|
ڊاڪٽر ريحانه ملاح

ڪتاب ”خوابن جي لفافي ۾
ويڙهيل ڳالھيون“ تي تبصرو

لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگهِيو جَنِ؛
عَدَمَ جي اوڙاهَ تي، ڪَيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ؛
گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.
خاڪه نويسي يا اسڪيچ رائيٽنگ ادب ۾ گھڻي پڙھي
ويندڙ يا کڻي چئجي ته مقبول صنف رھي آھي. ادب ۾
خاڪا نويسي، عام طور شخصيت جي ظاهري صورت، روزمره
عادتَن ۽ ڪڏهن ڪڏهن لطيف طنز و مزاح وسيلي،
پڙهندڙن کي متوجه ڪرڻ جو مؤثر ذريعو رهي آهي، پر
زوار نقوي جي ھن ڪتاب ”خوابن جي لفافي ۾ ويڙهيل
ڳالھيون“ ۾ هن روايت کي هڪ باوقار نموني سان پيش
ڪيو ويو آهي. هتي خاڪو صرف شخصي تاثر يا جذباتي
وابستگي، يا شخصيت جي شوق ۽ شغل جو طنزيه اظھار
پيش نٿو ڪري، بلڪه ان جي برعڪس سندس ذات جو فڪري،
علمي ۽ تھذيبي مطالعو بڻجي سامھون اچي ٿو. مصنف
شخصيتن کي لفظن جي آرائش ڏيڻ بدران، فھم ۽ شعور جي
معيارن تي پرکي ٿو، ۽ ٻوليءَ کي احتياط، سنجيدگي ۽
معنوي وقار سان استعمال ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ شامل خاڪا، انھن شخصيتن بابت آهن، جن جي
سڃاڻپ رڳو عھدن يا شھرت تائين محدود ناهي، بلڪه
انھن جي اصل سڃاڻپ سندن فڪري خدمتن، تعليمي بصيرت،
سياسي ۽ ادبي ۽ تھذيبي اثرن سان جڙيل آهي.
سيد سردار شاهه جھڙو تعليم دوست، منتظم ۽ نوجوانن
۾ بي حد مشھور شاعر ۽ مقرر، امداد چانڊيو جھڙو
صاحبِ علم استاد، متحرڪ سياسي ڪارڪن، نثار حسيني
جھڙو باوقار شخص ۽ آگم پبليڪيشن جو بنياد وجهڻ
وارو ۽ ذميوار نشرياتي ڪردار ادا ڪندڙ شخص ۽ شيخ
اياز جھڙو گھڻ پڙھيو ۽ بيحد مقبول ۽ سنڌي ٻوليءَ
جو عھد ساز شاعر. اهي سڀ اهڙيون شخصيتون آهن، جن
جي زندگي ۽ فڪر، پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ معيار،
اصول ۽ تسلسل جي نمائندگي ڪري ٿو، زوار نقوي انھن
سڀني شخصيتن کي ڪنھن به جذباتي مبالغي يا سطحي
تعارف کانسواءِ، علمي ۽ ادبي ڪسوٽي تي پرکي پيش
ڪري ٿو.
انھن خاڪن جي نمايان خوبي، اختصار ۾ معنويت ۽
سادگيءَ ۾ وقار آهي. هتي لفظن جي چونڊ رڳو حسنِ
بيان لاءِ ناهي ڪئي وئي، پر مفھوم جي صحت ۽ فڪري
گهرائيءَ کي پڻ نظر ھيٺ رکيو ويو آهي. ليکڪ جي
چوڌاري واقعن جو هجوم گڏ ڪرڻ بدران، سندن فڪري
ڪاوشن، علمي خدمتن ۽ تھذيبي ڪردار کي مرڪز بڻائي
ٿو. اهڙيءَ ريت هر خاڪو صرف ڪنھن فرد جو تعارف نه
ٿو رهي، پر هڪ دور جي ذهني فضا، تعليمي قدرن ۽
ادبي روين جي جهاتي پڻ مھيا ڪري ٿو.
هي ڪتاب اسان کي ياد ڏياري ٿو ته خاڪا نويسي رڳو
دلچسپي پيدا ڪرڻ جو وسيلو ناهي، بلڪه فڪري ورثي کي
محفوظ ڪرڻ جي هڪ سنجيده صنف پڻ ٿي سگهي ٿي. زوار
نقوي، هن صنف کي وقار، فڪري احتساب ۽ تھذيبي شعور
سان نڀايو آهي. انھن خاڪن جي روشنيءَ ۾ انھن
شخصيتن جي علمي ۽ ادبي مقام، سندن فڪري اثرن ۽ هن
اسلوبِ نگارش جي معنوي پھلوئن کي مثالن سان واضح
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته سنجيده ۽ باوقار خاڪا
نويسي، ادب ۾ ڪيئن هڪ مستند ۽ ديرپا روايت قائم
ڪري سگهي ٿي.
