|

سوچ ويچار
شاعريءَ جو ڪتاب هجي....
ڪتاب پنھنجي اندر ۾ هڪ مڪمل جھان رکي ٿو، جتي
زندگيءَ ۾ ڏک ڏاکڙا ته آهن، پر وقت پاران مليل
ناسورن تي مرهم رکڻ جو عمل به ڪتاب ٻڌائي ٿو ته
گهايل روح کي پرسڪون به ڪتاب ڪري ٿو. ڪتاب اندر
سانڍيل ڏاهپ، انسان کي انسان بڻائي ٿي، جيئن عمر
خيام، هن ربائيءَ ۾ فرمايو آهي:
Here with a Loaf of Bread beneath the Bough,
A Flask of Wine, a Book of Verse and Thou
Beside me singing in the Wilderness,
And Wilderness is Paradise enow.
ترجمو: هتي ئي هڪ وڻ جي لام هيٺان،
مانيءَ ٽڪر هجي، مڌ جي جي صراحي هجي، شاعريءَ جو
ڪتاب هجي، ۽ تون هجين، منھنجي ڀرسان ويھي، هن
ويراني ۾ پنھنجا سُر وکيري، ته ويرانو جنت بڻجي
پئي.
اڄڪلھه سنڌ جون حالتون ڪجهه هن ريت آهن، جو ڇوڪرين
خاص طرح سان نياڻين/ عورتن توڙي نوجوانن لاءِ ڌرتي
مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي.
”نه روءُ مون لاءِ اي امان!
آئون قبر ۾ جيئرو/جيئري آهيان.“
(ائنا اخمتووا)
مقتولن جون مائرون، درد جو اهڃاڻ بڻجي پيون آهن.
سندن اکين جي اداسي ۽ آهون، آسمان لرزائي ٿي ڇڏي.
اسان امن جا متلاشي، امن جي ڌرتيءَ جا وارث، اسين
چاهيون ٿا ته: ”سنڌ کي اڳوڻو اوج ملي. سنڌ سکي
ستابي، سڪون ۽ امن واري بڻجي! سماج مان خوف ۽ هراس
ڪڍڻ لاءِ سڀنيءَ کي پاڻ پتوڙڻو پوندو. ڪجهه سوچڻو،
ڪجهه لوچڻو پوندو. عورت ماءُ، ڀيڻ، وني ۽ ڌيءَ
آهي. ان کي گهربل مقام ملڻ گهرجي. عورت کي علم
حاصل ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي ٻين بنيادي حقن حاصل ڪرڻ جي
اجازت هجي. جڏهن ۽ جتي عورت کي ڪا ذميواري سونپي
وئي آهي ته هن احسن طريقي سان، پنھنجا فرض سرانجام
ڏنا آهن. عورتون، عزت ۽ احترام جون حقدار آهن،
انھن کي اهميت نه ڏيڻ، ڪنھن قابل نه سمجهڻ ۽ ساڻن
اڻبرابريءَ وارو سلوڪ ڪرڻ، ڪنھن به صورت ۾ قابل
قبول ناهي. ڪوبه سماج، عورت جي شموليت کان سواءِ
اڻپورو آهي.
الحمدلله! اسان جو ادارو بھترين نموني، پنھنجو
ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آئون سمجهان ٿي ته اها
سڄي ڪوشش، جاکوڙ ۽ جستجو انڪري ڪئي پئي وڃي، جو
اداري جا چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“
صاحب انتھائي ذميواريءَ ۽ ڏاهپ سان، اداري جي
سرپرستي ڪري رهيا آهن. اهوئي سبب آهي، جو پاڻ ٽيون
دفعو سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين مقرر ٿيا آهن. کين
دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪجن ٿيون. سندن آمد،
علمي ادبي حلقن ۾ سرهائي جو باعث بڻي آهي. چيئرمين
صاحب جن کي بھادراڻين ۽ منصفياڻين صفتن سبب، سنڌ
جو شعور کين عزت و احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن
وقت قلم جي دنيا سان تعلق رکندڙ هر مرد، عورت ۽
ٻار، سنڌي ادبي بورڊ سان جڙيل آهي. پبلشر جو
بھترين ڪردار ئي تخليقڪارن کي هت وٺي اچي ٿو.“
ٻه- ماهي ”سرتيون“ مارچ- اپريل 2026ع جو شمارو،
اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي پرچو ڪيئن آهي؟ اوهان
پنھنجي راءِ کان آگاهه ڪندا. اوهان جي تجويزن،
صلاحن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي. اوهان لکندڙن/
پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ سھڪار سبب، هي رسالو گذريل
37 ستٽيھن سالن کان باقاعدي شايع ٿي رهيو آهي.
