ڊين آف فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن، يونيورسٽي آف سنڌ:ڊاڪٽر
قمر واحد سان ڳالھه ٻولھه
ڳالھه ٻولھه ڪندڙ: گلبدن جاويد مرزا
س: ڊاڪٽر صاحبه، جيئن ته اوھان جون تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ تمام
گھڻيون خدمتون آھن، پر آءُ چاھيان ٿي ته پھرين
اسانجي پڙھندڙن سان پنھنجو مڪمل تعارف ڪرائينديون؟
ج: آءٌ نصر پور جي قديم قاضي خاندان سان تعلق رکان ٿي. منھنجو
والد، ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر ھو، ۽ والده پنج درجا
پاس ۽ وڏي عالمه ۽ حڪمت جي ماھر ھئي، ان ڪري ننڍي
ھوندي کان ئي اسان کي گھر ۾ مائٽن کان ورثي ۾ علم
مليو، ۽ ڪوشش ڪئي ويئي ته اسين وڌ ۾ وڌ تعليم حاصل
ڪريون. خاندان ۾ آءٌ ۽ منھنجي ڀيڻ، پھريون ڇوڪريون
ھيونسين، جن گھر کان ٻاھر وڃي، تعليم حاصل ڪئي.
مون کي ننڍي ھوندي کان ئي ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق
ھوندو ھو، ان ڪري انھيءَ لائين ۾ آيس ۽ بي. اي .
ايم . اي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ
مان حاصل ڪيم. 1986ع ۾ آمريڪا وڃي
P.H.D
جي ڊگري ورتم. نوڪري دوران،
1980ع تائين، پرائيويٽ ادارن ۾ پڙھايم. ۽ 1980ع ۾
ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ آيس. ھن وقت آءٌ فيڪلٽي آف
ايڊيوڪيشن جي ڊين طور ڪم ڪري رھي آھيان.
س: ڪھڙين ڳالھين کان متاثر ٿي، اوھان لکڻ جي ميدان ۾ آيون؟
ج: ننڍي ھوندي کان ئي اسان جا والدين، ڪتابن پڙھن لاءِ
ھمٿائيندا ھئا، ۽ گھر ۾ مذھبي ڪتابن، مختلف ملڪن
جي تاريخن، سماجي ناولن، ۽ گھڻن ئي عالمن سان
واسطو رکندڙ ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ھوندو ھو، اسان
کي اھا اجازت ھوندي ھئي ته انھن مان تاريخي ڪتاب
ڪڍي پڙھون يا ”گل ڦل“ ، ”اخبار تعليم“ ، ”ملان
مخزن“ محمد عثمان ڏيپلائي جي سڀني ڇپايل ڪتابن کي
پڙھي ٿي سگھياسين، ۽ جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين،
تيئن تيئن وڌيڪ ڳرا ڪتاب پڙھڻ جي اجازت ۽ رھنمائي
ملندي ويئي، اھڙيءَ طرح ادب سان واسطو پيو.
ان کانسواءِ اسان جو بابا روز شام جو ويھي، اسان کان سڄي ڏينھن
جي خبر چار پڇندو ھو. اھڙي نموني واقعن کي بيان
ڪرڻ جي عادت پيئي. امان مرحومه جي حڪمت خاني ۾
جيڪي ٻھراڙيءَ جون عورتون اينديون ھيون، انھن سان
ويھي، ڪچھريون ڪندي ھيس، ۽ اھڙين کوڙ سارين ماين ۽
پنھنجن پڦين کان اھڙا اھڙا اکر، لفظ، جملا ۽ واقعا
ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا، جيڪي ھڪ اڻ کُٽ خزاني وانگر ذھن
۾ ھُرندا ھئا، جڏھن به ڪجھه لکڻ جي ڪوشش ڪيم ته
ننڍي ھوندي واري اھا رھبري ۽ حاصل ڪيل علم مونکي
شوق ۽ جذبو عطا ڪندو رھيو، جنھن وسيلي آءٌ ڪجھه
لکڻ لڳيس.
س: اوھان ادب جي ڪھڙين ڪھڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي؟
(نثر/نظم)
ج: ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ مون کي تمام گھڻن ماڻھن چيو، پر ڪجھه
پنھنجي طبيعت جي ماٺار، ۽ ڪجھه مصروفيتن جي ڪري
ڪتاب ڇپرائي نه سگھي آھيان. باقي آمريڪا ۾
P.H.D.