ھن ڪتاب جا گھڻا ورق، مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا
آھن، جن ۾ سيد سردار علي شاهه تي لکيل ”صحرا ۾
ٽڙيل گلاب جھڙو شخص“ جي عنوان سان خاڪو لکيل آهي،
جنھن ۾ ليکڪ، سردار شاهه جو تعارف، ھنن سٽن سان
ڪرائي ٿو ته، ”ھو، جنھن جي اندر ۾ هڪ صوفي لا ڪوفي
ويٺل آهي، ان جو بيچين روح، انياءُ تي غمزده ٿئي
ٿو ۽ نياءَ تي سندس چھري تي تبسم، رقص ڪرڻ لڳي ٿي.
سردار شاهه جي ھڪ خوبي اها به آهي، ته ھن جي عقابي
اک، ھر شيءِ کي سياستدان جي اک سان گڏ، ھڪ شاعر جي
اک سان به ڏسي ٿي. مان ھن جي اکين کي ايڪسري آئيز
سمجهندو آھيان، جيڪي ماڻھو جو من پڙهڻ جي قابليت
رکنديون آهن، معصوم دل رکندڙ ھن شاعر کي سچ به ته
رسڻ پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه
ايندو آهي.“ ان خاڪي ۾ زوار نقوي، سردار شاهه جي
ڪم ۽ ڪردار جي حوالي سان نھايت ڪارائتيون ڳالھيون
بيان ڪيون آھن.
ھڪ ٻيو خاڪو، جيڪو امداد چانڊيو صاحب تي لکيل آھي،
ان ۾ ليکڪ، امداد چانڊيو صاحب سان پنھنجي ويجهڙائي
۽ محبت جو اظھار ڪندي لکيو آهي ته، ”امداد جو
ڳاڻيٽو، انھن شاگردن ۾ ٿيندو ھو، جن سان علمي،
ادبي، ثقافتي ۽ سياسي گفتگو سکڻ ۽ سيکارڻ جي
بنياد تي ڪري سگھبي ھئي. سندس اھڙي سڀاءُ جي ڪري
نه صرف اسان جي ڪلاس جا شاگرد پر اڻڌريا شاگرد ۽
استاد به کيس وڏي عزت ۽ احترام سان ڏسندا هئا. ھو
ڪلاس ۾ ليڪچر کان پوءِ استادن کان بين الاقوامي
سياست توڙي تعلقات ۽ بدلجندڙ دنيا بابت سوال ڪندو
هو ته سڄي ڪلاس کي ڏندي آڱريون اچي وينديون هيون
سندس سڀاءُ سٺو ھوندو ھو، انڪري جيڪڏهن هن کي ھڪ
مثالي شاگرد چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونھي،
انھيءَ ئي خاڪي ۾ ھن امداد چانڊيو صاحب جي ”ھڪ
سياسي ڪارڪن جنھن پنھنجي تعليم جيل ۾ پوري ڪئي“ جي
حوالي سان ڪافي ڳالھيون شيئر ڪيون آھن.
سندس جيل جي ڪھاڻي بيان ڪندي لکي ٿو ته، ”اُھي سخت
گرميءَ وارا ڏينھن ھئا ۽ سنڌ، سياست جي رومانس ۾
رقص ڪري رھي ھئي، ملڪ ۾ مارشل لا ھئي، لکڻ تي
ڳالھائڻ تي پابندي جو سائن بورڊ لڳل ھوندو ھو ۽
ھو، لکڻ ۽ ڳالھائڻ جي پاداش ۾ 49 سينٽي گريڊ جي
گرميءَ ۾ جھموريت جا خواب ڏسي رهيو هو
.“
ھو، سندس اٽل ارادي ۽ مضبوطيءَ سان بيٺل سچ جي
رستي تي کيس ڀليڪار چوي ٿو. ھو ان جي ڪردار بابت
لکي ٿو ته، ھن ڪڏهن نه گُٿي گفتگو ڪئي ۽ نه ئي وري
پنھنجي ڪردار کي گُٿو ڪيو. مخصوص ۽ محدود دوستن جو
دائرو رکندڙ امداد جيترو ڳالھائڻ ۾ سليڪٽيڊ آهي،
اوترو دوستن رکڻ ۾.
