سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :5

 

 حسين مسرت شاهه

”ٽماهي سرتيون“

جو سرسري جائزو

 

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، جي چيئرمن قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ميمبرن، عورتن لاءِ معيار سنڌي رسالي جي کوٽ کي محسوس ڪندي، سنڌ جي عورت جي ادبي، علمي شعور کي وڌائڻ، سندن نظرين ۽ اصولن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”ٽماهي سرتيون“ جي اجراء جو فيصلو ڪيو.

سرتيون جا اغراض و مقاصد هي رکيا ويا:

1.      سنڌي عورت ۾ علم ۽ ادب لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ.

2.     لکيل پڙهيل عورتن ۾ تحرير ۽ تقرير جي قوتن کي وڌائڻ ته جيئن هو سماج جي مجموعي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگهن.

3.     سنڌي عورت جي ذهن ۾ لافاني قدرن، نظرين ۽ اصولن کي اجاگر ڪرڻ.

4.     عورتن جي سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جو حال احوال شايع ڪرڻ سرتيون جي سٽاءَ جي باري ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان ۾ گهڻو ڪري  عورتن لاءِ لکيل ۽ عورتن جو لکيل مواد شايع ڪيو ويندو.

هن جائزي ۾ منهنجو مقصد اِهو ڏسڻ آهي ته ”سرتيون“ عورتن لاءِ ڪيتريقدر فائيمند ثابت ٿيو آهي. هن جائزي ۾ مان ”سرتيون“ جي پهرين رسالي کان وٺي ڊسمبر 93ع تائين جي رسالن جو ذڪر ڪندس ۽ صرف انهن مضمونن، ڪهاڻين ۽ شاعري جو ذڪر ڪندس، جن جا موضوع ڇرڪائيندڙ هجن، انهن ۾ انفراديت هجي، ڪجهه ڪرڻ لاءِ همٿائيندا هجن، شعور کي پختو ڪندڙ هجن ۽ اڳتي وڌڻ جي همت پيدا ڪن.

”ٽماهي سرتيون“ جولاءِ _سيپٽمبر 1990ع ڀرپور نموني ۾ سامهون آيو. ان ۾ 14 مضمون، 13 ڪهاڻيون، شاعري، انٽرويو، سروي رپورٽ، هڪ ڪانفرنس جي رپورٽ، رڌ پچاءُ جون واٽون شامل هيون.

هي شمارو ان لحاظ کان به اهم هو ته ان ۾ ادب جا وڏا ۽ اهم نالا شامل هئا. جيئن:

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو مضمون. ”شاهه جي نظر ۾ عورت جي عزت“، سنڌي پهرين P.H.D عورت، ڊاڪٽر شمس عباسي سان ڳالهه ٻولهه، سحر امداد جي شاعري، تنوير جوڻيجو مضمون ”ماريه مونٽيسوري  ۽ سندس ترتيب ڏنل تعليمي سرشتو“، ڊاڪٽر نسرين ناريجو جو ”سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بدحالي“، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڪهاڻي ”لڙڪڻ واريون اکيون مرڪڻ وارا چپ“، حبيب الله صديقي جو ترجمو ڪيل مضمون ”اسلام ۾ عورت جو مقام“، رضيه کوکر جو مضمون ”دنيا جي مختلف سماجن ۾ عورت جي حيثيت“، هن پرچي ۾ تقريباً هر موضوع تي مواد آهي. اسلامي، سماجي، علمي وغيره ڪهاڻين جو موضوع گهڻو ڪري سماجي آهي.

مهتاب اڪبر راشدي جي مضمون ”آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سنڌي عورت جو ڪردار“ ۾ اسان کي پنهنجي تاريخ جي اهڙين عورتن جو ذڪر ملي ٿو، جن ناانصافي ۽ ڏاڍ خلاف جنگ جوٽي ۽ ديس لاءِ ڀيٽا ڏني.

