سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ- اپريل 2026ع

باب:

صفحو:4 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

 

 

عناب جا فائدا ۽ استعمال

 

عناب، هڪ قدرتي ۽ غذائيت سان ڀرپور ميوو آهي، جيڪو صحت لاءِ ڏاڍو مفيد آهي، هن جو ذائقو، مٺو ۽ خوشبودار هوندو آهي. گذريل ڪيترين صدين کان وٺي، هيءُ ”ميوو“، ”دوا“ جي طور تي استعمال ٿيندو رهندو آيو آهي. تازو ”عناب“ جيڪو بلڪل ڏسڻ ۾ ٻير وانگر هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ پڻ مزيدار لڳندو آهي.

عُناب جا فائدا:

(1) عناب جو استعمال، بلڊپريشر ۽ دل جي بيمارين لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارائتو آهي. عناب ”پوٽاشيم“ سان ڀرپور نموني ڀريل هوندا آهن، جن جي استعمال جي ڪري، خون جي رواني تمام بھترين ٿي ويندي آهي. جنھن جي وسيلي وري وڌيل رت جو پريشر، ڪنٽرول ٿي ويندو آهي، جنھن جي ڪري دل جي ڪارڪردگيءَ کي بھتر ڪري ڇڏيندا آهن ۽”دل جي صحت“ بھتر ٿي ويندي آهي.

(2) هاضمي جي سرشتي کي پڻ بھتر بڻائن ٿا. ”عناب“ ۾ فائبر ڀرپور نموني ڀريل هوندا آهن. جن جي وسيلي، قبض ۽ بدهضمي تي ڪنٽرول ڪري ”معدي“ جي ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

Text Box: صحت

 

(3) ذهني سڪون ۽ ننڊ کي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، ”عناب“ ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ قدرتي مرڪبات موجود هوندا آهن.

 

   عناب جي استعمال ڪرڻ سان، بي خوابي ۽ بي سڪوني کان آرام ملي ٿو ۽ ذهني سڪون ملڻ ڪري ننڊ جو سرشتو بھتر ٿي وڃي ٿو.

(4) ”عناب“ جي استعمال سان، جسم منجهان زهريلا ماده خارج ٿين ٿا ۽ رت صاف ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري چمڙي تي رونق اچي وڃي ٿي.

(5) عناب، وزن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. جيئن ته ”عناب“ ڪئلوريز ۾ گهٽ ۽ فائبر ۾ وڌيڪ هوندا آهن، اِنڪري وزن کي گهٽائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا آهن.

(6) قوتِ مدافعت ۾ اضافو آڻين ٿا. وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جي ڀرپور مقدار هجڻ سبب، جسم جي قوت مدافعت پڻ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.

(7) کنگهه ۽ گلي جي خراش ۽ ٻين ڪيترن مسئلن ۾ پڻ ”عناب“ جو استعمال بيحد اثرائتو ٿيندو آهي.

”عناب“ جي استعمال جو طريقو: دماغي سڪون ۽ ننڊ جي ڪيفيت کي بحال ڪرڻ لاءِ پنج کان عناب جا ست داڻا رات جو پاڻيءَ ۾ پسائي رکجن ۽ صبح نيراني کائي ڇڏجن.

هاضمي جي سرشتي کي ٺيڪ رکڻ لاءِ: عناب جا داڻا، رات جو پسائي رکجن ۽ صبح جو اُهو پاڻي پي ڇڏجي يا وري سڌو سنئون کائجن. معدي کي بيحد فائدو رسائيندا آهن. ککڙي ڪڍي اُڇلي ڇڏجي.

عناب کي پيھي، سنھو ڪري پيسٽ وانگر ٺاهي چھري تي لڳائڻ سان، چمڙيءَ تي نکار ايندو ۽ صاف ٿي ويندي.

روزانو ٻه ٽي داڻا عناب جا کائڻ سان بُک گهٽ لڳندي ۽ جسم ۾ موجود اضافي چرٻيءَ کي پڻ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.

