



حانيه امجد
زينب جو خواب
هڪڙو ڳوٺ هو، جنھن ۾ هڪ ڪٽنب رهندو هو، جنھن جي
اڳواڻ جو نالو غلام علي هو، جيڪو ڳوٺ جي زميندار
وٽ هارپو ڪندو هو، غلام علي جي آمدنيءَ جو ذريعو
صرف هارپو هو. هن جي ڪٽنب ۾ سندس زال، ٽي نياڻيون
۽ هڪ پٽ هو، جيڪو ڀيڻن کان ننڍو هو. غلام علي
پنھنجي ٻن وڏين ڌيئرن جي شادي ننڍي عمر ۾ ئي ڪري
ڇڏي هئي. سندس ٽيون نمبر ڌيءَ جو نالو زينب هو،
جنھن کي ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو.
انھيءَ ڪري سندس پيءُ کيس پڙهائي رهيو هو. هڪ
ڏينھن صبح جو زينب اسڪول وڃي رهي هئي، زميندار هن
کي ڏسي ورتو ۽ پنھنجي ڪمدار کان پڇيو ته، هيءَ
ڇوڪري ڪير آهي ۽ هينئر ڪيڏانھن وڃي رهي آهي. ڪمدار
ٻڌايس ته سائين! هيءَ پنھنجي هاري غلام علي جي
ڌيءَ آهي ۽ پڙهڻ لاءِ اسڪول وڃي رهي آهي. زميندار
کي اها ڳالھه نه وڻي، ان غلام علي کي گهرايو ۽
چيائينس ته جوان ڇوڪريءَ جو شھر وڃڻ سھي نه آهي،
هن جو اسڪول وڃڻ بند ڪراءِ ۽ جيترو جلد ٿي سگهي،
هن جي شادي ڪرائي ڇڏ.

غلام علي، زميندار جي چوڻ تي زينب کي اسڪول وڃڻ
کان جهلي ڇڏيو ۽ زينب لاءِ پنھنجي گهرواريءَ کي
رشتو ڳولڻ لاءِ چيو. نيٺ غلام علي زينب جو رشتو،
پنھنجي مائٽن ۾ ڪري ڇڏيو. زينب جو رشتو قاسم سان
طي ٿي ويو. ڪجهه ڏينھن ۾ انھن جي شادي ٿي وئي.

شادي کان پوءِ به زينب پڙهڻ جو شوق نه ڇڏيو.
پنھنجا سڀ ڪتاب، ساهراڻي گهر کڻي آئي هئي.
زينب
لِڪي لِڪي ڪتاب پڙهندي رهندي هئي. هڪ دفعي قاسم،
زينب کي ڪتاب پڙهندي ڏسي ورتو. زينب پريشان ٿي
وئي.
قاسم زينب کان پڇيو، زينب ڪھڙو ڪتاب پڙهي رهي
آهين. زينب هٻڪندي ٻڌايس، قاسم مون کي ننڍپڻ کان
ئي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي.
”ڇا تون اڳتي پڙهڻ چاهين ٿي.“ آئون اڳتي پڙهي
ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿي.ڇو ته ڊاڪٽر ٿيڻ منھنجو
خواب.“

زينب جي ان ڳالھه تي قاسم تمام گهڻو خوش ٿيو ۽
زينب کي اڳتي پڙهائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. قاسم
زينب کي شھر جي وڏي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، زينب
پنھنجي تعليم جاري رکي. قاسم جي ان فيصلي تي سندس
سمورا گهر ڀاتي پڻ ڏاڍا خوش ٿيا. نيٺ ڪجهه وقت کان
پوءِ زينب جي امتحان جو نتيجو آيو. جنھن ۾ هوءَ
سٺن نمبرن سان پاس ٿي، جنھن کان پوءِ هن ميڊيڪل
جي ٽيسٽ ڏني، جنھن ۾ به پاس ٿي ويئي، پنجن سالن
کان پوءِ زينب ڊاڪٽر بڻجي، نيٺ پنھنجو خواب پورو
ڪيو ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ اچي ڪلينڪ کوليائين.
ان ڳالھه جي خبر جڏهن زميندار کي پئي ته هو حيران
ٿي ويو ۽ کيس احساس ٿئي ٿو ته مون زينب سان ڪيڏي
نه ناانصافي ڪئي. پوءِ زميندار فيصلو ڪيو ته
ڇوڪرين جي پڙهائي لاءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول
کولرائيندس.
مقبول انجم ميمڻ

بــــبـــلـــي
شھر جي آسپاس ٺھيل فقيرن جي جهوپڙين منجهان، ببلي
نالي هڪ ڇوڪري کارا ٺاهي، شھر ۾ وڪڻڻ ايندي هئي.
سندس ڀوريون ۽ وڏيون اکيون، سنھڙا چپ، خوبصورت
چھرو، سندس حُسن جي ساک ڏيندا هئا.
شھر ۾ جميل جي هن تي نظر پئي، ته هو پنھنجي دوست
فرحان کي سڏي آيو.
ڏس يار! هي کارا وڪڻڻ واري ڇوڪري ڪيڏي نه سھڻي
آهي، ڇا ته حُسن اٿس. آهي ته هڪ فقرياڻي، پر ڪيڏي
نه حسين آهي!
