|
خوشبو بلوڇ

کنوڻ

ڳوٺ جو ماحول هو، صبح سان ئي عورتن ۽ جوانڙن ۾
خوشي هئي. هر گهر جي عورت چار ڍوڍا پچائي، گهر جي
ضروري ڪم ڪار مان واندي ٿي، تڙتڪڙ ۾ تيار ٿي،
سھڻيءَ جي گهر وڃڻ لاءِ پئي سنبري. رنگ برنگي ڪپڙن
۽ ميڪ اپ ۾ هر ڇوڪري ٻيءَ کان سھڻي نظر اچڻ جي
ڪوشش ۾ هئي. سانورا چھرا، ميڪ اپ جي تھن ۾ اڃان
پُرڪشش ٿي ويا هئا. جتي ڇوڪريون ايترو تيار ٿيون
هيون، اتي ڳوٺ جي ڇوڪرن به ريس ڪندي، وسان ڪونه
گهٽايو هو، تيل ڦليل ڪري، رومال ڪلھن تي رکي، انھن
به ڪم ڪار جو بھانو ڪري، شميءَ جي گهر لامارا پئي
ڏنا ۽ اک ٽيٽ سان پنھنجين محبوبائن جو ديدار به
پئي ڪيو. اها ڳالھه، ڪاڄ ۾ موجود ڳوٺ جي پوڙهين به
محسوس ڪئي، سو کين دڙڪا ڏئي، گهر مان ٿي ڊوڙايائون
۽ پنھنجو زمانو ياد ڪري کليون به پئي.
اڄ شميءَ جي ونواهه جي رسم هئي، سندس رشتو، ننڍپڻ
۾ ئي پنھنجي سؤٽ حاڪم سان طي ٿي ويو هو. ٻئي ننڍپڻ
کان ئي هڪ گهر ۾ گڏ رهيا هئا. انڪري گڏ کيڏندي
وڙهندي، سندن پيار به پروان چڙهيو هو. ٻئي هن
شاديءَ مان ڏاڍو خوش هئا.
شميءَ جي گهر کي صبح کان ئي سندس مائٽياڻين ٻھارو
ڏئي هر هر پئي گهر جي آڳنڌ کي ڇڻڪار ڪيو ته جيئن
مٽي نه اُڏامي. ٻپھريءَ جو آڳنڌ تي وڇايل گِلم تي
ڳوٺ جي ڇوڪرين ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ڪنوار
۽ گهوٽ جو گهر ساڳيو هو، سو گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جي
گهر جو فرق نه هو.

موسم صبح کان ئي جهڙالي هئي. آسمان تي ڪڪر ته هئا،
پر ٻپھريءَ کان پوءِ ڪڪر وڌندا پئي ويا، ڏسندي
ڏسندي آسمان، ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو ۽ ويرم ئي نه
گذري ته وسڪارو شروع ٿي ويو. عورتون برسات وسندي
ئي اندر ورانڊي ۾ وڃي ويٺيون. ڇوڪرين کي ته جهڙو
رونشو لڳي ويو. گلم ويڙهي اندر رکي، اچي برسات ۾
وهنجڻ لڳيون ۽ گڏوگڏ، شميءَ سان مستي به پئي
ڪيائون ته پڪ سان تو ۽ حاڪم ڏوئي چٽي آهي، تڏهن
برسات پئي آهي. شمي، اهو سڀ ٻڌي پئي شرمايو.
کِل خوشيءَ ۾ ونواهه جي رسم ڪري، هرڪو پنھنجي گهر
روانو ٿي ويو. شاديءَ جي تاريخ، چئن ڏينھن کان
پوءِ جي رکي وئي.
رات ٿيندي ئي برسات شروع ٿي وئي، هرڪو پيو شمي ۽
حاڪم کي چيڙائي ۽ مستي ڪري ته واهه جي ڏوئي چٽي
اٿوَ، مورڳو برسات بند ئي نه ٿي ٿئي.
