صبا دريءَ کان ٻاھر نھارڻ لڳي.
فواد کي صبا سان ملندي مھينو ٿي ويو ھو،
ھو اڃان تائين ھن کي سمجھي نه سگھيو ھو. ھو روز ھن کي ڪاليج ڇڏي
ايندو ھو، ۽ وٺي به ايندو ھو. فواد ھن کي بدلاڻ جي
ڪيتري ڪوشش ڪئي، پر ھوءَ پاڻ کي بدلائي نه سگھي.
ھو ھن کي چيڙائيندو ھو، تنگ ڪندو ھو، هن کي مجبور
ڪندو ھو ته ھو به تنگ اچي کيس ڪجھه نه ڪجھه چئي،
پر ھوءَ ھميشه جيان خاموش ھئي.
شام جو ھميشه جيان اداس ويٺي ھئي ته فواد سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو.
ھن کي پنھنجي ادسيءَ ۾ سندس اچڻ جي کڙڪ به نه پئي
ھو ڪيتري دير ھن کي ائين ويٺو سوچيندي ڏسندو رھيو
ھو، ھن جي سوچن جيان ھن جا وار به وکريل ھئا. ھوءَ
جيئن ئي مڙي ته سامھون ھن کي ڏسي هيران ٿي وئي.
”تون؟“
”ھا، ڇو مان نٿو اچي سگھان!!
”نه اھڙي ته ڪا ڳالھه ناھي.“ صبا لنوائيندي چيو.
”چڱو پھرين ٻڌاءِ ته دريءَ وٽ بيٺي، ڇا پئي سوچيئي؟“
”ڪجھه نه ... ڪجھه به ته نه .... !!
صبا مون کان لڪائين پئي.“
”نه ته ... چيم نه ته اھڙي ڪا به ڳالهه ناھي. چڱو چانھه پيئندين
يا ڪافي.“
”لنواءِ نه صبا.....“ فواد کيس گھوريندي چيو.
صبا خاموش رھي، ڄاڻ ھيس ته فواد جھڙي ماڻھوءَ سان ڪڏھن به پڄي
نه سگھنديس. ھن کي پريشان ڏسي فواد چيو:
”چڱو ڇڏ انھن ڳالھين کي، اڄ ڪا ٻي ڳالھه ٿا ڪيون.“
صبا کي ائين لڳو جيئن ان تان ڪو وڏو بار لھي ويو ھجي.
”ڪڏھن ڪڏھن ماضي ڏانھن نھارڻ ڪيترو سٺو لڳندو آھي. توسان گھاريل
ھر پل ھر گھڙي مون کي اڄ تائين ياد آھي. صبا ھتان
وڃڻ کان پھرين مون ھڪ خواب ڏٺو ھو، ۽ ان خواب کي
ساڀيا ۾ بدلائڻ لاءِ موٽي آيو آھيان.“ فواد ڳالھه
روڪي صبا ڏانھن نھاريو، جيڪا اڃا ھن جي ڳالھه
سمجھي نه سگھي ھئي.
”صبا ٻڌو ھئم خواب ڪوڙ ٿيندا آھن پر، مان ان ڳالھه کي غلط ڪري
ڏيکارينديس.... تنھنجو ڇا خيال آھي خوابن جي باري
۾؟“
صبا ھن اوچتي سوال لاءِ تيار نه ھئي.
”خواب... خواب ته واريءَ جي گھر جيان ٿيندا آھن، ٿورو ڌڪ لڳڻ
سان ڊھي پٽ پوندا آھن..... مون وٽ ڪوبه خواب
ڪونھي، جنھن جي ساڀيان ڳولھيان... مون وٽ ڪابه
خواھش ناھي، جنھن لاءِ زندهه رھڻ ضروري سمجھان....
مون وٽ ڪوبه مقصد ناھي جنھن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش
ڪريان.... منھنجي زندگي ته بلڪل بي مقصد آھي.“ صبا
لھندڙ سج ڏانھن نھاريندي چيو.
”ڪا به زندگي بي مقصد ناھي. زندگي آھي ته ضرور ان جو مقصد به
آھي.....
ائين ڇو ٿي سوچين.“
”منھنجي زندگي ته بي اعتباريءَ جي سوليءَ تي چڙھي وئي...
اعتبار.... اعتبار....
ڪيترو نه نه بي معنيٰ لفظ آھي اعتبار.“
سندس چپن تي زھريلي مرڪ ڦھلجي وئي.