چڱو مان کانئس کارن بھاني ڪچھري ڪيان ٿو.
”هي کارا ڪيتري قيمت جا آهن ۽ تنھنجو نالو ڇا
آهي.“
”منھنجو نالو ببلي آهي. سائين وڏيرا! هڪ کاري جي
قيمت سؤ روپيا آهي.“
جميل سندس ڳالھه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”تون آهين ته هڪ
فقيرياڻي ۽ تنھنجو ڪم به نٽھڻ اُس ۾ هلڻ جو آهي،
پوءِ تون ايتري خوبصورت ڇو آهين؟ آخر تنھنجي
خوبصورتيءَ جو راز ڇا آهي؟

ببلي معصوميت مان، ”سائين! اهو ته الله سائين کان
پڇو....!“
ببلي اڃا ڪجهه ڳالھائڻ ٿي گهريو ته اُتان هڪ پير
مرد گذريو، جنھن اهو سڀڪجهه ٻڌو پئي، تنھن ببلي جو
جواب ڏئي ڇڏيو. ”پٽ! هي (ببلي) فقيرن جو اولاد نه،
پر هي توهان جھڙن اميرن جو اولاد آهي.“
اها ڳالھه ٻڌي، هن ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو!
شعر
يقين آ ته گڏجي رهاڻيون ڪنداسين،
وري ڳالھيون پياريون پراڻيون ڪنداسين.
پرين پرت پنھنجيءَ جون پڙهبيون پچارون،
ٻئي ڪنھن سنديون ڪوهه ڪھاڻيون ڪنداسين.
اوهان کي رهڻ لاءِ هَٿَ يار جوڙي،
اسين التجائون نماڻيون ڪنداسون.
تهذيب
آر.ٽي.سي.سينٽر ڄام شورو
نيٺ ته هي دور بدلجڻو آ
اي اميرؤ! توھان کي نئون سال مبارڪ!
توھان جي دولت ۾ اضافو.
توھان جي شھرت ۾ اضافو
توھان جي طاقت ۾ اضافو
توھان غربت جي اذيتن کان
بي خبر.
توھان مھانگائي جي صدمي کا بي خبر
توھان غريبن جي تڪليفن کان بي خبر
توھان مزدور جي اجرت ھڙپ ڪري وڃو.
توھان ھاري جو خاندان قرضي ڪري وڃو.
توھان بيروزگار جو روزگار ڇني وڃو.
توھان طرفان
تباھه ڪيل نسلن جو پلاند
توهان کان قدرت ڪندي
توھان کان تاريخ پڇاڻو ڪندي.
اسان مڃون ٿا في الحال اسان ڪمزور آھيون
اسان مڃون ٿا في الحال اسان ٽٽل آھيون
اسان مڃون ٿا في الحال اسان ستل آھيون
پر نيٺ ته ھي دور بدلجڻو آ
شاھ عنايت ورڻو آ
دودو ھيمو ورڻو آ
نيٺ ته هي دور بدلجڻو آ.
سدره
شاھه
چنڊ ۽ سج
ساري رات چنڊ بيچين رھيو
تارا ھر گھڙي وسامڻ ٿي لڳا
جيءَ ۾ عجب اُلڪو ھجي
من چيو !
ڪجهه انتظار ڪجي
آڱرين تي ڳڻيا
پر ھجر جا ڏينھن
گھڻا ٿي ويا
وڇوڙي کي به
ھن جيان ماڻا ٿي ويا
ھوائون جو تيز ٿيڻ لڳيون
ته ڪي يادگيريون
اُڏري ھليون آيون
گھڙيال جي سُئي
ڊوڙندي رھي
پکي جاڳي پيا
سج نڪرڻ لڳو
صبح ٿي ويو
ارمانن کي
ھڪ ڀيرو وري
صبر اچي ويو.
شازيه عرفان
نظم
دل ڪري ٿي ته....!
اڄ مان توڏي اچان
مان توسان ملان
تنھنجي ڀر ۾ ويھي....!
تنھنجو حال پڇان
ڪجهه پنھنجي چوان
ڪجهه تنھنجي ٻڌان
ڪجهه پل توسان....!
گڏجي گذاري
تنھنجون يادون سنڀالي
پوءِ موٽي وڃان
دل ڪري ٿي ته....!
اڄ مان توڏي اچان
مان توسان ملان.
چار سٽا
پنھنجون اکيون سنڀالي رکجان....!
مون کي انھن سان محبت آهي
مسڪراهٽ پنھنجي مڌم رکجان
ٽھڪ مون تائين پھتا ته گجگوڙ ٿيندو!
***
ڪيترا ڏينھن ٿيا....!
مون تنھنجي نانءُ پڪاريو نه آهي
منھنجي آغوش ۾ اچ ته ڀلي پر....!
واپسي جو وقت مقرر نه آهي.
***
تنھنجين ڳالھين جو اثر....!
گهڻي دير تائين رهي ٿو.
تون موٽي به وڃين پر....!
مون ۾ موجود رهين ٿو.
