|
پروفيسر رشيده ڀٽي

ڀاڄين سان علاج
هيءَ هڪ قدرت طرفان عطا ڪيل انمول غذائي تحفو آهي،
جنھن جي استعمال کي جيڪڏهن اسان سوچي سمجهي پوءِ
اُن تي عمل پيرا ٿينداسين ته هڪ دفعو نه، پر هميشه
لاءِ فائدي ۾ رهنداسين. دراصل الله تعاليٰ، هن
ڪائنات ۾ جڏهن پنھنجي مخلوق کي تخليق ڪيو ته اُن
جي زنده رهڻ جو سامان پڻ موجود ڪري ڏنو. رب ڪريم
صرف هڪ يا ٻه نه، پر بيشمار ۽ بي بھا انمول نعمتون
عطا ڪيون، جن جي تفصيل ۾ وڃڻ لاءِ تمام گهڻو وقت
درڪار ٿيندو.
اڄ اسان هتي صرف هڪڙي بيش بھا نعمت جو ذڪر
ڪنداسين، جيڪا آهي ”ڀاڄي“ يعني ”سبزي“
(Vagetable)،
جنھن کي اسان عرف عام ۾ ”سائي ڀاڄي“ جي نالي سان
سڏيندا آهيون، ڇو ته گهڻي ڀاڱي ڀاڄيءَ جو رنگ
”سائو“ هوندو آهي، تقريباً هر ڀاڄي، سائي ۽ سائي
مائل رنگ جي اُپايل آهي. اِن ”رنگ“ ۾ به الله ڪريم
خاص خاصيت رکي آهي. هاڻي اسان اچون ٿا، پنھنجي
اصلي موضوع ڏانھن ته مختلف ڀاڄين منجهان، اسان
ڪھڙي نموني دوائي / شفائي نعمتون حاصل ڪري سگهون
ٿا.
 
ڀاڄين سان علاج، هڪ اهڙو موضوع آهي، جنھن تي
بيشمار دفعا لکيو ۽ بيان ڪيو ويو آهي. پر هيءُ هڪ
اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پراڻو نٿو ٿي سگهي،
جڏهن کان ”انسان“ جي تخليق ٿي آهي ۽ هن زمين تي
رهڻ شروع ڪيو، اُن وقت کان وٺي، کين ”صحت“ ۽
”تندرستي“ جا مسئلا به ساڻس گڏ، شروع ٿيڻ لڳا ۽
پنھنجي بچاءُ ۽ زندگيءَ کي بھتر گذارڻ جا سعيا ۽
سانباها ڳولڻ شروع ڪيا. ”انسان“ جو ”بيمار“ ٿيڻ هڪ
طرح جو عام ۽ ”نارمل عمل“ آهي، ڪجهه تڪليفون وقت
سان گڏ، خودبخود ختم ٿي وينديون آهن، ۽ ڪجهه
تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون
آهن. پر ڪجهه تڪليفون وري اهڙيون هونديون آهن،
جيڪي بد پرهيزي ۽ گهڻي کائڻ، هٻڇ ڪرڻ، بنا وقفي جي
هر وقت ڪجهه نه ڪجهه مختلف قسمن جي کاڌن مٿان،
هڪدم هڪ ٻي مٿان کائڻ جھڙن عملن جي صورت ۾ ”بد
پرهيزيءَ“ ۽ ”بيماريءَ“ جي صورت ۾ تبديل ٿي
وينديون آهن. جن جي بروقت سنڀال نه ڪرڻ، علاج ڏي
توجهه نه ڏيڻ، روزمره جي عادات و اطوار ۾ سڌارو نه
آڻڻ جھڙا عمل پڻ شامل هوندا آهن. ڪجهه ”غذائي“ جزا
۽ شيون هڪ ٻي مٿان کائڻ/ واپرائڻ کان منع هئڻ
باوجود، پرهيز نه ڪرڻ سبب، مختلف ”بيماريون“ وجود
۾ اچي وينديون آهن، جن کي بروقت، نه سنڀالڻ ۽ سڀ
علاج طرف متوجه نه ٿيڻ ڪري ”بيماري“ واري حالت،
مزيد بگڙڻ سببان، صورتحال وڌيڪ ڪشيده ٿي ويندي
آهي. اِنڪري کائڻ پيئڻ جي دوران، حفاظتي اپائن تي
ضرور عمل ڪرڻ گهرجي.