برسات هئي، جا وڌندي پئي وئي، بيھڻ جو نالو ئي نه
هئس. ٻن ڏينھن جي لڳاتار تيز برسات، ڳوٺاڻن کي
پريشان ڪري ڇڏيو. ڇو ته اڪثر ماڻھن جو گذر سفر
روزاني جي مزدوريءَ تي هو. سندن گهرن ۾ کائڻ پيئڻ
ختم ٿي ويو هو. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڏسي، وڏي عمر جا
بزرگ پريشان ٿي ويا. کين موسم جا سٺا آثار ڪونه
پئي لڳا. وڏڙين عورتن برسات روڪڻ لاءِ سوڻ ڪرڻ
شروع ڪري ڏنا، پر سڀ بيسود برسات هئي، جا بند ٿيڻ
جو نالو ئي نه پئي وٺي.
پوري ڳوٺ جي پريشاني وڌندي پئي وئي، برسات جو ٽيون
ڏينھن ڏاڍو خطرناڪ پئي لڳو. مسجدن ۾ اسغفار جو ورد
شروع ٿي ويو هو. گهرن ۾ عورتن، قرآن پاڪ پئي
لوڏيا، وٿاڻن ۾ مال، گاهه آلو هجڻ ڪري کائڻ ڇڏي
ڏنو هو.برسات به تمام گهڻي تيز ٿي وئي هئي. حاڪم
سوچيو ته مال کي ڪنھن ڇپر هيٺان ٻڌي، کين برسات
کان بچائجي. آخر اهوئي ته سندن گذر سفر جو ذريعو
هو. هو، اهو سوچيندي، هن پنھنجي ننڍپڻ جي پاليل
مينھن، جنھن جي کير کان سواءِ ٻي ڪنھن مينھن جو
کير نه وڻندو هئس. مينھن جو رسو کولي اندر وڃي
رهيو هو ته، آسمان تان کنوڻ پنھنجي پوري تجلي سان
ڪڙڪندي هيٺ ڪِري ۽ پاڻ سان حاڪم سميت، سڀ خوشيون
کڻي، سڀ ڪجهه ختم ڪري وئي.
حاڪم جي موت جو ٻڌي، شمي، پنھنجا حواس هميشه لاءِ
وڃائي ويٺي ۽ پوري حياتي، کنوڻ کان ڊڄندي رهي.
ڏک ڀري خوشي....!
گهر جي آڳنڌ جي ڪنڊ ۾ ٺھيل ڪچي رڌڻي ۾ باهه
ٻاريندي، لطيفان جھڙو اڌ مئي ٿي پئي هئي، پر باهه
به ڪيئن ٻري، سڄيون ڪاٺيون، برسات ۾ پسڻ جي ڪري
آليون ٿي ويون هيون. مس مس اڄ ڪجهه تڙڪو نڪتو هو.
ڇھن ستن ڏينھن کان مسلسل برسات اصل ڳوٺ وارن کي
پريشان ڪري ڇڏيو هو.
لطيفان صبح جو اٿڻ شرط اچي گهر جي صفائيءَ ۾ شروع
ٿي هئي. گهر ۾ ٻه ڪمرا هئا، هڪ ڪمري ۾ هي ٻئي زال
مڙس رهندا هئا. ٻئي ڪمري ۾ سندس سس سھرو ۽ ڏير شبو
رهندا هئا. ڪمرن اڳيان ورانڊو هو، جنھن جي هڪ ڪنڊ
۾ صندوقون رکيل هيون، جن ۾ بسترا ۽ ٻيو سامان پيل
هو ۽ ٻه کٽون پيل هيون. جن تي منجهند جو لطيفان ۽
سندس سس، جيڪا سڱ ۾ سندس چاچي به هئي، پيون ڪڏهن
رليون ته ڪڏهن ڀرت ڀرينديون هيون. گهر ۾ سڀني فردن
جي زندگي خوش پئي گذري، کين ڪو ڏک يا تڪليف نه
هئي، سواءِ هڪ ڏک جي ته لطيفان ۽ جمعي جي شاديءَ
کي پنج سال ٿي ويا هئا، پر کين اولاد جھڙي نعمت
ڪونه هئي.