اڪرم مصراڻي
چوسٽا
سوچن سپنن ڳاري ڇڏيس،
ريتن رسمن ھاري ڇڏيس،
اڳلي هفتي شادي ھن جي،
دل جي دوري ماري ڇڏيس.
ريتن رسمن منهنجا سپنا ٽوڙي ڇڏيا،
قدمن جا ڀي زوري رستا موڙي ڇڏيا،
دلبر ڀي ڏيکاري ويو بيزاري ھاڻي،
محبت جا ئي ٻيڙا دريا ٻوڙي ڇڏيا.
طلسم جي ھي باطل دنيا
نقلي چھرا پاتل دنيا
دولت تي ئي دليون ھرکن
جذبن جي آ قاتل دنيا.

ڊاڪٽر حَسين مسرت

ڊاڪٽر پروفيسر تنوير جوڻيجو جي
تحقيقي ڪم جو تنقيدي جائزو
ڊاڪٽر پروفيسر تنوير جوڻيجو، ڪهاڻين ذريعي، پنهنجي
سڃاڻپ ٺاهيندڙ ليکڪا، جنهن اڻٿڪ محنت ڪري، پنهنجي
قلمي سفر کي جاري رکيو. ڊاڪٽر پروفيسر تنوير
جوڻيجو جو تحقيقي ڪم پڻ سنڌي فڪشن جيان، احساسن
سان ڀريل آهي.
سماجيات جي ماهر هجڻ جي ڪري، تنوير جوڻيجو صاحبه،
پنهنجي تحقيق ذريعي، سنڌ جي عورت جي قلمي علمي
ادبي پورهئي کي، حق جي تار سان پرکيندي، ان جو
گهرائيءَ سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، سڀن جي سامهون
عورتن جي اُن پورهئي کي پيش ڪيو آهي ۽ عورت جي
صدين جي سفر کي هڪ جاءِ تي آندو آهي ۽ سماجي مسئلن
جو اپٽار به ڪيو اٿس. سماجي ۽ ثقافتي تبديلين جو
ادب تي اثر واضح ڪيو اٿس. تنوير جوڻيجو، عورت سان
لاڳاپيل سماجي مسئلن تي پڻ قلم کنيو آهي.
ڪهاڻين ۽ مضمونن ذريعي، پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ
باشعور ليکڪا، ميڊم تنوير جوڻيجو، جنهندڙ
باشعور ليکڪا، ميڊم ٿوري کان ڪامٿهدو1939ع ۾ جيڪو
۾ جڏهن هن جي اکين ڏسڻ کان ۽ قلم لکڻ کان نابري
واري تڏهن به هن پنهنجي
اڻٿڪ محنت ڪندي، پنهنجو قلمي سفر جاري رکيو آهي.
هن جي اندر ۾ سوين، هزارين جنگيون هلن ٿيون، جن جو
اظهار ڪڏهن به سندس زبان تي نه آيو آهي. پر سندس
تحرير ۾ سوين احتجاج، رڙيون ڪندي نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جي لکيل ڪهاڻين، ادبي ميدان ۾
جلدي پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. تنوير پنهنجي سادي لب
وَ لهجي ۾ تمام حساس سماجي مسئلن کي اُجاگر ڪيو.
ساڳيءَ طرح جڏهن تحقيق لاءِ قلم کنيائون، تڏهن به
سندس اندر جي حساسيت نڪري نروار ٿي بيٺي. تنوير
جوڻيجو جو اسلوب نهايت سادو، سوادي ۽ حساسيت سان
ڀرپور آهي. تنوير جوڻيجو، جنهن به موضوع تي قلم
کنيو آهي، ان تي مڪمل تحقيق ڪري، گهرائيءَ سان
سماجي جائزو وٺي، ان کي توڙ تائين پهچايو آهي.

سندس تحقيقي مضمونن تي مشتمل ڪتاب: ”عورت، سماج ۽
ڏاڍ“ تي، امر سنڌو، سندس لاءِ ادارتي نوٽ ۾ لکي ٿي
ته:
”سئي جي سنهي سيبي جيان، نور نچوئڻ واري هن پورهئي
جي خالق تنوير جوڻيجو جي قلم ۽ پورهئي جي جيڪا خاص
نزاڪت ۽ نفاست ڏني وئي هجي ها، ڪنهن ٻي جي قلم سان
ترتيب ڏني وئي هجي ها، تڏهن به اهو ڪٿي ممڪن هو ته
اهي سرد فائيل جيڪي هن پنهنجي دل گهرين دوستن لاءِ
لکيا آهن، مثلاً: درشهوار سيد تي لکيل سندس تاثر ۽
خيرالنساءِ جعفري واري مضمون ۾ سندس لفظن جي صورت
ورتل سندس دل جي اندرين جذبن مان نڪرندڙ ۽ دل
ڀڄائيندڙ جذبا ٻي ڪنهن جا به ٿي سگهندا. اِهي فقط
۽ فقط تنوير جوڻيجو جا ئي جذبا آهن، جيڪي سندس
پنهنجي ئي ذاتي تڪليفن تي ٻڌل آهن ۽ اهي مضمون اهي
کڙڪيون آهن، جنهن سان نه رڳو انهن شخصيتن جي سڃاڻپ
جي لاءِ در کلن ٿا، پر خود تنوير جوڻيجو جي اندر
جي نرمائپ، نهٺائپ ۽ حساسپڻي کي پڻ ظاهر ڪن
ٿا.“(1)
تحقيق جو پنڌ نهايت اڙانگو هوندو آهي. محقق سخت
محنت ڪري، مختلف مرحلن مان گذري، پنهنجي تحقيق کي
مڪمل ڪري ٿو. اسان وٽ هونئن به عورتن جي ڪم جي
حوالي سان جامع تحقيقي ڪم موجود نه آهي، جنهن جي
ذريعي، عورتن جي علمي، قلمي ۽ تحقيقي پورهئي جي
ڄاڻ ڪري سگهجي. ان صورتحال ۾ تنوير جوڻيجو جو هي
ننڍڙو ڪتاب لاڀائتي ڪوشش آهي.