بسنت جي رت بيچئي آ.
جديد دور جي عظيم شاعر شيخ اياز کي ھڪ ديومالائي
ڪردار سڏي ٿو ۽ ان سان، پنھنجي پھرين ملاقات ۾ ئي
عشق ڪرڻ لڳي ٿو، ھو لکي ٿو ته، ھو پھرين نظر ۾
مون کي شاعر لڳو فقط شاعر. شاعر ڪيئن ھجڻ گھرجي ؟
ائين ئي جيئن شيخ اياز ھو. مون ھن سان ھٿ ملايو ۽
ھن جي اکين ۾ ڏٺو. شاعري، ھن جي اکين مان لياڪا
پائي رھي ھئي.
سليمان ابڙو، جنھن پنھنجي سموري عمر، انساني ڀلائي
جي ڪمن ۾ گذاري. ھو، ان کي سنڌ ۾ اين جي اوز ۽
مائڪرو فنانس متعارف ڪرائڻ وارو پھريون شخص ڪوٺي
ٿو ۽ سندس خدمتن جي واکاڻ ھن طرح ڪري ٿو ته، لڳ
ڀڳ اڌ صديءَ تي مشتمل، ھن جو انسانن جي ڀلائي،
علم،ادب، آرٽ ۽ پاڻ ڀرئي سماج لاءِ ڪيل ڪم، ھڪ
اعليٰ آدرشي تاريخ آهي ۽ اھا به ھڪ حقيقت آھي ته
مقصد ماڻڻ لاءِ ثابت قدم ٿي ڪيئن بيھجي ۽ اڻٿڪ
محنت سان، پنھنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي، ڪيئن
ڪامياب ٿجي ۽ ان ڪاميابيءَ جي ثمر سان، پنھنجي وطن
کي ڪيئن واسجي، اھو ڪير سليمان صاحب کان سکي.“
ھنن خاڪن ۾ ليکڪ نه طنزو مزاح جو سھارو ورتو آهي
نه ڪنھن جي دل ڏکوئي آھي ۽ نه ئي وري ڪنھن جي
ڪردار کي لوئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ان جي برعڪس
ليکڪ، ڀٽائي جي سٽن جيان ته
:
سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي.
ان مطابق زوار نقوي صاحب جن ڪتاب جي ھر خاڪي جي
ڪردار جون خاصيتون بيان ڪندي، ھن ڪتاب ۾
پنھنجي ئي ڪيل ڳالھه جي ثابتي ڏئي ٿو ته سيد عزت
ڪرائڻ به ڄاڻي ته ڏيڻ به ڄاڻي.
آخر ۾ مضمون جي طوالت کان بچندي، مان صرف نياز
پنھور تي سندس لکيل خاڪي
”ايڪسٽرا آرڊنري شخص ۽ شاعر“، جنھن ۾ ھو، ان
بابت لکي ٿو ته، ”ھيءَ انھن ڏينھن جي ڳالھه آهي،
جڏهن اسان ٻالڪپڻي کان جوانيءَ واري عمر ۾ داخل ٿي
رهيا ھئاسين. انگريزيءَ ۾ جنھن کي ٽين ايج چئبو
آهي. ھو شاعرن جي محبوب شھر ڄام شورو جي يونيورسٽي
ڪالونيءَ ۾ ۽ مان جھانيان ھائوس ٽنڊو جھانيان ۾
رھندو ھوس.“ ھن خاڪي ۾ زوار نقوي ٿورو بي تڪلف ٿي
لکيو آهي، ان جو سبب، ھن جي نياز پنھور سان محبت ۽
ھجت به ٿي سگھي ٿي يا شايد جواني ۾ گڏجي گذاريل
ڏينھن جي ڪشش جن ڏينھن ۾ ھو يونيورسٽيءَ جي بس کي
محبوب جي ڀاڪر جيان ڀائيندا ھئا، ان خاڪي ۾ ھن،
نياز صاحب جا ناز انداز سڀ ظاھر ڪيا آهن، جن ۾
جوانيءَ جي عشق کان وٺِي، اخبارن جي شھه سرخي
تائين، ھن جي باري پنھنجي راءِ ڏيندي، چوي ٿو ته،
”ھن جي دل ۾ دفن ٿيل ٻين کوڙ سارين خبرن مان ليڊ
خبر، ھن جي سمور جھڙي سپرين جي آھي، جنھن کان نا
آشنا ھوندي به ايترو چئي سگهجي ٿو ته جڏهن ھو وارن
کي ڪلر ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽ جڏهن ھن جي شيو وڌي وڃي،
تڏهن پڪ سمجھو ته پنھنجي سمور جھڙي سپرين سان ھجر
جا ڏينھن ۽ فراق جون راتيون گذاري رهيو آهي. اسان
زندگي جي کوڙ سارن سالن جا ڪيترائي ڪلاڪ ھڪ ڇت جي
هيٺان رسندي پرچندي گذاريا آهن. سچ به ته مون ھن
شاعر جي اندر ۾ ھميشه ان شخص کي ڳوليو آھي، جنھن
کي فقط رسڻ پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ ايندو آهي.“
وري شھر ٽھڪ ٻرندا ڪڏهن
وري پھر پيارا ورندا ڪڏهن.