مهتاب اڪبر راشدي لکيو آهي ته ”سنڌ جي عورت ان ماحول جي پيداوار آهي، جنهن ۾ مرد جي موجودگيءَ ۾ ساڳي کٽ ته ڇا، پر پاسي ۾ پيل کٽ تي ويهي مرد جي برابري ڪرڻ به ڏوهه آهي.“

اهڙي ماحول جي باوجود سنڌ جي عورت هر دور ۾ تاريخ جو نمايان ڪردار رهي آهي. هي تحرير اسان کي مجبور ٿي ڪري ته اهڙين سورمين تي تحقيق ڪري، انهن جو ذڪر هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي تاريخ مڪمل ٿئي.

ڊاڪٽر نسرين ناريجو، ”سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بدحالي“ تحقيقي مضمون آهي. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته موجوده تعليم نه ته ذهني سجاڳي ۽ ذهني نشونما ٿي ڪري ۽ نه ئي شاگردن کي بااخلاق ۽ باصلاحيت ٿي بنائي ۽ نه ئي وري روزگار ٿي ڏياري.

جيڪڏهن شاگرد، استاد، مائٽ، انتظاميا هڪٻئي تي الزام تراشي ڇڏي پنهنجو پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان نڀائين ته سنڌ جي تعليمي بدحالي ختم ٿي سگهي ٿي.

تنوير جوڻيجو ”ماريه مانٽيسوري ۽ سندس ترتيب ڏنل تعليمي سرشتو.“ هي به تحقيقي ۽ معلوماتي مضمون آهي، جنهن ۾ مانٽيسوري طريقه تعليم جي باري ۾ مختصر ۽ جامع طريقي سان بيان ڪيل آهي.

هن پرچي ۾ 12 کن ڪهاڻيون هيون. ”پرائو ٻار“ ايراني ڪهاڻي هئي، جنهن جو ترجمو مقصود گل ڪيو آهي.

ڪهاڻي اهڙي عورت جي آهي، جنهن جو مڙس، سندس پهرين مڙس جي ٻار کي گهر ۾ برداشت نٿو ڪري ۽ ماءُ ٻار کي وچ بازار ۾ ڇڏي ٿي اچي.

ڪهاڻي جيتوڻيڪ ايراني معاشري جي آهي، پر عورت شايد هر معاشري جي مجبور ٿي ٿئي. ڪهاڻي اهڙي معاشري جي عڪاسي ٿي ڪري، جنهن ۾ اڪيلي عورت جي ڪابه حيثيت ڪانهي، جتي پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ۽پنهنجي لاءِ پناه گاهه حاصل ڪرڻ لاءِ ماءُ ٻار کي پنهنجي پناهه کان ڌار ڪري ڇڏيو. ڪهاڻي، ڪم طرف مردن جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش آهي ۽ اهڙي سسٽم خلاف ڌڪار جا احساس ٿي پيدا ڪري.

قاضي آصف جو ”صدين جو پلئه“ ڳوٺاڻي ماحول تي لکيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته غيرت صرف مردن جي ميراث ڪانهي، عورت به پنهنجي مرد کي ٻي عورت سان ڏسي قتل ڪري سگهي ٿي.

زاهده گوپانگ جي خواهش ”الله ائين مَ هوءِ“ سڀني سرتين جي خواهش آهي. ايندڙ وقت انشاء الله، ”شانل“ جو ڪونه هوندو جنهن کي ماءُ پيءُ مرشد جي چوڻ تي سندس مرضيءَ خلاف جانوءَ جي ڪنوار ٿا بنائين. جنهن جون ٽي زالون اڳيئي هيون. ايندڙ نسل ”مرڪ“ جو ٿيندو، جيڪا ڪنڌ جهڪائڻ واري نه، پر ڪوڙين رسمن رواجن جا ڪوٽ ڪيرائڻ واري هوندي.

صنوبر سيد جون مختصر ڪهاڻيون، معاشري جي منافقانه سوچ ۽ رويي کي ظاهر ڪن ٿيون.

هن شماري ۾ شامل تقريباً سڀئي ڪهاڻيون معياري ۽ بهترين هيون ۽ شاعري به معياري هئي.