جنهن کي سهيڙڻ لاءِ عورتازاد ريسرچ پبليڪيشنز ۽ ان
جو سٿ ساراهه لهن ٿا. هن ڪتاب جا ٽي حصا آهن:
(1) شخصي اڀياس، (2) ادبي اڀياس، (3) سماجي اڀياس.
شخصي اڀياس:
هن حصي ۾، تنوير جوڻيجو، سنڌ جي اديب عورتن جا
پروفائيل لکيا آهن. اهو تنوير جوڻيجو جي قلم جو
ڪمال آهي، جنهن انتهائي نفيس انداز ۾ دلچسپ اسلوب
سان اهي پروفائيل لکيا آهن. جيڪي پڻ ڪنهن دلچسپ
ناول ۾ ڪهاڻيءَ جيان ٿا لڳن. فني گهاڙيٽي جي لحاظ
کان انهن مضمونن ۾ منظرنگاري به آهي ۽ ڪردارنگاري
پڻ ڪمال جي اٿس، مضمونن ۾ پلاٽ پڻ مضبوط اٿس.
خيرالنساء جعفري تي لکيل مضمون ۽ ان دؤر جي تعارف
ڪرائيندي، لکي ٿي:
”جيئن ته اهو دؤر ادبي محفلن ۽ مجلسن وارو دؤر هو.
شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي آيو
هو. ٻئي طرف سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون
سرگرميون به عروج تي هيون. ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ڀٽ
شاهه، ڪڏهن ميرپورخاص، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ
ڪائونسل هال ۾ پيا ميڙاڪا ۽ گڏجاڻيون ٿينديون هيون
۽ انهن سڀني مختلف مجلسن ۾ اسان وارو ”ٽه سٽو“ به
شامل هوندو هو، جيڪو پنهنجي بناوٽ ۽ ذهانت سببان
نمايان به هوندو هو.(02). چند سٽن ۾ نهايت مختصر
نموني ۾ تنوير جوڻيجو ان دور جي ادبي سرگرمين بابت
بيان ڪيو آهي. جنهن مان اهو پڻ محسوس ٿئي ٿو ته ان
وقت جو ادبي ماحول عورتن لاءِ سازگار هو. انهن جي
مڃتا به هئي ۽ اهي ادبي محفلن ۾ شرڪت پڻ ڪنديون
هيون. هڪ لفظ ٽه سٽو، ۾ تنوير جوڻيجو پنهنجي
دوستيءَ جي تعريفانه تنبيهه نهايت خوبصورتيءَ سان
ڪئي آهي. جهڙيءَ طرح ”ٽه سٽي“ جي هر سٽ مڪمل معنيٰ
رکندي آهي ۽ جڏهن ٽئي سٽون گڏ ٿين ٿيون، تڏهن مطلب
۽ تشريح مڪمل ٿيندي آهي، پر الڳ الڳ معنيٰ جي
هوندي به هر سِٽ ڪارائتي هوندي آهي. تنوير جوڻيجو
به سندس، خيرالنساءِ جعفري، ليليٰ بانا جو ذڪر
ايئن محبت سان ڪيو آهي.
نهايت حساسيت سان مختلف پهلوئن کي به ظاهر ڪيو اٿس
۽ ان جي درد ۽ ڏک کي قلم ذريعي پڙهندڙن تائين
پهچايو آهي.
”درشهوار سيد“ جي يادن تي مشتمل سندس مضمون نهايت
معلوماتي پڻ آهي. شخصيتن جي تعارف سان گڏوگڏ، هنن
مضمونن مان سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتن جو
پتو پڻ پوي ٿو.
”ادي درشهوار هميشه عورتن جي عزت ڪئي. سنڌي ۽
مهاجر جا جڏهن جهيڙا ٿيا. يونيورسٽيءَ ۾ عورتن سان
ڪا بداخلاقي ڪانه ڪئي وئي. ڪيتريون اردو اسپيڪنگ
ڇوڪريون ادي وٽ اچي لِڪيون ۽ ادي به کين حفاظت سان
سندن گهرن ۾ پهچايو.“(03)
ملڪي سياسي حالتون ڪهڙيون به هجن، پر تنوير جوڻيجي
جي تحرير اها ظاهر ڪري ٿي ته، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
ڇوڪرين لاءِ ماحول تحفظ وارو هو. لساني نفرت کي
بنياد بڻائي يا ڪنهن به سياسي وابستگيءَ جي ڪري،
ڇوڪرين/ شاگردياڻين کي تنگ نه ڪيو ويندو هو ۽ نه
ئي انهن جي تعليمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي
ويندي هئي.