”سرتيون“ ۾ سوين نامور خواتين ليکڪائن، شاعرائن،
تحقيق نگارن پنھنجو قلمي پورهيو شامل ڪيو آهي.
سنڌي ادب ۾ عورتن جو هيڏي وڏي تعداد ۾ هجڻ يقينن
اسان لاءِ فخر جي ڳالھه آهي. جڏهن به عورتن جي
تخليق/ تحقيق تي تحقيق ڪئي ويندي ته ”سرتيون“
رسالو، هر موضوع ۾ پنھنجو معياري ۽ تاريخي ڪردار
سان، اوچي ڳاٽ نظر ايندو. اسان پنھنجي مرد ليکڪن/
شاعرن ۽ محققن جا پڻ ٿورائتا آهيون. جيڪي اڄ
تائين، ”سرتيون“ سان قلمي ناتو نڀائيندا پيا اچن.
واضح ڪندي هلان ته هن وقت تائين ”سرتيون“ جا ڪافي
خاص نمبر پڌرا ٿي چڪا آهن. جيئن: ”ڪھاڻي نمبر“،
”شاعري نمبر“، ”انٽرويو نمبر“، ”شھيد راڻي بينظير
ڀٽو نمبر“، ”خيرالنساءَ جعفري نمبر“، ”مادرِ
جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو نمبر“، ”ڪھاڻي نمبر“،
”يادگيريون نمبر“، ”امڙ نمبر“، ”هڪ شخصيت سؤ سوال
نمبر“، ”بابا نمبر“، وغيره.
’سياست ۾ عورت جو ڪردار‘ جي عنوان تي تحقيقي ۽
تاريخي نمبر آڻڻ لاءِ جاکوڙ جاري آهي، گذارش ڪندي
هلان ته جن پڙهندڙن لکندڙن کي ماضي توڙي حال جي
سياسي شخصيتن جي ڄاڻ هجي، اهي پنھنجو مواد موڪلي
ڏين ته جيئن هي رسالو مڪمل ٿي وڃي.

گلبدن جاويد
ڊاڪٽر نواز علي شوق

مُلا
نصيرالدين جي حاضر جوابي:
سنڌ جي وتائي فقير وانگر ترڪيءَ جو ملا نصيرالدين
به هڪ ڏاهو انسان هو. هڪ رات چور سندس گهر ۾ گهڙي
آيا. هن پيرن جو کڙڪو ٻڌو ته سمجهي ويو ته چور اچي
رهيا آهن. هڪدم گهر جي الماريءَ ۾ لِڪي ويھي رهيو.
چورن سڌو اچي الماري کولي ته خزانو، ان الماريءَ ۾
هوندو. ڏٺائون ته اتي هڪ ماڻھو ويٺو آهي.
هڪ چور چيس ته: ”ڊڄ نه ٻاهر اچ. اسان پوڙهن کي نه
ماريندا آهيون.“
ملا جواب ڏنو ته: مان مرڻ جي خوف کان هتي ڪونه
لِڪو آهيان، دراصل مان اوهان کي منھن ڏيکارڻ جي
لائق نه آهيان. توهان جھڙا شريف ماڻھو گهر اچن ۽
هتي منھنجي مسڪيني ۽ سُڃائي جي ڪري کين ڪجهه به نه
ملي، تنھنڪري شرمندگيءَ کان هتي لِڪي ويھي رهيو
آهيان.