لطيفان ۽ سندس مڙس، ڳوٺ جي داين کان وٺي، شھر جي
ڊاڪٽرياڻين تائين، هر ڪنھن کان علاج ورتو، پر سڀني
کين اهوئي چيو ته: الله جي طرفان دير آهي باقي سڀ
ڪجهه نارمل آهي. لطيفان کي اولاد جي ڏاڍي سڪ هئي.
هن ڪيترائي دفعا دل سان، پنھنجي گهر واري کي ٻي
شادي ڪرڻ جي اجازت به ڏني ته هو ڀلي وڃي ٻي شادي
ڪري، پر جمعي کيس هر دفعي اهوئي چيو ته، جيڪڏهن
اولاد اسان جي نصيب ۾ هوندو ته ضرور ٿيندو، نه ته
جيڪا الله جي مرضي. ۽ پوءِ واقعي به ائين ئي ٿيو،
شاديءَ جي پنجن سالن کان پوءِ لطيفان اميد سان ٿي،
پورو گهر خوش هو. جمعو ته اصل خوشيءَ ۾ نه پئي
ماپيو، سڀني کي ان ڏينھن جو انتظار هو ته گهر ۾
ڪنھن ٻار جي کلڪار ٻڌجي.
نو مھينا گذرندي دير ئي نه ٿي، لطيفان ۽ سندس سس
ايندڙ ٻار لاءِ رلڪا ۽ ڪپڙا ٺاهيندي، خوشيءَ مان
سھرا پيون ڳائينديون هيون. شبو روز پيو ماءُ کان
پڇندو هو ته، امان! مان ڪڏهن چاچو ٿيندس؟ ڪڏهن
پنھنجي ڀائٽي کي ڪڇ تي کڻي گهمائيندس؟
بس اهو ڏينھن به اچڻ وارو هو، پر اچانڪ جي برساتن،
سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، ڇھه ست ڏينھن لڳاتار
برسات کان پوءِ اڄ ڪجهه سج نڪتو ته سڀني سمجهيو ته
هاڻي برسات ٽري وئي، پر ائين نه هو. آڌيءَ رات کان
پوءِ وري تيز وسڪارو شروع ٿي ويو.
وسڪارو به اهڙو جو چوي، اڄ نه ٻوڙيان ته ڪڏهن
ٻوڙيان. صبح تائين گوڏي جيڏو پاڻي، هر گهر ۾ هو.
ڏسندي ڏسندي رات تائين، سڄي ڳوٺ جي چوڌاري ٻنيون
ٻارا ۽ رستا ٻڏڻ لڳا. مسجدن مان اعلان ٿيڻ لڳا ته
ڳوٺ خالي ڪريو.
جمعي ۽ لطيفان به جلدي جلدي ڪجهه ڪپڙا کنيا ۽ گهر
کان نڪري روڊ طرف وڃڻ لڳا. اڃا ڳوٺ جي سم نالي وٽ
پھتائي مس ته جمعو، جيڪو ماءُ ۽ لطيفان کي سنڀالي
وٺي وڃي رهيو هو ۽ سندس ڀاءُ وري مٿي تي پيتي
کنيون، پوڙهي پيءُ کي هٿ ڏيو پئي ويو ته اچانڪ
جمعي جي پيءُ جو پير تِرڪي پيو ۽ وڃي هو سم نالي ۾
ڪِريو ته جمعي به سندس پويان پيءُ کي بچائڻ لاءِ
سم نالي ۾ ٽپو ڏنو، پر پاڻيءَ جو وهڪرو ايترو ته
تيز هو، جو ٻنھي کي الائي ڪٿان وڃي ڪڍيائين.
لطيفان جي ته جھڙو دنيائي اُجڙي وئي، الائي ڪيئن
ماڻھن هنن کي ڪئمپ ۾ پھچايو، ڪئمپ ۾ پھچن شرط
لطيفان کي اچي سور شروع ٿيا.