        عناب جا اثرات نه صرف جسماني صحت و تندرستيءَ لاءِ مفيد آهن، پر حسن و زيبائش وڌائڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا. مثال طور:

v   عناب جو تيل، منھن جي چمڙي ۽ وارن لاءِ پڻ بھترين ٽانڪ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

v   وارن کي سڌي ڪرڻ لاءِ عناب جي تيل جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن وار گهنڊيدار آهن، ته عناب جي تيل جي لڳائڻ جلدي فائدو نظر ايندو.

v   اهڙي چمڙي، جنھن تي جلدي جلدي داڻا نڪري پون، انھن لاءِ عناب جو تيل پڻ فائديمند آهي. عناب جو تيل استعمال ڪرڻ سان، انساني جسم جي چمڙي خاص طور تي ”منھن“ ۽ ”هٿن“ لاءِ بھترين فائدي وارو ثابت ٿيو آهي.

ڪجهه ماڻھو وڪوڙيل ۽ گهنڊيدار وار پسند نه ڪندا آهن، اهڙيءَ صورتحال ۾ عناب جي تيل جو استعمال نھايت فائدو پھچائيندو آهي. هن تيل جي استعمال سان وار سڌا ٿي وڃن ٿا.

خشڪ چمڙيءَ کي تازگي بخشيندڙ عناب جو تيل، ڄڻ ته نئين سري کان جواني بخشي ٿو ۽ تروتازه رکي ٿو.

هٿن ۽ پيرن جي چمڙيءَ کي صاف سٿرو ۽ اڇو رکڻ لاءِ.

عناب جو تيل، هيڊ ۽ بيسڻ سان ٿورو ڪافي پائوڊر (Coffee Powder) کي ملائي، استعمال ڪرڻ سان، هٿن ۽ پيرن جي چمڙي نھايت صاف سٿري ۽ چمڪدار ٿي ويندي آهي.

صدين کان وٺي، ”انسان“ پاڻ کي خوبصورت بڻائڻ جا حيلا وسيلا استعمال ڪندو رهندو آيو آهي. خاص طور تي خواتين، ان معاملي ۾ وڌيڪ چاهه رکنديون آهن. مٿين شين جو ”مساج“ ڪرڻ نھايت فائدو رسائيندڙ عمل ثابت ٿيو آهي.

زمانهءِ قديم کان ڪنوار کي ونواهه ۾ ويھارڻ کان پوءِ ان شين جو مساج ضرور ڪبو آهي.

عناب جو تيل، وٽامنس، معدنيات سان ڀرپور هوندو آهي. ۽ چمڙيءَ جي خشڪيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي عناب جو تيل نه صرف خشڪيءَ کي دور ڪندو آهي. پر چمڙيءَ کي تازگي بخشيندر، داغ ڌٻا مٽائيندڙ، مختلف وٽامنس سان ڀرپور، انمول معدنيات جي خزانن سان مڪمل طور ٿيل، وارن کي سڌو سنئون ڪندڙ ۽ ميڪ اپ وغيره لاءِ هڪ قدرتي ۽ ڪمائتو تيل آهي، جيڪو نھايت ڪارگر ۽ فائدو رسائيندڙ آهي.

عناب کان بھتر حڪمت ۾ ڪو اهڙو ٻيو ميوو موجود ڪونھي، ڀلي تازو هجي توڙي خشڪ، ٻنھي صورتن ۾ نظامِ هضم کي دُرست ڪري ٿو. ذهني اضطراب کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. رت کي صاف ڪرڻ لاءِ هڪ بھترين ميوو آهي. پُرسڪون ننڊ ڏياريندڙ ۽ (مُعتدل مزاج) ميوو آهي. عناب کي رت ۾ موجود شگر جا مريض به استعمال ڪري سگهن ٿا. ٻه ٽي داڻا، نزلو، زڪام ۽ گَلي جي خراش ۾ پڻ مفيد آهن. عناب جيئن ته ميوو آهي، پر گهڻو ڪري خشڪ ٿيل عناب بازار ۾ ملندو آهي. عناب جو استعمال، دل جا مرض، رت جي ڪمي، ذهني سڪون، زڪام ۽ کنگهه ۾ بيحد مفيد اثرات مرتب ڪري ٿو.