رَهي جو
رَهوٰ
احمد نالي هڪ هاري ملا نصيرالدين وٽ مھمان ٿي آيو.
هن هڪ چُوزو ملا کي سوکڙي طور ڏنو. ملا ڏاڍو خوش
ٿيو. سندس خدمت ڪيائين. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ هڪ
شخص ملا جو اچي مھمان ٿيو چيائين ته: ”احمد جو
دوست آهيان.“ مُلا سندس خدمت چاڪري ڪئي، وري هڪ
ٻيو شخص مُلا وٽ آيو چيائين ته: ”احمد جو دوست
آهيان.“ ملا ان جي به خدمت ڪئي.

هڪ هفتي کان پوءِ وري هڪ ٻيو شخص آيو، مُلا کي
چيائين ته: ”احمد جو دوست آهيان.“ ملا چيس، ” بسم
الله.“ ٿوري دير کان پوءِ ملا دسترخوان وڇائي،
مھمان جي آڏو هڪ پيالي ۾ گرم پاڻي رکي چيو ته: ”هي
احمد جي ڏنل چُوزي جي رهي جو رَهو آهي. کائي ڍئو
ڪر.“
مُلا
نصيرالدين جي چالاڪي:
مُلا
نصيرالدين شھر جي هڪ درزي کان درزڪو ڪم سکندو هو.
هڪ ڏينھن سندس استاد ريشمي رومال سان ڍڪيل هڪ
پيالو کڻي آيو. مُلا نصيرالدين کي چيائين ته: ”هن
۾ زهر آهي، هن کي هٿ نه لائجانءِ.“

ائين چئي، استاد ڪنھن ڪم سان ٻاهر هليو ويو. مُلا
هڪدم پيالي تان رومال هٽايو. ڏٺائين ته ان ۾ ماکي
هئي. هو هڪدم نانوائي وٽان ٻه مانيون وٺي آيو ۽
سموري ماکي کائي ڇڏيائين. استاد آيو ته ملا کان
پڇيائين ته: ”رومال ڪاڏي ويو؟“
مُلا ويچارو ٿي جواب ڏنو ته: ”معاف ڪجو، اڄ منھنجي
طبيعت ٺيڪ نه هئي. توهان خير سان ويئو ته مون کي
ننڊ اچي وئي، ڪو چور رومال چورائي ويو، جڏهن جاڳيس
ته رومال نظر نه آيو. ڏاڍو خوف ٿيو ته استاد
ماريندو، سوچيم ته مار کائڻ کان مرڻ بھتر آهي،
تنھنڪري سمورو زهر کائي ڇڏيم. خبر ناهي ته ڪھڙو
زهر هو، جو اڃان تائين جيئرو ويٺو آهيان!“
ڳِجهه
جيرا کڻي وئي:
هڪ ڏينھن ملا نصيرالدين جي ڪنھن دوست دعوت ڪئي.
مُلا کي ان دوست جي دعوت ۾ جيرا ڏاڍا وڻيا. هُن
پنھنجي دوست کان جيرا پچائڻ جو طريقو ڪاغذ تي
لکرايو. سڌو بازار ويو، وڃي اڌ سير جيرا ورتائين.
هڪ هٿ ۾ جيرن پچائڻ جي طريقي وارو ڪاغذ هئس ۽ ٻئي
هٿ ۾ جيرا هئس.
هڪ ڳِجهه لامارو ڏيئي، مُلا جي هٿان جيرا کڻي وئي.
