|

]سوچ
ويچار[
امن ۽ شانتي وطن جي خوشحاليءَ کي هٿي ڏئي ٿو
ڪامياب ٿيڻ- بهتر کان بهتر رهڻ- معيارِ زندگي
گذارڻ، اهو هر انسان جو بنيادي حق آهي، پر اهو
ضرور ڏسجي ته پنهنجي ترقيءَ جو بنياد- پنهنجي وڌڻ
جو بنياد،ڪنهن ٻئي انسان کي تڪليف ڏئي، ٻئي جي
ترقي روڪي، ٻئي انسان جي رت ۽ پگهر تي آڌاريل نه
هجي! قدرتي طور انسان جون گهُرجون معاملا ۽ مسئلا
هڪجهڙا آهن، سماجي طور تي به انساني ضرورتن جا
معاملا هڪجهڙا آهن. سياسي ۽ معاشي طور به ڏٺو وڃي
ته انساني بنيادي گهُرجون ۽ حق ساڳيا آهن، اهوئي
سبب آهي جو ملڪي آئين ۽ قانون پڻ اها ڳالهه سيکاري
ٿو ته سڀني انسانن تي فرض آهي ته اهي جنهن ملڪ ۾
رهن ٿا، اتان جي قاعدي قانون کي تسليم ڪرڻ ۽ ان تي
عمل ڪرڻ هر فرد جو فرض آهي. پر موجوده حالتن ۾ ڏٺو
وڃي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي رهي ٿي. جڏهن ته
”انساني حقن جي پڌرنامي“ تحت، هر شهري کي صحت،
تعليم، روزگار جا هڪجهڙا حق ڏنل آهن. ڪنهن به ملڪ
۾ سڪون، شانتي ۽ امن هجڻ، ملڪ جي خوشحاليءَ ۽
ترقيءَ کي هٿي ڏئي ٿو.
اهڙيءَ طرح پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي لوچ ۾ اهو جز ضرور
شامل ڪجي ته جيڪڏهن ڌرتي/ وطن آباد هوندو، ظلم ڏاڍ
۽ جبر کان آزاد هوندو ته يقيناً قوم خوشحال رهندي!
اڄڪلهه اسان ڏسون ٿا ته هر ماڻهو اها ڪوشس ڪري ٿو
ته مثبت ماحول هجي، ڇو ته سهڪاري ۽ مثبت رويا هر
ماڻهوءَ کي پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ مددگار ثابت
ٿين ٿا، اهوئي سبب آهي ته اسان وٽ سرڪاري،
غيرسرڪاري توڙي سياسي سماجي معاشي مسئلن تي
ڪيتريون ئي نظرياتي تنظيمون بنان ڪنهن معاوضي ۽
لوڀ جي ڪم ڪنديون رهن ٿيون، جتي سينئر ماڻهو
پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اتي نوجوان ۽ جوان
پڻ بردباري ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙا
فورم، تنظيمون، مذهبي، جنسي ۽ طبقاتي فرق کان
مٿانهان ٿي، فقط انسانذات جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙي
۽ جاکوڙي رهيا آهن. جڏهن انسانيت جي برتري هوندي ۽
هڪ انسان ٻئي انسان کي مانُ مرتبو ڏيندو ته ڌرتي،
اوس جنت ٿي پوندي!
پڙهندڙ ساٿيو!
اڄ مون کي ڏاڍو فخر ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته
ماهوار رسالي ’سرتيون‘ پنهنجي ڄمار جا ڇٽيهه سال
پورا ڪري ستٽيهين سال ۾ قدم رکي رهيو آهي. سنڌي
ادب جي تاريخ ۾ ڪوبه عورتن جو رسالو، ايتري ڊگهي
ڄمار ۽ خدمت نه ڪري سگهيو آهي، جيتري ’سرتيون‘
رسالي عورتن کي نه فقط لکڻ، پر تحرير سان گڏوگڏ،
پنهنجي تقرير ذريعي پنهنجي موقف رکڻ جو پڻ موقعو
فراهم ڪيو. جتي اهو سڄو محنت ۽ ڪاميابيءَ جو سهرو
ايڊيٽر ڏانهن وڃي ٿو، اتي وري اصل ’سرتيون‘ رسالي
جي اجراءَ جٽاءَ ۽ معيار جو سهرو مخدوم صاحب ڏانهن
وڃي ٿو بلڪه سڀ کان اول قبلا سائين مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه
جن ”سرتيون“ جي اجراءَ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو
محترمه شهيد راڻيءَ جو وزارت عظميٰ جو پهريون دور
هو ۽ قبلا سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين هئا. خوشقسمتيءَ سان
مون کي ”سرتيون“ جي پهرين ايڊيٽر ٿيڻ جو اعزاز
مليو. جيڪو اڄ تائين بخوبي نڀائيندي پئي اچان.
سنڌ توڙي هند جي سنڌي ليکڪائن سرهائي جو اظهار
ڪندي وڏو سهڪار ڪيو. جتي سينئر ليکڪائن پنهنجون
لکڻيون ”سرتيون“ ۾ ڇپايون، اتي سنڌ جي نياڻين خاص
ڪري ڄام شوري جي گرلس هاسٽلن ۾ رهندڙ، سنڌ، مهراڻ
۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي لمس) ۾ پڙهندڙ
شاگردياڻين پنهنجون تخليقون ”سرتيون“ ۾ ڇپائڻ لاءِ
ڏينديون هيون. تخليق سان گڏ، عالمي ادب ترجمن جي
صورت ۾ شاگردياڻين فراهم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ”سرتيون“
رسالو سينئر ۽ جونيئر ليکڪائن جي لکڻين جي سنگم ٿي
پيو. اتي ان دور جي سينئر مرد ليکڪن/ نوجوان ليکڪن
جي سهڪار کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.
”سرتيون“ پنهنجي ڄمار ۾ سوين ٽماهي، ٻه ماهي ۽
ماهوار سان گڏ، خاص نمبر شايع ڪيا آهن. جيئن (1)
ڪهاڻي نمبر، (2) شهيد راڻي بينظير ڀٽو نمبر، (3)
خيرالنساء جعفري نمبر، (4) بيگم نصرت ڀٽو نمبر،
(5) سرتيون امڙ نمبر، (6) يادگيريون نمبر، (7) هڪ
شخصيت 100 سوال نمبر، (8) بابا نمبر وغيره.
”سرتيون“ جي پليٽ فارم تان ڪيئي معلوماتي ۽ دلچسپ
پروگرام ٿيندا رهيا آهن. جيئن ڪُل سنڌ خواتين
مشاعرو، ڪارو ڪاري ڪُڌي رسم تي سيمينار، 21 صديءَ
لاءِ سنڌي عورت جون تياريون، ”تاريخ ۾ عورت جو
ڪردار“، ادب ۾ عورت جو ڪردار، ”جشن سرتيون“ ۽ ”ادب
۾ سرتيون رسالي جو ڪردار“ جي موضوع تي هڪ شاندار
سيمينار ٿيو، اهڙي نموني ”سرتيون“ رسالو، سنڌي
عورت لاءِ هڪ تحريڪ ٿي اُڀريو آهي، جنهن عورت جي
موقف، تحريڪ ۽ تخليق کي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪيو
آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
”عاطف“ صاحب جن جي رهنمائي ۽ سهڪار اسان لاءِ وڏي
وَٿُ آهي. سندن رهنمائيءَ ۾ ”سياست ۾ عورت جو
ڪردار“ تي سرتيون خاص نمبر تي ڪم هلي رهيو آهي.
جيڪو پڻ سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي دستاويز ثابت ٿيندو.

گلبدن جاويد
امر جليل

مان برف ۾ توسان
ملندس
تڏهن، مريءَ ۾ موسم جي پھرين برف پيئي هئي. هر طرف
ڪپهه جهڙي ڪونئري، ۽ ڪفن جھڙي اڇي ۽ بي داغ برف جا
تهه ڄمي ويا. سڀ ڪجهه برف جي تهن هيٺان دفن ٿي
ويو. هر رنگ، بي رنگ ٿي ويو.
اوچتو، برف جي ڦٽين سان گڏ، موت جهڙي سرد هوا هلڻ
لڳي. سيءَ جي شدت وڌي ويئي، ماڻھو، مال روڊ تان
کسڪڻ لڳا. هوٽلون ريسٽورنٽ ڀرجڻ لڳا. جتي، ڪجهه
دير اڳ رونق هئي، رنگا رنگي لباسن ۾ ماڻھن جي
انبوهه جي چهل پهل هئي، اتي کن پل کان پوءِ ڪجهه
باقي نه بچيو، سڀ ڪجهه خواب جي تعبير وانگر بدلجي
ويو. مال روڊ ڏسندي ئي ڏسندي گوڏي جيڏي برف سان
ڍڪجي ويو. اوچتو، مون هڪ هيڪلي شخص کي هولي ٽرنٽي
چرچ جي ٻاهرين ڀت ڀرسان بيٺل ڏٺو. هو اڌڙ عمر وارو
طاقتور شخص هو. ڪاري اوور ڪوٽ سان برف جي رڻ ۾ مون
کي بيحد پُراسرار محسوس ٿيڻ لڳو. هو ڪليسا جي صليب
هيٺان بيٺو هو. سندس مٿو اُگهاڙو هو. وارن تان برف
جا تهه لاهي، هن ڪنڌ کڻي، صليب ڏانهن ڏٺو، هو مون
کي بيرابس لڳو، جنھن کي پنھنجي زندگيءَ بدران،
يسوع مسيح جيئدان وٺي ڏنو هو.
ڪجهه دير اڳ، جڏهن منھنجي پٽ نعيم مون کي پنھنجين
لوهه جهڙين ٻانهن سان ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هو، لڳيم
ٿو، بابا، مريءَ سان اوهان جي ڪا غير معمولي ياد
ٻڌل آهي، تڏهن هو ڪليسا جي ٻاهرين ڀت ڀرسان بيٺل
نه هو. تڏهن هو اُتي موجود نه هو.
”اڙي وڏو ڪو بدمعاش آهين!“ مون نعيم کي پيٽ ۾
ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. ٽهڪ ڏيئي نعيم مون کان ڌار
ٿي ويو هو. ويهن سالن جو آهي. ايندڙ نومبر ۾
ايڪويهن سالن جو ٿيندو. قائد اعظم يونيورسٽيءَ مان
انٽرنيشنل رليشنس ۾ ايم. اي ڪري رهيو آهي. مڊل ويٽ
۾ يونيورسٽيءَ جي باڪسنگ ٽيم جي نمائندگي ڪندو
آهي. ڏاڍو طاقتور آهي. قد ۾ مون کان چار انچ وڏو
آهي. ماڻھو چوندا آهن ته ڪنھن به پيءُ پنھنجي پٽ
سان ايڏي ۽ اهڙي محبت ورلي ڪئي هوندي، جهڙي محبت
مون نعيم سان ڪئي آهي، ۽ ڪنھن به پٽ اهڙي محبت
پنھنجي پيءُ سان نه ڪئي هوندي، جهڙي محبت نعيم مون
سان ڪئي آهي. مان ڪنھن ڪنھن مهل نعيم لاءِ ڏاڍو
اُداس ٿي پوندو آهيان. مان اڪثر ان ايندڙ گهڙيءَ
کان ڪنبي ويندو آهيان، جڏهن اسان ٻنهي جي زندگيءَ
جي ڊرامي تان پردو کڄندو! تڏهن هو منھنجي باري ۾
ڇا سوچيندو!