عناب هڪ قدرتي ”نعمت“ آهي، جيڪا صحت جي مسئلن کي ”شفا“ بخشي ٿي. پر ڪنھن به جڙي ٻوٽيءَ کي استعمال کان اڳ ”ماهرِ طب“ کان مشورو وٺڻ نھايت ئي ضروري هوندو آهي.

ناسپاتي

هيءُ هڪ اهڙو ناياب ۽ خصوصي خصوصيات وارو ”ميوو“ آهي، جنھن جي کائڻ سان هڪ طرف ته بک گهٽ لڳي ٿي، پيٽ ڀريل رهي ٿو ته وري ٻي طرف رت جي اندر مٺاڻ يعني کنڊ (Sugar) جو مقدار پڻ گهٽيل رهي ٿو. هي ميوو انڪري به بيحد فائديمند آهي جو، هن جي استعمال ڪرڻ سان گلائي سيمڪ انڊيڪس (Glyocemic Index) گهٽجي ٿو، جنھن جي ڪري رت جي اندر شگر يعني کنڊ جو مقدار تيزيءَ سان نٿو وڌي.

ناسپاتيءَ ۾ فائبر تمام گهڻو موجود هوندو آهي، جيڪو کنڊ جي مقدار کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت کي يعني ”رفتار“ کي گهٽائي، سُست ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ، ”هاضمو پڻ درست“ ڪري ٿو.

هن ”ميوي“منجهه وٽامن سي (C)، وٽامن ڪي (K) ۽ پوٽيشيم ڀرپور انداز ۾ موجود آهي، جنھن ڪري جسم کي وٽامن سي جي فراهمي بھتر طريقي سان ملندي رهي ٿي ۽ جسم اندر ”قوتِ مدافعت“ کي وڌائي، ”صحت“ لاءِ فائدي بخش ثابت ٿئي ٿي. دل جي ڪارڪردگي پڻ بھتر ٿي وڃي ٿي. هن ميوي اندر موجود ”اينٽي آڪسيڊنٽس“ جسم جي اندر سوزش وغيره کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ناسپاتيءَ ۾ پاڻيءَ جو مقدار پڻ تمام گهڻي انداز ۾ هوندو آهي ۽ ڪئلوريز بنھه گهٽ فراهم ڪندي آهي، انڪري هيءُ ”ميوو“ وزن يعني (Weight) گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿو. جيڪو ذيابيطس جي مريضن لاءِ نھايت اولين حيثيت رکي ٿو.

ناسپاتيءَ کي جوس، جام ۽ ميوي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.

 

شمن اوٺو

 

 

 

مصنوعي ذهانت ۽ ان جو مستقبل.....

 

جيتوڻيڪ مصنوعي ذهانت، هن صديءَ جو تمام وسيع موضوع آهي. جيڪڏهن مصنوعي ذهانت ۾ گهڙبو ته معلوم ٿيندو ته مصنوعي ذهانت ڪا ماءُ جي پيٽ ۾ ڪونه سرجي نروار ٿي آهي، پر مصنوعي ذهانت اصل ۾ ماڻھوءَ جي ڪيل پنھنجي ڪوشش آهي، جنھن کي هن وس آهر ۽ مضبوطيءَ سان ٺاهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رائٽ برادرس ڪو پنھنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جھاز ٺاهڻ ڪونه سکيو هو، پر ان، جڏهن،  هن دنيا ۾ اک کولي  ۽ سرت ڀريو ٿيو ته هن پنھنجي عقل ۽ حواس سان جھاز ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ڪامياب ويو. انساني شعور جي ارتقا تي نظر ڊوڙائڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته وڏن وڏن سائنسدانن، تجزيي نگارن، ليکڪن، فلاسافرن، پنھنجي نڪور نج مطالعي ۽ مشاهدي کان پوءِ پنھنجن پنھنجن ڪارنامن ۽ تجربن ۾ ڪامياب ويا آهن. مصنوعي ذهانت جو آڌار، ان ڳالھه تي آهي ته ماڻھو بنيادي ڏاهو نه هوندو آهي، پر وقت، حالتون ۽ تبديليون، انھن کي عظيم بڻائي ڇڏينديون آهن.