سچ به ته اندر ۾ لھي ويندڙ سٽون لکي، ڄڻ ھن ھر دؤر
جي احساس جي اپٽار ڪئي آهي.
ھي ڪورونا وائرس واري دؤر جي ياد ڏيارين ٿيون.
زوار نقوي ھن خاڪي اندر ھڪ شاعر کي وقت جو مؤرخ
لکي ٿو، جيڪي ماضي، حال ۽ مستقبل کي عشق جي اکين
سان ڏسندا آهن. ھو ياد ڏياري ٿو ته، عشق ڪڏهن به
ويساهه گهاتي نه ڪندو آھي.
سولي اوپر منصور ھي
منصور ھي منصور ھي.
مطلب ته ھن ڪتاب ۾ لکيل خاڪا، تاثر، تعارف ۽ مھاڳ،
سنھي سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من، وانگي سليس
سادي ۽ سٻاجھي ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. جيڪي پڙھڻ سان
قاريءَ ۾ پازيٽو اينرجي جڳائين ٿا، ڇاڪاڻ ته ھو
ڄاڻي ٿو ته،
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.




سھيل ميمڻ
ڊاڪٽر درِشهوار سيد
(جنھن سنڌ ۾ عورت جو مان مٿانھون
ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو)
سائين جي.ايم.سيد جي نياڻي درِشھوار سيد جي وفات
کي 29 سال ٿي ويا آهن، پر پوءِ به سندس نالو،
سنڌ جي انھن ڪردارن جي لسٽ ۾ اچڻ سبب، جن سنڌ لاءِ
ڪو نه ڪو پورهيو ڪيو آهي، سنڌ واسين کان نٿو وسري.
ڊاڪٽر درِشھوار سيد کي ياد رکڻ جو سبب صرف اهو
ناهي ته هوءَ رهبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد جي نياڻي
هئي، پر کيس ياد رکڻ جو سبب، سندس ذاتي علمي ادبي
پورهيو آهي، جنھن ۾ سڀ کان وڏو ڪم، سنڌ جي اُن
”پھرين نياڻي هئڻ“ جو شرف حاصل ڪرڻ آهي، جنھن شاهه
لطيف جي فڪر ذريعي، سنڌ جي صوفين جي پيغام هيٺ،
”شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ويدانت جو اثر“ واري
موضوع تي انگلينڊ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر درِشھوار سيد جو ڊاڪٽريٽ جي اها ڊگري حاصل
ڪرڻ کان وڏو ڪارنامو، اهو آهي ته هن، جنھن وقت،
جنھن سماج ۾، جنھن پيراڻي ۽ سيد خاندان ۾ جنم وٺڻ
بعد، اها ڊگري حاصل ڪئي، اهو تقريباً ناممڪن ڪم
هو، ڇاڪاڻ جو 1967ع ۾ بي.اي پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڻ
پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان
1969ع ۾ ايم.اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين ته
درِشھوار جي وڌيڪ پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا
اعتراض ڪيا ويا، پر سندس والد سائين جي.ايم.سيد
سڀني اعتراضن ۽ ڳالھين کي نظرانداز ڪري کيس اڳتي
پڙهايو. جيجي درِشھوار اڃان ايم.اي جي ڊگري نه
ورتي هئي ته سائين جي.ايم.سيد کيس انھيءَ ڳالھه تي
راضي ڪيو ته کيس پي.ايڇ.ڊي ڪرڻي آهي. پوءِ پاڻ
جيئن ئي ايم.اي پاس ڪيائين ته سائين جي.ايم.سيد
کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو. هن 1972ع ۾ سنڌ
يونيورسٽي مان فارسي جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو، جيئن
فارسي شاعري جو مطالعو ڪري، ايران ۽ سنڌ جي صوفي
ڪلچر جي ڀيٽ ڪري سگهي. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
رهڻ ۽ اتي تعليمي ماحول نه هئڻ ۽ ان جي معيار جو
ڪو عالم استاد نه هئڻ سبب، پاڻ انھيءَ جي شڪايت
پنھنجي والد سان ڪيائون. نيٺ سائين جي.ايم.سيد کيس
1974ع ۾ لنڊن موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پي.ايڇ.ڊي ڪري.