بيگم خديجه دائودپوٽو، مسرت مرزا ۽ عطيه دائود جا
پڻ تفصيلي پروفائيل موجود آهن. هي سڀ اهي عورتون
آهن، جن ادبي دنيا ۾ نئين ايندڙ ڇوڪرين لاءِ رستا
آسان ڪيا ۽ انهن لاءِ اتساهه پڻ بڻيون.
ادبي اڀياس:
هن حصي ۾ تنوير جوڻيجو جي اڻٿڪ محنت ۽ ادب سان
چاهه ظاهر ٿئي ٿو. هن حصي ۾ 5 تفصيلي تحقيقي مضمون
شامل آهن. پهرين ”سنڌي ادب جا پنجاهه سال“ هن
مضمون ۾، سنڌي عورتن جي ادب ۾ حصي بابت معلومات
ڏني ويئي آهي. پروفيسر تنوير جوڻيجو جيئن ته
سوشيالاجي سان تعلق رکي ٿي، انڪري به نهايت
گهرائيءَ سان سماجي مشاهدو ڪندي، سياسي ۽ سماجي
تبديلين ۽ لاهن چاڙهن کي پرکي، ان مطابق تجزيو پيش
ڪيو اٿس. تنوير جوڻيجو کي ڄاڻ آهي ته قلمڪار عورت
جو قلم ۽ ڪاغذ سان رشتو نڀائڻ، هن پدرشاهي سماج ۾
سولو نه آهي، ادب کي ٽن دورن ۾ ورهائيندي، تنوير
جوڻيجو، سنڌي ليکڪائن جي محنت ۽ تخليق تي روشني
وڌي آهي. ۽ لڳ ڀڳ 40 ليکڪائن جو تفصيلي تعارف پيش
ڪيو آهي ۽ ٻين جو سرسري ذڪر پڻ ڪيو اٿس.
نوان رسالا ڪڍي، عورتن کي لکڻ لاءِ پليٽ فارم تي
ڪم ڪندڙ عورتن جو پڻ ذڪر ڪيل آهي.
سنڌي خواتين جي سجاڳيءَ ۾ نئين زندگيءَ جو ڪردار ۽
سنڌي عورتاڻي ادب تي سياسي ۽ ثقافتي تبديلين جو
اثر مضمونن ذريعي پڻ عورتن جي ڪاوشن تي روشني وڌي
اٿس.
”سنڌي عورتاڻي ادب تي سياسي ۽ ثقافتي تبديلين جو
اثر“ ۾ سماجي تبديلين جي وصف ٻڌائيندي، ان جي
وضاحت ڪئي آهي، اهو پڻ واضح ڪيو اٿس ته عورت ۽ مرد
جي مشاهدي ۾ فرق سماجي حالتن جي اثر تحت ٿيندو
آهي، زندگي بدلجي رهي آهي، طرز معاشرت تبديل ٿي
رهيو آهي، پراڻن قدرن جي جاءِ نوان قدر ماڻي رهيا
آهن. انهيءَ سموري تبديليءَ جو وڏو محرڪ سنڌ ۾
ايندڙ سياسي حالتون آهن ۽ انهيءَ تبديليءَ جو اثر
سنڌي عورت جي ثقافتي زندگيءَ تي ڪهڙو پيو آهي، ان
جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ ادب کي بطور ميزان چونڊيو ويو
آهي، ڇاڪاڻ ته ادب مشاهداتي عمل آهي ۽ سوچ جو
اهڃاڻ آهي. ساڳئي وقت شعور جي ڪيفيتن جو ترجمان به
آهي.“(04)
سنڌ ۾ سياسي هلچل جو ذڪر ڪندي، انگريزن جي دور ۾
انهن خلاف هلندڙ سياسي تحريڪن جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس.
بين الاقوامي ادب جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۽ سنڌي ادب تي
اثر وجهڻ بابت پڻ ذڪر ڪيو اٿس. ورهاڱي کان پوءِ
ٿيندڙ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ جيڪا ثقافتي تبديلي آئي ۽
ان جو سنڌ جي ادب ۽ ثقافت تي اثر تي پڻ روشني وڌي
ويئي آهي.