برف پوڻ کان اڳ نعيم مون کي چيو هو، ”پيراڊائيز
سئنيما ۾ اينٿوني ڪوئن ۽ محمد علي ڪلي جي فلم،
ريڪوئيم، فار دي هيوي ويٽ هلي رهي آهي. اوهان جو
ڪهڙو موڊ آهي؟“
”منھنجو موڊ!“ مون هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو هو،
”مان مال روڊ تي گهمندس. بڪ گيلريءَ مان ڪجهه ڪتاب
وٺندس. ۽ هونءَ به اِها فلم مون ڪراچيءَ جي ريڪس
سئنيما ۾ تنھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳ ڏٺي هئي!“
”ايڏي پراڻي آهي!“ نعيم تعجب وچان پڇيو هو.
”اڙي تون ڪو موهن جي دڙي جو ماڻھو آهين ڇا!“ سندس
هٿ جهليندي چيو هوم، ”چوويهن- پنجويهن سالن جي
ڳالهه آهي. تڏهن مان اڃا ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾
پڙهندو هوس.“
کلي پڇيائين، ”نوڪمپني؟“
کيس ٻنهي ڏورن کان جهليندي چيم،
”نوڪمپني، ماءِ سئيٽ لِٽل سن.“
واچ ۾ وقت ڏسندي چيو هئائين، ”ساڍي ڇهين لڳي بُڪ
گيلريءَ ۾ ملنداسين.“
هاڪار ۾ مون فقط ڪنڌ لوڏيو هو.
نعيم پاٻوهه مان پڇيو هو، ”ڪنھن سان ملڻ جو مخفي
پروگرام ته نه ٺاهيو اَٿوَ!“
مون کيس ڏوري تي ٺونشو هنيو هو. هو کلندو
پيراڊائيز سئنيما ڏانهن هليو ويو هو. تڏهن اڃا
برفباري شروع نه ٿي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن آسمان مان ڪپهه جهڙي
ڪونئري برف ڪرڻ لڳي، ۽ زندگيءَ جا مصنوعي ۽ عارضي
رنگ ڪوري ڪفن جهڙي وجود ۾ گم ٿيڻ لڳا، تڏهن مون
پھريون دفعو کيس هولي ٽرنٽي چرچ جي ٻاهرين ڀت
ڀرسان مال روڊ تي بيٺل ڏٺو. هن جون نگاهون ڪليسا
جي صليب تي کتل هيون. ڏسندي ئي ڏسندي صليب برف سان
اڇو ٿي ويو. ان ئي گهڙيءَ هن جي عينڪ جا شيشا برف
سان ڍڪجي ويا. هو صليب تي لٽڪيل برف ڏسي نه سگهيو.
سندس نگاهن ۾ سڀ ڪجهه ڌنڌ جي پردن پٺيان گم ٿي
ويو. هن ڪنڌ هيٺ ڪيو. عينڪ جي شيشن کان برف جو تهه
ترڪي ويو. هو ڪليسا جي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو.
هينئر هو مون کي اجنبي ۽ اوپرو محسوس نه ٿيو. مون
کيس سڃاڻي ورتو.
ڪليسا جي ٻاهرين ڀت ڀرسان مال روڊ تي گوڏي جيڏي
برف ۾ اڪيلو بيٺل شخص مان هوس.
مان ڪليسا جي ٻاهرين ڀت ڀرسان بيٺو هوس. ڪجهه
ماڻھو سئمس ۽ لينٽاٽس ريسٽورنٽس جي درين مان تعجب
وچان مون ڏانهن ڏسڻ لڳا. نوجوانن جو هڪ ٽولو،
هڪٻئي کي برف جا گولا هڻندو، کلندو، نچندو،
ڳائيندو، مال روڊ جي ٻئي پاسي کان اچي لنگهيو. مون
کي ڀت ڀرسان، برف ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي، ٽولي ۾ شامل
ڪجهه نوجوان بيهي رهيا. هنن سرٻاٽن ۾ ڪو فيصلو
ڪيو. پوءِ، هڪڙي نوجوان فٽ بال جيڏو برف جو گولو
ٺاهي مون ڏانهن اُڇلايو، ۽ ٻين وڏي واڪ چيو، ”اڙي
چريو آهين ڇا.“
مون کين جواب نه ڏنو. هو کلندا، خوش ٿيندا، تاڙين
جي ليءَ تي نچندا اڳتي وڌي ويا. هنن جو جملو مون
کي وڻيو. سندن جملي ۾ منھنجي ماضيءَ جو واضح پڙاڏو
هو. هو منھنجو پنھنجو ئي جملو هو، جيڪو ورهين کان
پوءِ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو هو. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي
موڪلن ۾ اسين جڏهن به مري ايندا هئاسين، تڏهن اهڙي
ئي نموني ماڻھن تان کلندا هئاسين، کين تنگ ڪندا
هئاسين، مٿن ٺٺوليون ڪندا هئاسين. اسين سندن ظاهر
ته ڏسي سگهندا هئاسين، پر سندن باطن ڏسي نه سگهندا
هئاسين: سندن رنگين لباسن، برساتين، ٽوپين، اوور
ڪوٽن، ۽ مفلرن جي بهار ته ڏسي سگهندا هئاسين، پر
سندن وجود جي ويرانين جي خزان ڏسي نه سگهندا
هئاسين، چهرن جي رونق ته ڏسي سگهندا هئاسين، پر دل
جي وحشت ڏسي نه سگهندا هئاسين.
دل چاهيو ته نوجوانن کي سڏ ڪري بيهاري ڇڏيان، کين
ترسايان، سندن ڌيان ٽرنٽي چرچ جي صليب ڏانهن
ڇڪايان، کين ٻڌايان ته زندگيءَ ۾ ڪا پھر اهڙي به
ايندي آهي، جڏهن اسين ڪنھن صليب هيٺان بيهي رهندا
آهيون- وَيل وقت کي سڏيندا آهيون- ماضيءَ جي
گهڙيءَ گهڙيءَ کي پڪاريندا آهيون، پر ماضي واپس نه
ورندو آهي، لمحن جو سج لهي وري نه چڙهندو آهي.
گذريل گهڙيون خيرات وانگر ڪشڪول ۾ نه ڪرنديون آهن.
هڪ ياد جي ليڪ، رت جي انڊلٺ وانگر اندر جي آسمان
تي موجود رهندي آهي. تقدير جي شب خون جي شاهدي
ڏيندي آهي. مندر جي ڪاتب جو قلم، جڏهن اسين هٿ ۾
کڻندا آهيون، تڏهن پروڙ پوندي آهي ته اسان جون
آڱريون وڍيل آهن، ۽ اسين لوح محفوظ جي تحرير مٽائي
نه سگهندا آهيون.
مون نوجوانن ڏانهن ڏٺو. هو بڪ گيلري (ڪتابن جو
دڪان) وٽان لنگهي رهيا هئا. هنن اُتان ڪنڌ ورائي
مون ڏانهن ڏٺو، ۽ هٿ لوڏي ڇڏيو. جواب ۾ مون پنھنجو
هٿ مٿي ڪيو. هو ڏاڪڻ لهي هيٺين بازار ڏانهن هليا
ويا.
سئمس ۽ لينٽاٽس ريسٽورنٽس مان مون ڏانهن ڏسڻ وارن
جو تجسس ختم ٿي ويو. هنن مون کي نظر انداز ڪري
ڇڏيو. هو گرم گرم چانهه ۽ ڪافيءَ جي ڪوپن مان
سرڪيون ڀرڻ لڳا. هو ٽيبلن تي ٻانهون رکي، اڳتي
جهڪي اندر اورڻ لڳا.
يخ جهڙي هوا تير وانگر مون کي جسم ۾ چڀڻ لڳي،
سوچيم، سئمس ۾ وڃي ويهندس، دريءَ مان برف کي آسمان
مان لهندي ڏسندس، ۽ گرم گرم ڪافيءَ جي سپ سپ سان
ٿڌي ٿيندڙ جسم کي ڪنبڻ کان بچائي وٺندس. تڏهن مون
اوچتو محسوس ڪيو ته بڪ گيلريءَ جي ٻاهرين در وٽان
ڪو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. عينڪ جي شيشن تي آلاڻ،
۽ لاڳيتو برف ڪرڻ سبب، مان کيس چڱي طرح ڏسي نه
سگهيس، ڄڻ ڪو پاڇو هو، جيڪو لاڳيتو مون ڏانهن ڏسي
رهيو هو.
هو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جي ڪڪر پٺيان مون ڏانهن وڌڻ لڳو.
قداور، طاقتور، ماحول کان بي نياز! هو مضبوط قدمن
سان مون ڏانهن وڌڻ لڳو. مال روڊ تي وڇايل گوڏي
جيڏي برف جهاڳڻ لڳو. جيڪيٽ جي زپ، ۽ قميص جا بٽڻ
کليل هئس. وار وکريل هئس. ڪير آهي! مون سوچيو، هو
مون کي نظر ڇو نه ٿو اچي! ڪرندڙ برف جي ڀت ايڏي
نهري به نه آهي جو مان کيس چڱيءَ طرح ڏسي نه
سگهان! ائين ته ناهي، اينڪل سيريا نرسنگ هوم جي
ڪمري نمبر 34 مان پنجويهه سال اڳ گم ٿي ويل هڪ
سختگير نوجوان عالم وجود ۾ اچي رهيو هو، ۽ منھنجي
وجود ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مون ڏانهن وڌي رهيو هو!
الاءِ! پر، اهو ممڪن به ته نه آهي! منھنجي وجود کي
هن جي هينئر قطعي ضرورت نه آهي. نعيم جي موجودگيءَ
۾ مون کي هن جي ضرورت نه آهي، نه، نه، هو ڪنھن به
صورت ۾ نعيم کان مضبوط، طاقتور، سرڪش ۽ بي نياز نه
هو. هو، پنجويهن سالن کان پوءِ ڇو مون ڏانهن وڌي
رهيو آهي! پر، اهو ڪنھن به صورت ۾ ممڪن نه آهي. هن
جي واپسي امڪان کان ٻاهر آهي ته پوءِ، هيءُ ڪير
آهي. جيڪو موسم جي سختي ۽ ماڻھن جي تجسس کان بي
نياز مون ڏانهن وڌي رهيو آهي! ڪير آهي!
”بابا!“ لوهه جهڙين ٻانهن ۽ ڍال جهڙي سيني سان
ڀاڪر ۾ ڀرجي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو نعيم هو.
”بابا!“ نعيم مون کي پيار ڪندي چيو، ”ڪيئن آهيو
بابا!“
”ڇو!“ تعجب وچان کانئس پڇيم، ”ڇا ٿيو آهي مون کي!
پر، تون ته فلم ڏسڻ ويو هئين!“
نعيم مون کي سخت پريشان نظر آيو. پڇيائين، ”هيڏي
برف، ۽ ولهه ۾ بيٺا آهيو.“
شعور جي واڳ ورائڻ کان اڳ منھنجي وات مان نڪري
ويو، ”يار، ايڏي برف ته نه پئي آهي.“
”ٻه فٽ پئجي چڪي آهي!“ نعيم مون کي ٻانهن کان
جهليندي پاٻوهه مان پڇيو، ”اوهين ٺيڪ ته آهيو نه،
بابا.“
”يار مان ٺيڪ آهيان.“ مون پاڻ کي سنڀالي ورتو.