مان انھن معاملن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته سنڌ ۾
سائين جي.ايم.سيد جي جيڪا ماني ۽ مھمان نوازي
مشھور آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو هٿ، ڪردار ۽ محنت
سائين جي.ايم.سيد جي نياڻين جيجي زرين تاج، جيجي
شمع ايمن ۽ جيجي ڊاڪٽر درِشھوار جو آهي. جن رات
ڏينھن، گرمي سردي، ماني جو وقت هجي نه هجي، سال جا
ٻارنھن ئي مھينا پنھنجي گهر جي چُلھه بند ٿيڻ نه
ڏني. ان وقت نه گيس هوندو هو، نه بجلي، چويھه ئي
ڪلاڪ سائين جو باورچي خانو آباد هوندو هو ۽ ٻين
مددگار عورتن سان گڏ، اهي نياڻيون پاڻ ڪم ڪنديون
هيون. ڪو ڏينھن خالي نه هو، جڏهن سن ۾ اجلاس نه
هجن، ڪا ميٽنگ نه هجي يا ڪو مھمان نه هجي. سنڌ جا
ٿڪل ٽُٽل، بکايل، قومي ڪارڪن، ليڊر ۽ ٻيا مھمان
جڏهن سن پُڄندا هئا ته سائين، انھن کي سڀ کان
پھريان ماني کارائيندو هو .
سالن جا سال لکين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ مھمانن جي
مھمان نوازيءَ ۾ سيد جي نياڻين پنھنجي پوري زندگي،
سنڌ جي پتنگن کي پنھنجي اولاد جيان ايڏي ذميواري
سان کارايو پياريو، جو لڳ ڀڳ هڪ صدي ڪڏهن ڪنھن نه
ٻڌو هوندو ته سائين جي.ايم.سيد جي تڏي تي کاڌي
پيتي جي ڪا گهٽتائي جي شڪايت آئي هجي.
ڊاڪٽر درِشھوار، ان ڏکئي وقت ۾ ڪراچي ۾ سنڌي عورتن
کي گڏ ڪري، اسوا (آل سنڌ وومن ايسوسيئيشن) جو
بنياد وڌو، جنھن وقت ڪراچي اوپري هئي. عورتن جي ان
پليٽ فارم تان وڏا ڪم ڪيائين، جيڪي هتي لکبا ته
ذڪر ڊگهو ٿي ويندو.
سائين جي.ايم.سيد جي بيماري ۽ وفات کان پوءِ جي
تاثراتي ڪتاب ”سي ڪيئن وساريا“ کي مون جيجي
درشھوار جي رهنمائي ۾ ئي مرتب ڪيو. جيجي ان جا پيش
لفظ به لکيا، ڪتاب جو نالو به پاڻ ئي ڀٽائيءَ جي
بيت مان کڻي رکيائين ۽ ڇپائڻ جا پئسا به ڏنائين.
جيجي جو شاهه لطيف تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي، خاص
ڪري شاهه جي رسالي کي سنڌ جي مشھور صداڪار صالح
محمد شاهه کان آڊيو ڪرائڻ لاءِ سندس شروع ڪيل ڪم،
جيڪو هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر جي
سربراهه هجڻ دوران ڪيو هو، سو پراجيڪٽ ڪٿي پھتو،
پورو ٿيو يا ختم ٿي ويو؟ ان جي خبر ڪراچي
يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر وارن کي هوندي، باقي
سنڌ جي نياڻين کي خاص ڪري جيجي درِشھوار جي ڪم تي
پي.ايڇ.ڊي ضرور ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي هيءَ سدوري ڌيءَ 26 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچي ۾
گذاري وئي، کيس سن ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي
ماءُ حوالي ڪيو ويو.