”صبا مان ڄاڻان ٿو ته ماءُ پيءُ جي ذاتي ڪشمڪش ۾ تون ٽٽي پئي
آھين. وکري وئي آھين تنھنجو اعتبار ڀورا ڀورا ٿي
ويو آھي، پر ان جو مطلب اھو ناھي ته ھر ماڻھو
تنھنجي اعتبار جو شيشو چور چور ڪندو رھندو. مان
تنھنجي وجود جو ٽڪر ٽڪر ڳنڍي توکي مڪمل ڪرڻ چاھيان
ٿو.... صبا ھڪ دفعو... صرف ھڪ دفعو مون تي اعتبار
ڪر.“
”اعتبار.....!“ صبا فواد ڏانھن نھارڻ لڳي....“ اعتبار ڪريان
توتي.... ھڪ دفعو ٻيھر..... ھڪ دفعو ٻيھر تنھنجن
ھٿن ۾ رانديڪو بڻجي وڃان، جنھن کي جڏھن چاھين ٽوڙي
ڇڏين... جڏھن چاھين ڇڏي ڏين... نه فواد نه....
ھاڻي مان اھا غلطي نه ڪنديس.. مان توتي ڪڏھن به
اعتبار ڪري نٿي سگھان نه... نه مان ائين نه ڪنديس
.“
صبا بي يقينيءَ مان فواد ڏانھن نھارڻ لڳي.
”صبا.... صبا مان محبت ٿو ڪريان تو سان، دل جي گھراين سان چاھيو
اٿم توکي... صبا مان.. مان توسان شادي ٿو ڪرڻ
چاھيان..
توکي دنيا جي ھر خوشي، ھر راحت ٿو ڏيڻ چاھيان... تنھنجي ھر
خواھش، ھر تمنا پوري ٿو ڪرڻ چاھيان. صبا منھنجي
سچي محبت تي اعتبار ڪر....“
”ڪوڙ ٿو ڳالھائين تون، محبت، اعتبار، چاھت سڀ ڪوڙ آھي، دوکو
آھي، فريب آھي، سڀ ڪجھه..“
صبا منھنجي.....“
”سڀ دوکيباز آھن... تون ڇا ٿو سمجھين مان تنھنجي ڳالھين ۾ اچي
وينديس. تون چاھين ٿو.... چاھين ٿو ته مان شادي
ڪريان توسان ته جيئن ھڪ ٻي صبا منھنجي وجود مان
پيدا ٿئي.... ھو به.. ھو به مون جيان ... ھن جو
ننڍپڻ به مون جيان سسڪندي ۽ سڏڪندي گذري... ھن جي
جواني به مون جيان اڻڄاتل خوف ۾ ويڙھيل ھوندي.
فواد صبا کي پھرين ڀيرو وڏي آواز ۾ ڳالھائيندي ڏٺو، ھو حيرت مان
ڏانھس نھارڻ لڳو. ”صبا منھنجي ڳالھه ٻڌ.“
”نه... نه مان.... مان ائين نه ڪنديس..... نه ڪنديس ائين....“
صبا ھوش ڪر.... صبا...“
تون ڪوڙو آھين... دوکو آھي تنھنجي محبت به.“ کيس هوش تڏهن آيو،
جڏهن ڪنهن جو ڳرو هٿ کيس پنھنجي ڳل تي لڳندي محسوس
ٿيو ھو. ھوءَ حيرت مان فواد ڏانھن نھارڻ لڳي.
ھڪدم فواد کي احساس ٿيو ته ھن صبا تي ھٿ کڻي سٺو نه ڪيو آھي.
صبا کي پاڻ ڏانھن ائين نھاريندي ڏسي سندس نظرون
جھڪي ويون.
”صبا تون..... تون مون کي ڪجھه به چئو، پر مان توکي پنھنجي محبت
جي توھين ڪرڻ نه ڏيندس... مون توکي چاھيو آھي، ۽
چاھيندو رھندس. صبا ياد رک تون پنھنجي زندگيءَ جي
وڏي ۾ وڏي غلطي ڪري رھي آھين.“
”فواد ھليو وڃ ھتان!Please
ھليو وڃ... ڇو منھنجي پر سڪون
زندگيءَ ۾ ھلچل مچائڻ ٿو چاھين، مان مجبور آھيان.
... ھليو وڃ ...“
”ھليو ويندس پر .. صبا تون پنھنجي وجود مان ايندڙ انھيءَ آواز
کي ٻڌ. صبا، تون مون سان ئي نه، پر پنھنجو پاڻ سان
به ڪوڙ پئي ڳالھائين. اھا حقيقت آھي ته تون به مون
سان محبت ڪرين ٿي.“
”نه مان توسان محبت نٿي ڪريان.“
”صبا، اھو احساس توکي منھنجي وڃڻ کان پوءِ ٿيندو.... ياد رک
صبا، جيئن مان تڙپيو آھيان تنھنجي محبت ۾، ائين
تون به تڙپندينءَ.“ اُھو چئي فواد سندس ڪمري مان
نڪري ويو.
ٻه ڏينھن فواد سندس گھر نه آيو ھن سوچيو.
شايد ويو ھليو... اھو سوچي ھو پريشان ٿي وئي پر پوءِ سوچيائين
ته چڱو ٿيو ويو ھليو. جي ھجي ھا ته... شايد مان ھن
جي سامھون ھارجي وڃان ھا. عجيب اڻ_تڻ محسوس ڪري
رھي ھئي پنھنجي اندر ۾.