چيم، ”تون ڇا ٿو سمجهين! برف ۽ هوا ۾ فقط تون ئي
سينو کولي هلي سگهين ٿو! ويڻي ڇڏائي ڏيکار.“
مون ٻئي هٿ سندس رُڪ جهڙي ويڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيا. هو
ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. چيائين، ”ناٽ پاسيبل بابا- ناٽ
پاسيبل بابا.“
هو ڏاڍو طاقتور آهي، بنا ڪنھن زور آزمائيءَ جي
ٻانهن ڇڏائي وٺندو آهي. پر، جڏهن پيار سان ٽمٽار
هوندو آهي، تڏهن چوندو آهي. ”ناٽ پاسيبل بابا- ناٽ
پاسيبل بابا.“ ڊوڙ ۾ مون کي پٺتي ڇڏي ويندو آهي.
پر جڏهن پيار سان ٽمٽار هوندو آهي، تڏهن چوندو
آهي، ”ناٽ پاسيبل بابا- ناٽ پاسيبل بابا.“ جمعي جي
ڏينهن اسين ٻئي منجهند جي ماني کڻي مارگله ٽڪرين
جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندا آهيون. قوت سان ڀريل ۽
ڀرپور هوندو آهي. پر، مون کي سهڪندي ڏسي پاڻ به
ويهي رهندو آهي. پڇندو آهيانس ته اڳتي هلئون! تڏهن
چوندو آهي، ”ناٽ پاسيبل بابا- ناٽ پاسيبل بابا.“
پڇيائين، ”برف ۾ ڇو بيهي رهيا آهيو.“
وراڻيم، ”لطف اندوز ٿيڻ لاءِ“
شرارت واري مرڪ چپن تي تري آيس، پڇيائين، ”برف
پوندي ڪنھن سان ملڻ جو انجام ته نه ڪيو اَٿوَ!“
مون کيس ٻه ٽي ٺونشا پيٽ ۽ سيني تي وهائي ڪڍيا. هن
مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. سندس ٻانهن ۾ ئي هوس جو
کلندي چيائين، ”اوهان جي دوستن کان ٻڌو اٿم ته
ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اوهين ڏاڍو رومانٽڪ هوندا
هئا.“
”اڙي ڀوڪ، تون ڇا ٿو سمجهين!“ کلندي چيم، ”مان
هينئر به رومانٽڪ آهيان.“
منھنجي منھن ۾ ڏسندي پڇيائين. ”سچ!“
چيم. ”آزمائي ڏس.“
پوءِ اوچتو ، ڄڻ کيس ڪجهه ياد آيو. ڇرڪ ڀري
چيائين، ”اوهان کي برف ۾ بيٺل ڏسي. مون کان سڀ
ڪجهه وسري ويو.“
”يار نعيم.“ چيم، ”تون ته پٽ بدران، جيڪر منھنجي
ماءُ هجين ها.“
هڪدم گنڀير ٿي ويو. پڇيائين، ”اوهين منھنجي ماءُ
نه آهيو!“
سندس منھن ٻنهي هٿن ۾ جهلي کيس نرڙ تي مٺي ڏنم.
پڇيومانس، ”ٽڪيٽ نه مليهءِ ڇا، جو موٽي آيو آهين.“
کيسي مان ٽڪيٽ ڪڍي ڏيکاريندي چيائين. ”فلم انٽر
ويل کان پوءِ شروع ٿيندي، دل ڪيو ته اوهان سان
ڪافي پي پوءِ فلم ڏسان.“
”او- ڪي.“ چيم، ”مون کي به ڪافي جي سخت ضرورت
آهي.“
سئمس ريسٽورنٽ جي ڏاڪي تي پير رکي هو بيهي رهيو
منھن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين. چيائين، ”بابا، ڪينٽ
شاپنگ سينٽر وٽ مون هڪ عورت ڏٺي، هوبهو امان جهڙي
هئي.- بس، امان کان پوڙهي هئي- مٿي جا وار به ذري
گهٽ اڇا هئس.“
سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”تنھنجي ماءُ به هن
وقت تائين پوڙهي ٿي چڪي هجي ها.“
چيائين، ”اوهان جي ۽ منھنجي بيڊ روم ۾ امان جي
جيڪا تصوير لڳل آهي نه، هوبهو، ان تصوير جهڙي
هئي.“
مون دل ۾ بيچيني محسوس ڪئي.
نعيم چيو، ”منھنجو خيال آهي، اوهين به هلي کيس
ڏسو، حيرت انگيز حد تائين امان جهڙي آهي- بس ڪجهه
ڪجهه پوڙهي آهي.“
چيم، ”هن انبوهه ۾ کيس ڪٿي ڳولينداسين.“
”اوهين هلو ته سهي.“ نعيم چيو، ”کيس ڏسي، اوهين به
حيران ٿي ويندا.“
هو مون کي وٺي ڪينٽ شاپنگ سينٽر آيو. ڍڪيل هئڻ سبب
ڪينٽ شاپنگ سينٽر ۾ چڱي پيهه هئي. نعيم ڪنڌ ورائي
وچولي عمر جي عورتن ڏانهن ڏسڻ لڳو. کيس چيم، ”اهڙي
طرح عورتن کي ڏسڻ شروع ڪيوسين ته پڪ ڄاڻ حدود
آرڊيننس جي ڀڃڪڙيءَ ۾ پڪڙيا وينداسين.“
نعيم گنڀير هو. هن جواب نه ڏنو. هن کي جنھن جي
تلاش هئي، سا کيس نظر نه آئي. هو اتاولو ٿيڻ لڳو.
چيائين، ”مون کيس هتي، هن جاءِ تي ڏٺو هو، بابا.“
”ڏٺو هوندءِ.“ چيم، ”پر ايتري دير تائين هوءَ هتي
ڇو بيٺي رهندي.“
”ها.“ هن پنھنجي ساءِ چيو، ”هوءَ ايتري دير تائين
هتي ڇو بيٺي رهندي!“
”منھنجو خيال آهي، تون وڃي اينٿني ڪوئن ۽ محمد علي
ڪلي جي فلم ڏس.“ من کيس سمجهائيندي چيو، ”ماڻھن
جون شڪليون هڪٻئي سان مشابهت رکنديون آهن. ان ۾
حيران يا پريشان ٿيڻ جهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي.“
پر، هو پريشان هو، هن، هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي،
منھنجو روح فنا ڪري ڇڏيو. چيائين، ”مان جڏهن ويجهو
ويو مانس، تڏهن غور سان مون ڏانهن ڏٺو. مان سمجهان
ٿو، هن به مون کي سڃاتو هو.“
مان پنھنجي سموري وجود سان ڪنبي ويس. چيم، ”اهو
ممڪن نه آهي.“
”ڇو ممڪن نه آهي.“ نعيم چيو، ”ڇا مائرون پنھنجي
پٽن کي سڃاڻي نه سگهنديون آهن!“
سندس هٿ پنھنجي هٿ ۾ جهليندي چيم، ”توکي جنم ڏيڻ
کان هڪدم پوءِ هوءَ گذاري ويئي هئي.“
نعيم جي چهري تي اُداس شام جا پاڇا لڙي آيا، هو
وياڪل ۽ ويڳاڻو ٿي پيو.
پنھنجي ساءِ ڏک وچان چيم، ”هوءَ توکي سڃاڻي نه
سگهي ها، پٽ“ نعيم چيو، ”هوءَ هوبهو امان جهڙي
هئي. ان تصوير جهڙي هئي، جيڪا اوهان جي ۽ منھنجي
بيڊروم ۾ رکيل آهي.“
سندس خيال مٽائڻ خاطر چيم، ”انٽرويل ختم ٿي ويو
هوندو. هل، مان توکي پيراڊائيز وٽ ڇڏي ٿو اچان.“
ڪينٽ شاپنگ سينٽر جون ڏاڪڻيون لهي، اسين پيراڊائيز
سئنيما ڏانهن وڌي وياسين، مون ڏٺو ته نعيم تمام
گهري سوچ ۾ ٻڌل هو، هو آسمان مان ڪرندڙ برف کان بي
نياز هلي رهيو هو. سندس اکين ۾ اُڻ تڻ هئي. ذهين
انسان ڪائنات ۾ پنھنجي وجود جي دليل بابت ضرور
سوچيندا آهن. هو جڏهن ڪنھن به نتيجي تي پهچي نه
سگهندا آهن، تڏهن اُداس ٿي پوندا آهن.
پيراڊائيز سئنيما وٽ مون نعيم کي چيو، ”اڙي چريا،
مان اول تنھنجي ماءُ آهيان، ۽ پوءِ پيءُ، هاڻي
ويڻي ڇڏائي ڏيکار.“
مون ٻئي هٿ سندس ويڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيا. هن مون ڏانهن
ڏٺو. سندس چپن تي مرڪ تري آئي. ممتا لاءِ
واجهائيندڙ ٻار وانگر هو مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
پوءِ، هن بنا ڪنھن زور آزمائيءَ جي پنھنجي ويڻي
منھنجن هٿن مان ڇڏائي ورتي. چيائين، ”برف ۾ نه
بيهجو، سئمس ۾ وڃي ويهجو، وري ساڍي ڇهين لڳي مان
اوهان کي بڪ گيلريءَ ۾ ملندس.“
مون کيس پيار وچان ٻانهن تي ٿڦڪي ڏني، هن پنھنجي
ويڻي اڳتي ڪئي. مون پنھنجا ٻئي هٿ سندس ويڻيءَ ۾
وجهي ڇڏيا. اسين ٻئي هڪٻئي ڏانهن ڏسي کلي پياسين،
چيم، ”ويڻي ڇڏائي ڏيکار.“
اُداس هو، پر کلي پيو، چيائين، ”ناٽ پاسيبل بابا-
ناٽ پاسيبل بابا.“
مون پنھنجا هٿ، سندس ويڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيا. هو
پيراڊائيز سئنيما ۾ هليو ويو.
نعيم پيراڊائيز سئنيما ۾ هليو ويو، پر جهاڳڻ لاءِ
مون کي سوچڻ جو سمنڊ ڏيئي ويو. هن ڪنھن کي ڏٺو
آهي! ائين ته ناهي، مون سوچيو، ته هن سچ پچ مريم
کي ڏٺم آهي! منھنجي ۽ نعيم جي ڪمري ۾ لڳل تصوير ۾
مريم ويهن کن سالن جي مس آهي. تڏهن هوءَ مون سان
ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي. منھنجي ڪلاس
ميٽ هئي. منھنجي زندگيءَ جي سوڀيا ۽ سڃاڻپ هئي.