حفيظ چانڊيو
املهه انسان: اندرا
شبنم
پونا والا
لکڻ جي لاءِ،
هن ڪيڏو نه لوچيو آهي، جوانيءَ
کان وار چاندي ٿيڻ تائين،
سندس شاعريءَ جو سفر ڏات جي ڏيهه ۾ نت نيون
تخليقون ارپيندو
رهي ٿو.سندس شاعريءَ ۾ گهرائي آهي، فلسفي کان لوڪ
ڏاهپ،
سندس شاعريءَ
جا دلچسپ موضوع رهيا آهن. نثري نظم جي خوبصورت
شاعره
اندرا شبنم
پونا والا عالمي معيار جي اها شاعره آهي، جنهن
سنڌي ادب جي جديد صنف سان خوب نڀايو آهي، شبنم
اندرا جا نثري نظم،
قوم جي احساسن جي ترجماني ڪن ٿا، سندس نثري نظم
جون پاڙون،
سنڌي ادب جي پاتال تائين پهتل آهن. هوءَ پنهنجي
نثري نظمن ۾ واقعن کي شاعراڻو روپ سروپ ڏئي، تاريخ
رقم ڪندي رهي آهي. سندس هڪ درجن کن ڪتاب آيل آهن.
وطن جي حب،
سندس سيني ۾ سمايل رهي آهي. مارن سان سندس رشتو
ٻاٻيهي جهڙو آهي. نثري نظم جي شاعر توڙي شاعرائون
پنهنجي پنهنجي تخليقي حُسن و جمال سان،
ادب جي افق تي تارن جيان چمڪي، ڏيهه جرڪائيندا رهن
ٿا.
سنڌ ڄائي شبنم اندرا پونا والا پڻ اهڙن اهم
شاعرائن منجهان آهي، جنهن فن ۽ فڪري لاڙن کان
ويندي،
موضوعاتي حوالي سان خوب نڀايو آهي. کيس تخليقي
حوالي
سان
جيتوڻيڪ گهڻين پيچيدگين سان پيچ اڙائڻو پيو هوندو،
پر ان باوجود،
هن بحيثيت هڪ سنڌي شاعره جي نت نون تشبيهن ۽
استعارن کي ڪتب آڻي،
سماج جي سنوت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس
ڪلام ۾ مارن جي محبت سان گڏ،
اڻ ڳڻيا اُلڪا بيان ٿيل آهن.
هيءُ
پنهنجي ٽهيءَ جي انتهائي سهڻي ليکڪه آهي، جنهن
پابند شاعريءَ سان گڏ،
نثري نظم ۾ پڻ مڃتا ماڻي آهي، سندس نثري نظمن واري
ميدان ۾ روڙيل رنڊن ئي هن کي بهترين شاعره جي
سڃاڻپ عطا ڪئي آهي، سندس نظمن جي نغمگي به ڪمال جي
آهي.
مان اهڙو ماڪ ڦڙو آهيان،
جو وڻن، پنن، گُلن، گاهن تي،
چمڪندو ، ٻهڪندو،
پنهنجي سونهن سوڀيان
وڌائيندو رهيو آهيان،
هڪ پڇتاءُ،
زندگيءَ
کي لولو لنگڙو بڻائي،
هميشه هڪ احساس ڏيندو رهيو آهي ته
آءُ ڪنهن جي دک درد جا ڳوڙها اگهي ناهيان سگهي.
سندس نثري نظمن جي ڪتاب ۾
164
ٿيل آهي، سا بنهه منفرد ۽ نئين آهي، ڇو جو شاعر
سماج جا سرواڻ ٿيندا آهن، جتي هوءَ عام جي دکن تي
دُکي ٿي، سندن ڳوڙهن اگهڻ جي سگهه نه ساريندي، کيس
پڇتاءُ وارو احساس اندر کي اڌو اڌ ڪندو رهيو آهي.