دوران جيڪا ريسرچ ڪيم، سا ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آھي،
ان ۾ به مون لفظن کي ويھي جاچيو آھي. منھنجي ٿيسز
جو موضوع ھو، ”آمريڪا جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ريڊ
انڊين جي ڏنل شبيھه“. ان ٿيسز ۾واقعن کي مون
اھڙيءَ طرح پيش ڪيو آھي، جو منھنجي ان ريسرچ کي
اتي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾
غير جانبدارانه تجزيو ٿيل آھي. دراصل اسين جڏھن به
ڪنھن قوم سان يا گروھه سان لڳاپيل آھيون، ۽ ان
ماحول ۾ ويھي ڪجھه لکون ٿا ته ٻه شيون ٿيڻ لازمي
آھن. يا ان گروھه سان ذاتي ھمدردي يا ڪنهن ٻئي
گروھه سان تعصب، ۽ اھي ڳالھيون اسان جي لکڻين ۾
اينديون آھن. جڏھن ته سفيد آمريڪي نه منھنجا،
پنھنجا ھئا، نه ريڊ انڊين! انڪري منھنجو تجربو ۽
ڪم بلڪل غير جانبدار رھيو . جيڪڏھن ھتي آءٌ اھڙو
ڪتاب ويھي لکان يا ريسرچ ڪريان ته ان ۾ منھنجا
پنھنجا جذبات شامل ٿيو ٿا وڃن. انھيءَ ڪري آءٌ صرف
ننڍيون ڪھاڻيون لکي، اندر جو غبار ھلڪو ڪندي
آھيان.
س: جيئن ته اوھين تعليم سان وابسته آھيو، ان ڪري اھو ٻڌائينديون
ته اسان جي تعليمي معيار جي ڪرڻ جا ڪھڙا ڪارڻ آھن؟
ج: تعليم جي ڪرندڙ معيار لاءِ اسان ڪنھن ھڪ شخص يا اداري کي
ذميوار نٿا چئي سگھون. معاشري جي بدامني، بداعمالي
جي ڪري ماڻھن ۾ جيڪا غير يقيني صورتحال آھي.
انھيءَ ڪري اسان اڳي سڀ ڪم ڇڏي ڏنا آھن، جن جا
نتيجا، ڊگھي عرصي کان پوءِ ظاھر ٿا ٿين. اھڙا گھڻا
ادارا، جيڪي انھيءَ ڪم ۾ رڌل آھن، جيئن تعليمي ۽
اخلاقي ادارا، جن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي، انھن لاءِ
مالي بجيٽ گھٽ ٿي رکي وڃي. سفارش تي ماڻھو ڀرتي
ڪيا ٿا وڃن، ڪنھن به غلط ماڻھوءَ کي ڪڍي نٿو سگھجي
۽ وڏي اھم ڳالھه اھا ته تعليم حاصل ڪندڙن کي ڪا
گارنٽي نٿا ڏيئي سگھون ته اھا تعليم اڳتي ھلي،
اوھان لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا ميسر ڪندي،
ڇاڪاڻ جو نوڪري ڏيڻ ۾ به لياقت کي گھٽ، ۽ پھچ کي اھم سمجھيوٿو
وڃي. اھڙين حالتن ۾ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي اثر
پيو آھي . محنتي ۽ مخلص ماڻھو بي سرو سامانيءَ جي
حالت ۾ پاڻ کي بي پھچ ٿا محسوس ڪن، يا ڊڄي ڪنڊون
وٺي ويھي رھيا آھن. تعليمي ادارا اھو ڪجھه نه پيا
ڪن، جيڪا ھن وقت ملڪ ۽ قوم جي اھم ضرورت آھي.
س: اوھان پنھجيءَ فئملي متعلق ڪجھه ٻڌائينديون؟
ج: مون کي ٻه پٽ آھن، جن مان وڏو ڊاڪٽر آھي. ۽ ننڍو، ڪاليج ۾
پيو پڙھائي. ٻنھي جي تعليم جو وڏو حصو آمريڪا ۾
ٿيو آھي، ۽ اتي ئي نوڪريون ڪري ويھي رھيا آھن.
منھنجي تمام گھڻي دل چوندي آھي ته اھي ھتي اچن، پر
منھنجي وڏي پٽ چواڻي: ”جڏھن سائين عبدالله شاھه،
پنھنجو وعدو پورو ڪندو، ۽ سنڌ دبئي وانگر سکي
ستابي، ۽ امن واري ٿيندي، تڏھن آءٌ سڀ ڪجھه آمريڪا
۾ ڦٽو ڪري، واپس وطن ايندس.“ ۽ آءٌ ويٺي دعائون
گھران ته شل سنڌ سکي ستابي، ۽ خوشحال ٿئي. باقي
ننڍو ته ھينئر به اچڻ لاءِ تيار آھي، پر ان جا
آمريڪي ساھرا، ڌيءَ کي ھيڏانھن موڪلڻ لاءِ تيار
ناھن، جو انھن کي ڊپ آھي ته اھا ۽ سندس ننڍڙي ڪٿي
سنڌ مان ڌاڙيل کڻي نه وڃن.