مُلا چيس: ”او چري! جيرا ته کڻي وئينءَ، هي ڪاغذ
ته منھنجي هٿ ۾ آهي، هاڻي تون جيرا ڪيئن
پچائيندينءَ؟“
اُٺن کي کنڀ:
هڪ ڏينھن مُلا نصيرالدين وعظ ڪري رهيو هو. ان
موقعي تي ماڻھن کي چيائين ته ”اسان کي خدا جو شڪر
ڪرڻ کپي ته الله پاڪ اُٺن کي کنڀ ڪونه ڏنا. ماڻھن
چيس ته جيڪڏهن اُٺن کي کنڀ هجن ها ته پوءِ ڇا ٿي
پوي ها؟
ملا چين ته: ”جيڪڏهن الله تعاليٰ اُٺن کي کنڀ ڏئي
ها ته اُڏري اچي، اسان جي گهرن جي ڇتين تي ويھن ها
ته اسان هيٺ دٻجي مري وڃون ها.
معاف ڪر بابا:
هڪ ڏينھن مُلا نصيرالدين پنھنجي گهر جي ڇت ٺيڪ ڪري
رهيو هو ته هڪ سوالي آيو کيس چيائين ته: ”مُلا هيٺ
لھي اچ.“
مُلا هيٺ لھي آيو ته هن چيس ته: ”مُلا الله جي
نالي ڪجهه ڏي.“
مُلا پاڻ سان گڏ هلڻ جو اشارو ڪيس، ڇت تي آڻي کيس
چيائين ته: ”معاف ڪر بابا.“
مُلا
نصيرالدين جي چالاڪي ۽ ايمانداري:
مُلا نصيرالدين جمعي نماز کان پوءِ اهائي دعا
گهرندو هو ته، ”منھنجا موليٰ مون کي هڪ هزار
اشرفيون ڏيار، جيڪڏهن هڪ به گهٽ هوندي ته ڪونه
وٺندس.“
مُلا جي ويجهو هڪ يھودي رهندو هو، سو هر روز مُلا
جي اها دعا ٻڌندو رهندو هو. هڪ ڏينھن مُلا کي
آزمائڻ لاءِ هن 999 اشرفيون ٿيلھي ۾ وجهي، سندس
گهر جي اڱڻ ۾ رکي ڇڏيون.
مُلا گهر آيو ته ٿيلھي ڏٺائين. کوليائين ته ان ۾
اشرفيون پيل هيون. ڳڻيائين ته 999 هيون. چيائين ته
منھنجا موليٰ هڪ اشرفي گهٽ آهي ته ڪا پرواهه ناهي.
اهو ڏسي يھودي پريشان ٿيو ته اشرفيون مفت ۾ ويون.
سڌو مُلا وٽ ويو کيس چيائين ته: ”اهي اشرفيون
منھنجون آهن، مون کي موٽائي ڏي.“
مُلا چيس ته: ”توکي ڇو ڏيان، تو وٽ ڪھڙو ثبوت آهي
ته هي اشرفيون تنھنجون آهن.“
يھودي چيس ته: ”چڱو هل ته قاضي کان فيصلو ٿا
ڪرايون.“
مُلا چيس ته، ”يار! منھنجا ڪپڙا ڳريل ڦاٽل آهن،
مان ان شرط تي توسان گڏ هلندس ته مون کي ڪو سھڻو
وڳو آڻي ڏي.“ هن کيس سھڻو وڳو آڻي ڏنو. مُلا وڳو
پھري کيس چيو ته: ”پنڌ پري آهي، پوڙهو مڙس آهيان
هلي نه سگهندس.“ يھودي هڪ گهوڙو ڪاهي آيو، چيائينس
ته: ”هن تي چڙهي هل.“
جڏهن ٻئي قاضي وٽ پھتا ته يھودي، قاضي کي سارو
واقعو ٻڌايو ۽ عرض ڪيائين ته: ”مون کي منھنجيون
اشرفيون واپس ڏياريو.“
مُلا چيو ته، ”هي ڪوڙ ٿو ڳالھائي، هينئر هي به