(هلندڙ)   

*  *  *


 

 

تبسم بنت سليمان

لوڪ ادب ۽ اسان جي ثقافت

 

انهيءَ کان اڳ، جو اسان پنهنجي سوال جو تفصيلي جواب ڏيون. مناسب ٿيندو ته پهريائين انهيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪجي، ته لوڪ ادب ڇا کي چئجي ٿو؟ ۽ انهيءَ جو انساني زندگيءَ يا اسان جي ثقافت سان ڪهڙو واسطو آهي؟

ادب جي عام معنيٰ آهي: اهو زندگيءَ جو طريقو، جيڪو سڀني کي وڻندڙ هجي. جڏهن ڪو ٻار ڏنگو هلندو آهي ۽ معاشري جي ريتن ۽ رسمن جو احترام نه ڪندو آهي. يا پاڻ معاشري جي لاءِ ڀلو ثابت نه ٿيندو آهي؛ ته هن کي ”بي ادب“ سڏيو ويندو آهي ۽ هرڪو انهيءَ کي صلاح ڏيندو آهي ته ادب سک!

انهيءَ مثال مان ثابت ٿيو ته ادب انهيءَ ڄاڻ يا طريقي جو نالو آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان انسان معاشري ۾ پنهنجو ڀلو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ريتن ۽ رسمن جو احترام ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ اهڙو ته مثالي انسان بڻجي ٿو، جو ان مان ڪوبه تنگ ڪونه ٿو ٿئي. ادب، عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”اڻ گهڙئي ڪاٺ کي رندا هڻي، سٺو بنائڻ.“ هن مان به علم ادب جي معنيٰ جي خبر پئي ٿي ته اهو انسان کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جو علم آهي. لوڪ ادب جي معنيٰ آهي: اهو ادب جيڪو عوام مان هجي؛ عوام لاٰءِ هجي؛ ۽ عوام جو هجي. لوڪ ادب جو خالق ۽ مالڪ عوام ٿئي ٿو ۽ اهو ادب عوامي قدرن، نظرين ۽ اصولن جي ترجماني ڪري ٿو. انهيءَ ڪري هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو، ته لوڪ ادب، عوامي زندگيءَ جو ترجمان ٿئي ٿو، ڇو ته انهيءَ ۾ عوام جي احساسن، امنگن، جذبن، مقصدن ۽ مرادن، مطلب ته زندگيءَ جي سمورن روپن جا رنگ ٿين ٿا.

هاڻي وري جڏهن اسان ادب ۽ ثقافت جي رشتي ۽ ناتي کي ڏسنداسين ته ائين معلوم ٿيندو ته اهي هڪ سڪي جا ٻئي پاسا آهن. ثقافت ادب کي اسان جي سياسي سوچن، سماجي ريتن ۽ رسمن مذهبي عقيدن ۽ اصولن تائين عام زندگيءَ جي پوري ڪهاڻي اسان جي لوڪ ادب ۾ محفوظ آهي.

جنم ڏئي ٿي ۽ ادب وري ثقافت جي ترجماني ڪري ٿو. ثقافت کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، يعني هڪ مادي حصو ۽ ٻيو غير مادي حصو، مادي حصي ۾ ڳهه ڳٺا، هٿيار پنهوار، جايون، مال، مڪان، وسنديون ۽ واهڻ مطلب ته هر اها شيءِ اچي وڃي ٿي، جيڪا شيءِ اسان ڏسي سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح سان غير مادي پهلو ۾، ريتون، رسمون، اصول، نظريا ۽ قدر، ذهني صلاحيتون جذبا ۽ امنگ اچي وڃن ٿا. يعني: هن حصي ۾ ڪنهن به قوم جا سمورا قدر سمايل ٿيندا آهن. هن حصي ۾ مهمان نوازي، بهادري، سخاوت، وطن دوستي، هنر ۽ پورهيا سڀ اچي وڃن ٿا. اسان جڏهن پنهنجي لوڪ ادب جو جائزو وٺنداسين، ته ان ۾ اسان کي پنهنجي ثقافت جا سمورا مادي پهلو نظر ايندا. لوڪ ادب جي فقط هڪڙي صنف (ڳجهارت) ئي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي: جنهن ۾ اسان جي وڻ ٽڻ، جهنگ جهر، پکي پکڻ، ڍنڍن، ڍورن، ماڳن ۽ مڪانن، ذاتين ۽ پاڙن شهرن ۽ ڳوٺن جو ذڪر ملي ٿو.