”صبا ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪنھن تي اعتبار ڪري ڏس.“ ڏک سک ھر انسان جي
زندگيءَ ۾ ھوندا آھن.... تون ڏکن کان گھٻرائيندي،
ڪو قدم ئي نه کڻندينءَ ته اھا تنھنجي ڀل آھي.. ٿي
سگھي ٿو تنھنجو اھو ھڪ قدم ئي تنھنجي زندگيءَ ۾
بھار آڻي ڇڏي... تون ھمت ته ڪر سندس اندر ۾ آواز
آيو. پر دماغ سندس وجود مان ايندڙ ھن آواز کي رد
ڪندي چيو، نه صبا نه ويجھي ۾ ويجھو رشتو دوکو آھي
ته فواد تي ڪھڙو اعتبار ... مان ڇا ڪيان....؟ پيڙا
کان اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
”صبا! .... !“ سڏ تي ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته فواد بيٺو ھو. ھڪ پل
لاءِ ھيسجي وئي. ھو ھن کي ائين ڏسي رھيو ھو جيئن
صبا ھن جي مجرم ھجي. سندس شيو وڌيل ھئي. اکيون
سڄيل ھيون، جيئن سڄي رات سمھي نه سگھيو ھو. صبا ھن
جي اکين جي تاب نه سھي، وڃڻ لڳي ته فواد کيس ٻانھن
کان جھليو.
”منھنجي سوال جو جواب ڏئي پوءِ وڃجانءِ.“ ھن جو لھجو سخت ھو.
”مون کي جيڪو چوڻو ھو چئي ڇڏيو اٿم. ھاڻي مان ان موضوع تي
ڳالھائن نٿي چاھيان.“
ھن ٻانھن ڇڏائيندي چيو.
”ان جو مطلب ته تون اڃان پنھنجي ضد تي قائم آھين.“
”ھا،“ صبا ضدي لھجي ۾ چيو.
”صبا تون پنھنجي ھن فيصلي تي پڇتائيندينءَ. پنھنجو پاڻ تي ايڏو
وڏو ظلم نه ڪر؛ صبا پليز!
”منھنجي مرضي زندگي منھنجي آھي.... تون ڪير ٿيندو آھين مون تي
پنھنجو فيصلو مڙھڻ وارو.“ صبا پنھنجو منھن ٻئي طرف
ڪري ڇڏيو.
”صبا ايتري ڪٺور نه ٿيءُ .. جيتري محبت مون توسان ڪئي آھي. مون
کان پوءِ ڪير به توکي ايترو نه چاھيندو.“
ڪجھه لمحن لاءِ چوطرف سانت ڇانئجي وئي.
”مان وڃان پيو.“ فواد ائين چئي صبا کي اميد ڀرين نظرن سان نھارڻ
لڳو. جيئن ھو ھينئر ئي ھن کي روڪي وٺندي، پر اھو
سندس خيال ھو.
صبا کي ائين لڳو جيئن سندس اندر ۾ ڪجھه ٽٽي رھيو آھي. پر پوءِ
به ھن منھن ورائي فواد ڏانھن نه ڏٺو.
”صبا مان توکي ڪڏھن به وساري نه سگھندس ... تون منھنجي پھرين ۽
آخري محبت آھين .... تون منھنجي پھرين ۽ آخري محبت
آھين ... مان ته توکي بد دعا به نٿو ڏئي سگھان
..... تون ته منھنجي وجود جو حصو آھين. صبا تو
منھنجي ساڀيا ڳولھيندڙ اکين کي ته لڙڪ ڏنا آھن...
پر مان.... مان ائين ته ڪڏھن به نه چاھيندس ته
تنھنجن گھرين اکين ۾ لڙڪ ھجن. ڇا ڪاڻ ته مون انھن
اکين جي پرستش ڪئي آھي .... مان وڃان ٿو صبا ھميشه
لاءِ.“ ائين چئي ھو موٽڻ لاءِ مڙيو.
صبا فواد کي ويندو ڏسندي رھي. سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ھڪ پل
لاءِ دل چاھيس ته سڀ خوف وساري ھن کي روڪي وٺي، پر
سندس اندر ويٺل خوف ھن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو.
ھو گيٽ کان ٻاھرنڪتو. ھو ڊوڙي وڃي پنھڻجي ڪمري ۾
پھتي، ھن کي ويندو ڏسندي رھي، ايستائين ڏسندي رھي،
جيستائين ھو سندس نظرن کان اوجھل نه ٿي ويو. ھوءَ
روئڻ لڳي، ھوءَ ڪڏھن ڪنھن لاءِ به نه رني ھئي،
ايترو ڏک ته ھن ڪنھن لاءِ به محسوس نه ڪيو ھو،
جيترو اڄ پئي محسوس ڪيائين. ھن کي ائين لڳو جيئن
ڪنھن کانئس پياري شيءِ کسي ورتي ھجي، ۽ ايترو روئي
جو سندس اکين جا لڙڪ خشڪ ٿي وڃن. |