انهيءَ لڏپلاڻ باعث، سنڌ ۾ نيون انتظامي تبديليون
پڻ عمل ۾ اچڻ لڳيون. نتيجي ۾ هڪ طرف ته سنڌين کي
نئين ثقافتي يلغار کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ٻئي طرف
سياسي لحاظ سان به سنڌي اقليت ۾ بدلجڻ لڳا. آزاد،
اورچ ۽ مستقبل لاءِ لائحه عمل تيار ڪندڙ دورانديش
عورت، جنهن زندگيءَ جون سرديون گرميون ڀوڳيون
هيون. نوڪري ڪرڻ، هن لاءِ عار نه هئي، ذات پات ۽
برادريءَ جا حصار هن وٽ نه هئا. هتان جي مڪاني
عورت جي ڀيٽ ۾ ايندڙ عورت وٽ تعليمي طاقت به هئي
ته ذهني شعور به، جنهن جي نتيجي ۾ تعليمي ادارن تي
قابض بڻجي، ساڳئي وقت اپوا جو بنياد پيو، جنهن جو
بنيادي مقصد ايندڙن کي آباد ڪرڻ هو. اپوا جون
سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون شهرن کان ٿينديون ننڍن
شهرن تائين پهتيون، جتي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو
پڙهائي ويندي هئي نتيجي ۾ اردو ملڪ جي قومي زبان
سمجهي ويئي ۽ جتان جي مڪاني گهرن ۾ به اردو جو
استعمال مهذب پڻي جي نشانيءَ طور ٿيڻ لڳو ۽ مڪاني
عورت، ايندڙ عورتن کان سخت متاثر ۽ مرعوب هئي.(05)
تنوير جوڻيجو جي اها ڳالهه تحقيق طلب آهي، ڇو ته
ايترو کڻي مڃجي ته ورهاڱي کان پوءِ اردو زبان
سنڌيءَ جي اثرانداز ٿي، اهو چوڻ ته اردو
ڳالهائيندڙ عورت، وڌيڪ اورچ، آزاد ۽ دورانديش هئي،
اهو صحيح نٿو لڳي، ڇو ته ورهاڱي واري تحريڪ لاءِ
سنڌ جي عورت متحرڪ هئي. ادبي لحاظ کان پڻ سنڌي
عورت پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪي هئي. سياست ۾ ڪماري
ڄيٺي جو نالو نمايان آهي. جيڪا سنڌ اسيمبليءَ جي
پهرين ڊپٽي اسپيڪر پڻ هئي، ڪماري ڄيٺي جو ذڪر
سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي.
انٽرنيٽ تي سندس مڪمل تعارف پڻ موجود آهي.
ڪماري ڄيٺي سپاهيملاڻي 10 فيبروري 1906ع ۾
حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿي. ابتدائي تعليم ڪندن مل
گرلز اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين ۽ انڊين گرلز
اسڪول ڪراچيءَ مان هاءِ اسڪول جي تعليم ورتائين،
اُتر ۾ پرنسپل طور نوڪري ڪيائين، 1930ع ۾ نوڪري
ڇڏي، سياست ۾ آئي. برطانيه جي خلاف ’انڊيا ڇڏي
تحريڪ‘ ۽ مسلم ستياگره جو حصو بڻي. ڄيٺي
سپاهيملاڻي ٻه دفعا جنرل سيٽن تي اليڪٽ ٿي ۽ سنڌ
اسيمبليءَ ۾ 1943ع ۾ پهرين عورت اسپيڪر بڻي.(06)
اها ڳالهه الڳ آهي ته سنڌي عورت سماجي پابندين ۾
هئي، پر ان جي باوجود سنڌي عورت، پنهنجي صلاحيتن
جي بنياد تي مزاحمت ڪندي آئي آهي ۽ ادبي ميدان ۾
توڙي سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ به پاڻ مڃايو اٿس.
پاسبانا ۽ سماجات بنياد تي، انهن واقعن ۽ ڳالهين
تي مزيد تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقي تاريخي
سچايون سامهون اچي سگهن.
سنڌي شاعرائن جي سماجي حالتن جو جائزو ۾ 53
شاعرائن جي ڪلام جو تعارف پڻ شامل ڪيو ويو آهي.
شاعرائن جو احوال پڻ شامل آهي. آخري تجزيي ۾ اهو
پڻ ٻڌايو ويو آهي ته انهن شاعرائن جا ڪهڙا مٽ مائٽ
۽ والدين ادب سان ۽ تعليم جي شعبي سان تعلق رکندڙ
هئا. انهن عورتن جو تعلق نه صرف ادب سان آهي. پر
اهي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجين لياقتن آهر
ذميواريون سرانجام ڏيئي رهيون آهن.
سنڌي ناول جو اڀياس:
هن ڪتاب جي ان حصي ۾ عورت جي حيثيت جو سماجي جائزو
پيش ڪيل آهي. ڪتاب جو هي حصو تمام اهم آهي. ڇو ته
هن ۾ عورت سان سلهاڙيل سڀني سوالن جو ذڪر ڪيل آهي.
جن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڀلي ڀت اندازو ڪري
سگهجي ٿو ته سماج جو رويو عورت ڏانهن ڪيتريقدر
ظالماڻو ۽ تفريقي آهي، ان جي باوجود عورت جي
مزاحمت جاري آهي ۽ ان جي قلمي ۽ علمي جدوجهد جي
اهميت جو پڻ اندازو ٿئي ٿو. تمام حساسيت سان لکيل
هي مضمون، عورت جي سماج ۾ حيثيت جي حوالي سان،
نهايت اهم آهن. ’زال، مار کان مرڊر تائين‘ ۾ عورت
جي شاديءَ کان پوءِ واري گهريلو زندگيءَ ۾ پيش
ايندڙ تشدد ۽ جبر جي واقعن بابت تفصيلي تحقيق پيش
ڪيل آهي. تاريخ ۾ عورت بابت نظرين تي بحث ڪيل آهي
ته ڪيئن عورت کي گهر ۽ گهروارن جي خدمت لاءِ پابند
بڻايو ويو آهي ۽ بدلي ۾ سندس حصي ۾ صرف صبر ۽ جبر
برداشت ڪرڻ لکيو ويو آهي.