س: پنھنجن ٻارن کي ايڏي منزل تي رسائڻ لاءِ اوھان کي ڪھڙا جتن
ڪرڻا پيا؟
ج: جيئن ته منھنجو گھر وارو گھٽ پڙھيل ھو، ۽ گھڻو عرصو بيمار
رھيو. انھيءَ ڪري مون پنھنجي اولاد لاءِ ماءُ ۽
پيءُ، ٻنھي جو ڪردار ادا ڪيو. ماني به پچائي
کارائيندي ھئيس ۽ نوڪري ڪري سندن خرچ به پورو ڪندي
ھيس، ۽ استاد بنجي، کين پڙھائيندي به ھئيس. منھنجن
ٻارن کي ننڍي ھوندي کان ئي منھنجيءَ محنت ۽
قربانين جو تمام گھڻو احساس ھو. ھنن ھر ڳالھه ۾
مون سان تعاون ڪيو. اڄ به ھو مون کي صرف ماءُ نه،
پر پنھنجو دوست ڪري ٿا سمجھن. اسان ٽنھي جي وچ ۾
پيار، سچائي ۽ ھڪٻئي جي خامين ۽ خوبين کي قبولڻ جو
ھڪ وڏو اڻ کٽ رشتو قائم آھي، ھينئر مان کانئن
صلاحون وٺندي آھيان، ۽ کين کُلي ڇوٽ ڏني اٿم ته ھو
مون کي ٻڌائين ته منھنجي لاءِ چڱائي ڇا ۾ آھي.
بھرحال، منھنجي ڪل ڪائنات انھن سان وابسته آھي.
س: عام مائرن کي پنھنجي اولاد جي تربيت ڪيئن ڪرڻ گھرجي؟
ج: پنھنجي علم جي آڌار ۽ ٻين ملڪن ۾ رھڻ جي ڪري به مان ھن خيال
جي آھيان ته جيستائين مائٽ ننڍڙي ٻار کي پنھنجي
وجود جي اھميت جو احساس نٿا ڏيارين، تيستائين اھو
ٻار، صحيح ۽ مڪمل انسان نٿو بڻجي. آءٌ ھميشه
پنھنجن شاگردن کي چوندي آھيان ته ٻار به انسان
آھن، صرف ننڍڙا انسان. ھنن جي خيالن کي، ھنن جي
جسماني ۽ ذھني طاقت کي قبول ڪريو، ۽ ان کي ڪم آڻيو
ته جيئن ٻار کي پنھنجي وجود جي مڃتا جو احساس ٿئي،
۽ ھو ان کي اڳيان وڌائي، معاشري کي وڌيڪ مؤثر، ۽
ڪار آمد بنائي سگھي. اھڙا ٻار، جن جي خيالن کي
ظاھر ڪرڻ جو موقعو ڏنو ٿو وڃي، جن جي عزت ڪئي ٿي
وڃي، ۽ کين ننڍن ڪمن ۾ لڳايو ٿو وڃي . انھن جون
صلاحيتون ظاھر ٿين ٿيون . اڳي اڳتي ھلي ڊنل ۽
ھيسايل ڪونه ٿا ٿين، ۽ مختلف فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿا
ٿين، ۽ پنھنجي زندگيءَ مان مطمئن ٿين ٿا. مثال
طور، اسان وٽ عام رواج آھي ته گھر ۾ مائٽ پنھنجيءَ
پسند جو کاڌو ٺاھيندا آھن، ۽ ٻار کي مجبور ڪندا
آھن ته اھو کاڌو کاءُ! تمام ٿورا والدين اھو سوچين
ٿا ته ٻار جي به پسند ۽ ناپسند ھوندي آھي. ھفتي ۾
صرف ٽي ڏينھن به جيڪر ٻارن کان پڇيو وڃي ته گھر ۾
ڇا رڌيون ته کين جيڪا اندروني خوشي ۽ اطمينان
ٿيندو، سو کين اسين پنھنجي مرضيءَ سان حلوو کارائي
به نه ڏيئي سگھندا سون. ٻار جڏھن ننڍي ھوندي، ڪنھن
ڳالھه تي غم غصو ڪري ٿو. يا ناخوش ٿئي ٿو ته گھڻو
ڪري مائٽن جي ڊپ کان ان جو اظھار نٿو ڪري، پر اھا
ڳالھه وساري نٿو، صرف انتظار ٿو ڪري ته ڪڏھن ٿو
جسماني طاقتور ٿئي، ۽ مائٽن سان اھڙي ھلت ھلي،
جھڙي وڏن ساڻس ھلي آھي. اھڙا ٻار، نوجوان ٿيڻ تي
مائٽن کي دٻائيندا آھن، ڪابه سندن مرضي مطابق
ڳالھه نه ٿئي ته طاقت جو مظاھرو ڪندي، ماڻھن کي
جسماني ايذاءَ پھچائيندا آھن، ۽ پاڻ کان وڏن جي
گھڻين ڳالھين کان انڪاري تي، نفسياتي طرح پنھنجين
ننڍي ھوندي جي محرومين جو بدلو وٺندا آھن.