پکين جا ڪيترائي قسم آهن. جهنگ جا جانور ڪهڙا آهن. سنڌ جا ڪيترا ۽ ڪهڙا شهر آهن. انهن ۾ ڪهڙيون ذاتيون ۽ پاڙا آهن. اهي سمورا تفصيل اسان کي لوڪ ادب جي هڪڙي صنف ”ڳجهارت“ مان معلوم ٿين ٿا. اهڙي نموني سان لولي، مامتا جي جذبن جو اظهار، گيت نئين نسل جي امنگن جو آئينو ۽ مولود بزرگن جي احساسن جو پڙاڏو ٿئي ٿو. اسان جڏهن پنهنجي عوام جي مذهب سان محبت ڏسڻ گهرون ته لوڪ ادب جو مطالعو ئي وڏي مدد ڪندو. مولود، مدح، معجزو، ٽيهه اکري، ۽ ڏور اسان جي مذهبي عقيدت جو اولڙو آهن. اسان کي شاديءَ ۽ پرڻيءَ جي ريتن ۽ رسمن جو مطالعو ڪرڻو هجي ته پوءِ لوڪ ادب جي صنف ”سهرا“ ۽ ”ڳيچ“ جو جائزو وٺڻ گهرجي.

پڌريءَ کان وٺي مڱڻيءَ تائين، ونواهه کان وٺي نڪاح تائين، سموريون ريتون ۽ رسمون طور طريقا، اسان کي لوڪ ادب جي انهيءَ صنفن مان ملندا.

لوڪ ادب اسان جي زندگيءَ جو ترجمان ۽ ثقافت جو آئينو آهي. لوڪ ادب جي مطالعي مان ئي معلوم ٿيندو ته اسان پنهنجي وطن لاءِ ڪيتري محبت رکون ٿا: آئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ تڏي آئي کي خون بخشڻ جون ڳالهيون اسان جي عوام جي زندگيءَ ۾ به نظر اينديون. اسان ڪيئن ۽ ڪيتري نفرت ڪيون ٿا. انهن جو ماپو پڻ لوڪ ادب آهي. مهمان نوازيءَ جو ڪيئن منهن مٿي ڪيون ٿا. اهي ڳالهيون لوڪ ادب جي ورقن ۾ به نظر اينديون. اسان کي لوڪ ادب ٻڌائي ٿو ته: ”سون تي سيڻ مٽائڻ اسان وٽ ڪيڏو نه عيب آهي.“ ۽ اسان جڏهن ڌرتيءَ جي دشمن سان وڙهندا آهيون، هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار“ جا آواز گونجڻ لڳندا آهن. مطلب ته اسان جي ٻولي ڪهڙي آهي؟ اسان جو مذهب ڪهڙو آهي؟ اسان جون ريتون ۽ رسمون ڪهڙيون آهن؟ اٿڻي ۽ ويهڻي ۽ رواج ڪهڙو آهي؟ انهيءَ جا سڀئي مثال اسان جي لوڪ ادب ۾ محفوظ آهن: جيڪو اسان جي ثقافت جو آئينو ۽ عام زندگيءَ جو اولڙو آهي.

*  *  *


 

 

مسعود لوهار

اڳڪٿيون ۽ انسان

ناسٽراڊيمس

ناسٽراڊيمس 14 ڊسمبر 1503ع يعني سورهين صديءَ جي شروعات ۾ فرانس ۾ پيدا ٿيو. سندس اصلي نالو مائيڪل ڊي ماسٽي ڊيمي هو پر جڏهن هو يونيورسٽي ۾ لاطيني زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو ته هن پنهنجو نالو مٽائي ناسٽراڊيمس رکيو. هو نسلي لحاظ کان يهودي هو پر سندس ڄمڻ کان پهرين سندس مائٽن عيسائيت قبولي ورتي هئي. ان ڪري سندس تربيت ڪيٿولڪ ماحول ۾ ٿي. هن عبراني ٻولي ”علم نجوم“ فلسفي ۽ طب ۾ تعليم حاصل ڪئي.