پاڪستاني عورت جي ڪاروباري شعبي ڏانهن وِک:
هن تحقيق ۾، عورت جي ملڪي معيشت ۾ ڪردار تي روشني
وڌل آهي. تاريخي حوالن کان جديد دور جي حقيقتن
تائين، عورت جي ترقيءَ جي سفر کي تحقيق ڪري،
ثابتين سان پيش ڪيو ويو آهي. ”هن وقت پاڪستان ۾
عورتن جو هڪڙو وڏو انگ اقتصادي سرگرمين ۾ حصو وٺي
رهيو آهي. 1981ع جي مردم شماريءَ موجب پوکن ۾ 6.67
ملين، جانورن جي افزائش ۾ 2.78 ملين، غير زرعي
سرگرمين ۾ 6.42 ملين گهر يا گهر کان ٻاهر پيداواري
سرگرمين ۾ 1.91 ملين يعني عورتن جي انهن سرگرمين
جو سڌو يا اڻ سڌو تعلق ڪاروباري شعبي سان آهي.(07)
ڏٺو وڃي ته عورت هر شعبي ۾ محنت ڪندي نظر ايندي،
گهريلو صنعتن کان وٺي، وڏين صنعتن تائين، عورت
سرگرم آهي، پر مڃتا جي انگن اکرن ۾ عورت نظر نه
ايندي آهي. تنوير جوڻيجو هن مضمون ۾ حڪومت پاران
عورتن کي ڪاروبار جي سهولتن ۽ ڏنل قرضن بابت پڻ
ڄاڻ ڏني آهي.
کدڙا سنڌ جو ثقافتي ورثو:
هن مضمون ۾ تنوير جوڻيجو، ان جنس بابت قلم کنيو
آهي، جنهن بابت کلي ڳالهايو به نه ويندو آهي، انهن
سان جنسي تفريقي رويا عام هوندا آهن. هن مضمون
ذريعي، تنوير جوڻيجو، تاريخي حقيقتون ٻڌائيندي،
کدڙن جي ريتن، رسمن، سماجي ۽ ثقافتي طور طريقن
بابت معلومات جي ونڊ ڪيل آهي.
لڄالٽ: هڪ سنگين سماجي ڏوهه:
هن مضمون ۾ تنوير جوڻيجو، هن سنگين ڏوهه جي باري ۾
سماجي جائزو پيش ڪندي، ’زنا‘ جون مختلف صورتون
بيان ڪيون آهن. نهايت حساسيت سان انهن عورتن جي
ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت پڻ بيان ڪئي اٿس. ريپ جي
حوالي سان ڏنل انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته، هن ڏوهه جو
شڪار ٿيندڙ عورتن جو تعداد تمام گهڻو آهي، اها
ڳالهه به اهم آهي ته جيڪي عورتون گهرن ۾ زيادتين
جو شڪار ٿين ٿيون، انهن جا ڪيس گهڻي تعداد ۾ هوندا
آهن. پر اهي ڪٿي رپورٽ نه ٿيندا آهن. هن ڪتاب ۾
شايع ٿيو آهي، ان کان پوءِ اڄ تائين، ڪيتريون ئي
عورتون، ان سنگين ڏوهه جو شڪار ٿينديون آهن ۽ انهن
جا ڪيس انصاف جا منتظر رهجي ويندا آهن.
آخري مضمون جيڪو هن ڪتاب جو ٽائيٽل پڻ آهي، ”عورت
سماج ۽ ڏاڍ“ مضمون ۾ اهم سوال اٿاريل آهن.
سماج ۾ عورت جو ’هڪ فرد‘ هجڻ وارو پهريون بنيادي ۽
آئيني حق، اڄ تائين، تسليم نه ڪيو ويو آهي. عورت
تي ٿيندڙ جنسي زيادتين جا حملا، تشدد، جبر،
ناانصافي، تفريقي رويا، بيجا سماجي پابنديون،
رسمون رواج، اهي سڀ ڏوهه، ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته
عورت کي هڪ انسان ۽ رياست جو ’فرد‘ تسليم نٿو ڪيو
وڃي، عورت جي مزاحمت حقن لاءِ جدوجهد ان هڪ لفظ جي
گرد ڦري رهي آهي. هن مضمون ۾ تنوير جوڻيجو عورتن
جي تحريڪن جو ذڪر ڪيو آهي.
اسلامي تحريڪ، نظرياتي تحريڪ، برصغير ۽ تحريڪ جو
ذڪر ته ڪيو اٿس، پر بين الاقوامي ۽ ملڪي سطح تي،
عورتن جي وڏي فيمينسٽ تحريڪ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو
اٿس. ان کي مغربي تحريڪ جو نالو ڏنو اٿس، حالانڪ
فيمينسٽ تحريڪ جو آغاز پاڪستان ۾ پڻ اڳ ٿي چڪو هو.