منھنجي باري ۾ جڏهن به پڇا ڪئي ويندي هئي، تڏهن
کانئس ئي پڇا ڪئي ويندي هئي. هوءَ جنھن ڏينهن
يونيورسٽيءَ ۾ نه ايندي هئي، تنھن ڏينهن ڪوبه مون
کي تلاش نه ڪندو هو. سڀني کي خبر هئي ته ان ڏينهن
مان به يونيورسٽيءَ ۾ نه هوندس. ان ڏينهن مان
ڪلفٽن جي ڪناري سيبريز ريسٽورنٽ ۾ ويٺو هوندس ۽
دريءَ مان بيچين سمنڊ ڏانهن ڏسي رهيو هوندس، ۽
ڇولين جي آواز ۾ غزل ٻڌي رهيو هوندس. ان ڏينهن مان
ڪرڪيٽ راند لاءِ پريڪٽس تي به نه ويندو هوس. شام
جو ٻڏندڙ سج جي پوين ڪِرڻن ۾ ڪناري تان سپيون ۽
ڪوڏ ميڙي کڻي ايندو هوس. ان رات دير تائين امان
مون کي پيار ڪندي هئي: بنا آواز جي روئيندي هئي:
۽ منھنجي سُک لاءِ آسمان کان دعا گهرندي هئي، پر،
ان ڳالهه کي سڄا سمورا پنجويهه سال گذري ويا آهن-
چوٿين صدي! جنھن ۾ هڪ سج گرهڻ به شامل آهي، جڏهن
ٽاڪ منجهند مهل ڌرتيءَ تي اڌ رات واري اوندهه لهي
آئي هئي! پنجويهن سالن کان پوءِ مان به جيڪڏهن
مريم کي ڏسان، ته هوند، پھرين نظر ۾ ته شايد کيس
سڃاڻي نه سگهان! ته پوءِ نعيم کيس ڪيئن سڃاڻي
ورتو! ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ امڪان جي حد هٿ اچي
ويندي آهي. ممڪن آهي، نعيم سچ پچ مريم کي ئي ڏٺو
آهي، مون سوچيو.
ٻڌو هوم ته هوءَ پنھنجي گهر ۾ سکي آهي، ۽ خوشگوار
گهريلو زندگي گذاري رهي آهي. کيس چار ٻار آهن، ۽
سندس مڙس ڪنھن بينڪ ۾ نوڪري ڪندو آهي. ڪيئن هوندي!
مون سوچيو. پنجويهن سالن کان پوءِ مون کي سڃاڻي
سگهندي! جيڪڏهن مون کي نه سڃاتائين، يا سڃاڻڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيائين، ته مون کي ڏک ضرور ٿيندو، پر
مان ان ڏک جو اظهار نه ڪندس. ان کان وڌيڪ سندس
زندگيءَ تي مون کي ٻيو ڪوبه اختيار نه آهي، جو مون
سندس هڪ تصوير نعيم جي ڪمري ۾، ۽ ٻي پنھنجي ڪمري ۾
لڳائي ڇڏي آهي. سندس ٻئي تصويرون ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ۽ لائبريريءَ جي
ٻاهران لان تي نڪتل آهن. هڪڙي ڏينهن مريم جي تصوير
ڏانهن غور سان ڏسندي نعيم چيو هو، ”منھنجي ماءُ،
دنيا جي سڀ کان خوبصورت عورت آهي.“
”ها پٽ.“ مان پاسي کان وڃي بيٺو هو مانس، چيو هيم،
”تنھنجي ماءُ سچ پچ دنيا جي سڀ کان خوبصورت عورت
هئي.“
”مون کيس ماري ڇڏيو هو نه بابا.“ نعيم ڏک وچان
پڇيو هو.
کيس پيار ڪندي چيو هوم، ”ڪهڙيون چرين جهڙيون
ڳالهيون پيو ڪرين پٽ، قدرت ائين ئي چاهيو هو ته
هوءَ توکي جنم ڏيڻ کان پوءِ اسان کان ڌار ٿي وڃي.“
ممتا کان محروم ٿيڻ جو ڏک، نعيم جي وجود ۾ عمر سان
گڏ، بڙ وانگر وڌي وڻ ٿيو آهي، مون کي خبر آهي ته
هو پنھنجي سڄي عمر ممتا موهه
(Mother Fixation)
۾ گذاريندو. هو فقط اُن عورت
سان محبت ڪري سگهندو، جنھن جي چاهه مان کيس ممتا
جي خوشبوءِ ايندي. ممتا کان محروميءَ جي احساس کي
مون سندس شخصيت تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو آهي. سندس
محروميءَ جي احساس جي مون پنھنجي بي پناهه پيار
سان تلافي ڪئي آهي.
الاءِ ڇو، مان محسوس ڪرڻ لڳس، ته نعيم جنھن عورت
کي مريم سمجهيو ۽ ڀانيو آهي، سا اصل ۾ سچ پچ مريم
ئي آهي. مريم سان هم شڪل ٻي ڪا عورت نه آهي! مون
آسمان ڏانهن، ۽ آسمان مان ڪرندڙ برف ڏانهن ڏٺو.
پنجويهه سال اڳ، مريم کان هميشه لاءِ جدا ٿيڻ وقت،
مون امڪان لاءِ جيڪا گنجائش ڇڏي ڏني هئي. تنھن جي
هڪ ڏينهن اهڙي نموني تڪميل ٿيندي، مون کي ان وقت
خبر نه هئي! تڏهن، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي
ٻاهرين در وٽ، مون مريم کي چيو هو، ”چڱو، خدا حافظ
مريم. زندگيءَ ۾ ٻيهر جيڪڏهن ملياسين، ته برف
پوندي ملنداسين،“ اُهو نه واعدو هو، ۽ نه انجام
هو، نه هن طرفان، نه مون طرفان، ان جملي جي مفهوم
تي مون گهڻو پوءِ جڏهن سوچيو هو، تڏهن ان جملي جي
مفهوم ۾ مون کي علامت کان سواءِ ڪجهه نظر نه آيو
هو. ان جملي جي حوالي سان مون سوچيو هو ته اسين
ٻئي جڏهن اُس بدران، درد جي ڇانوَ ۾ پنھنجا وار
اڇا ڪري ڇڏينداسين، تڏهن زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ڪٿي نه
ڪٿي، پاڻ ۾ ضرور ملنداسين.
مون آسمان تي ڪا تحرير پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آسمان
جي ڪوري ڪاغذ تي مون کي ڪا به تحرير نظر نه آئي،
مون آسماني تحريرن جي ڪاتب سان ڳالهائيندي چيو،
”تون شاهد رهجانءِ، ته مون وفا جي راهن تان ڪڏهن
به پوئتي هٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، مون پنھنجي پٽ
جي تخيل کي مريم جي تصور سان آباد ڪري ڇڏيو آهي.
هو مريم جو پٽ آهي..... مريم کان سواءِ ٻي ڪابه
عورت هن جي ماءُ نه آهي.“
برفخاني وانگر سرد، بيحس، ۽ اُداس ڪندڙ ماحول ۾
امڪان جي سرحد پار ڪرڻ لاءِ مان مريءَ جي بازارين،
دڪانن، رستن ۽ هوٽلن ۾ رلندو رهيس. برف ۽ هوا ۾
مان هلندو رهيس. پنجيتاليهه- ڇائيتاليهه سالن جي
لڳ ڀڳ هر عورت ڏانهن غور سان ڏسندو رهيس. پنھنجي
عمل تي ڪڏهن ششدر، ڪڏهن پشيمان ۽ ڪڏهن دل ئي دل ۾
کلندو، ۽ ڪڏهن افسوس ڪندو رهيس.
پوءِ، جڏهن خوابن جي آخري آرامگاهه کي امر وَل
وڪوڙي ويئي، تڏهن اوچتو، بڪ گيلريءَ جي هڪ ڪنڊ ۾
مون مريم کي بيٺل ڏٺو. دڪان جي ٻاهرين در وٽان مان
ڏانهس ڏسڻ لڳس، سندس هٿ ۾ ڪو ڪتاب هو، ۽ هوءَ ڪتاب
مان ڪجهه جملا پڙهندي ۽ صفحا ورائيندي پئي ويئي.
گذريل پنجويهن سالن ۾ هوءَ وڌيڪ شانائتي ۽ پُرڪشش
ٿي پيئي هئي، هوءَ انهن عظيم عورتن مان پئي لڳي،
جن کي ڏسڻ کان پوءِ تقدس جو احساس، ذهن جي اُفق تي
اُڀري ايندو آهي. دل، جيڪا مدتن کان تمنائن جي تپش
کان محروم هئي، ڦٿڪي پيئي، پاڻ کي پرچائڻ، سرچائڻ،
۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم ته هوءَ خواب آهي. هن جو
حقيقتن سان ڪو به تعلق نه آهي. هوءَ ٻي ڪا عورت
آهي. هوءَ مريم نه آهي. علامتن کي ايتريقدر ظاهر ۽
واضح معنيٰ نه ملندي آهي. سوچيم ته هليو وڃان.
ڪليسا جي ٻاهرين ڀت وٽ بيهي، برف جي صليب ڏانهن
ڏسندو رهان. پر، مان ائين ڪري نه سگهيس. زندگي
جيڪڏهن خود- فريبيءَ جو شڪار نه ٿئي ها، ۽ خوابن
تي جيڪڏهن حقيقتن جو گمان ٿئي ها، ته هوند، مان
کيس نظر جو دوکو سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيان ها.
تڏهن، اڻپورين تعبيرن جي بارگاهه ۾ سجدو نه ڪريان
ها. بڪ گيلريءَ جي در وٽان هٽي وڃان ها- برف جي
ڪفن تي هلندو رهان ها. پر، هوءَ خواب نه هئي. هوءَ
منھنجي ۽ نعيم جي نظر جو دوکو نه هئي. هوءَ منھنجي
زندگيءَ جي روشني هئي. هوءَ منھنجو تشخص هئي. هوءَ
منھنجي سڃاڻپ هئي. ڪيئن کيس نظر انداز ڪري هليو
وڃان ها! پھرين دوري کان پوءِ هينئر دل جي رفاقت
تان اعتبار کڄي ويو آهي. مون محسوس ڪيو ته زندگيءَ
۾ فقط هڪ دفعو امڪان جي حد هٿ ايندي آهي. برف
پوندي، زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو ملاقات ٿيندي آهي.
برف پوندي، ٻيهر ملاقات ٿي نه سگهندي آهي.؟
مان سندس سامهون وڃي بيٺس.
هن ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو.....
فقط هڪ لمحي لاءِ نظرون ٻيهر ڪتاب تي ڄمائي
ڇڏيائين. مان سندس سامهون بيٺو رهيس، ڏانهس ڏسندو
رهيس. سندس مٿي جا وار ذري گهٽ اڇا ٿي ويا هئا.
سندس پيشانيءَ تي وقت جي وهنوار جا ليڪا ظاهر ٿي
بيٺا هئا. عينڪ جي شيشن پٺيان سندس عميق اکيون
گهري سوچ ۾ ٻڏل هيون.
هن ٻيهر ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو. ۽ پوءِ ڄڻ
کانئس ڇرڪ نڪرندي نڪرندي رهجي ويو. سندس هٿ مان
ڪتاب ذري گهٽ ڇڏائجي ويو. هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن
ڏسندي رهي. جهيڻي آواز ۾ سندس نالو کنيم، چيم،
”مريم.“
خشڪ چپن تي اَڻ لکي مُرڪ تري آيس. ڪجهه اچرج، ۽
ڪجهه تعجب وچان مون ڏانهن ڏسندي رهي. دڪان کان
ٻاهر ڪپهه جهڙي ڪونئري برف آسمان مان ڪرندي رهي.
تير وانگر چڀندڙ هوا هلندي رهي.