س: ٻھراڙيءَ جي عورت اڄ به ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙھجي رھي آھي، کيس
ان ظلم جي گھاڻي مان ڪڍڻ لاءِ پڙھيل ڳڙھيل عورتن
کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
ج: اسان جون پڙھيل ڳڙھيل عورتون ايتريون ئي مظلوم آھن، جيتريون
ٻھراڙيءَ جون عورتون اڻ پڙھيل عورتن کي اھڙين رسمن
۽ رواجن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، جن جي وسيلي سندن
وجود کي صرف ڪم جو ذريعو سمجھو ٿو وڃي، ۽ جتي مردن
جا ٺاھيل رواج ۽ رسمون آھن، اتي پڙھيل ڳڙھيل عورت
جڏھن به آفيسن ۾ ڪم ڪري ٿي، ۽ پنھنجي علم ۽ ڏاھپ
جي تقاضا مطابق ڪم ڪرڻ چاھي ٿي ته ساڻس گڏ، ڪم
ڪندڙ گھڻا مرد، ڪاوڙجي ٿا پون. سندس لاءِ مسئلا
پيدا ڪيا ٿا وڃن، ۽ نا اتفاقيءَ وارو ماحول جنم
وٺي ٿو. پوءِ گھڻين حالتن ۾ عورتن جون صلاحيتون
ضايع ٿي وڃن ٿيون. فرق صرف اھو آھي ته ٻھراڙيءَ جو
ماحول محدود آھي ۽ شھر جو ماحول لا محدود آھي.
اھائي صورتحال اسان جي سڄي ملڪ جي آھي. سياست ۾ به
اوھين ڏسندؤ ته محترمه بينظير ڀٽو جھڙي شخصيت،
جنھنکي ڌارين ملڪن ۾ عزت ۽ قدر جي نگاھه سان ڏٺو
ٿو وڃي، پر پاڪستان ۾ سندس گھڻن ئي قدمن تي نڪته
چيني ٿئي پئي. گھڻائي ماڻھو، سندس مخالفت ان ڪري
ڪن ٿا، جو ھوءَ عورت آھي. دنيا جي ڪيترن ترقي
يافته ملڪن به اڃا تائين ڪي اھڙا طريقا قائم ڪيا
آھن، جن جي ڪري عورت کي ھڪ مڪمل انسان طور ڪم ڪرڻ
نه ٿو ڏنو وڃي، حالانڪه عورت پڙھي ٿي ته ٻه ڪم ڪري
ٿي، ھڪ ته نوڪري به ڪري ٿي، ۽ ٻار ڄڻي، انھن جي
پرورش به ڪري ٿي. اھو سندس بلند ھمتي ۽ اعليٰ
صلاحيتن جو مظھر آھي.
س: زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪيو؟
ج: ھڪ تمام سھڻي ۽ خوبصورت شيءِ ، باغ ۾ ٽڙندڙ ھڪ گل، جنھن جي
چوڌاري ٻيا ڪيئي گل، ٽڙڻ تمام ضروري آھن. زندگيءَ
جو قدر ڪرڻ وارن سان پيار اٿم. پنھنجي يا ٻين جي
زندگين کي تباھه ڪرڻ وارن کان نفرت اٿم.