چوندو ته منھنجي جسم وارو لباس به هن جو آهي،
يھودي يڪدم چيو ته: ”ها اهو لباس به منھنجو آهي.“
مُلا چيو ته: ”قاضي صاحب ڏٺوَ، هي چريو ڇا ٿو
چوي.“
هي اهو به چوندو ته: ”هي گهوڙو به هن جو آهي.“
يھودي يڪدم چيو ته: ”ها هي گهوڙو به منھنجو آهي.“
قاضي سوچيو ته فريادي واقعي چريو آهي، هر شيءِ
لاءِ چوي ٿو ته منھنجي آهي. تنھنڪري هن مُلا جي حق
۾ فيصلو ڏنو ۽ يھودي کي لادعويٰ ڪري ڇڏيائين.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ مُلا سمورو مال يھودي کي
موٽائي ڏنو ۽ کيس چيائين ته: ”آئنده ڪنھن کي
آزمائڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، سڀ مون وانگر ايماندار
نه آهن.“
مُلا نصيرالدين جو بادشاهه جي وزيرن سان مقابلو:
هڪ ڀيري مُلا نصيرالدين بادشاهه کي چيو ته: ”سائين
توهان جا مشير ۽ وزير سڀ بيوقوف آهن.“ بادشاهه چيس
ته: ”تون غلط ٿو چئين، هُو وڏا ڏاها آهن.“ مُلا
چيس ته: ”چڱو ڪنھن ڏينھن کين درٻار ۾ گهرايو، مون
سان مقابلو ڪن ته وزن جي خبر پئجي ويندي ته هُو
ڪيتري پاڻي ۾ آهن.“
نيٺ بادشاهه هڪ ڏينھن پنھنجا خاص مشير ۽ وزير
گهرايا. مُلا کي به گهرايائين. مُلا نصيرالدين چيو
ته: ”بادشاهه سلامت مان پھريائين هنن کان هڪ تمام
سولو سوال پڇان ٿو. هرهڪ کي چئو ته ان جو مختصر
جواب ڪاغذ تي لکي ڏئي.“ بادشاهه چيس ته: ”ٺيڪ آهي،
توهان سوال پڇو.“
مُلا چيو ته ٻڌايو ته ”ماني“ ڇا آهي؟
هر ڪنھن پنھنجي سوچ سمجهه آهر جواب لکي، بادشاهه
کي ڏنو، مُلا بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”هاڻي اوهان
سڀني جا جواب پڙهي ٻڌايو.“ بادشاهه جواب ٻڌائڻ
شروع ڪيا.
هڪ چيو ته: ”ماني خوراڪ آهي.“
ٻئي چيو ته: ”ماني“ اٽو ڳوهي پچائي ويندي آهي.“
ٽئين چيو ته: ”ماني ڪڻڪ جي سُٺي هوندي آهي.“
چوٿين چيو ته: ”اها باهه تي پچائي ويندي آهي.“
پنجين چيو ته: ”ماني بُک لاهيندي آهي.“
ڇھين چيو ته: ”ماني مکڻ سان مزو ڏيندي آهي.“
تنھن تي مُلا چيو ته: ”بادشاهه سلامت جڏهن توهان
جا ڏاها ”ماني“ جھڙي عام شيءِ تي به متفق نه آهن
ته پوءِ هي ڏاها ته ڪونه چئبا، اوهان کي ڪھڙي صلاح
ڏيندا هوندا؟ هنن جڏهن هڪ تمام سولي سوال جو جواب
يڪراءِ ٿي ڪونه ڏنو آهي ته پوءِ هھڙن جاهلن سان
بحث ڪرڻ بيڪار آهي.