جهيڻي آواز ۾ کانئس پڇيم، ”ڪيئن آهين، مريم؟“
جواب نه ڏنائين، ورائي پڇيائين، ”تون ڪيئن آهين؟“
سمجهان ٿو، منھنجن چپن تي هڪ بلڪل بي معنيٰ مرڪ
تري آئي هئي. چيم، ”مان ٺيڪ آهيان.“
ڪتاب ڪائونٽر تي رکندي چيائين، ”ورهيه وهامي ويا
آهن.“
چيم، چوٿين صدي- پورا پنجويهه سال.“
پنھنجي ساءِ چيائين، ”ها، پورا پنجويهه سال.“
پڇيم، ”تون ڪيئن آهين. مريم.“
”مان!“ هوءَ مون ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ چپن تي
ڏاڍي اُداس مرڪ ليئو پائي موٽي ويس. چيائين، ”مان
خوش آهيان- ٺيڪ آهيان، توکي ڪيئن ٿي لڳان!“
ڪجهه گهڙيون ماٺ ڪري ڏانهس ڏسندو رهيس. پوءِ چيم،
”اڌ اڌ رات جو اُٿي، مون تنھنجي سُک لاءِ ٻاڏايو
آهي، مريم.“
هوءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي، اکين ۾ تري آيل
وجود جي ڇوليءَ جي اُڇل مون کان لڪائڻ لڳي.
چيم، ”گهڻو اڳ، توکي ڏسڻ ۽ توسان گهڙي کن لاءِ ملڻ
جي مون پروردگار کان دعا گهري هئي.“
آواز ڳورو ٿي پيو.
هن ڪجهه نه چيو.
مون چيو، ”دعا ائين اگهامندي، مون کي خبر نه هئي.“
ڪائونٽر تي رکيل ڪتاب ڪاغذ جي ڳوٿريءَ ۾ وجهي،
سيلزمين ڏاڍي ادب سان آڻي، مريم کي ڏنو. هن پرس
مان ڪجهه نوٽ ڪڍي، سيلزمين کي ڏنا.
چيم، ”تو ڏانهن ايندي سوچيم پئي، شايد مون کي
سڃاڻي نه سگهين.“
سيلز مين کيس بچيل پئسا موٽائي آڻي ڏنا. هن بنا
ڳڻڻ جي پئسا پرس ۾ رکي ڇڏيا. پوءِ مون ڏانهن ڏسندي
پڇيائين. ”ائين ڇو سوچيو هيهءِ؟“
چيم، ”پنجويهن سالن جو عرصو ڪو گهٽ ته ڪونهي.“
”تمام گهٽ آهي- تمام گهٽ آهي.“ ڏاڍي ڏک وچان
چيائين، ”توکي خبر نه آهي، تمام گهٽ آهي، وسارڻ
لاءِ تمام گهٽ آهي.“
مريم جي اکين م لڙڪ لڙي آيا، هيٺيون چپ ڪنبڻ لڳس،
کاڏيءَ ۾ گٻ پئجي ويس، پنھنجي ساءِ چيائين،
”زندگيءَ جي هيڏي وڏي الميي کي وسارڻ لاءِ پنجويهن
سالن جو عرصو تمام گهٽ آهي. تمام گهٽ آهي.“
هن دڪان کان ٻاهر، آسمان ڏانهن ڏٺو. ڄڻ پروردگار
سان شڪايت ڪندي هجي!
پر پوءِ ضبط ڪري ورتائين، پڇيائين، ”اسين ائين ئي
بيٺا هونداسين ڇا؟“ اُداس چپن تي ويران مُرڪ جي
روشني پکڙجي ويس. هوءَ بي انتها سهڻي آهي. شانائتي
آهي، پر ان ڏينهن اُداس ٿيڻ کان پوءِ، ڪائنات جو
سمورو حسن سندس شخصيت ۾ شامل ٿي ويو. پڇيائين،
”مون سان هڪ ڪوپ ڪافيءَ جو نه پيئندين؟“
بڪ گيلريءَ مان نڪري برف سان ڀريل مال روڊ تي اچي
بيٺاسين. مون ٽرنٽي چرچ جي صليب ڏانهن اشارو ڪندي
چيو. ”مان هن صليب تي لٽڪيل آهيان، مريم.“
مريم ڪنڌ کڻي برف سان ڍڪيل صليب ڏانهن ڏٺو.
پڇيائين، ”افسوس ٿو ٿئي پنھنجي فيصلي تي!“
”الاءِ، ڪجهه چئي نٿو سگهان.“ مريم ڏانهن ڏسندي
چيم، ”توکان جدا ٿيڻ کان پوءِ مون زندگيءَ کي تهمت
طور قبول ڪيو آهي.“
سندس منھن تي هڪدم غم جو پاڇو پئجي ويو. هن منھن
ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. گهڙي کن لاءِ مون سندس ڪلها
ڪنبندي ڏٺا.
”مريم.“ مون کيس سڏ ڪيو.
هن منھن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ آلاڻ هئس.
کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين، ”خبر اٿئي، مون کي ٻه
دفعا نمونيا ٿي چڪي آهي.“
لئينٽاٽس ريسٽورنٽ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهڻ لاءِ اسان کي
ٽيبل ملي ويئي. هڪٻئي جي آمهون سامهون ويهي
رهياسين، بيرو ڪافيءَ جو آرڊر وٺي هليو ويو. جڏهن
ڳالهائڻ ۽ پڇڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي، تڏهن
لفظ، جملن جي جوڙ جڪ مان نڪري ويندا آهن. تڏهن،
گفتگوءَ جي شروعات هٿ نه ايندي آهي. اُڻ تڻ هئي.
کانئس پڇيم، ”مون سان ڪافي پيئندي- منھنجو مطلب
آهي. تنھنجو گهر وارو، محسوس ته نه ڪندو، ريسٽورنٽ
۾....“
”قطعي نه “ مريم تمام پختي لهجي ۾ چيو، ”هن کي
پنھنجي باري ۾ خبر آهي.“
تعجب وچان چيم، ”خبر آهي!“
”ها.“ وراڻيائين،“ نه هن اِن باري ۾ مون کان ڪڏهن
صفائي گهُري آهي، ۽ نه مون ئي ان باري ۾ کيس وڌيڪ
ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي.“
مون اُن شخص لاءِ دل ۾ عزت محسوس ڪئي.
۽ پوءِ، کلندي چيائين، ”هينئر ته مان پوڙهي ٿي
ويئي آهين، چئن جوان ٻارن جي ماءُ آهيان.“
چئن ٻارن جي جملي، مون کي حال مان ڪڍي ماضيءَ
ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. مريم کي ٻار ڏاڍا وڻندا هئا.
يونيورسٽيءَ جي بس مان لهي، جڏهن گرو مندر وٽ بيهي
رهندا هئاسين، تڏهن هوءَ فرابيل ڪنڊر گارٽن اسڪول
مان موٽندڙ ٻارن کي رستي تي روڪي روڪي پيار ڪندي
هئي. کين پرس مان ٽافيون ڪڍي ڏيندي هئي.
يونيورسٽيءَ ۾ ته ڪنھن ڪنھن وقت عجيب صورت حال
پيدا ڪري وجهندي هئي. يونيورسٽيءَ جي هڪ ڀنگيءَ
برڪت جي ٻن سالن جي پٽ کي کڻي، ڪينٽين ۾ اچي
ويهندي هئي، کيس بسڪوٽ ۽ ٽافيون کارائيندي هئي، ۽
ڪوپ ۾ کير وجهي پيئاريندي هئي. هڪڙي ڏينهن، جڏهن
اسين ٻئي گرو مندر جي بس اسٽاپ وٽ بيٺا هئاسين،
تڏهن مريم چيو هو، ”مان گهٽ ۾ گهٽ ڇهن ٻارن جي
ماءُ ٿينديس- ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئر.“ ۽ پوءِ هوءَ ڪيترن
ڏينهن تائين پنھنجي جملي تي شرم کان ڳاڙهي ڳاڙهي
ٿيندي رهي هئي، ۽ مون ڏانهن ڏسي نه سگهندي هئي.
”ڇا پيو سوچين؟“ مريم پڇيو.
حال ڏانهن موٽندي چيم، ”ڪجهه نه- ڪجهه خاص نه بس
ائين ئي.“
پڇيائين، ”مون کان لڪائين ته نه ٿو؟“
چيم، ”منھنجي لاءِ ممڪن ئي نه آهي.“
بيرو ڪافي کڻي آيو.
ڪافي ٺاهيندي پڇيائين، ”ٻڌو اٿم، اسلام آباد ۾
نوڪري ڪندو آهين؟“
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم.
پڇيائين، ”ڪهڙي محڪمي ۾؟“
مون کيس محڪمي جو نالو ٻڌايو.
ڪافيءَ جو ڪوپ منھنجي اڳيان رکندي ڏاڍي عجيب ڳالهه
پڇيائين. ”ٻڌو هوم، سمجهان ٿي افواهه ئي هو. هڪ
ٻار واري ڪنھن عورت سان شادي ڪئي هيهءِ!“
ورائي پڇيومانس، ”يقين ڪيو هيهءِ ان ڳالهه جو؟“
چيائين، ”بلڪل نه“
ڪافيءَ جي ڪوپ مان سپ ڀريندي چيم، ”مون کي پنھنجي
باري ۾ ٻڌاءِ مريم،“
”ڇو؟“ منھنجين اکين ۾ ڏسندي پڇيو هئائين.