اِهوئي سبب آهي ته ڪجهه ڏاها ماڻھو، ڪجهه تجويزون
وقت بوقت ٻڌائيندا ۽ سمجهائيندا رهيا آهن. جن کي
عرف عام ۾ حڪيم يا ڊاڪٽر چئبو آهي. اڄڪلھه
”دوائون“ ايتريون ته وجود ۾ اچي ويون آهن، جو انھن
جو گهڻو ۽ غير ضروري استعمال به صحت لاءِ نقصانڪار
ثابت ٿئي ٿو. اِنڪري اسان کي گهُرجي ته هر ماڻھو
جيئن ته: ”اڌ حڪيم پنھنجو پاڻ هوندو آهي.“ انسان
کي پنھنجيءَ ”صحت“ کي برقرار رکڻ لاءِ ”غذائي“
صورتحال تي نظر رکڻ گهرجي. ساين ڀاڄين جي استعمال
ذريعي، اسان قدرتي طريقهءِ علاج سان پنھنجو پاڻ کي
چاق و چوبند رکي سگهون ٿا. هيءُ هڪ اهڙو قدرتي
طرزِ عمل آهي، جنھن ۾ مختلف ”ڀاڄين“ جي ”غذائي
جزن“ ۽ ”دوائي“ خصوصيات کي بيمارين جي علاج ۽ صحت
کي بھتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي،
ڀاڄيون، وٽامنز، معدنيات، فائبر، اينٽي آڪسيڊنٽ ۽
ٻين ڪيترين ئي جُزن جو بھترين ذريعو آهن، جيڪي
اسان جي جسم جي دفاع لاءِ تمام گهڻا مفيد آهن.

هاڻي اسان ڏسنداسين ته ڀاڄين جي ذريعي، علاج جا
ڀلا فائده ڪھڙا ڪھڙا آهن؟ قدرتي ۽ غير مُضر علاج،
سايون ڀاڄيون، قدرتي جزن تي مشتمل هونديون آهن، ۽
عام طور تي اُنھن جا اثرات ”مضرِ صحت“ نه هوندا
آهن. يعني ته اُهي جزا، خرابين کان پاڪ هوندا آهن
۽ بيمارين کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙي
نموني، بيمارين کان بچاءُ جا قدرتي جزا سرگرم عمل
ٿي ”صحت“ افزا اثرات پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا
آهن.
بيمارين کي روڪڻ:
ڀاڄين ۾ موجود ”اينٽي آڪسيڊنٽ“ بيمارين کان بچاءُ
۾ مددگار ٿين ٿا ۽ ”قوتِ مدافعت“ (Boost-up-immunity
power)
کي وڌائين ٿا.
صحتمند جسماني نظام:
ڀاڄين ۾ موجود ”فائبر“ هاضمي کي بھتر بڻائڻ ۽
”نظامِ هضم“ کي درست رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
اهم نوعيت جون ڀاڄيون ۽ اُنھن جا طبي فائدا:
(1) گجرون (Carrot)
فائدا: نظر (اکين جي جوت) کي
وڌائڻ، ۾ لاثاني آهن. وٽامن اي
(Vitamin A)
سان ڀرپور ٿين ٿيون. چمڙيءَ
لاءِ بھترين ٿين ٿيون. چمڙيءَ جي صحت کي برقرار
رکڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿيون. جسم جي اندر پيدا ٿيندڙ
زهريلي مادن کي خارج ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور حصو ادا
ڪن ٿيون، يعني ته ڊي آڪسيفائي
(De-oxyfication)
ڪن ٿيون.
استعمال ڪيئن ڪجي:
گجرن جو جوس (رس) ڪڍي پيجي. گجرن جو سلاد
طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. گجرن کي ڌوئي صاف ڪري
روزانو کائڻ گهرجن.