ڪارپرنس سولر سسٽم ايجاد ڪيو ۽ ان تي دنيا جو وهنوار هلي ٿو اها مصنوعي ذهانت نه آهي ته ڇا آهي؟ دنيا ۾ روبوٽس، عام ماڻھن وانگر ڪم ڪن ٿا، اها مصنوعي ذهانت نه آهي ته ڇا آهي؟

جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي، آسمان تي ياترا ڪندڙ جھاز، هي سڀ جديد مصنوعي نظام جو حصو آهن. مصنوعي ذهانت، جيڪا هن صديءَ ۾ روبوٽ بڻجي، ڊاڪٽرن وانگر آپريشن ڪري ٿي ۽ ڪمپيوٽر قانوني راءِ ڏين ٿا ۽ شاگرد چيٽ جي پي.ٽي تي پنھنجي پڙهائي جو مواد پڙهن ٿا.

دنيا مصنوعي ذهانت سان سرشار ٿي رهي آهي ۽ اهوئي سبب آهي، جو چين 1 کان 6 سالن جي ٻارن لاءِ  ذهني مصنوعات جي تعليم عام ڪري ڇڏي آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ چين ذهني مصنوعات جي مسقبل کي ڏسندي، ٻين ملڪن کان اڳ ۾ مصنوعي ذهانت کي انتھائي اهم سمجهندي، ان لاءِ ڪوشان آهي.

اڄ دنيا ۾ چائنا (چين) آمريڪا ۽ يورپ آرٽيفيشنل انٽيليجينس جي ميدان ۾ وڏا علمي ۽ معاشي جنگجو بڻجي چڪا آهن، خاص ڪري چين تازو ئي پنھنجي ايپ "DeepSeek" لانچ ڪري، دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.ان مان واضح آهي ته مسقبل ۾ معاشي، تعليمي ۽ سماجي مسئلن ۾ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ چين زبردست قسم جي تياري ڪئي آهي.

اسان کي سائنسي اصول سيکارين ٿا ته تجربا ۽ مشاهدا ئي اصل ۾ سائنس آهن ۽ تجربن ۽ مشاهدن جي ذريعي ئي سائنس جو وجود آهي، مثال طور سمورا مادا، ائٽمن جي ننڍن ننڍن ذرڙن جا ٺھيل آهن، ائين ئي اسان وٽ مصنوعي ذهانت جو تصور آهي.

هيءَ صدي هاڻي جديد نظرين ۽ ٺوس ثبوتن جي صدي آهي، جيڪا هاڻي مڪمل طور تي نئين تجرباتي علم ڏانھن وڌي رهي آهي ۽ ان صديءَ ۾ وڏي تبديلي  مصنوعي ذهانت جي آهي.

رابرٽ ڪيوساڪي جو جملو: ”هاڻي اوهان کي ادارا ۽ حڪومتون نه پڙهائينديون، اوهان کي اوهان جا دوست پڙهائيندا“، ان ڳالھه جي علامت آهي ته روايتي تعليم ۽ ادارا هاڻي ماڻھن کي حقيقي زندگي لاءِ تيار نه ٿا ڪن. ماڻھو هاڻي پنھنجن مالي حالتن، تجربن، ۽ ذاتي تجربن مان سکي رهيا آهن.