انهيءَ زماني ۾ فرانس ۾ طاعون جي وبا پکڙيل هئي ۽ هڪ طبيب جي حيثيت ۾ هن ڪاميابيءَ سان بيمارن جو علاج ڪيو. پر ان موتمار وبا سندس دل تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ انساني زندگيءَ جي بي بقائي ڏسي هن ڪيمياگري، جادو ۽ مخفي علمن جي باري ۾ ڪتاب ڳولي ڳولي پڙهڻ شروع ڪيا. اهڙيءَ طرح هن علم نجوم ۽ اڳڪٿين ڪرڻ واري علم تي عبور حاصل ڪري ورتو. ۽ سال 1550ع ۾ پهرين جنتري ڇپايائين، جنهن ۾ سڄي سال جون اڳڪٿيون ٿيل هيون، جيڪي حرف بحرف صحيح ثابت ٿيون. ان ڪتاب سان ماڻهن ۾ هن جي مقبوليت وڌي ويئي.

آخرڪار هن کي خيال ٿيو ته ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيان ۽ ان لاءِ سورهين صديءَ کان وٺي ايندڙ ٽن هزار سالن تائين جون اڳڪٿيون ڪرڻ جو ارادو ڪيائين جيئن ته سورهين صديءَ جو دور اهڙن ماڻهن جو دور نه هو، جن جا ذهن علم جي وسعت سان روشن ۽ کليل هوندا آهن ان ڪري هن سوچيو ته نثر بجاءِ نظم ۾ اڳڪٿيون لکيون وڃن ۽ قطعي جي صنف کي چونڊيائين.

هن اڳڪٿين لکڻ وقت ڳجهارتن، تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال ڪيو ته جيئن هر ڪو انهن کي نه سمجهي سگهي، نه رڳو ايترو پر هن سنن جي حساب سان اڳڪٿيون نه ڪيون پر بي ترتيب ڪيون.

سندس اهي اڳڪٿيون سن 1555 ۾ بون مان پهريون ڀيرو ڇپيون، ماڻهن کي سندس اڳڪٿين سان هر دور ۾ دلچسپي رهي آهي، هر پنجاهه سالن کان سندس اڳڪٿين جا نوان شارح پيدا ٿيندا رهيا آهن. سندس اڳڪٿيون هميشه صحيح ثابت ٿينديون رهيون آهن.

هن پنهنجي اڳڪٿين ۾، پنهنجي دور کان هزارين سال پوءِ واري دنيا کي تشبيهن ۽ ڳجهارتن واري ٻوليءَ ۾ ائين چٽيو آهي جو حيرت ٿئي ٿي.

سندس اڳڪٿين ڪرڻ واري طريقي بابت سندس ئي هڪ قطعو آهي:

رات جو اڪيلائيءَ ۾ غيب جو علم ڄاڻڻ لاءِ

پتل جي ٽپائي تي هڪ چڪمدار شعلو اڀري ٿو

۽ مون کي سمجهائي ٿو ته

آئون چوان جيڪو بي معنيٰ نه آهي.

هن جي منجهيل ڳجهارت نما پيشگوئين جا مختلف شارح شرحون ڪندا آيا آهن. تاهم سڀ کان اهم ڪم ڊاڪٽر ميڪس ڊي فوٽبرن ڪيو آهي. سندس ٺاهيل شرح 1938 ۾ ڇپي.

ناسٽراڊيمس سن 3797ع کي دنيا جي خاتمي جو سال قرار ڏنو آهي.

1917ع جي روسي انقلاب بابت اڳڪٿي ڪندي چوي ٿو.

جڏهن طوفان سان

گندو ڪچرو پکيڙيو ويندو

۽ چهرن کي لڪايو ويندو

نوان ماڻهو جمهوريت کي پريشان ڪندا

پوءِ ڳاڙها ۽ اڇا غلط فيصلا ڪندا

ناسٽراڊيمس هتي ”ڳاڙها“ روس جي سرخ فوج کي يا بالشويڪ ڪارڪنن کي ٿو سڏي. سرخ فوج (Red Army) کي يورپي سرمائيدار ”سرخا“ سڏيندا هئا. اڳتي هلي ناسٽراڊيمس روس جي معاشي بدحاليءَ جي اڳڪٿي ڪري ٿو. هو چوي ٿو:

ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو

پهرين هو امداد ڏيندا هئا، هاڻ وٺڻ تي مجبور ٿي ويندا، اگهاڙا، سيءُ ۽ بک کان بيحال بغاوت ڪرڻ لاءِ آماده

گڙ ٻڙ پکڙيندا، جبلن تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.