سندس نثري نظمن کي جيڪڏهن پڙهبو ته اهي ٻين
شاعرائن کان بنهه منفرد ۽ تخليقي ملندا، سندس
پابند شاعري کان نثري نظم تائين واري سفر جي
روئداد به عجيب آهي. سندس شاعري جو سفر،
محبت جو معراج ماڻي،
صحتمند سماج جي جوڙجڪ لاءِ عمل پيرا آهي. هن کي
ورهاڱي جو وڍ ڏيندڙ هاڃو ايڏو حاوي رهيو،
جو سندس شعرن کي پڙهبو ته ان ۾ ان ڪرب جي جهلڪ
بخوبي پسي سگهجي ٿي. هوءَ سنڌ جي مٽيءَ کي محبوب
سمجهي ٿي
۽
ان سان ڪمٽمينٽ ڪندي نظر اچي ٿي. سندس شعرن جي
پوپٽي رنگن جي فطري خوبصورتي ڏسي،
اکيون ٺاري سگهجن ٿيون. سندس شاعريءَ جا موضوع نت
نوان آهن، جنهن ۾ سماجي اٿل پٿل ۽ ڪيفيتن جي ڪوهير
۾ روشنين جو سفر آهي.سندس نثراڻا نظم سماج دشمنن
جي لاءِ موت آهن. سندس نثري نظمن ۾ خيالن جي
گهرائيءَ سان گڏ،
نج پڻو، پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندو آهي.
مان هڪ برفيلي،
سڀ کان اونچي چوٽي
پنهنجي بلنديءَ کي ڏسي،
ڪپڙن ۾ نٿي ماپان،
پر ڪنهن به
يُگه ۾ جنهن کي،
ڪنهن انسان جي چُرڻ سپرش نه ڪيو هجي،
جو اهليه جيان مُڪتي ملي
منهنجي اهم کي!..
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ انيڪ شاعر ۽ شاعرائن مارن جي
موهه ۾ زمان ۽ مڪان جو سفر ڪيو آهي، هنن قوم جي
آجپي لاءِ،
وقت جي حاڪمن کي ڪڙو سچ چئي،
سندن مڪروهه چهرن کي قوم آڏو وائکو ڪيو آهي. سندن
شاعري ڪائنات جي ڳجهن جو راز فاش ڪري،
زندگيءَ جي گونج بڻجن ٿا. انڪري اوپرن رستن تان
ٿيندي،
سنڌ جي ٻهراڙين جي فطري حُسن تي قلم کڻي، ڏات جي
ڏيهه ۾ قلم کي علم بڻائي،
ڏات کي قوم جي نجات لاءِ ڪتب آندو آهي.
ادبي دنيا ۾ سندن مسلسل محنتون تاريخ جو حصو آهن.
هوءَ فطرت جي اها شاعره آهي، جنهن وٽ نج پڻي سان
گڏ،
حساس پڻو به آهي. سندس طويل تنهاين، تجربن، مشاهدن
۽ ڪيفيتن تي آڌاريل شاعري،
کيس قوم جي سورن ۽ دردن ڏانهن ذميدار شاعره طور
اڳيان
آڻي ٿي.
اندرا شبنم
پونا
والا، جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم شاعرائن مان آهي،
جنهن هميشه سنڌ جي مظلوم قوم جي سرواڻي پئي ڪئي
آهي. قوم جي اجتماعي دردن تي ڪڙهندڙ هيءَ شاعره،
ورهاڱي وقت،
ديس کي ڇڏيو ضرور هو، پر سندس ٻالڪپڻ هتڙي سنڌ ۾
رهجي ويو هو، جنهن جي ڳولا کيس هميشه بي چين رکيو.
سندس نثري نظم،
هر دور جي نمائندگي ڪندڙ رهڻا آهن. سندس شاعريءَ ۾
دل سوز ڳالهيون، درد،سماج جون تلخيون، رت جي رشتن
جي بي وفائي، قوم جو ٿيندڙ استحصال،
تاريخ جو اهڙو سچ آهن، جنهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ
لاءِ نوجوان کيپون ڊاڪٽريٽ ڪنديون.
گول روٽيءَ جو گهيرو
هٿ ۾ روٽيءَ جو ٽڪر ملڻ به،
رشڪ آ ڪنهن لئي،
ان گول روٽيءَ جي گهيري ۾ ڪيترائي
ٺاهه ڪيا آهن.
هن ڪيتريون ئي سزائون ڀوڳيون،
نه ڪيل گناهن جون
ڪيترين امنگن، اتساهن
اٺسٺن، اڏامن، خوبين
کي پوريو،
اڻ ڏٺل قبر ۾ ،
پنهنجي ئي هٿن سان،
هاڻي، هوءَ باغي بڻجي پيئي آهي.