 

مصنوعي ذهانت جي ڪري نه صرف تعليم، پر زندگيءِ جي هر شعبي ۾ انتھائي زبردست قسم جي ترقي ٿيندي ۽ اها ترقي، منزل مقصود هوندي ۽ اها ترقي مسقبل ۾ نوان ۽ بھترين گس ڏسيندي، جنھن لاءِ هي پوري دنيا ڪوشان آهي.

عام طور تي ڏسجي ٿو ته جيڪو مواد، اسان کي ڳولڻ ۾ ڪي ڏينھن ۽ مھينا لڳي ويندا هئا ۽ هاڻي  اسان کي سيڪنڊن ۾ اهو مواد ملي ٿو.

ماهرن جي اڳڪٿي پٽاندر ته مصنوعي ذهانت جي ڪري مستقبل جون جنگيون انتھائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون.

واقعي به مصنوعاتي ذهانت جو روشن مسقبل چمڪندي محسوس ٿئي پيو ۽ مصنوعاتي ذهانت، هڪ اڀرندڙ، وسيع ۽ گلوبل موضوع بڻجي چڪو آهي، جنھن سان منسلڪ ٿجي، سکجي ۽ يقيناً ايندڙ دور مصنوعي ذهانت جو آهي. انڪري وڏي سوچ، وڏو خواب ۽ وڏو مقصد ڌارڻ گهرجي، اهو خيال هجي ته اسان کي اهو ٽاسڪ مڪمل ڪرڻو آهي، جنھن جو خواب آهي، ان لاءِ مصنوعي ذهانت سان سرشار ٿيڻو پوندو، پنھنجو پاڻ ۽ هن سماج کي تبديل ڪرڻو پوندو.

      ملڪه پيرزادو

ماءُ جو غم

منھنجا ٻچڙا

تون ڄمڻ سان ڏاڍو ارڏو هئين

پر تون

منھنجي ٻارن ۾ نرالو هئين،

تو گهر جي غربت کي

دور ڪرڻ لاءِ جهيڙيو

تون ڪراڙي پيءُ جو سھارو

۽ هم خيال بڻئين،

ڀينرن جو ڀرجهلو رهئين،

مون کي ٽيڪون ڏيندو رهئين،

ڪنھن باز ڪھڙيءَ مھل

توکي جهٽي ورتو،

پوءِ به

لامارو ڏئي

منھنجي هنج ۾

اچي سمھندو هئين،

تون ڪيئن

منھنجي هنج ۾ سمھي

ڏاهن جيان

منھنجي مامتا کي

چوندو هئين

”امان!

مان ڌرتيءَ جي امن لاءِ

وڙهندي ماريو وڃان ته

تون ڳوڙها نه ڳاڙجان

موت ته برحق آ نه امان!

مون کي

ڳراٽڙي پائي چوندو هئين:

”امان مون کي

ڌرتيءَ تان قربان ٿيندي

شھيد ٿيڻ ڏجانءِ.“

وري توکي باز جهٽي ويو،

مان بيوس ٿي ويس

منھنجا پٽ!

تون منھنجي سگهه کڻي وئين،

پر تون ڏاڍو ارڏو هئين،

تو ڌرتيءَ سان وچن پورو ڪيو.

تو شاديءَ جا موڙ نه ٻڌا،

تو پنھنجي خون سان ميندي لاتي،

تون پنھنجو عشق ماڻي گهوٽ ٿئين،

پر تون ڇا ڄاڻين!

منھنجا ٻچڙا!!!

مان ڀڳل چيلھه ۽ دل سان

ڪيئن تنھنجو لاش کنيو!