مڙس ۽ جوان پٽ جو موت ڏسي وري لطيفان کي تڪليف ۾
ڏسي، سندس سس جا ته هٿ پير ئي ٺري ويا، ڪئمپ ۾
ايندڙ ڪنھن اين.جي.اوز وارن کين اسپتال پھچايو،
جتي لطيفان پٽ کي جنم ڏنو. جيڪو هوبھو پنھنجي پيءُ
جي تصوير هو.
ڪجهه دير بعد لطيفان جي سس ٻار کڻي ڊليوري روم مان
ٻاهر نڪتي ته سامھون شبو سندس انتظار ۾ بيٺو هو.
سندس ماءُ روئيندي، ٻار شبوءَ جي جهوليءَ ۾ وجهندي
چيو:
”شبو تون چوندو هئين ته مان ڪڏهن چاچو ٿيندس،
منھنجو ڀائيٽيو جهوليءَ ۾ ايندو، ڪڏهن مان کيس
گهمائيندس. ڏس! تنھنجو ڀائيٽيو تو وٽ اچي ويو.
جنھن کي هاڻي توکي ئي پالڻو آهي، تنھنجو ڀاءُ، هي
تنھنجي حوالي ڪري ويو آهي.“
ائين چوندي، سندس ماءُ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي،
شبو اکين مان ايندڙ لڙڪ اگهندي، ڀائٽي کي کڻندي،
چپن ۾ ڀڻڪيو: ”مون اهڙي خوشي ڪٿي گهري هئي....!“
ڪاشف علي/لعل خاتون

خاموش قبر جو راز
(ريينا ماروڪين جي دردناڪ ڪھاڻي
سن 1999ع جي هڪ گرم صبح هئي،
لانگ آئي لينڊ جي علائقي جيرڪُو ۾ هڪ شخص نئون گهر
خريد ڪيو ۽ ان جي تھخاني جي صفائي شروع ڪئي. پراڻي
شين جي ڍير جي پٺيان، هن کي هڪ پلاسٽڪ جو وڏو ڊرم
نظر آيو، جيڪو بند، وزندار ۽ بظاهر سالن کان اتي
رکيل هو. ان شخص حيرت مان ان جو ڍڪڻ کوليو، پر ان
ئي لمحي، فضا ۾ هڪ ناقابل برداشت بدبو ڦھلجي وئي.
ڊرم جي اندر، هڪ عورت جو سڙيل ڳريل لاش هو. ڪيميڪل
جي محلول ۾ ٻڏل، ڄڻ وقت ان کي ڄمائي ڇڏيو هجي. پر
ان جون خاموش رڙيون، هينئر به فضا ۾ گونجي رهيون
هيون.
لاش سان دفن هڪ ٻي زندگي!
تحقيقات، ڪھاڻيءَ کي وڌيڪ خوفناڪ بڻائي ڇڏيو.
لاش، هڪ حامله عورت جو هو، هوءَ اٺن مھينن جي اميد
سان هئي. ان سان گڏ، ان جي جنم نه وٺندڙ ٻار جي
زندگي به دفن هئي.

پوليس جديد طريقن سان، لاش جي سڃاڻپ ڪئي ۽ اها
عورت سامھون آئي، جنھن جو نالو هو، ريينا ماروڪين
(Rayna Marroquin)
هڪ نيڪ دل، محنتي ۽ خوابن سان ڀرپور، سلويڊور جي
مھاجر، جيڪا بھتر مستقبل لاءِ آمريڪا آئي هئي.
هوءَ هڪ پلاسٽڪ جي فڪيٽريءَ ۾ ڪم ڪندي هئي، جتي ان
جي ملاقات فيڪٽري جي مالڪ هاورڊ ايلڪنز
(Howard Elkins)
سان ٿي. جيڪو شادي شده هو. ٻنھي جي وچ ۾ هڪ خفيه
تعلق قائم ٿيو. جڏهن ريينا هن کي پنھنجي حامله هئڻ
جو ٻڌايو ته ان مرد، خاموشيءَ کي ئي انصاف سمجهيو.