(2) ٽماٽو
(Tomato)
فائدا: ٽماٽو، دل جي صحت لاءِ بيحد مفيد
آهي، ٽماٽن ۾ ڪيميائي جزا، جيئن وٽامن
(A, C, K)
منرلز (پوٽاشيم، فولڪ ايسڊ)، فائبر ۽ طاقتور اينٽي
آڪسيڊنٽ ”لائيڪوپين
(Lycopen)،
جيڪو ڪينسر، ۽ دل جي بيمارين کان بچائي ٿو، ڀرپور
نموني موجود آهي.
چمڙيءَ
(Skin)
لاءِ بھترين ٽانڪ آهن.ڇو ته هن ۾ لائيڪوپين،
ڪيروٽين ۽ ليوٽين جھڙا جزا ڪافي مقدار ۾ ملن ٿا.
جيڪي جسماني خوبصورتيءَ کي وڌائڻ جو سبب بڻجن ٿا.
استعمال: ٽماٽا، جوس، سلاد ۽ ڀاڄين
۾ پچائڻ وقت استعمال ڪجن ٿا. ڪچا ٽماٽا پڻ کائڻ
گهرجن.
(3) موري(Radish)
موري ”سفيد“ اڇي رنگ جي پاڙ واري ڀاڄي آهي، جيڪا
سياري ۾ گهڻي استعمال ڪئي وڃي ٿي. موري بيشمار
فائدن سان ڀرپور ٿئي ٿي، خاص طور تي ”نظامِ هضم“
کي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. موريءَ جو
استعمال، جگر
(Liver)
جي پٿريءَ ۾ به بھترين ثابت ٿئي ٿو. موري، جسم
منجهان زهريلا ماده ڪڍي ڪري، صفائيءَ جو ڪم
سرانجام ڏئي ٿي.
استعمال:
موري، سلاد ۽ ٻوڙ وانگر پچائي استعمال ڪري سگهجي
ٿي. موريءَ منجهان کٽاڻ/آچار پڻ ٺاهي سگهجي ٿو.
خاص طور تي سلاد ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. ”يرقان“ جي
بيماريءَ ۾ ”موريءَ“ جو رس (جوس) ڪڍي استعمال ڪرڻ
گهرجي. موريءَ جي ٽڪرن کي ڪنھن کليل ٿالھي تي رکي،
سڄي رات ڍڪي رکجي، صبح جو انھن ٽڪرن جو جوس ڪڍي
واپرائجي.
(4) پالڪ
(Spinach)
فائدا:
آئرن (لوهه
Iron)
جي ڪميءَ کي پوري ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هڏن کي
مضبوط ڪري ٿي ۽ ڪيلشيم سان ڀرپور هجڻ ڪري چمڙيءَ ۽
وارن لاءِ پڻ بھترين ثابت ٿئي ٿي. پالڪ، قبض ڪشا
پڻ آهي. هفتي ۾ ٻه دفعا ضرور استعمال ۾ آڻڻ گهرجي.
پالڪ کي ڀاڄيءَ طور به استعمال ڪجي ٿو ۽ سوپ وغيره
به ٺاهجي ٿو.
(5) بروڪلي
(Broccoli)
فائدا:
ڪينسر جي روڪٿام ۾ مدد ڪري ٿي. قوتِ مدافعت کي
وڌائي ٿي، دل جي بيمارين کان پڻ بچائڻ ۾ مددگار
ٿئي ٿي.
استعمال:
بروڪلي کي اسٽيم ڪجي يعني ٻاڦ تي پچائجي ۽ سلاد ۾
شامل ڪري کائجي.
(6) ٿوم (Garlic)
فائدا:
ٿوم بلڊپريشر کي گهٽائي ٿي، ڪوليسٽرول کي پڻ
گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. دل جي بيمارين کان بچاءُ ۾
مددگار ٿئي ٿي.
استعمال:
ڪچي به کائي سگهجي ٿي ۽ ٻوڙ ۾ به استعمال ڪري
سگهجي ٿي.
(7) ادرڪ
(Ginger)
فائدا:
هاضمي لاءِ بھترين آهي. اُلٽي ۽ دل ڪچي ٿيڻ ۾
فائدو رسائيندڙ پڻ آهي. ادرڪ تازي توڙي سڪل پائوڊر
جي صورتن ۾ مفيد ۽ ڪارگر آهي. زڪام توڙي سردي جي
اثرات کان بچائي ٿي ۽ فائدو رسائي ٿي.
