|
ڊاڪٽر فريدا ڏاهري
آيل ڪريان ڪيئن.....!
سھڻي،
پنھنجي نالي جيان حسين هئي. الله پاڪ کيس سھڻن
نقشن سان گڏ، سھڻو اخلاق به عطا ڪيو هو، پر شايد!
ويچاريءَ جي قسمت سھڻي نه هئي.
سھڻي جوان ٿي ته سندس لاءِ رشتن جون ڄڻ ته قطارون
لڳي ويون، پر سندس ماءُ پيءُ سھڻيءَ جو رشتو سندس
سؤٽ محرم سان طي ڪري ڇڏيو هو. محرم پڻ سھڻو جوان
قداور مڙس ۽ رنگ جو ڀورو هو، انڪري کيس مائٽ ڀورو
ڪري سڏيندا هئا. محرم به سھڻي جو جوڙ هو.
سھڻي ۽ محرم جو هڪ پري جو مائٽ حاجن هو، جنھن پڻ
سھڻيءَ جو رشتو گھريو هو، پر کيس سھڻيءَ جي مائٽن
رشتو نه ڏنو.
نيٺ سھڻي ۽ محرم جي شادي ٿي وئي. سندن پھريان پنج
سال ته ڏاڍا خوبصورت گذريا. انھيءَ وچ ۾ کين ٽي
ٻار پيدا ٿيا. ڪجهه ڏينھن کان محرم کي مٿي ۾ سور
پوڻ لڳو، ۽ اهو سور ڏينھون ڏينھن وڌندو ٿي ويو.
سندس مائٽن شھر جي هر ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، پر ڪو فرق
نه پيو، نيٺ کين ڊاڪٽرن ڪراچي موڪليو. ڊاڪٽرن ڪجهه
ضروري ٽيسٽون ڪرايون، جنھن ۾ محرم کي برين ٽيومر
ظاهر ٿيو. محرم ڏينھون ڏينھن پوئتي پوندو ويو. نيٺ
ڊاڪٽرن ان بيماريءَ جو آخري حل آپريشن ٻڌايو. پر
محرم آپريشن دوران فوت ٿي ويو. سھڻي جي ڄڻ ته دنيا
ئي ويران ٿي وئي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ سھڻيءَ جي پيءُ به راهه رباني
ورتي.
هاڻ گهر ۾ سھڻي، ٻار ۽ سندس پوڙهي ماءُ اچي بچيا.
سھڻيءَ جي والد کي زمين جو ٽڪرو هو، جيڪو هنن
مقاطعي ۾ ڏئي، ڪجهه رقم ورتي، جنھن مان گھر جو خرچ
پکو پئي هليو. سھڻي وقت ۽ حالتن کي ڏسي، سلائي ۽
ڀرت جو ڪم ڪرڻ لڳي. ٻار اڃان ننڍا هئا. انھن جي
تعليم جو به سھڻيءَ کي فڪر ٿيڻ لڳو.

محرم کي سال پورو ٿيو ته حاجن جو رشتو وري سھڻي
لاءِ آيو، پر سھڻي ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. حاجن به سھڻيءَ جي عشق ۾ شادي نه ڪئي هئي.
حاجن سھڻي جو انڪار ٻڌي، قسم کنيو ته سھڻي، جيڪڏهن
ٻيو مڙس ڪندي ته اهو آءٌ هوندس. ٻيو ڪير به نه!

ائين ئي سھڻي لاءِ خاندان مان ۽ خاندان کان ٻاهران
رشتا اچڻ لڳا، پر هوءَ انڪار ڪندي رهي. سھڻي جو
وقت ڏاڍو ڏکيو پئي گذريو. هوءَ اڪيلي ٿي پئي هئي.
ماڻس به ڏينهون ڏينھن ڪمزور ۽ ضعيف ٿيندي پئي
وئي، جڏهن حاجن کي خبر پئي ته سھڻي لاءِ رشتا پيا
اچن ته هن سھڻيءَ کي بدنام ڪرڻ جو سوچيو ۽ رات جو
گھٽين ۾ شراب پي. ماڻھن جي گھرن جا در کڙڪائڻ لڳو.
ٺڪ ٺڪ ٺڪ.... (دروازو کوليو).
امداد: حاجن ڀائو خير ته آهي، هن مھل دروازو
کڙڪايو اٿئي.
حاجن: ڀائو معاف ڪجانءِ! سھڻي ڏي پئي ويس، ان جو
در ٿي کڙڪايم، پر يار ڀلجي پيس. (ٻانهون ٻڌي) يار
معاف ڪجان.