تو ڌرتيءَ لاءِ

سِر ڏيڻ جو وچن پورو ڪيو،

تنھنجو تشدد ٿيل جسم

اسپتال جي سردخاني جي ڀوائتي منظر،

ايمولينس جو خوفائتو هارن،

رستن تي تنھنجي سنگتين جو استقبال،

ڪيئن تون پاڻ کي امر ڪري وئين،

مون کي ماري وئين،

پر ها ڀٽائي صاحب به ته چيو:

”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينھڙا،

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.“

(سرويچ پٽ جي شھادت تي لکيل)


 

        روبينه ابڙو

 

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي

شھر جي هان شور ۾

سار ۾ ويڙهي وتان ٿي

ياد ٻاروتڻ ڪيان ٿي

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

منھنجي من جي لام تي ڪائي ٻڌل

پينگهه ڄڻ لڏندي رهي ٿي

تانگهه ڪا ڪڏندي رهي ٿي

ڍنڍ نيريءَ ڏي وڌندڙ پيچرن تي

ماڪ ڪا وسندي رهي ٿي

ماڪ سا ڳولي پئي ٿي نقش ڪي

منھنجي وکن جا

جي ٺھيا ها بيخوديءَ مان

اڄ به منھنجن تن وکن جو

لمس پيرن ۾ هُري ٿو

۽ پو منھنجو جيءُ جُهري ٿو

عمر منھنجيءَ جا اڳوڻا سال هُت رهجي ويا هن

مون ۾ ڪي ئي خال هِتِ رهجي ويا هن

پو خماريل خيال جي بادل سان گڏجي

آنءُ برسان ٿي جڏهن

ڳوٺ جي نيڻن ۾ کن پل لاءِ ترسان ٿي تڏهن.

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

منھنجي گهر جي هُن اڱڻ جي

نم پوڙهي ٿي وئي آ

منھنجون جنھن سان هيکلاين ۾ هيون

ڳالھيون سليل

عمر منھنجيءَ سان وڌي هئي

لمحو لمحو جوان ٿي هئي

بارشون پونديون هيون

مون سان گڏجي مينھن ۾ ڀِڄندي هئي

پو هوا جي زور تي هوءَ

ٽاريون هئي ايئن ڇنڊيندي

جيئن ڪا وينگس

وار پنھنجا پئي ڇنڊي

نم جي تنھن ٻُور جي

ياد ٿي خوشبو اچي

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

منھنجي گهر جي در اڳيان

جو پيچرو ويندو هو بلڪل سڌو

ڳوٺ جي هن چوڪ تي

جِتِ هو کڙو

پوڙهو پپل جو وڻ صفا درويش وانگي ٿي لڳو

۽ انھيءَ جي ڇانوَ ۾

هڪ کوهه هو اونھو ڦٽل

ڪيتريون جهاتيون وڌيون ان کوهه ۾

۽ پپل جي روح ۾

آواز منھنجي جا پڙاڏا

اڄ به ٿا گونجن پيا

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

مان تصور ۾ اهي ئي

ڳاڙهيون ماڙيون پسان ٿي ڳوٺ جون

جن جي پِيڙهُن ۾ هئي

منھنجي پيڙهين جي دفن تاريخ ٿيل

ڳاٽ جن جا آسمان کان ڀي گهڻا اوچا هئا

خيال منھنجي جا ڪبوتر

اوچتو ڀڙڪو ڏئي اڏري وڃي

ڳوٺ جي ان هيکلي سنسان ميخاني جي ڇَنَ تي

ماٺ ٿي ويھي رهن ٿا

جنھن جي جهوني جهوپڙيءَ ۾

ڄڻ ته هڪ صوفيءَ جو روح هو قيد ٿيل

روح جيڪو لاحدون اُڪري ويو

مان خيالن کي حوالن سان ائين اُڻندي رهان ٿي

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

ڳوٺ منھنجو آرسي بڻجي وڃي ٿو

جنھن ۾ ماضيءَ جا سمورا

عڪس توڙي اولڙا پسندي رهان ٿي

ياد ۾ لڙهندي رهان ٿي

جنھن جون ٻانھون

اڄ به مون لئه هِنِ پناهون

مان پري هِتِ شھر جي هِنَ شور ۾

سار ۾ ويڙهي وتان ٿي

ياد ٻاروتڻ ڪيان ٿي

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي.