خوفناڪ فيصلو!
هاورڊ ايلڪنز پنھنجي راز کي لڪائڻ لاءِ انسانيت جو
قتل ڪري ڇڏيو. هن ريينا کي ڌوڪي سان فيڪٽريءَ ۾
گهرائي، ان جو ڳلو دٻائي ماري ڇڏيو. ۽ ان جي لاش
کي ڪيميڪل سان ڀريل پلاسٽڪ جي ڊرم ۾ بند ڪري ڇڏيو.
پوءِ اهو ڊرم پنھنجي گهر جي تھخاني ۾ لڪائي ڇڏيو،
ڄڻ ڪو فالتو سامان هجي، يا ڪا بيجان شيءِ!
۽ پوءِ..... وقت گذرندو ويو، گهر وڪيو، ماڻھو
بدليا، پر اهو راز اتي ئي دفن رهيو.
ٽيھن سالن کان پوءِ ان راز تان اُٿيو پردو!
30 سالن کان پوءِ جڏهن نئين مالڪ گهر خريد ڪيو،
تڏهن ريينا جي خاموش قبر جو راز کليو.
پوليس تحقيق بعد ڊرم جي ذريعي پوئين مالڪ تائين
پھتي- اهوئي هاورڊ ڊايلڪنز، جيڪو هاڻي فلوريڊا ۾
پنھنجي ريٽائر زندگي گذاري رهيو هو.
تفتيش ڪرڻ وارن جڏهن هاورڊ ايڪلنز کان سوال پڇيا ۽
ڊي.اين.اي ٽيسٽ جي ڳالھه ڪئي ته ان انڪار ڪري
ڇڏيو.
پر ٻئي ڏينھن جي صبح جو ايلڪنز پاڻ کي گولي هڻي،
پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. ان کان پھرين جو
سچ ان کي پڪڙي!
بعد ۾ ڊي.اين.اي رپورٽ ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو.
ريينا جي پيٽ ۾ موجود ٻار، ايلڪنز جوئي پٽ هو.
خاموشي، جنھن آخر ڳالھايو!
ٽن ڏهاڪن تائين، ڪيڪيمل، انڌيري ۽ خاموشي، ريينا
جي لاش تي پردو وجهي ڇڏيو هو.
پر نيٺ قسمت يا شايد انصاف، ان جو سچ، دنيا جي
سامھون آڻي ڇڏيو.
ريينا ماروڪين جي ڪھاڻي صرف هڪ قتل جو داستان
ناهي، بلڪ هڪ اهڙيءَ عورت جو فرياد آهي، جنھن کي
محبت ۾ ڌوڪو مليو ۽ ظلم ميساري ڇڏيو.
اڄ، ان جي قبر نه... ان جو نالو ڳالھائي ٿو.
۽ هن جي ڪھاڻي، ياد ڏياري ٿي ته ڪوبه سچ، هميشه
لاءِ دفن ٿي نٿو سگهي!
ساڀيان سانگي

هاءِ جنگ! تڙپندڙ معصوم انسانيت ۽ بي حسي
اڄوڪي دور جو سڀ کان وڏو الميو اها بي حسي آهي،
جيڪا بارود جي بوءُ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ خطرناڪ
بڻجي چڪي آهي. جنگ رڳو هٿيارن جي ٽڪراءُ جو نالو
ناهي، پر هيءُ ته زندگيءِ جي سونھن کي رَک ڪري ڇڏڻ
جو هڪ وحشياڻو عمل آهي. جڏهن به اُڀ تي جنگ جا
ڪارا ڪڪر ڪاھي ٿا پون، تڏهن انسانيت سوز عذابن تي
ڳوڙها ڳاڙڻ بدران، دنيا کي اها ڳڻتي وڌيڪ کائي ٿي
ته مھانگائيءَ جو طوفان ايندو، يورپ ۽ وچ اوڀر جي
معيشت لڏي ويندي ۽ تيل جي فراهمي متاثر ٿيندي.