استعمال:
چانھه، ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ يا وري هڪ ڪوپ گرم پاڻيءَ ۾
ليمي جي رس ۽ اڌ چمچو ادرڪ جي رس وجهي چڱيءَ طرح
ملائي، صبح جو خالي پيٽ پيو.
(8) ڪريلا
(Bitter Gourd)
فائدا:
بلڊشگر (رت اندر مٺاڻ) کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ٿين
ٿا جيري لاءِ صحت بخش ثابت ٿين ٿا، جسم جي اندران
زهريلا ماده ڪڍي ٻاهر ڪن ٿا.
نظام هضم کي بھتر بڻائڻ ۾ پڻ مددگار ٿين ٿا، ڪريلن
۾ فائبر جو مقدار گهڻو ٿئي ٿو، جيڪو قبض کان بچڻ ۾
مدد ڏئي ٿو.
ڪريلن ۾ فائبر، وٽامن سي، آئرن ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ
ڀرپور مقدار ۾ ملن ٿا.
استعمال:
ڪريلا، جوس، ٻوڙ ڀاڄي، يا تري ڪري استعمال ڪري
سگهجن ٿا.
(9) کيرو
(Cucumber)
فائدا:
جسم جي اندر پاڻيءَ جي مقدار کي متوازن رکڻ ۾
مددگار ٿين ٿا. يعني جسم کي هائيڊريٽ
(Hydrate)
رکن ٿا. چمڙيءَ کي تازگي ۽ توانائي بخشين ٿا.
هاضمي کي بھتر بڻائي، دُرست رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
استعمال:
کيرو ڪچو واپرائڻ گهرجي ۽ سلاد ۾ وجهي گڏي ڪري
کائجي.
(10) واڱڻ
(Eggplant)
فائدا:
واڱڻ، غذائي جزن، فائبر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان
ڀرپور هوندو آهي، انڪري وزن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ دل جي
صحت لاءِ تمام وڏي پئماني تي مفيد آهن. فائبر سان
ڀرپور، هاضمي لاءِ بھترين ثابت ٿين ٿا. وزن کي
گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿا.
استعمال:
واڱڻن جو ٻوڙ، تريل يا ڀرتو ٺاهجي.
ڀاڄين وسيلي، مختلف بيمارين جو علاج:
بلڊپريشر
(Blood Pressure)
ڪريلا، ٿوم ۽ پالڪ مفيد ڀاڄيون آهن.
شگر
(Sugar)
ڪريلن ۽ ادرڪ جو استعمال
وزن گهٽائڻ لاءِ
(Weight Loss)
کيرو
(Cucumber)،
ٽماٽا(Tomato)
۽ پالڪ استعمال ڪجي.
چمڙيءَ جا مسئلا:
گجر، ٽماٽو، کيرو، چمڙيءَ جي صحت کي بھتر بڻائڻ ۾
مددگار ٿين ٿا.
هاضمي جا مسئلا:
مُوري، ادرڪ، ۽ پالڪ مفيد ٿين ٿا.
احتياطي تدابير:
(1)
ڀاڄين کي تازو ۽ صاف سُٿري حالت ۾ استعمال ڪرڻ
گهرجي.
(2)
صاف پاڻيءَ مان ڌوئي، صاف سٿرو ڪرڻ گهرجي، مٽي
وغيره کي ڌوئي بلڪل صاف ڪرڻ گهرجي، ڪيميائي جزن
کان پاڪ ڀاڄين کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
(3)
ڪنھن بيماريءَ جي صورت ۾ ڪنھن ماهر ڊاڪٽر سان
مشوري کان پوءِ ڀاڄين جو استعمال وڌائي/ گهٽائي
سگهجي ٿو. پنھنجي موجوده ”صحت“ مطابق، ڀاڄين جي
استعمال کي ترجيح ڏيڻ کپي. پاڻ مرادو ڪوبه فيصلو
ڪرڻ يا نه ڪرڻ نقصان ڏئي سگهي ٿو. مڪمل فائدو حاصل
ڪرڻ لاءِ مشورو ڪرڻ نھايت ضروري عمل آهي.

 |