ناسٽراڊيمس سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ نظام خلاف بغاوت کي هيئن ٿو چئي:

گهوڙي سوارن (ٽئنڪن) جي هلڪي لڙائيءَ ۾

اهي نعرا هڻندا ته ”وڏي ڪريسينٽ“ کي تباهه ڪري راتاها هڻي، هو ڌنارن جي ٻهروپ ۾ رڍن کي ماري ڇڏيندا ۽ ڳاڙها هڪ گهڙي کاهي ۾ ڪري پوندا.

هتي ”وڏو ڪرسينٽ“ روس جي قومي نشان ڏانٽي ۽ هٿوڙي کي سڏيو آهي ۽ ڳاڙهن يا ڪميونسٽن جي کاهي ۾ ڪرڻ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪميونسٽن جي انڊر گرائونڊ ٿيڻ کي چيو ويو آهي.

(باقي ايندڙ)

هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي ويئي.

1.      دسائڪڪ ورلڊ

2.     پروفيسيز ۽ پروڊڪشنن


 

 

سيد بدرالزمان شاهه                                                          قسط پهرين

اسان جو شمسي نظام

OUR SOLAR SYSTEM))

 

اسان جنهن شمسي نظام ۾ رهون ٿا، اهو نظام، ڪائنات (UNIVERSE) جي ٻين نظامن جي ڀيٽ ۾ ڪِن کان ننڍو ۽ ڪِن کان وڏو آهي.

اسان جو شمسي نظام (SOLAR SYSTEM)جنهن ڪهڪشان (GALAXY) ۾ آهي، اها ڪهڪشان، ڪائنات جي لکين ڪهڪشائن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍي آهي ته، تمام وڏي به.

ڪائنات جي آخري حد جي ڪابه خبر نه آهي.

اڄ کان اربين سال اڳ، ڪائنات مادي جو هڪ تمام وڏو گولو هئي، جيڪو مختلف عملن، جهڙوڪ تابڪاري وغيره جي ڪري هڪ تمام وڏي ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ ذرا ذرا ٿي ويو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته اهو ڌماڪو ڪڏهن ٿيو؟ ان جو جواب آهي ته اٽڪل نوي هزار ارب سال اڳ! پر اهو جواب به ڪو پُختو جواب نه آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪائنات اڄ کان ڪجهه هزار سال اڳ وجود ۾ آئي هجي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته اربين، کربين سال اڳ !

بهرحال، جڏهن مادي جو اهو گولو ٽُٽو ته ان جا ذرا تمام گهڻي قُوت سان اُن کان پري ٿيڻ لڳا ۽ جيئن جيئن اهي ذرا پنهنجي اصل مرڪز کان پري ٿيندا ويا، تيئن تيئن انهن جي رفتار گهٽ ٿيندي ويئي، آخرڪار ائين ٿيو جو انهن مان ڪيترائي پنهنجي مرڪز يعني مَحور تي ڦرڻ لڳا، ۽ ڪيترا ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا وري پنهنجي محور تي ڦرڻ سان گڏ، ٻين پاڻ کان وڏن ذرن جي چوڌاري به ڦرڻ لڳا. جيئن اسان جي زمين پنهنجي محور تي ڦري ٿي، جيڪو چڪر 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو ۽ سج جي چوڌاري به، جيڪو چڪر 364 ڏينهن ۽ 7 ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو، ته پوءِ اهي ذرا، جيڪي صرف پنهنجي مرڪز تي ڦرڻ لڳا، انهن کي پنهنجي توانائي ۽ روشني هئي، يعني اهي باهه جا وڏا وڏا گولا هئا، انهن کي تارا (STARS) چيو ويو ۽ جن ذرڙن محوري گردش سان گڏ، ٻين تارن جي چوڌاري ڦرڻ شروع ڪيو، انهن کي نه پنهنجي روشني هئي، نه توانائي. انهن کي سيارا گرهه (PLANETS) چيو ويو. انهن جي حياتيءَ جو مدار اُن تاري تي رهيو، جنهن جي چوڌاري اهي ڦري رهيا آهن.

