ساگر ڀٽي
غزل
تو لئه ٻريا آھن نيڻ،
شايد چريا آھن نيڻ.
تنھنجو مک پسي پرين!
ڪيڏو ٺريا آھن نيڻ.
شايد اڄ وسي پوندا،
تڏھن ڀريا آھن نيڻ،
تون نه آئين ، راھن تان.
ٿڪجي وريا آھن نيڻ.
ڪيڏي نه پياس اٿن،
ڄڻ ٿريا آھن نيڻ.
رجب ٻگھيو
وائي
ساڀـــــيـــــــائـــــــــــــــــــــــــون
ســــــــــپنــا،
ڪريان تنھنجي نانءُ ٿو.
اُٿــــــــــــــــــــــــــي آڌيءَ رات جـــــــــــــــو،
لُــــــــــــڙڪــــــــــن جـــــــــــــــا
تــــــــــــحـفا،
ڪريان تنھنجي نانءُ ٿو.
سانــــــجــــــــــھه ســـــــــــوپـــــري تـــــــــــو
بنا،
ســـــــــــــــاروڻــــــــيــــــــون، سُــــــڏڪـــا،
ڪريان تنھنجي نانءُ ٿو.
اُجــــــــــــــــرا اُجــــــــــــــــــرا بـــــاک
جـــان،
گـــــــيـــــــــــت وري ســــــــــــــــــــــــرجــيا،
ڪريان تنھنجي نانءُ ٿو.
منظور قادر
وائي
تــــــــــــــون مــــــــــــون کــــــــــان پــــــري.
مان ڪيئن مڃان.
صــــــــبــــــــح ســـانـــــــجھــــــــي ســــــار،
ھـــــــــينـــــئـــڙي مـــــــــــنــــــــــجھه ھُـــــري_
مان ڪيئن مڃان.
اڄ بــــــــــــه انــــــــــــــــــھــــــــيءَ
مــــــــــوڙ تــي،
ڪـــــــــــو ڳــــــــالھه ســـــاڳي ڪــري.
مان ڪيئن مڃان.
چـــــــــڻنــــگ تــــــــــــو وٽ دکــــــــــــــي،
بـــــــــــــــــاھه مـــــــــون وٽ ٻـــــــــــري_
مان ڪيئن مڃان.
روبينا ابڙو
پنج ننڍڙا نثري نظم
(1)
موت وڇوڙو آھي!
اھا اٽل حقيقت ئي سھي،
پر پوءِ به، الائي ڇو
ائين ڀاسندو اٿم ته
اھو به توکي
مون کان ڌار ڪري نه سگھيو آھي!
(2)
تنھنجون اکيون
آرسيون به نه آھن،
پوءِ به الائي ڇو
مون پاڻ کي
انھن ۾ ڏسڻ چاھيو آھي!
(3)
سماج کي
سڌارڻ جي ھامَ ھڻڻ وارا،
پاڻ به ان جھڙا بڻجي وڃن
ته پوءِ ڇا ڪجي ؟
(4)
جانان، او جانان !
ھر اُھا شيءِ،
جنھن جو توسان واسطو آھي
مون کي ايڏي پياري ڇو لڳندي آھي؟؟
(5)
ننڊ!
نه چاھيندي به
تنھنجين يادن جيان
لھي ايندي آھي،
۽ آءٌ چاھيندي به
ان کي
ٽڙي نه سگھندي آھيان !
جويره نظاماڻي
نثري نظم
ھر ڪنھن دل ۾ ،
ڪونه ڪو ضرور ھوندو آھي،
جنھن کي انسان من _ اندر ۾ چٽي،
ڪڏھن رنگن سان اتاريندو آھي،
ته ڪڏھن لفظن جي مالھا سان
قلم جو سھارو وٺي
ڪاغذ تي اتاريندو آھي
ته ڪڏھن ڪو خوبصورت
خيال بڻجي،
ھر وقت اسان جي سامھون ھوندو آھي .
شگفته شاھه
جنريشن گيپ
تون جيڪر
ڪا نئين ڳالھه ڪرين،
معمول جي خلاف ھلين
ته اھا ڳالھه،
”جدت“ ۽ ”نوان“ چئجي.
ڇو جو تون وڏو آھين.
آئون جيڪر
نئين سوچ ڏيان،
نِرالي واٽ ڳولھيان
ته اھا ڳالھه،
”ڇڙواڳي“ ۽ ”بغاوت“ چئجي،
ڇو ته آئون ننڍو آھيان
Generation Gap
جو ھي تضاد
آخر ڪيستائين ...!؟؟
****
شھزادو سليم مصراڻي
غزل
پيار تنھنجي ۾ ستم سھندو وتان،
لڙڪ لڪائي نيڻن ۾ کلندو وتان.
پاڳل آھي، ديوانو، آھي آوارو،
ھر ڪو پيو ٿو چوي ٻڌندو وتان.
ڪٿي، ڪھڙي نگريءَ ۾ تون آھين؟
تنھنجو ڏس ھوائن کان پڇندو وتان.
ڦٽجي پيا پير ملي منزل نه آ.
مگر اڻ ڄاڻ راھن تي رلندو وتان.
خوشين ساٿ ڇڏي ڏنو سليم،
ھر پل نئين غم سان ملندو وتان.
ڪلثوم جوڻيجو
وائي
جڏھن ھن جي!
ياد اچي ٿي،
جيءُ جھري ٿو.
ڏنگيندڙ تنھائي ۾.
ساري! توکي،
جيءُ جھري ٿو.
ڦريل نگاھه ڏسي،
پنھنجن جي،
جيءُ جھري ٿو.
ڀريل پنڊال ۾ .
ويراني ھي،
جيءُ جھري ٿو.
اوپرائپ ڏسي،
يار، اوھان جي،
جيءُ جھري ٿو. |