”ڇو جو، ماڻھن بدران، مان تنھنجي واتان ٻڌڻ چاهيان
ٿو.“ چيم، ”مون کي پنھنجي باري ۾ ٻڌاءِ، مان پاڻ
کي ڪنھن ڪنھن وقت تنھنجو مجرم محسوس ڪندو آهيان.“
سوچ ۾ پئجي ويئي، نرڙ تي انيڪ ليڪون اُڀري آيس،
پوءِ، اهڙي لهجي ۾، ڄڻ خواب ۾ ڳالهائيندي هجي،
چيائين، ”منھنجو گهر وارو سکر ۾ بينڪ مئنيجر آهي-
نيشنل بينڪ ۾ آهي. ٽيويهه سال ٿي ويا آهن منھنجي
شاديءَ کي، ٻه پٽ، ٻه ڌيئرون ٿيون آهن. ٻئي پٽ
مرچنٽ نيويءَ ۾ آهن. ۽ سال ۾ اٺ مهينا گهر کان
ٻاهر رهندا آهن. ٻئي ڌيئر نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج
۾ آهن- وڏي ٽئين سال ۾ ننڍي ٻئي سال ۾ آهي. بس.“
سندس لهجو اوپرو، جملا ٽٽل ڦٽل، ۽ آواز منجهيل
منجهيل هو. ڪافيءَ جي ڪوپ مان ٻه چار دفعا سپ ڀري
ورتائين. پوءِ پنھنجي ساءِ چيائين ”بس نه.“
ٿڌو ساهه کنيم. چيم، ”مون کي پنھنجي باري ۾ ٻڌاءِ“
وري گهور وجهي مون ڏانهن ڏٺائين. پوءِ، جهيڻي آواز
۾ چيائين. ”مان پنھنجي گهر ۾ خوش آهيان، حالتن ۽
ماحول کان مطمئن آهيان.“
پڇيم، ”ڪنھن ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهين؟“
”ها.“ چيائين، ”شڪارپور ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهيان.“
روزانو سکر کان شڪارپور ايندي ويندي آهيان. اڄڪلهه
موڪلون آهن. ڇوڪرين کي مري ۽ ايوبيا، گهمائڻ آئي
آهيان.“
خاموشيءَ جو هڪ طويل لمحو آيو، ۽ ترسي پيو، اسين
ڪنڌ جهڪائي ڪافيءَ جي ڪوپ مان سپ سپ ڀريندا
رهياسين. سوچيندا رهياسين. وقت جي قديم آثارن مان
يادن جي ميراث ميڙيندا رهياسين، هٿ زخمي ڪري
وڌاسين. تڏهن، مريم چيو، ”هڪ غلط فيصلي جي سزا پاڻ
کان سواءِ ٻين کي به ڀوڳڻي پوندي آهي. جن جو ان
سموري معاملي سان ظاهري طرح ڪو به تعلق نه هوندو
آهي.“
مون ڏانهس ڏٺو. ڏک اذيت جو احساس اکين مان ظاهر ٿي
رهيو هوس چيائين، ”مان هڪ شخص جي زال آهيان. سندس
چئن ٻارن جي ماءُ آهيان، پر، منھنجو روح ٻئي ڪنھن
شخص لاءِ سر گردان آهي.“
چيم، ”هڪ خواهش جي تڪميل کان پوءِ، ٻي اڻپوري
خواهش جو ارمان وڌي ويندو آهي.“
گهور وجهي مون ڏانهن ڏٺائين. چيائين، ”تون ڪنھن
ڪنھن وقت افلاطون ٿي پوندو آهين. اها تنھنجي پراڻي
عادت آهي.“
ڏکن جي ڏيهه ۾ هڪ گهڙي لاءِ مُرڪ موٽي آئي، چيم،
”تنھنجو جملو مون کي وڻيو آهي. ورهين کان ان جملو
لاءِ واجهايم پئي.“
دريءَ کان ٻاهر ڏسندي چيائين، ”تنھنجي لاءِ ممڪن
ئي نه آهي.“
پڇيم، ”ڇا ممڪن نه آهي،
وراڻيائين، ”ٻئي جي محبت جو انت لهڻ.“
سندس جملو بڙڇيءَ وانگر منھنجي وجود ۾ لهي ويو.
چيم، ”تو کان جدا ٿيڻ جو ڏک منھنجي زندگيءَ جو
لازمي حصو ٿي پيو آهي.“
حسرت اکين ۾ تري آيس، چيائين، ”تنھنجو فيصلو غلط
هو.“
”فيصلو منھنجو نه، ڊاڪٽرن جو هو.“ چيم، ”مون سان
شادي ڪرڻ کان پوءِ تون ڪڏهن به ماءُ ٿي نه سگهين
ها.“
”تون سمجهين ٿو، مان ان ڳالهه کان واقف نه هئس- بي
خبر هئس!“ ڪجهه ڪجهه ناراض ٿيندي چيائين، ”مان
تڏهن انڪل سيريا نرسنگ هوم ۾ موجود هئس، جڏهن
مختلف ليباريٽري ٽيسٽن کان پوءِ ڊاڪٽرن ان جي باري
۾ تصديق ڪئي هئي.“
اوچتو، گوڙ شور سان ڀريل ريسٽورنٽ ۾ خاموشيءَ جو
راڪاس گهمي ويو. ماٺ! موت جهڙي ماٺ! سانت جي گنبذ
۾ ماضيءَ جي تصويرن جا اولڙا ۽ آوازن جا پڙاڏا
واضح ٿيڻ لڳا! اذيتن جون راتيون، ۽ اذيتن جا ڏينهن
واپس ورڻ لڳا! مان آوازن جو پڙلاءَ ٻڌي سگهان ٿو-
تصويرن جو اولڙو ڏسي سگهان ٿو! ايوب خان جو اوائلي
دور آهي. مشرقي پاڪستان جي مقابلي ۾ مغربي پاڪستان
جي چئن صوبن کي ملائي ون يونٽ کڙو ڪيو ويو آهي.
هنگامن جي شروعات، ڪراچي يونيورسٽيءَ کان ٿي آهي.
مظاهرا ٿي رهيا آهن. جلسا، جلوس، ۽ هنگاما هلي
رهيا آهن. وٺ پڪڙ هلي رهي آهي. وَن يونٽ اسان کي
قبول نه آهي. اسان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.
يونيورسٽيءَ جا اُستاد هليا ويا آهن. اسين جوش ۽
جنون ۾ يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊارن ۾ هلي رهيا آهيون،
يونيورسٽيءَ ڏانهن ايندڙ سمورن رستن تي اسان ڇپن،
پٿرن ۽ پراڻن ٽائرن کي باهه ڏيئي بند ڪري ڇڏيو
آهي. هي ڪير آهن! هي ڪير آهن جن يونيورسٽيءَ جو
گهيراءَ ڪيو آهي! هي ڪير آهن! هو هر طرف کان اسان
ڏانهن وڌي رهيا آهن. هو آوازن جا دشمن آهن. هو سوچ
جا دشمن آهن. هو اظهار جي آزاديءَ جا دشمن آهن.
هنن مون کي ڪهڙي هنڌ آڻي قيد ڪيو آهي! هيءَ رات
ايڏي طويل ڇو آهي، ايتري ڊگهي ڇو آهي. هنن مون کي
ڇا ڪيو آهي، جو مان بيهي نٿو سگهان.- مان ڪجهه به
چڱيءَ طرح ڏسي نٿو سگهان. مون کي پيٽ ۽ پاسرين وٽ
تڪليف آهي- هنن مون کي ڇا ڪيو آهي! مون کي ڪجهه به
ياد نه آهي. ڪجهه به ياد نه آهي. هنن مون کي ڏاڍو
ٽارچر ڪيو آهي!
مون کي ٽارچر سبب، ڪيترن ڏينهن تائين گڙدن مان گند
ايندو رهيو هو. تڏهن، علاج دوران جڏهن گڙدن مان
ايندڙ گند بند نه ٿيو، ۽ طرحين طرحين جا ليباريٽري
ٽيسٽ ٿيندا رهيا، تڏهن ڊاڪٽرن کي هڪ خبر اِها به
پيئي ته مان ڪنھن ٻار جي جنم جو سبب ٿي نه سگهندس.
”ڇا پيو سوچين؟“ مريم پڇيو.
چيم، ”مون سان شادي ڪري تون خوش رهي نه سگهين ها.“
”پنجويهن سالن کان پوءِ ان باري ۾ ڳالهائڻ فضول
آهي.“ مريم چيو، ”پر تنھن هوندي به مان سبب ٻڌڻ
چاهيان ٿي.“
چيم، ”ياد اٿئي، يونيورسٽيءَ کان موٽندي، گرو مندر
وٽ هڪ دفعي تو چيو هو ته مان ڇهن ٻارن جي ماءُ
ٿينديس.“
هوءَ اوچتو ويراڳڻ ٿي پئي، بنواس جي ڪنھن هيڪلي
مسافر وانگر نظر اچڻ لڳي، مون ڏانهن ڏسندي رهي.
خاموش رهي.
آهستي چيم، ”ماءُ نه ٿي سگهڻ جو افسوس توکي ڀڃي
ڀورا ڪري ڇڏي ها.“ ٿڌو ساهه کنيائين، چيائين،
”هيءُ ڏک ڪو گهٽ ته ڪونهي.“
مون شدت سان محسوس ڪيو ته اسين تمنائن جو هڪ نه،
بلڪ انيڪ صليب کڻي جيئرا رهندا آهيون. مريم ڏک
وچان مون ڏانهن ڏٺو. ڪنبندڙ هٿ سان ڪافيءَ جو ڪوپ،
چپن تائين کڻي ويئي، پر ڪافيءَ جي سپ ڀري نه سگهي.
ڪوپ ٽيبل تي رکي ڇڏيائين، ڪجهه دير کان پوءِ
چيائين. ”اسين ڪو ٻار وٺي پاليون ها.“
مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ زلزلو آيو، ۽ سڀ ڪجهه
ڌرتيءَ اندر داخل ڪري ويو. مان اُٿي، وڃي دريءَ وٽ
بيٺس، ٻاهر ڏسڻ لڳس، مريءَ جو سمورو شهر، برف جي
ڪفن سان ڍڪجي ويو هو. مان پنھنجي وجود ۾ اندر ئي
اندر پرزا ٿيندو رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ مريم
منھنجي پاسي کان اچي بيٺي. منھنجي ڪلهي تي هٿ
رکيائين. مون ڏانهس ڏٺو. چيائين، ”اچ.“
اسين موٽي وڃي ڪرسين تي ويٺاسين.
چيائين، ”ان امڪان تي مون وانگر شايد نه سوچيو
هيهءِ.“
چيم، ”سوچيو هيم، پر دير سان. تنھنجي شادي ٿي وڃڻ
کان پوءِ.“
”پوءِ؟“ هن عجيب سوال ڪندڙ نگاهن سان مون ڏانهن
ڏٺو.
چيم، ”مان هڪ جوان پٽ جو پيءُ آهيان مريم.“
وائڙي ٿي ويئي. اک نه ڇنڀيائين، لفظ جملي مان نڪري
نڪري پئي ويس، ”تون ته، منھنجو مطلب آهي، ڪٿان،
ڪنھن کان ورتو اٿئي! ڪير آهي!“
سندس اکين ۾ ڏسندي چيم، ”هو تنھنجو ۽ منھنجو پٽ
آهي. تون هن جي ماءُ آهين، مريم.“
اُڻ تڻ وڌي ويس، پڇيائين، ”پر ڪير آهي......“
”هو منھنجو پٽ آهي، مريم، منھنجو پٽ آهي، مان هن
جو پيءَ آهيان.“ چيم، ”۽ تون هن جي ماءُ آهين. کيس
جنم ڏيڻ کان پوءِ تون مري ويئي آهين.“
حيرت ۽ اچرج وچان اکيون وڏيون ٿي ويس. ”پر، ڪنھن
کان ورتو اٿئي!“ پڇيائين.
”ڪنھن کان به نه.“ چيم، ”هو منھنجو پٽ آهي مريم،
تون يقين ڇو نه ٿي ڪرين ته هو منھنجو پٽ آهي. مان
هن جو پيءُ آهيان.
هن منھنجو هٿ، پنھنجن ٻنهي هٿن ۾ جهلي ورتو.
منھنجين اکين مان منھنجي وجود جو انت لهڻ لڳي.
آهستي پڇيائين، ”مون کي به نه ٻڌائيندين.“
سندس اکين ۾ ڏٺم. اکين ۾ التجا هئس، ڄاڻڻ لاءِ اُڻ
تڻ هئس، اڄ تائين مون ڪهڙي ڳالهه کانئس لڪائي آهي!