مزي جي ڳالهه ته جيڪي تارا پنهنجي روشني ۽ توانائي رکندا آهن، اهي وري هڪ ڪهڪشان جنهن ۾، اهي موجود آهن، ان جي مرڪز جي چوڌاري ڦرڻ لڳا. جيئن سج ۽ ان جهڙا ٻيا تارا جيڪي اسان جي ڪهڪشان، جنهن کي MILKY WAY چئجي ٿو، ان ۾ موجود آهن. جن مان ڪيترا سج کان تمام ننڍا ۽ ڪيترا تمام وڏا آهن. سڀ ان ڪهڪشان جي مرڪز جي چوڌاري ڦري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪائنات جي سڀني ڪهڪشائن جا تارا پنهنجي ڪهڪشائن جي مرڪز جي چوڌاري ڦري رهيا آهن.

انهن ڪهڪشائن مان ڪجهه جهَڪي روشنيءَ واريون آهن ۽ ڪجهه تمام چمڪدار.

اسان بغير دوربينيءَ جي فقط هڪ پنهنجي ڪهڪشان ڏسي سگهون ٿا. باقي ڪهڪشان ڏسڻ لاءِ انتهائي طاقتور دوربينيءَ جي ضرورت پوندي آهي.

مٿين ڳالهين مان ظاهر ٿيو ته مادي جي گولي ٽٽڻ کانپوءِ ڪائنات وجود ۾ آئي، جنهن ۾ لکين ڪهڪشائون وجود ۾ آيون ۽ انهن ڪهڪشائن مان هر هڪ ۾ اسان جي سج جهڙا هزارين لکين تارا موجود آهن ۽ انهن مان هر هڪ جي چوڌاري ڪجهه نه ڪجهه سيارا يعني گرهه موجود آهن. اسان جي زمين ۽ چنڊ جهڙا.

سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها ته اهي سڀ ڪهڪشائون به ڪائنات جي مرڪز جي چوڌاري گردش ڪري رهيون آهن، هاڻي اها الڳ ڳالهه آهي ته اها گردش اربن کربن سالن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري، پر بهرحال ڪائنات جي هر شيءِ گردش ۾ آهي.

ڪائنات جي ڦهلجڻ جو عمل رڪجي چڪو آهي، هاڻ ڪائنات سُسي رهي آهي. يعني جيڪي تارا ۽ گرهه هڪ گولي جي ٽٽڻ کانپوءِ ان کان پري ٿي ويا ۽ ڪهڪشائن جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، اهي هاڻي وڌيڪ پري وڃڻ بند ڪري، واپس پنهنجي مرڪز ڏانهن اچي رهيا آهن، آخرڪار اهي وري به هڪ گولي جي شڪل اختيار ڪندا، پر ظاهر آهي، ان عمل ۾ به اربين کربين سال لڳندا. هاڻ اسان وري اچون ٿا پنهنجي شمسي نظام ڏانهن.

جيئن ته اسين مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته هر ڪهڪشان ۾ ڪيترائي تارا آهن، ۽ هر تاري کي پنهنجو نظام آهي، جنهن ۾ اُن جي چوڌاري سيارا يعني گرهه گردش ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي نموني اسان جو سج (SUN)، اسان جي (MILKY WAY) گرهن مان ڪجهه گرهن کي وري انهن جي چوڌاري ڦرندڙ ننڍڙا سيارا آهن، جن کي انهن گرهن جا چنڊ چيو وڃي ٿو. جهڙوڪ اسان جو چنڊ، (MOON) اسان جي زمين جي چوڌاري ڦري رهيو آهي. ان کي به پنهنجي روشني نه آهي، ۽ اهو به زمين ۽ ٻين سيارن يعني گرهن وانگر سج کان روشني ۽ توانائي حاصل ڪري ٿو.

اسان جي ڪهڪشان جي رفتار 600 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آهي، يعني اسان جي ڪهڪشان، ٻين ڪهڪشائن جي ڀيٽ ۾ 600 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفار سان ڪائنات جي مرڪز جي چوڌاري گردش ڪري رهي آهي.

