادي تي ڇڙواڳي سان ڳالهائيندڙ ساغر من جو ڏاڍو ميرو آهي. ذهنيت جو ايڏو گهٽيل جو پنهنجي ڀيڻن کي ٻاهر نڪرڻ ته ٺهيو پر فليٽ جي ڏاڪڻ ۽ درين وٽ به بيهڻ نه ڏيندو ۽ ٻاهر عورت جي آزادي تي وڏي واڪ ڳالهائيندو وتندو هو. نڄاڻ سندس من جي ويڄا ڪهڙي هئي.

فنڪشن پوري ٿيڻ کانپوءِ هو گهر ڏانهن موٽيو هو ته سانجهه ساڻس گڏ هئي. هوءَ اڄ سندس ڪيل تقرير تي ڏاڍي سَرَهي هئي. هن کي سندس گهر ڊراپ ڪندو، پنهنجي فليٽ تي آيو. رڪشا مان لهي هو فليٽ جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳو.

پنهنجي فليٽ تي پهچي بيل وڄائڻ لاءِ ڪال بيل تي هٿ رکيائين ته مٿي ڇت تي ڪنهن جي آواز جي سر-سر ٻڌڻ ۾ آيس. ساغر سوچيو ته ”هن ويل ڪير آهي، ڪنهنجو آواز پيو اچي......!!“

آهستگيءَ سان پنهنجو هٿ ڪال بيل تان هٽائي هو پير پير ۾ کڻندو، مٿي چڙهڻ لڳو. آڪاش تي چندرما جي سهائي ۾ جيڪو ڏٺائين، سو ٻڌڻ، کان وڌيڪ چٽو نظر آيس. جنهن سندس تن بدن جي نسن کي تاڻي ڇڪي سخت ڪري ڇڏيو، من اندر ائين ڀاسيس، جيئن آگ جوالا بنجي سندس وجود کي ڀسم ڪندي هجي. سندس ڪنواري ڀيڻ سامهون واري فليٽ ۾ رهندڙ نوجوان سان نڄاڻ آئيندي جا ڪهڙا سپنا لهي رهي هئي ۽ هو آهستگيءَ سان ساڻس هلڪي ڀڻ ڀڻ به ڪندو رهيو هو.

ساغر جي تن بدن کي ڪهڙي باهه وڪوڙي ويئي هئي، فٽاز هوٽل ۾ ڪيل تقرير جو لفظ لفظ سندس ڪنن منجهه ٻرڻ لڳو. ڪتابن جي ٿيلهي کانئس هٿن مان ڇڏائجي وئي، ائين لڳس ته عورت آزاديءَ جو طوفان بنجي، سندس آڏو گول گول ڦرندي رهندي هجي. سندس ڪيل، تقرير جا لفظ وڇون جي ڏنگ جيان چهٽي پيا، سندس تن بدن سان، ”عورت...... آهي...... عورت...... آهي عورت......!!“

۽ هو ٿڙڪندو، ڪنڌ هيٺ ڪندي، چپ کي ڏند جي ڀيڙ ڏيندو، آهستگيءَ سان ٻه چار ڏاڪا هيٺ لهي، مٿي کي ٻئي هٿ ڏئي ڏاڪن تي ويهي رهيو.

*  *  *

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com