ڪهڙي راز جي مون کانئس پرده داري ڪئي آهي! ٻڌائي
ڇڏيانس سڀڪجهه- سڀڪجهه؟ ٻڌائي ڇڏيانس ته نعيم ڪير
آهي! هو منھنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو آهي! ڪيئن مون
کيس پنھنجو رت ست ڏيئي پندرهن ڏينهن پونگڙي مان
پالي جانٺو جوان ڪيو آهي! ٻڌائي ڇڏيانس ته مون کيس
لاوارث ٻارن جي اجهي ڪاشانه اطفال مان ورتو هو. ۽
ڪاشانه اطفال وارن کي هو سولجر بازار جي پارڪ مان
لڌو هو! ٻڌائي ڇڏيانس سڀ ڪجهه! ٻڌائي ڇڏيانس ته
يونيسيف جو امدادي سامان ڏيندي، ڪاشانه اطفال ۾
مون، جڏهن نعيم کي ڏٺو هو ته تڏهن مون پنھنجي روح،
پنھنجي وجود ۾ ڇا محسوس ڪيو هو! مون کي محسوس ٿيو
هو، ته هو منھنجي ئي وجود جو حصو هو. هو منھنجي
تڪميل هو؛ مان هن جي تڪميل هوس. هو منھنجو ئي پٽ
هو. جنھن ٻئي هنڌ جنم ورتو هو. کيس سڃاڻي ورتو هو.
مون سندس اون آن جو آواز سڃاڻي ورتو هو. هو منھنجو
پٽ هو. ان ۾ ڪنھن قسم جي شڪ شبهه جي ضرورت نه هئي.
هو منھنجي لاءِ، ۽ مان هن لاءِ دنيا ۾ آيو هوس.
مان جيڪڏهن ڪنھن ٻار جي جنم لاءِ سبب جهڙو هجان
ها، ۽ مريم سان شادي ڪريان ها. ته مريم مان مون کي
هوبهو هن جهڙو ٻار ٿئي ها. هوبهو هن جهڙو! هن جون
اکيون، مريم جي اکين جهڙيون آهن. هو فقط ٻن هفتن
جو مس آهي. پر مون کيس سڃاڻي ورتو آهي. هو، منھنجو
۽ مريم جو پٽ آهي! اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه نه آهي
ته هن ڪٿي جنم ورتو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه آهي
احساس جي- احساس جي يقين جي! هو منھنجو پٽ هي. هو
مريم جو پٽ آهي. هو اسان ٻنهي جو پٽ آهي. اهو سچ
آهي، باقي ان کان سواءِ، ڪجهه به سچ نه آهي. هو
منھنجو وارث آهي. مان هن جو مورث آهيان. اهو طئي
آهي، ان جو فيصلو آسمانن تي ٿي ويو آهي. زمين جو
ڪوبه ڪاتب، ان فيصلي جي خلاف هڪ سٽ لکي نه سگهندو.
”هو منھنجو پٽ آهي مريم، منھنجو پٽ آهي.“ سندس
اکين ۾ ڏسندي چيم، ”اسين آسمانن جي تحرير پڙهي نه
سگهندا آهيون. اسان ٽنهي جو.... تنھنجو، منھنجو ۽
نعيم جو دستاويز لوح ۾ محفوظ آهي. ان ۾ ڪنھن به
قسم جي ڦير گهير جي گنجائش نه آهي. هو تنھنجو ۽
منھنجو پٽ آهي.“
مريم ڪجهه ڪجهه وائڙي ٿي ويئي. مان سمجهان ٿو، کيس
منھنجي هوشمنديءَ تي شڪ ٿيڻ لڳو هو. هن پيار وچان،
منھنجي هٿ تي ٿڦڪي ڏني، اهڙي نموني ڄڻ چوندي هجي،
مان سڀ سمجهان ٿي: مان سڀ ڪجهه سمجهي سگهان ٿي.
تون مون کي ڪا به سمجهاڻي نه ڏي. مان تنھنجي دل جي
ڪيفيت ڄاڻان ٿي.
”هو تنھنجو ۽ منھنجو پٽ آهي. مريم.“ مون سندس اکين
۾ ڏسندي چيو، ”کيس جنم ڏيڻ کان پوءِ تون مري ويئي
آهي.“
هوءَ ٽڪ ٻڌي، مون ڏانهن ڏسندي رهي. غم جي ڇانوَ،
مريم جي وجود مٿان ڇانئجي ويئي.
”ها، کيس جنم ڏيڻ کان پوءِ مان مري ويئي آهيان.“
ڏاڍي ڏک وچان چيائين، ”مان ئي هن جي ماءُ آهيان.
هو سچ پچ منھنجو پٽ آهي.“
خاموشي ڇانئجي ويئي. خارجي آوازن سان رشتو ختم ٿي
ويو.
اسين هڪٻئي جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جو ٻڏندڙ آواز ٻڌي
رهيا هئاسين.
پنھنجي ساءِ چيائين، .کيس جنم ڏيڻ کان پوءِ مان
مري ويئي آهيان.“
اکين ۾ لڙڪ لڙي آيس. منھنجو هٿ ڇڏي ڏنائين، پرس
مان رومال ڪڍي اکيون اگهي ڇڏيائين.
دل اُداس هئي. چيم، ”تنھنجي هڪ تصوير نعيم جي ڪمري
۾. ٻي پنھنجي ڪمري ۾ لڳائي ڇڏي اٿم. يونيورسٽيءَ
واري دور جون تصويرون آهن. پڇيائين. ”منھنجي باري
۾ ٻيو ڇا پڇندو آهي؟“
”گهڻو ڪجهه- تمام گهڻو.“ چيم، ”هو روزانو تنھنجي
باري ۾ ڳالهائيندو آهي. ويهن سالن کان ان دستور ۾
تبديلي نه آئي آهي.“
هوءَ سوچ ۾ جذب ٿي ويئي، وري وري خاموشيءَ جو ڄن
هڪ پھر گذري ويو.
”قائداعظم يونيورسٽيءَ مان انٽرنيشنل رليشنز ۾
ايم.اي ڪري رهيو آهي.“ چيم، ”مڊل ويٽ باڪسر آهي.
جيڪي انيڪ ڪپ ۽ ٽرافيون کٽيون اٿائين، تنھنجي
تصوير هيٺان سائيڊ بورڊ تي رکي ڇڏيون اٿائين.“
هيٺيون چپ ڏندن هيٺان ڀيڪوڙي ڇڏيائين. ڪجهه دير
تائين، دريءَ کان ٻاهر ڪرندڙ برف ڏانهن ڏسندي رهي.
سوچيندي رهي. اندر ۾ جهڄندي رهي.
چيم، ”ڪجهه دير اڳ هن توکي ڪينٽ شاپنگ سينٽر ۾ ڏٺو
هو.
تعجب وچان، مون ڏانهن ڏٺائين، ڪجهه نه چيائين.
چيم، ”هن توکي سڃاڻي ورتو هو.“
”سڃاڻي ورتو هو!“ ڏاڍي عجب وچان پڇيائين.
”تنھنجو تصور، سندس ذهن ۾ جيئرو جاڳندو، ۽ واضح
آهي.“ چيم، ”موٽي اچي مون کي ٻڌايائين ته مون هڪ
اهڙي عورت ڏٺي آهي، جيڪا هوبهو امان جهڙي آهي- بس
ڪجهه ڪجهه امان کان پوڙهي آهي.“
پوئين جملي تي مرڪ هڪ پل لاءِ سندس چپن تي موٽي
آئي، پڇيائين، ”تو ڇا محسوس ڪيو هو؟“
چيم، ”مون محسوس ڪيو هو ته اُها هوبهو عورت تون ئي
آهين، جنھن کي نعيم ڏٺو آهي.“
پڇيائين، ”ائين ڇو محسوس ڪيو هيهءِ؟
”الاءِ، مون کي خبر ناهي.“ چيم ”پر، مون محسوس ڪري
ورتو هو. ته نعيم توکي ئي ڏٺو آهي.“
پڇيائين، ”ڪٿي آهي؟“
چيم، ”پيرا ڊائيز ۾ باڪسنگ جي فلم ڏسڻ ويو آهي.“
ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه سوچيائين. پوءِ ڪنڌ مٿي ڪندي
چيائين، ”مان پنھنجو پٽ ڏسڻ چاهيان ٿي.“
مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. مريم هڪدم منھنجي
ڪيفيت پرکي ورتي. عزم واري لهجي ۾ چيائين، ”مان
کيس ملنديس، کيس ڏسنديس.“
”هو منھنجي زندگي آهي، مريم- منھنجو خواب آهي.“
ٻُڏتر واري ڪيفيت ۾ چيم، ”عمر جي هن حصي ۾ جيڪڏهن
کيس اصل حقيقت....“
منھنجو جملو ڪپي ڇڏيائين، چيائين، ”مان ڄاڻان
ٿي.... سمجهان ٿي، تڏهن ته کيس ملڻ چاهيان ٿي.“
مون کي تعجب ٿيو.
مريم چيو، ”مان چاهيان ٿي ته هو مون کي ڏسي. ۽
يقين ڪري ته مان سندس ماءُ نه آهيان- مان هوبهو
سندس ماءُ جهڙي ٻي ڪا عورت آهيان- اوپري، پرائي.“
مون کي مريم تي ڏاڍو رحم آيو، محبت جي نالي ۾ سهڻ
۽ جهاڳڻ لاءِ مون کيس سوچڻ جو بنواس ڏيئي ڇڏيو هو.
صليب فقط مون نه کنيو هو. صليب مريم به کڻي ورتو
هو. هن جي آزمائش منھنجي آزمائش کان وڌيڪ سخت، ۽
روح فنا ڪندڙ هئي. هوءَ هڪ شخص جي زال ۽ سندس چئن
ٻارن جي ماءُ هئي.
”فلم تان ڪڏهن موٽندو؟“ مريم پڇيو.
چيم، ”ساڍي ڇهين لڳي، مون کي بڪ گيلريءَ ۾ ملندو.“
واچ ۾ وقت ڏٺائين. چيائين، ”سوا ڇهه ٿيا آهن.“
مان خاموش رهيس. مريم ڪنڌ کڻي، مون ڏانهن ڏٺو. دل
جَنڊ جي پُڙ ۾ چچرجي ويئي. سوچيم، برف ۾ ملڻ جي
دعا، زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو قبول ٿيندي آهي- فقط
هڪ دفعو. مان وري ڪڏهن به مريم سان ملي نه سگهندس،
نه زندگيءَ جي سَرءُ ۾، ۽ نه سياري ۾! ياد جي
پيچرن ۾، سڪل پنن تان ڪنھن جي قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾
ايندا- ۽ هوا ۾ منتشر ٿي ويندا. فقط سانوڻ ۾ ڪُتبن
تان مٽيءَ جا تهه ڌوپي لهندا، پر اسان جي تحرير
پڙهڻ وارو ڪوبه نه هوندو- اسان جو نوحو ٻڌڻ وارو
ڪوبه نه هوندو- ۽ نه اسان جي ملڻ ۽ وڇڙڻ جي تاريخ،
ڏينهن، وقت ۽ سن ڏسڻ وارو ڪو هوندو! زندگيءَ جو هڪ
دور گذري ويندو. اسان جي جاءِ ٻيو ڪو والاريندو.
جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته هوند، ڀيروينءَ جي سُرن
۾ ايترو درد نه هجي ها.
بيرو بل وٺي هليو ويو.
اسين، زندگيءَ ۾ ٻيهر جدا ٿيڻ لاءِ اٿي بيٺاسين،
هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين. ورهين جي وڇوڙي ۾ دفن
ٿيندا رهياسين. پنھنجي پنھنجي وجود ۾ پرزا پرزا
ٿيندا رهياسين. زمين ۽ آسمان ڏانهن شهادت لاءِ
ڏسندا رهياسين.