صحيح طرح سان ڏٺو وڃي ٿو ته، تنوير جوڻيجو جو هيءُ
ڪتاب، وڏي جاکوڙ ۽ گهري تحقيق جو نتيجو آهي، تمام
بنيادي معلومات رکيل ڪتاب آهي، موجوده دور ۾ اهڙي
تحقيق اڻلڀ آهي، ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته تحقيق کي
اڳتي وڌائجي ۽ موجوده دور جي حالتن کي پڻ وائکو
ڪجي.
ملڪ جي سياسي صورتحال باعث، سنڌ ۾ سماجي ۽ ثقافتي
تبديلي ۽ سنڌي ادب جي تحقيق ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي.
پهرين ڀاڱي ۾ سماجي ثقافتي تبديليءَ بابت نظرين تي
روشني وجهندي، پاڪستاني سماج تي ان جي اثرن بابت
بيان ڪيو ويو آهي.
ٻئي ڀاڱي ۾، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ سماجي ثقافتي
تبديلي جو ذڪر ڪيل آهي، هن ڀاڱي ۾ پاڪستاني سياست
جي مختلف دورن کي، ڏهن ڏهن سالن ۾ ورهائي، سياسي
تبديلين جو گهرائيءَ سان مشاهدو پيش ڪيل آهي. ڀاڱي
ٽئين ۾، سياسي صورتحال باعث، ثقافتي تبديلين ۽ ان
جي سنڌي ادب تي ٿيندڙ اثرن بابت تفصيلي بحث ٿيل
آهي. عورت جي بدلجندڙ حيثيت بابت بحث ڪندي لکي ٿي:
”ان کان پوءِ جمهوري دور حڪومت ۾ 1973ع واري آئين
۾ به درج آهي ته جنس جي بنياد تي ڪابه ٻه اکيائي
يا مشتمل روا نه رکيو ويندو، ٻنهي جنسن کي ترقيءَ
لاءِ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ان بعد
Commodity of the Stay….. of Women
جي ڪوششن تحت
Min Stay of Women
جو قيام عمل ۾ آيو.حڪومت جي پٺڀرائي کانسواءِ غير
سرڪاريءَ تنظيمن جي ڪوششن باعث عورت گهر کان ٻاهر
نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، مختلف ادارن ۾ سندس انگ
وڌيو آهي. اقتصادي طور تي پاڻ ڀري آهي. فيصله
سازيءَ ۾ کيس گهڻي ڀاڱي شامل ڪيو وڃي ٿو. پر وري
به ڪِن ڪِن علائقن ۾ روايتي قدر ۽ دستور حاوي آهن
۽ عورت کي اقتصادي
(Commodity)
سمجهيو وڃي ٿو ۽ سندس فيصلن کي رد ڪري، توڙي جرڳن
جا ٿاڦيل فيصلا مڙهيا وڃن ٿا.“(8)
تنوير جوڻيجو نهايت باريڪ بينيءَ سان سياسي ۽
ثقافتي جائزو پيش ڪيو آهي، پر جتي عورتن جي لاءِ
سرڪاري طور تي مڃتا لاءِ قائم ڪيل ادارن جو ذڪر
ڪيل آهي، اتي انهن ادارن جي قيام لاءِ جاکوڙ ڪندڙ
عورتن جو ذڪر ڪيل ٿو نظر اچي. يقيناً انهن قانونن
جي پاس ٿيڻ ۾ ۽ ادارن جي قيام لاءِ به ڪجهه تاريخي
عورتن جي مزاحمت ۽ جدوجهد شامل هوندي، جن جو ذڪر
ڪرڻ ضروري ٿو لڳي.
عورتن خلاف ڏوهن جي باري ۾ اهم واقعن بابت هن ڪتاب
۾ اخبارن جون ڪٽنگس پڻ شامل ڪيل آهن، جيڪا نهايت
صحيح روايت نه آهي.
باقي مجموعي طرح سان پروفيسر تنوير جوڻيجو جو
تحقيقي ڪم ساراهه جوڳو آهي، ۽ تحقيق اهائي ڪامياب
آهي، جيڪا مزيد تحقيقن جا رستا کولي ۽ سوال اٿاري،
پروفيسر تنوير جوڻيجو جي تحقيق مان ڪيترائي تحقيق
جا عنوان نڪرن ٿا.
حوالا:
1)
تنوير جوڻيجو، عورت سماج ۽ ڏاڍ، تحقيقي مضمون-
عورتزاد، ويمن ريسرچ ۽ پبليڪيشن 2009ع.
2)
ساڳيو، ص 08
3)
ساڳيو، ص 16-17
4)
ساڳيو، ص 28
5)
ساڳيو، ص 84
6)
ساڳيو، ص 87
7)
ساڳيو، ص 208
8)
تنوير جوڻيجو- پاڪستان جي سياسي صورتحال باعث سنڌ
۾ سماجي ثقافتي تبديليءَ ۽ سنڌي ادب پاڪيزه پرنٽرس
2014ع
9)
ساڳيو، ص 532
(قليچ تحقيقي جرنل، مرزا قليچ چيئر، سنڌ يونيورسٽي
2022ع ۾ ڇپيل) |