اندرا شبنم
پونا
والا، سماج جي اها
انقلابي
شاعره آهي، جنهن ٻن ويلن لاءِ
پريشان آدرشي انسانن جو ايمانداريءَ سان ڪيس لڙيو
آهي. سنڌي شاعري ۾ هوءَ عشق ۽ انسانيت جي امين
شاعره آهي، جنهن بنان
ڪلمي پڙهڻ جي قوم جي سک ۽ سلامتي لاءِ ٻاٻيهو بڻجي،
ڌرتيءَ سان بي انتها پيار ڪيو آهي. هن شعرن مان،
بم ۽ گولن جو ڪم ورتو آهي. مذهبي مت ڀيد کان
مٿانهين ٿي،
احساسن جي اپٽار ڪندي رهي آهي. هن سماج جي تلخ
ترين تجربن، بي واجبين خلاف باهيو آهي. هن
ظلم ڪندڙن
خلاف،
وڏي بيباڪيءَ سان لکيو آهي. سندس سڃاڻپ تخليق جو
نج پڻو ۽ ازلي انفراديت ئي آهي. جنهن کيس سنڌي ادب
۾ سڃاڻپ عطا ڪئي آهي.
اندرا
شبنم غزل ۽ نثري نظم جي نامياري شاعره آهي.
نثري نظم ۾ مقبوليت ماڻيندڙ سنڌي شاعره اندرا
شبنم
پونا والا هڪ بهادر شاعره آهي. جنهن جو
تخليقي معيار،
ڌرتيءَ جي فطري حسناڪين مان ڦُٽي
نڪتو آهي.
اندرا شبنم
پونا
والا
جي شاعريءَ ۾ نت نون استعارن جو استعمال آهي، سندس
شاعري،
فني حوالي سان ڀرپوريت سان مالامال آهي، فڪري
حوالي سان ڪا حتمي راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي. سندس
شاعريءَ ۾ پيار جي پالڻهارن جي ڳالهين کان ويندي،
فطرت جي حُسن و جمال تائين،
سڀني ڪيفيتن جو گهرو ڳانڍاپو
ملي ٿو.
تون هي ڪري سگهين ٿو،
تون هُو ڪري سگهين ٿو،
ثابت ڪري ڏيکاريو تو،
هر نظريي سان،
اُتم وشواس جو،
اوچو منارو ۽ چٽان بڻجي پڻ،
ڏيکاريو تو!!
خود اعتباريءَ واري زندگي..
جيئڻ لڳندين؟
بنان
ڪنهن سهاري جي
۽.....
جڏهن، ڪڏهن به تون...
پنهنجين ئي ڪمزورين
تصوري ڪمزورين مان نڪري،
پنهنجي هٿن جي لڪيرن ڏانهن نهاري
بنان
ڪنهن ڪارڻ
ٺاهه ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندي
ان پل جي انتظار ۾ منهنجا ساهه رڪيل آهن.
سندس سڃاڻپ جيتوڻيڪ نثري نظم آهي، پر هن وائيءَ
کان وٺي،
بيت، غزل ۽ گيت
پڻ
لکيا آهن.سندس شاعريءَ جو بڻ بنياد،
ڌرتيءَ جي دکن مان ڦٽي نڪتل آهي.
اندرا شبنم
پونا
والا جي شاعري،
عشق جي چوڌاري گهمندي ڦرندي نظر اچي ٿي، جيڪا وصل
جي لاءِ عشق جي صدائن کي بلند بالا ڏسڻ جي
خواهشمند ڏسجي ٿي.نئين
ٽهيءَ ۾
اندرا
پونا والا جو نالو،
نهايت سگهارو ملي ٿو، جنهن زندگيءَ جي هر پل کي
قيمتي بڻائڻ خاطر،
شاعريءَ
کي ايمان جو جز ڀائيندي نظر ٿي اچي. سندس سموري
شاعري،
فني توڙي فڪري حوالي سان ڀرپور آهي. سندس گيت، غزل،
واين سان گڏ،
نثري نظم،
انهن جديد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿي.
جيڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي گهاڙيٽن ۾ انوکا تجربا
ڪندي نظر اچي ٿي.
اندوءَ جي شاعريءَ ۾ محبوب جي ماڻڻ جي تڙپ ملي ٿي
۽ هن ان جي وصل
لاءِ،
جنهن بيباڪيءَ سان بيان ڪيو آهي، سو ٻي ڪنهن شاعره
ناهي ڪيو.سندس ڪومل احساس پڙهندڙن
جي
دل کي ڇهي وٺن ٿا، هوءَ جديد سنڌي شاعريءَ جي
حوالي سان،
نهايت سنجيده شاعره آهي، سندس گهڻ رخي شخصيت ۽
بحيثيت شاعره،
ادب ۾ نوجوان پڙهندڙن جو محور بڻيل آهن.
|