تڏهن، جهيڻي آواز ۾ چيم، ”تون بڪ گيلريءَ جي ان
ڪنڊ ۾ وڃي بيهجانءِ، جتي مون توکي پنجويهن سالن
کان پوءِ ڏٺو ۽ سڃاتو هو.“
آلين اکين سان هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهياسين، زندگيءَ
جي آزمائش مان گذرندا رهياسين، وجود جي زخمن جو
عذاب محسوس ڪندا رهياسين. تڏهن، مريم لينٽاٽس
ريسٽورنٽ جي ٻاهرين در ڏانهن وڌي ويئي، دل سيني جي
قفس ۾ گهائل ابابيل وانگر ڦٿڪڻ لڳي.
چيم، ”خدا حافظ مريم.“
هن منھن ورائي، مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ، ٻاهر هلي
ويئي.
ساڍي ڇهين لڳي نعيم مون کي بڪ گيلريءَ جي ٻاهران
مليو. برف ۾ بيٺو هو. ان کان اڳ جو مان ڪجهه
چوانس، هن تجسس وچان چيو، ”هوءَ اندر بيٺي آهي،
بابا.“
ائين ئي چيم، ”ڪير، بابا.“
”هوءَ!“ چيائين، ”هوءَ جيڪا هوبهو امان جهڙي آهي-
پر امان کان ڪجهه ڪجهه پوڙهي آهي.“
ماحول جي ڇڪ ۽ اذيت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ چيم، ”اڙي
يار، تنھنجي ماءُ به ٻاويهن سالن کان پوءِ توکي
پوڙهي نظر اچي ها، ڏيکار ڪٿي آهي.“
نعيم مون کي مريم جي ويجهو اچي بيهاريو. هوءَ ڪتاب
هٿ ۾ کڻي بيٺي هئي. نعيم مون کي تمام آهستگيءَ سان
چيو، ”ڏسوس بابا، امان سان ملي ٿي نه- هوبهو امان
جهڙي آهي نه!“
دل گهائل پکيءَ وانگر ڦٿڪندي رهي. ۽ ڌڙڪندي رهي.
چيم، .برابر، تنھنجي ماءُ جهڙي آهي.“
پوءِ ڏاڍو عجيب، ۽ حيران ڪندڙ سوال ڪيائين،
پڇيائين، ”موٽي ته نه آئي آهي!“
سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيم، ”ته پوءِ سڌو اسان جي
گهر نه اچي ها!“
ڪو ڪتاب کڻڻ جو بهانو ڪري، مريم اسان ٻنهي ڏانهن
ڏٺو
نعيم پڇيو، ”ڳالهايانس؟“
چيم، ”همت ڪري سگهين ته ڀل وڃي ڳالهائينس.“
مريم، اسان جي بنهه ويجهو بيٺي هئي. هوءَ اسان جي
گفتگو ٻڌي رهي هئي.
نعيم وڌي وڃي مريم جي سامهون بيٺو. اول سلام
ڪيائينس، ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي چيائين،
”توهين هوبهو منھنجي ماءُ جهڙيون آهيو.“
مريم منھن مٿي ڪري نعيم ڏانهن ڏٺو. سموري ممتا
اکين ۾ تري آئي هئس.
نعيم ڪنبندڙ لهجي ۾ چيو، ”مون کي جنم ڏيڻ کان پوءِ
هوءَ هڪدم مري ويئي هئي.“
مريم ڏانهس ڏسندي رهي.
نعيم چيو، ”ڪجهه دير اڳ مون جڏهن اوهان کي ڪينٽ
شاپنگ سينٽر ۾ ڏٺو هو، تڏهن مون هڪدم اوهان کي
سڃاڻي ورتو هو.“
”سڃاڻي ورتو هو!“ مريم انگريزيءَ ۾ کانئس پڇيو.
نعيم چيو، ”منھنجو مطلب آهي ته مون هڪدم سڃاڻي
ورتو هو ته اوهين هوبهو منھنجي ماءُ جهڙيون آهيو.“
غمناڪ مرڪ، مريم جي چپن تي تري آئي. چيائين، ”ته
پوءِ سمجهه کڻي ته مان تنھنجي ماءُ آهيان.“
نعيم ٿورو کلندي چيو، ”سمجهڻ سان ته ڪجهه نه ٿيندو
آهي، بس، اوهين هوبهو منھنجي ماءُ جهڙيون آهيو.“
”هوبهو!“ مريم کانئس پڇيو.
جواب ڏيڻ بدران، نعيم مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”منھنجي بابا کان پڇي ڏسو.“
تڏهن مريم مون ڏانهن ڏٺو. مان وک کڻي سندس سامهون
وڃي بيٺس. چيم، ”متان سمجهو ته منھنجو دلبر پٽ
ڪنھن وهم ۾ مبتلا آهي. اصل ۾ دوکو مان به کائي ويو
هوس.“
نعيم مون کي پيار وچان ٻانهن کان جهليندي چيو،
”اسين ٻئي هڪ ئي عورت سان محبت ڪندا آهيون- بي
انتها محبت ڪندا آهيون، پر ان سلسلي ۾ اسان جو پاڻ
۾ جهيڙو نه ٿيو آهي. اُن عورت جي هڪ تصوير منھنجي
بيڊ روم ۾، ۽ ٻي تصوير بابا جي بيڊ روم ۾ لڳل هي.
اُها عورت منھنجي ماءُ آهي.“
مون محسوس ڪيو ته مريم وڌيڪ برداشت ڪري نه سگهندي.
هن ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”ڪيڏي نه خوش نصيب آهي،
اُها عورت، جنھن کي ايڏو پيار مليو آهي- هوءَ خوش
نصيب آهي، ورنه ايڏو پيار ڪنھن کي نصيب ٿيو آهي!“
ضبط ڪرڻ جي باوجود سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا.
”اڙي!“ نعيم تعجب وچان چيو. ”اوهين روئو پيون!“
”نه نه.“ مريم چيو، ”مان ته خوش ٿي آهيان تنھنجي
ڳالهه ٻڌي. خبر نه اٿئي ته ڪنھن ڪنھن وقت خوشيءَ
وچان انسان جي اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آهن!“
نعيم ڪجهه ڪجهه پريشان ٿي پيو.
مون نعيم کي چيو، ”اسان کي موڪلائڻ گهرجي پٽ.“
هو تعجب ۽ تجسس وچان، مريم ڏانهن ڏسندو رهيو. هو
عقل ۽ مشاهدي جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندو رهيو. پوءِ ڏاڍي
عجيب لهجي ۾ چيائين،
”اوهين هوبهو منھنجي ماءُ جهڙيون آهيو.“
مون سندس ڪلهي تي هٿ رکيو.
هن منھن ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
”ٺيڪ آهي.“ نعيم حسرت وچان مريم ڏانهن ڏسندي چيو،
”خدا حافظ منھنجي ماءُ.“
نعيم جو منھن، ٻنهي هٿن ۾ جهلي، مريم کيس پيشانيءَ
۽ مٿي تي پيار ڪيو. پوءِ، سندس قميص جا بٽڻ بند
ڪري، سندس جيڪٽ جي زپ چاڙهي ڇڏيائين. مون ڏانهن
ڏسندي، ڀريل ڀريل آواز ۾ چيائين، ”هن جي ماءُ
جيئري نه آهي. هن جو خيال رکندا ڪريو.“
چيم، ”نعيم منھنجي زندگي آهي.“
”مون کي خبر آهي.“ مريم جو آواز ٻڏڻ لڳو، چيائين
”مون کي خبر آهي.“
مون نعيم ڏانهن ڏٺو. هو، ائين لڳو، ڄڻ ڪشمڪش مان
گذري رهيو هو. ٻانهن ورائي، مون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي
ورتو.
مريم آلين اکين سان اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو. پوءِ، وک
کڻي نعيم جي سامهون اچي بيٺي، نعيم کي چيائين،
”تنھنجي ماءُ جيئري نه آهي نه، تنھنڪري ماءُ طرفان
به پنھنجي پيءُ جو تون خيال رکندو ڪر.“
نعيم گفتگوءَ جي تهه تائين پهچي نه سگهيو. سڀ ڪجهه
کيس اوپرو اوپرو محسوس ٿي رهيو هو. مون لاءِ بي
انتها پيار وچان چيائين. ”منھنجو پيءُ پوڙهو ٿورو
ئي آهي. مون کان وڌيڪ طاقتور آهي.“
جيئن ماس ننهن کان ڌار ٿي وڃي، تيئن مون مريم
ڏانهن ڏسندي چيو، ”اسان ٻنهي جي حق ۾ دعا ڪجو. ٿي
سگهيو ته اسان کي ياد رکجو. خدا حافظ“
”ترسو، گهڙي کن لاءِ ترسو.“ التجا واري نوع ۾ اسان
کي بيهاري ڇڏيائين. شيلف تان ميڪسم گورڪيءَ جو
ناول، ماءُ، کڻي آئي. پرس مان پين ڪڍي ناول جي
اندرين صفحي تي لکيائين، ”پياري پٽ نعيم لاءِ- هڪ
ماءُ طرفان، جيڪا هوبهو سندس ماءُ جهڙي آهي.“
ناول نعيم کي ڏيئي، هن هڪدم منھن ورائي اکيون اگهي
ورتيون. پوءِ، تمام جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”خدا
حافظ“
اسين اسلام آباد موٽي آياسين. نعيم مون کي منجهيل
منجهيل محسوس ٿيو. کيس اڻ تڻ ورائي ويئي هئي. هو
رات جو دير تائين جاڳندو رهيو، ۽ لاڳيتو مريم جي
تصوير ڏانهن ڏسندو رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو مارگله روڊ تي ڊوڙندي نعيم مون
کان پڇيو، ”هوءَ ڪير هئي بابا، هوبهو امان جهڙي ڇو
هئي؟“
ڊوڙندي ڊوڙندي مان بيهي رهيس. محسوس ڪيم، مان وڌيڪ
ڊوڙي نه سگهندس. سهڪڻ لڳس، نعيم به بيهي رهيو.
پڇيائين، ”ڇو بابا؟“
چيم، ”مان ٿڪجي پيو آهيان پٽ.“
روڊ جي پاسي کان مان ڇٻر تي ويهي رهيس.
منھنجي ڀرسان ويهندي چيائين، ”مان به ٿڪجي پيو
آهيان، بابا.“
”يار، بنڊل نه هڻ،“ چيم، کيس خوش ڪرڻ لاءِ، ”تون
جوان آهين توکي اڃا ڊوڙڻو آهي، سڀني کان اڳ نڪرڻو
آهي.“
پيار وچان چيائين، ”پر، اوهان کان سواءِ نه بابا.“
دل اداس ٿي پيئي، چيم، ”هڪ هارٽ اٽيڪ کان پوءِ،
هينئر مان ڪنھن به وقت اوچتو هليو ويندس، توکي
اڪيلو ڊوڙڻو پوندو پٽ.“
”ناٽ پاسيبل بابا.“ آسمان ڏانهن ڏسندي، ڏک ۽
پاٻوهه واري نوع ۾ چيائين، ”منھنجي مرضيءَ کان
سواءِ ڪجهه به نه ٿيندو. اسين هلنداسين، ته گڏجي
هلنداسين.“
۽ ٿوري دير کان پوءِ اسين وري مارگله روڊ تي ڊوڙڻ
لڳاسين. |