جوابِ جاهلان باشد خموشي
مُلا
نصيرالدين جو شهر جو قاضي مقرر ٿيڻ:
هڪ ڀيري مُلا نصيرالدين کي ڪنھن شھر جو قاضي مقرر
ڪيو ويو. هڪ ڏينھن هڪ شخص وٽس فرياد ڪئي ته:
”سائين اوهان جي شھر جي هڪ ڦورو، منھنجا پئسا،
منھنجي ترار، منھنجا جوتا ۽ منھنجي جسم جا ڪپڙا
ڦري هليو ويو، رڳو گوڏ ڇڏي اٿائين، نه ته مان
توهان وٽ اچي به نه سگهان ها. پڪ سان اهو ڦورو، هن
ئي شھر جو هوندو، جتي اوهان قاضي آهيو. مون کي
پنھنجو سامان موٽرائي ڏيو.“
مُلا چيس ته: ”اهو ڦورو هن شھر جو ٿي نه ٿو سگهي،
هن شھر جو هجي ها ته تنھنجي گوڏ به لھرائي وٺي ها
۽ توکي الف اگهاڙو ڪري ٻه ٽي پادر به وهائي ڪڍي
ها.“
اڄ سنڌ جي اُترين ضلعن ۾ ڌاڙا ۽ اغوا روز جو معمول
بڻيل آهي. بدامني جي باهه جهنگ جي باهه وانگر
تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. خدا خير ڪري، ظالمن مان
حياءُ، شرم ۽ رحم موڪلائي ويو آهي.

ڊاڪٽر خالده سانگي
اکين کان اوجهل، پر دلين ۾ وسندڙ
هڪ شهيد جي ساروڻي
شھيدن جي شھر جو ھڪ بھادر،
”شھيد
ميجر مجاھد ميراڻي“
جيڪو 26 نومبر 2011ع تي سلالا چيڪ پوسٽ تي دشمن
طرفان ڪيل اوچتي حملي کي منھن ڏيندي، بھادريءَ
سان وڙھندي، ان حملي کي ناڪام ڪري، شھادت جي رتبي
کي رسيو.
اڄ ڊيوٽي تان واپس ايندي،
جڏهن شاهراهه
قائد تان گذرڻ ٿيو،
فوجي
شھيدن جون تصويرون،
روڊ
جي پاسن کان لڳل هيون
،
اُنھن ۾ هِڪَ اھڙي تصوير به هئي،
جنھن
لحظي
۾ صدين جيڏا گهاوَ،
روح جي رستن ۾ ٻيھر گھلجندي محسوس ڪرايا.
ساھه
ساڻو ٿي پيو. دل ڌڙڪڻ کان جواب ڏئي وئي،
ڄڻ ته سڄو وجود، پنڊپھڻ ٿي ويو هجي،
ڦاٽل اکين سان فوٽو ڏسندي،
سُڏڪي سان هڪ نانءُ
نڪتو : مُجِي!
پنڊپھڻ وجود مان ڪو صدمو، سيسراٽ ڀري اکين مان ماٺيڻي نديءَ
وانگي وهڻ
لڳو.
هي ته ’مُجي‘ جو فوٽو آهي،
اسان جو مجي،
جنھن جي تصوير تي لکيل
هو:
شھيد مجاهد ميراڻي.

شھيد مجاهد (اسان جو مجي) مُنھنجي ننڍي ڀاءُ جو دوست هو. هو
اسان جو ڳوٺائي ۽
منھنجي ڀاءُ جو
ڪلاسي هو. مان پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي دوستن ۽
ڪلاسين کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندي هئس ۽ ساڻن ڳالھه ٻولھه
به ٿيندي رهندي هئي. هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهڻ جي ڪري سڀ
هڪٻئي کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندا به هئاسين ڇو ته اسان
جي وڏڙن جا پاڻ ۾ گهريلو ناتا ، سڪ جا رشتا هئا.
شھيد مجاهد علي ميراڻي ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو سٻاجهو، سدورو ۽
سلڇڻو ٻار هو. کيس سڀ دوست پيار مان ’مُجي‘ سڏيندا
هئا، سو منھنجيءَ زبان تي به هميشه مُجي ئي رهيو.
مون کان سندس مرڪندڙ، خوبصورت ۽ نماڻو چھرو ڪڏهن
به نه وسريو، نه وسري سگهندو،
مون کان ته ڇا، منھنجي گهر جي هر فرد کان نه وسرندو، ۽ نئين
ديري جي ڪنهن به ماڻھوءَ
کان نه وسرندو.