ڊاڪٽر نويده ڪٽپر

وايون

ديس سندي ۾ راتين جون راتيون،

هر هڪ پورهيت ماءُ جا،

بُک تي ٻار سُتا.

پورهيو ڪندي جي ماريا ويا،

منھنجي ان هر ڀاءُ جا،

بُک تي ٻار سُتا.

*      *      *      *

رت هاڻيون اکيون،

رهجي ويل لڙڪ،

منھنجي حصي ۾.

اچڻا ئي ناهن،

کل، خوشي ۽ ٽھڪ،

منھنجي حصي ۾.

توکان پوءِ آيا،

دل ۾ سو سو چھڪ،

منھنجي حصي ۾.

تون ايندي- ايندي،

پوءِ کٿوريءَ مھڪ،

منھنجي حصي ۾.

زمر محسن

نظم

جڏهن سيارو پنھنجو چانديءَ جو رنگ گهٽائي ٿو،

نرم هوائون کليل آسمان ۾ گهمن ٿيون،

ٻوٽا سون جي روشني ۾ جاڳن ٿا

وڻ ۾ انبن جون ڪليون،

ٻڏندڙ اداسي کي ڀڄائيندي،

پتنگ راند ڪندڙ هوا ۾ بلندين تي اُڀرن ٿا،

بغير ڪنھن پرواهه جي آزاد رقص ڪندي

ڪوئل نم ۽ پيپل تي ڳائي ٿي

سندس سُر مٺو ۽ سادو آهي،

پتنگيون اڻ ٻڌايل ڇانوَ ۾ شرمائين ٿيون،

سنڌوءَ ۾ لھرون هڪ نرم سُر ڳائين ٿيون،

سج جي روشني منجهند تائين ٽِڪي ٿي،

دل رنگن جي پکڙجڻ سان روشن ٿين ٿا،

هر کلڻ ۾، خوشي اهم لڳي ٿي،

اي بسنت بھار، موسم جا ميلا

هوا جي هر جهوٽي ۽ کڙندڙ گل سان،

تون دنيا کي هڪ روشن ڪلاڪ

تحقي ۾ ڏئين ٿو.

 


 

سنڌو پيرزادو

غزل

 

اچ زماني کي ڇڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي،

يادگيرين کي گڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي.

 

ڪي پراڻيون دوستيون، ڪي پراڻيون دل لڳيون،

اڄ وري سي سڀ سڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي.

 

تون اچين جي سامھون، ٿي وڃان ڪو ٻارُ مان،

دل خوشيءَ مان پئي پڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي.

 

وٺ وٺان ۾ زندگيءَ جا سمورا ڪمَ ڇڏي،

آءُ تون منھنجي تڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي.

 

پيار جون پينگهون لُڏي، ۽ هوائن ۾ اُڏي،

بادلن ۾ گهر اڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي.

 

هڪ پراڻو ڳوٺ آ، بندُ ۽ سائي ٻني،

واهه جي ڀرسان وڏي، راند کيڏئون ٻارُ ٿي.

 


 

ناشاد شوڪت شنباڻي

غزل

پـــاڻ بــه ســاڳيا نـاهيون هاڻي،

توبن ڪنـھن کـي چاهيون هاڻي.

پــيار نه ٿا جـي مــاڻھو سمجهن،

تِن کي ڪيئن سمجهـايون هاڻي.

ڌارَ پــــراون  وانــــگر پنـھنـجــا،

پـــرچي ڇــــا پــرچــايون هـاڻي.

پُـــورا ئــي جـي ڪيــن ٿيا سي،

وعــدا ڇـــو ورجـــــايون هــاڻي.

صــدمن جــــي صــحرا ۾ تـوبن،

يــــارَ! اڪــــيلا آھيــــون هــاڻي.

جســـم سڄــو ”نـــاشاد“ ڀُـــري ٿو،

ڪيســين ســـور سـمايون هـاڻي.

غزل

جڳ وڃــي پھتــو اڳـي آ ماڳ تي،

پـاڻ ڀــاڙيـو يــار آھــي ڀـــاڳ تي.