افسوس! جو اڄ جو انسان، ايترو مادي پرست ٿي ويو
آهي، جو کيس بمباريءَ جي گونج ۽ ميزائيلن جي
وسڪاري سان نشانو بڻايل، پنھنجي ڪاميابي ته ڳڻائڻ
اچي ٿي، پر انھن هيبتناڪ آوازن جي پويان، انسانن
جي ذهنن ۽ دلين تي لڳندڙ گھرن زخمن جو ڪو احساس
نٿو ٿئي.
اڄوڪي دنيا جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو اهو ئي آهي ته
انساني رت جي قيمت، تيل جي قيمت کان گهٽجي وئي
آهي. جڏهن ايران يا ان جي ڀرپاسي واري خطي ۾ جنگي
صورتحال پيدا ٿئي ٿي، ته عالمي طاقتن جي پھرين
ترجيح ”هُرمز لنگهه“
(Strait of Hormuz)
جي حفاظت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جو
استحڪام هوندي آهي.
انسان مرن ٿا!
بمباري، ميزائلن ۽ جنگي آوازن جو انسانن جي ذهنن ۽
دلين تي ڪھڙو اثر پوندو هوندو؟ ڪيئن ماڻھن جون
دليون دهلجي وينديون هونديون؟ ڪيئن ڌماڪن جا آواز
ٻڌي، ٻار ڪيھاٽ ڪندا هوندا؟ ڪيئن مائن جي جهولين ۾
پناهه وٺندا هوندا؟

ڪيئن پيئرن ۾ لڪندا ھوندا ۽ ڪيئن ڪي هندورن ۽ هنجن
مان ڇڄي، لھو لھو ٿيندا هوندا؟
هرمز لنگهه جي ڳڻتي آهي، تيل ڍوئيندڙ سامونڊي
جھازن جو فڪر آهي، اقتصاديات
(Economy)
جي ڳڻتي آهي، پر انساني
زندگيءَ جي ڪا ڳڻ ڳوت ناهي. بس، ھڪ طرف ڳالھيون
آھن جنگ بنديءَ جون، ته ٻئي طرف، بنا دير جو دوکي
سان وري وري حملن جي تيزي آھي، پر معصوم زندگين
سان راند کيڏڻ جي ريت کي ٻنجو ناھي.
ھي موت ۽ ڏهڪاءُ جا نفسياتي اثر، خوفائتا آواز،
اجڙندڙ گهر، ڳوٺ، شھر، انسانن جي جسم جا ٽڪرا، رت
جا ريلا.....
ڇا اهو سڀ ثانوي آهي؟
انسان جي زندگي، ان جو رت، سڀ بي قيمت بي معنيٰ
آهي ؟
حڪمران طبقو، انساني جانين جي زيان تي ايترو
پريشان ناهي ٿيندو، جيترو کيس ڊالر جي اڏام ۽ تيل
جي اگهن جي ڳڻتي هوندي آهي.
جنگ اڄ جي دور جي فرعونن لاءِ رڳو هٿيار وڪڻڻ جو
هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪي آهي، جتي مظلومن
جون دانھون ۽ آهون، جديد ميزائلن جي گونج ۾ دٻجي
دم ٽوڙي ڇڏين ٿيون.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن هيبتناڪ ڌماڪن جا
آواز ٻڌي، ٻارن جي معصوم دلين تي ڪھڙي قيامت
گذرندي هوندي؟
جنگ
رڳو جسم کي نٿي ماري، اها روح جو به قتل عام ڪري
ٿي. ٻارن جي ذهنن تي اهڙا خوفناڪ نقش ڇڏي ٿي، جيڪي
سڄي عمر مٽجي نٿا سگهن.