نئين ديري شھر کي ڪير نه سُڃاڻي ،
سنڌ جو هر ماڻھو
سڃاڻيندو هوندو.
زيتونن جا باغ، گلابن جا باغ،
شگر مل، دادو ڪينال ۽ رائيس ڪينال ،ٻن دريائن جي
وچ ۾
وَسندڙ هي سرسبز شھر، روڊن رستن جَي ٻنھي پاسن کان ڊگهن ڊگهن وڻن جا ڇانورا...
مُنھنجي نئين ديري شھر جي ھڪ
نرالي ۽ انوکي ئي سُڃاڻپ آهي، شھيدن جو شھر!
هيءُ شھيدن جو شھر آهي. نئين ديري جي رهواسين، الاهي ڏک ڏٺا
آهن، صدما ۽ سور سٺا آهن.
پنھنجي شھر جي شھيدن جا جسد خاڪي، پنھنجن هٿن ۾ ورتا آهن.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد مير شاهنواز ڀٽو، شھيد مير مرتضى
ڀٽو ۽ شھيد بي بي راڻي ۽ پوءِ نئين ديري جي ميراڻي
محلي جو مھڪندڙ ستارو، شھيد مجاهد علي ميراڻي.
هر خبر،
هن شھر کي ڪنھن
زلزلي جيان ڌوڏيو به آهي ته ڪنھن آسماني وِڄ جيان
ڪڙڪندي، ساڙيو به آهي.
جڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موهن جو دڙو ڪيڊٽ ڪاليج کليو، ته نئين ديري
جي پڙهندڙ هر ٻار جي خواهش هوندي هئي ته ڪيڊٽ
ڪاليج ۾ پڙهي، سو ڪيڊٽ ڪاليج جي ٽينءَ بيج ۾، مُنھنجي ڀاءُ سميت،
نئين ديري جي ٽن ٻارن، ٽن دوستن، ٽن هم ڪلاسين کي
گڏ داخلا ملي، جن ۾ مُجِي يعني مجاهد علي ميراڻي
به شامل هو.
انھن ٽنھي ٻارن ڀرپور محنت ڪئي، سندن قابل استادن، ڏينھن رات
هڪ ڪري کين،
ان لائق بڻايو،
جو
انھن
انٽري ٽيسٽ پاس ڪري داخلا ورتي. انٽر تائين، هي ٽئي دوست،
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ئي گڏ رهيا،
گڏ پڙهيا. انٽر کان پوءِ هُو، اهو ارادو ۽ عزم ڪري
نڪتا ته
ISSB
جو امتحان ڏئي، پاڪ آرمي جوائن ڪنداسين.
مون کي ياد آهي ته جڏهن موڪل واري ڏهاڙي تي والدين جي ملڻ جو
ڏينھن هوندو هو ته هي ٻار سڀني جي والدين سان
ملندا هئا. سندن چھرن تي جيڪا خوشي، سرهائي ۽ سڪون
هوندو هو، اهو ڏسي هانءُ
ٺري پوندو هو. ۽ پوءِ هنن ٽنهي ٻارن
ISSB
جو امتحان پھرين ئي
Attempt
۾ پاس ڪري،
پنھنجي شھر نئين ديري
جي
هڪ تاريخ ٺاهي.
اهي نئين ديري جا آرمي ڪميشنڊ آفيسر ٿيا، ۽ پوءِ جڏهن
PMA
ڪاڪول ايبٽ آباد پئي ويا، ته ڪيئن نه شھر جي اڌ
کان وڌيڪ ماڻهن ريلوي اسٽيشن تي، هنن کي دعائن ۽
پيار سان رخصت ڪيو هو، ۽ وري جڏهن ٽريننگ پوري
ڪري، پاس آئوٽ ٿي، ليفٽيننٽ ٿي واپس ٿيا هئا، ته
دعائن، پيار، گلن جي ورکا ۽ گلن جي هارن سان،
سندن آڌرڀاءُ ڪيو هو. سڄو شھر، هنن سان پيار ڪندو
هو.