س: محبت جي فلسفي تي روشني وجھو؟
ج: مون ننڍي ھوندي کان ئي پنھنجي ماحول مان محبت حاصل ڪئي آھي،
۽ مٽ مائٽ، ننڍڙا پيارا جانور، سھڻا پکي، ھميشه
منھنجي ويجھو رھيا آھن. اڃا تائين انھن شين سان
محبت اٿم. آءٌ سمجھان ٿي ته جيستائين ڪو به انھن
شين جي ويجھو نٿو رھي، تيستائين ڪنھن ٻئي انسان کي
محبت نٿو ڏيئي سگھي. مان ته انھن انسانن مان
آھيان، جيڪي وڻن، ٻوٽن، وھندڙ پاڻيءَ بيابان ۽ رڻ
پٽ مان به محبت حاصل ڪري وٺندا آھن، ڇاڪاڻ جو محبت
ڪجھه به ناھي، سواءِ خوشيءَ ۽ اميد جي!
س: ڇا پڙھيل ڳڙھيل عورت پنھنجا سڀئي حق حاصل ڪري سگھي آھي؟
منھنجو مطلب آھي، مرضيءَ سان شادي ڪرڻ جو حق ۽
معاشري ۾ اٿڻ _ ويھڻ جو حق!
ج: پڙھيل ڳڙھيل عورت اڃا تائين پورا حق حاصل ڪري ڪونه سگھي آھي
. جيتري قدر مرضيءَ سان شادي ڪرڻ جو تعلق آھي ته
اھو حق اڻ پڙھيل عورت، مطلب ھر عورت کي اسلام
طرفان مليل آھي، پر ماڻھن کائنس ڇني ورتو آھي.
باقي جيتري قدر معاشري ۾ اٿڻ _ ويھڻ جو تعلق آھي
ته اسان جو معاشرو مختلف ادارن جو مجموعو آھي،
جنھن ۾ پاڙو، اسڪول، ڪاليج، نوڪري ڪرڻ جون جايون،
۽ وندر ۽ تفريح جون جايون به شامل آھن، جتي به
عورت جي عزت ڪئي وڃي، ۽ سندس ذھانت کي مڃيو وڃي،
اتي وڃڻ جو کيس حق آھي، پر صرف پنھنجا حق حاصل ڪرڻ
جي خاطر کيس ٻين جا حق لتاڙڻ جي اجازت ھر گز ناھي.
جيئن ته مائٽن جا حق، اولاد جا حق، يا پاڻ جھڙين
ٻين عورتن جا حق، ان ڪري سڀ کان پھرين اھو ڏسڻو
آھي، ته ھوءَ ڪھڙي ھنڌ اچ_وڃ ٿي رکي يا ڪٿي صرف
پنھنجين خواھشن پٺيان ٻين جا حق ٿي لتاڙي.
س: ڊاڪٽر صاحبه، ڪو اھڙو سوال رھجي ته نه ويو آھي، جيڪو اوھان
جي دل چاھيندي ھجي ته ڪاش! اوھان کان پڇيو وڃي؟
ج: (کلندي) منھنجي خيال ۾ سوال ته ڪافي ٿي ويا آھن، پر مون کان
اھو سوال ڪر ته آئينده زندگي يا رٽائرمينٽ کان
پوءِ جي زندگي ڪيئن گذارڻ چاھين ٿي. جيئن ته مون
دنيا جا ڪيئي ملڪ رھيل آھن. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ
آءٌ اھي ملڪ گھمنديس. مختلف تھذيبن ۽ مذھبن ۾
ھڪجھڙائي کي تلاش ڪنديس. ٿي سگھي ٿو ته ڪو سماجي
ادارو قائم ڪريان. بھرحال ھڪڙي ھنڌ خاموش ۽ ٻي عمل
تي ڪونه ويھنديس، ڇا ڪاڻ جو ڪائنات جي ھر شيءِ
حرڪت ۾ آھي، ويندي ”ھوا“ تائين! ذھني ۽ جسماني طرح
خاموش ٿي، معنيٰ انسان، موت جھڙي شيءِ کان به گھٽ
ٿي ويو.
س: آخر ۾ اسانجن پڙھندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏينديون؟
ج: منھنجو پيغام اھوئي ته ڪنھن به حالت ۾ پاڻ کي ڪمزور نه
سمجھيو ۽ نه ڊڄو. ڪمزورن کي طاقتور لتاڙي ڇڏيندا
آھن، ۽
ڊڄندڙن
کي وڻن جا سڪل پن به کڙڪو ڪري ھيسائي ڇڏيندا آھن.
انسان وڏو طاقتور آھي ۽ پنھنجي طاقت جي زور تي
ڪنھن به ماحول ۾ نه صرف زنده رھي ٿو، پر ان ماحول
کي پنھنجي مرضيءَ مطابق بدلائي سگھي ٿو. |