جيڪي
ٻار سڌو سنئون ميدانِ جنگ ۾ موجود ناهن، اهي به
سوشل ميڊيا جي ذريعي، اها تباهي ڏسي، گڏيل صدمي
(Collective Trauma)
جو شڪار ٿي رهيا آهن. مختلف ڌماڪن جي گونج، معصوم
لاشعور ۾ اهڙيءَ طرح گهر ڪري وڃي ٿي، جو کين عام
زندگيءَ جا معمولي آواز به دهشت ۽ وحشت ۾ ويڙھي
وڃن ٿا.
اڄ ”انسانيت“ جا نعرا ته ڏاڍا بلند آهن، پر عملي
طور تي عالمي حڪمران، پنھنجن مادي مفادن جا غلام
بڻيل آهن. هڪ پاسي امن جون ڳالھيون ۽ جنگ بنديءَ
جا دلاسا آهن، ته ٻئي پاسي منافقيءَ سان حملن ۾
تيزي آندي وڃي ٿي. ڪجهه حڪمران دوستيءِ جي اوٽ ۾،
دشمنن جي ئي مدد پيا ڪن، پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾
پنھنجن جو ئي نقصان پيا ڪن.
هڪڙا
ظاهري ظالم ۽ ٻيا رحمدليءَ جو ڪوٽ پائي، کاٽ ھڻندڙ
دشمن جي کيسن کي سنگهي ھٿ ٻڌي بيٺل!
اها
بي حسيءَ جي انتھا آهي ته جڏهن هڪ قوم، عذاب جي
باهه ۾ سڙي رهي هجي، تڏهن باقي دنيا، پنھنجي
پنھنجي سياسي ۽ معاشي مفادن جي نشي ۾ مست هجي.
ايران هجي يا فلسطين، يمن هجي يا يوڪرين، جتي به
انساني رت وهي ٿو، اتي پوري انسانيت جو قتل ٿئي
ٿو. جنگي سوچ رڳو عمارتون ناهي ڪيرائيندي، پر اها
انساني اخلاقيات جي پاڙن کي به پٽي ڇڏيندي آھي.
ڪاش! اسان، انسانن کي ڪک پن سمجهڻ بدران، انسان
سمجهون، ان جي اھميت ۽ درد کي سمجهي سگهون.
جنگيون ڇڏي، امن جا ڳيچ ڳايون! ڀٽائيءَ جي دعا کي
ڪائنات جي چپي چپي تي چھچ ساون وڻن جيان پوکيون،
جو ان جي ڇانوَ مان به ان جو ساءُ اچي ته ھوا
گهلڻ سان، ان جي سڳنڌ مان به اھا سرھائي ملي ته:
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
نظم
عورت ذات
ھائو! مان پاليندي آهيان،
گوندر غم ھزار،
اندر جي اونھانين ۾.
ذهن کي ڌوڻي ، روح کي ڇنڊڪو ڏيئي،
ڪو ڊگهو ساهه کڻي، سڪ جو سڳو ڇوڙي، تات جي تند
ٽوڙي
جند ڇڏائي،
مان پاڻ کي بچائڻ جو ڪو دڳ ناهيان ڳوليندي!
درد کي ناهيان ڌڪاريندي.
مان، ان کي ابھم ٻار جيان، جهوليءَ ۾ جيئاريندي
آهيان.
سور مان سور نئون ٻاريندي آهيان،
سڄڻن جي سار کي نه ماريندي آهيان،
نه وساريندي آهيان.
درد جا ديپ جلائي، اکين ۾ آبياري ڪندي آهيان،
مان جهورين سان ئي پنھنجو جيءُ اجاريندي آهيان
مان غم وسارڻ نه چاھيندي آهيان
جيڪي پرين جي پساھن جا موتي آھن
سي ساھن جي تسبيح تي سوريندي آھيان
ڳالھيون ڳچ اوريندي آھيان
اڳڙيون اڳڙيون جيءُ جوڙي
نٻل آس جي رلي ٽاڪيندي آهيان
مان رفوگر ته ناهيان
پر
منھنجي ذات
مون
کي روح جي رفوگري
سيکاري ڇڏي آهي!!!

|