ڦوھ جــواني ۾ الئه ڇــو اک کُلي،

خواب اڻــپورو ٽٽـي پيو جاڳ تي.

چنڊ ڪاٿي ٿو ڏسي هو ڌيان مان،

بـــس نظر اٿس چنڊ واري داڳ تي.

مھل ڪھڙيءَ ڀي ختم ٿئي زندگي،

ڇــا ڪجـي اعبتار هن ڇڙواڳ تي.

پـيار جــــا گـــل پـــوکيو سـنسار ۾،

هٿ نه سيڪيو نفرتن جي آڳ تي.

 

پونم بلواڻي

 

 

 

 

مڱن جي دال جا چِلا

گهربل شيون:

هڪ ڪٽوري ڌوتل مڱن جي دال، هڪ لَپ چانور، ادرڪ جو ننڍو ٽڪر، ٽي چار ساوا مرچ، ٿوري هنڱ، ڳاڙها مرچ، گرم مصالحو، کٽي ڏهي، اهر، ڪڙهي پتا، تيل يا گيھه.

ٺاهڻ جو طريقو:

دال ۽ چانورن کي صاف ڪري، رات جو پسائي رکو، صبح جو اُن ۾ ادرڪ، ساوا مرچ ۽ هنڱ وجهي باريڪ پيسيو. وڌيڪ ڇڊو نه ڪريو. پوءِ ان ۾ لوڻ، مرچ ۽ ٿورو گرم مصالحو ملايو. پوءِ تئي کي گرم ڪري ٿورڙو گيھه لڳايو. ٽڦڻيءَ سان اها ملاوٽ تئي تي ڦھلايو ۽ وچولي باهه تي ٿورو گيهه لڳائي سيڪيو، ڏهيءَ کي ولوڙي لوڻ مرچ وجهي اهر، ڪڙهي پتا وغيره وجهو.

چلن کي ڀرڻ لاءِ سامان: ٻه پٽاٽا اوٻاريل، مٽرن جا ٿورا داڻا اوٻاريل، پنير سنھو ڪيل، ٻه بصر سنھا ڪٽيل.

طريقو: پٽاٽن، مٽرن ۽ پنير کي ڀاڄيءَ وانگر ڀُڃو، بعد ۾ ان ۾ ڪُٽيل ساوا ڌاڻا ۽ ڪٽيل بصر ملايو ۽ چِلن ڀري رول وانگر ويڙهيو. ڏهي چٽڻي يا سوس سان، اهي چِلا کائي سگهجن ٿا.

بند گوبيءَ جا رول

گهربل شيون:

هڪ نرم پنن واري بند گوبي، اڌ ڪلو پٽاٽا، پاءُ کن مٽر، ٿورڙو بيسڻ، لوڻ، هيڊ، مرچ، گرم مصالحو، هنڱ، جيرو ۽ ٻه وڏا بصر.

ٺاهڻ جو طريقو:

پٽاٽا اوٻاريو، بند گوبي جو ڳن ڪڍي، پن الڳ ڪريو، پوءِ اهي پن پاڻيءَ ۾ اوٻاريو ۽ مٽر پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيو، ٻن منٽن ۾ پن ڳري ويندا، پوءِ هوشياريءَ سان ڪڍي ٿالھيءَ ۾ رکو، ۽ پوءِ گيھه تئيءَ ۾ وجهي باهه تي رکو، بصر سنھو ڪٽي، هنڱ ۽ جيري سان گڏ وجهو، جڏهن بصر گلابي ٿي وڃي ته ان ۾ پٽاٽا، مٽر ۽ مصالحا جهيڻي باهه تي ڀُڃو. پوءِ بند گوبيءَ جي پنن کي ڦھلائي رکو ۽ ڀڳل پٽاٽا ڊگها ڪري ڀريو ۽ ويڙهيو، پوءِ بيسڻ ۾ ٻوڙي گيھه ۾ تريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org