ڪجهه وقت اڳ برطانيا جي ماهرين فلڪيات اندازو لڳايو ته اسان جي ڪائنات 30 ڪروڙ نوري سالن جو ڦهلاءُ رکي ٿي. يعني اگر اسان روشنيءَ جي رفتار سان يعني هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئه ڪريون.

معنيٰ هڪ منٽ ۾ هڪ ڪروڙ اسي لک ڪلو ميٽر، معني هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ ارب اٺ ڪروڙ ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئه ڪريون ته ان حساب ٽيهه ڪروڙ نوري سالن Light years ۾ اسان ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچنداسون.ا تي هڪ وضاحت ائين ڪري سگهجي ٿي ته هڪ نوري سيڪنڊ برابر آهي ٽي لک ڪلو ميٽرن جي.

ته ذڪر ٿيو پئي سج ۽ ان جي گرهن جو.

1781ع عيسوي تائين اسان جو علم صرف سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ ڇهين گرهن تائين محدود هو، يعني اسان کي نظام شمسي جي اٺن ميمبرن جي خبر هئي.

1. سج             (سن. SUN)

2. عطار           (مرڪيوري. MERCURY)

3. زهره            (وينس VENUS)

 4. زمين          (ارٿ EARTH)

5. مريخ            ( مارس MARS)

6. مشتري         (جيوپيٽر JUPITER)

7. زحل            (سئٽرن SATURN)

8. چنڊ             (مون MOON)

پوءِ وري 1781 ۾ ئي يورينس (URANUS) دريافت ٿيو. وري 1846ع ۾ نيپچون (NEPTUNE) دريافت ٿيو ۽ 1930ع ۾ پلوٽو (PLUTO) دريافت ٿيو.

اهڙيءَ طرح اسان جي نظام شمسي جا ڪل يارنهن ميمبر ڳڻيا ويا. نيپچون (NEPTUNE) گرهه جي ڳولا ائين ٿي هئي، جو ماهرين فلڪيات محسوس ڪيو ته يورينس  URANUS گرهه پنهنجي مدار تي متوازن نموني سان گردش نه پيو ڪري، پر ائين ٿو لڳي ته ڪا اڻ ڏٺي قوت ان تي عمل ڪري، ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي، پوءِ ڳولا ڪرڻ تي اها اڻ ڏٺي طاقت نيپچون گرهه جي شڪل ۾ ظاهر ٿي. پوءِ وري جڏهن نيپچون جي مدار کي به غير متوازن محسوس ڪيو ويو ته پوءِ خبر پئي، ته هڪ ٻيو سيارو ”پلوٽو“ ان تي طاقت لڳائي رهيو هو، اهڙي نموني پلوٽو دريافت ٿيو.

پر هاڻي وري سائنسدانن جو سڪون ان ڳالهه تي برباد آهي ته پلوٽو سيارو به پنهنجي مدار تي متوازن گردش نه پيو ڪري. بلڪه پوري نظام شمسي ۾ ان جي گردش جو انداز سڀ کان زياده عجيب آهي. ان کان علاوه پلوٽو پنهنجي ليکي تمام ننڍڙو ۽ گهٽ وزن وارو سيارو آهي. اٽڪل 2900 ميل پکيڙ اٿس، يعني زمين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ننڍڙو.

ان جي ڪري اهو تسليم ڪري نٿو سگهجي ته پلوٽو پاڻ کان تمام وڏن سيارن يورينس ۽ نيپچون کي طاقت لڳائي غير متوازن ڪري سگهي ٿو. عراق مان لڌل آثارِ قديمه مان هڪ قوم سميرين جي باري ۾ زبردست انڪشاف ٿيا آهن، جن جي مطابق اها قوم تمام گهڻي ذهين هئي ۽ اصل ۾ اسان جي نظام شمسي جي ڏهين سياري (NIBIRU). نيبيرو تان آئي هئي ۽ سائنس ۾ تمام گهڻي ترقي ڪيل هيس. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اهو ئي ڏهون گرهه آهي، جيڪو نظامِ شمسي جي سڀني گرهن کان وڏو آهي ۽ سڀني تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

*  *  *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com