اڄ جڏهن شھيدن جي تصويرن ۾ مجاهد جي تصوير ڏٺي، ته ايئن لڳو هو،
ڄڻ ھو اڄ ئي شھيد ٿيو هجي، اهو سانحو، ڄڻ اڄ ٿيو
هجي.
26 نومبر 2011ع تي سلالا چيڪ پوسٽ تي
NATO
جو حملو ٿيو، اُھو حملو بظاهر ته نيٽو تي ٿيو هو،
پر حقيقت ۾ اها قيامت نئين ديري تي آئي هُئي
منھنجي ڀاءُ خالد فون ڪري سُڏڪندي فقط هڪ لفظ چئي سگهيو :
”مُجي“.
ھانءُ
مٺ ۾ اچي ويو ، سندس سڏڪي واري ٻئي جملي، منھنجي
جسم مان ساهه ئي ڪڍي ڇڏيو،
”مجاهد شھيد ٿي ويو.“
سواءِ
سڏڪڻ ۽ ڦٿڪڻ جي ڪجهه به نه هو، اسان ٽئي ڀيڻون
ڏاڍيون رنيون هيونسين، رڳو اسان ڇا سڄو نئون ديرو
رُنو هو.
انھن
ڏينھن ۾ منھنجي ڀاءُ جي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ هئي.
ڳوٺ واسي هئڻ ڪري کيس اها ڊيوٽي ڏني وئي ته لاڙڪاڻي جي شھر نئين
ديري وڃي، شھيد مجاهد علي ميراڻيءَ جو جسد خاڪي
وٺي. ڌرتيءَ جو باهمت ۽ بھادر پٽ هجڻ باوجود،
هو حيدرآباد مان روئيندي نڪتو هو، مُنھنجي ڀاءُ
خالد سان گڏجي
.
جڏهن پي.ٽي.وي
تي
اهو سڀ ڪجهه Live
نشر پئي ڪيو ويو ته مون، پنهنجي ڀاءُ کي ڏٺو ته
جڏهن هُو پنھنجي پياري دوست مجاهد کي سندس ڀاءُ
سان گڏجي مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪري رهيو هو ته
سندس هٿ به ڏڪيا پئي ته نيڻ به ٽميا پئي ۽ جڏهن هڪ
دوست جي حيثيت سان ٽي ويءَ جي نمائندي، سندس تاثر
ورتا ته هو ڪارن ڪپڙن ۾ سڄو سوڳ ۾ ڀريل هو ۽ آلين
اکين ۽ ڏڪندڙ چپن سان ٻه ٻول به مشڪل سان ڳالھائي
سگهيو هو.
”مجاهد کي شھيد ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو. هُو شھيد ٿيڻ چاهيندو هو، ڌرتيءَ تان
قربان ٿيڻ چاهيندو هو.
هن کي هميشه ياد رکيو
ويندو.“
سلام آهي، شھيد جي شريف ۽ ساده دل پيءُ کي،
۽ سلام آهي،
سندس امڙ کي،
جنھن فخر سان چيو ھو،
”منھنجو
پٽ زندهه
آهي. مون کي فخر آهي ته مان شھيد جي ماءُ آهيان
.“
شھيد مجاھد ميراڻيءَ کي پوري فوجي اعزاز سان، مٽيءَ ماءُ جي هنج
۾ سمھاريو ويو،
چيو وڃي ٿو ته شھيد حيات آهن، مرڻا ناهن. هو زندهه
آهن، زندهه
رهندا، پر آهن، باغِ عدن جا رهواسي، اکين کان
اوجهل، پر دلين ۾ وَسيلَ...
اے
راہِ حق کے
شہیدو،
وفا کے
تصویرو
تمہیں
وطن کی
ہوائیں
سلام کہتی
ہیں!
جڏهن به ٻڌوسين،
مجاهد جي تصوير اکين اڳيان اچي ويندي آهي ۽
اوڇنگارون ڏئي روئندو آهيان. |