حاجن جي اهڙين حرڪتن ڪرڻ کان پوءِ ته سھڻي لاءِ
سڄي ڳوٺ ۾ ڄڻ ته باهه ٻري وئي، پر سھڻي هڪ مضبوط
ڪردار جي مالڪ هئي، جيڪا پنھنجي آبرو جي محافظ پاڻ
ٿي بيٺي.
سھڻي جي لاءِ ڳوٺ جي رئيس پنھل خان جي ڀائٽيي رئيس
ڪريمداد خان جو رشتي آيو، ڪريمداد هڪ سلجھيل شخص ۽
بھترين ڪردار جو مالڪ هو.
ڪريمداد : ماسي فاطمه (سھڻي جي ماءُ) آءٌ توهان وٽ
هڪ خاص ڪم لاءِ آيو آهيان.
ماسي فاطمھ: جيءُ ابا! ڀلي آئين، جيءُ آئين، پر
ابا مون ٻڍڙي زال ۾ ڪھڙو خاص ڪم ڦاٿو اٿئي.
ڪريمداد: ماسي! آءٌ توهان کان سھڻيءَ جو رشتو گھرڻ
آيو آهيان.
ماسي فاطمھ: پر ابا تون شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو
آهين. تنھنجي زال ته مون کي پٽيندي.
ڪريمداد: ماسي مون حميرا کان سھڻي سان شادي ڪرڻ جي
اجازت ورتي آهي، هونئين به چاچو سانوڻ (سھڻي جو
پيءُ) بابي جو مائٽ هو، انھيءَ ڪري آءٌ هن وقت
سھڻي جو وارث به آهيان. ٻيو ته هاڻي سھڻي اڪيلي ٿي
پئي آهي. انڪري آءٌ کيس سھارو ڏيڻ ٿو چاهيان.
ماسي فاطمھ: ابا! مون کي هڪ ڏينھن جي مھلت ڏي ته
سھڻيءَ کان پڇي پوءِ توکي ورندي ڏيندس.
سھڻي جي ماءُ گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ سھڻي
کان ڪريمداد سان سندس شادي ڪرڻ بابت پڇيو.
سھڻي: امان! تنھنجي مرضي! منھنجي زندگيءَ جو فيصلو
پھرين به تو ۽ بابا ئي ڪيو هو، هينئر به توکي
اختيار آهي، جيئن مناسب سمجھين، باقي منھنجي
چوڌاري طعنن ۽ مھڻن جي باهه ٻري پئي آهي. ان مان
پاڻ کي ڪيئن آزاد ڪريان ۽ امان ڇا ڪريمداد کي حاجن
جي ڳالھين جي خبر آهي.
ماڻس: امان سموري خبر اٿس، ڪريمداد به حاجن تي خار
پئي کاڌي. سھڻي ڌيءُ منھنجي زندگيءَ جو ڪو ڀروسو
نه آهي، تنھنجا ٻار به اڃان ننڍڙا آهن، ڌيءُ زمانو
ڏاڍو ظالم آهي، هڪ اڪيلي عورت، سماج اڳيان لاچار ۽
مجبور آهي، تون اڪيلي عورت، ڪنھن ڪنھن سان مقابلو
ڪندينءَ. انھي ڪري آءٌ ڪريمداد کي تنھنجي رشتي
لاءِ ها ڪرڻ ٿي چاهيان.
سھڻي جي ماءُ ڪريمداد کي چيو، ابا! تون ڀلي شاديءَ
جي تياري ڪر. سھڻي هاڻي تنھنجي امانت آهي.
ڪريمداد تمام خوش هو ۽ نڪاح جي تيارين
۾ مصروف ٿي ويو، ته اوچتو اچي نياپو مليس ته
سھڻيءَ جي ماءُ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، جنھن کي سھڻي
اسپتال کڻائي وئي آهي. ڪريمداد به انھن ڏانھن
اڪيلو نڪري پيو، اسپتال پھچندي پھچندي کيس رات
پئجي وئي.
حاجن، ڪريمداد جو پيڇو ڪندو اچي، اسپتال پھتو.
ڪريمداد، سھڻي ۽ سندس ماءُ کي اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه
سمجھيو ۽ سھڻي کي چيائين ته مان ٻاهر ويٺو آهيان.
توهان پريشان نه ٿجو، پيسن وغيره جي پريشاني نه
ڪجو. سھڻي ’هائو‘ جي ورندي ڏئي، ماءُ ڏانھن هلي
وئي.
ڪريمداد ٿڪجي پيو هو. انڪري اسپتال ۾ پيل بينچ تي
آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيو ته کيس ننڊ اچي وئي.
حاجن، جيڪو سندس پيڇو ڪري رهيو، تنھن وجھُه وٺي،
ننڊ پيل ڪريمداد تي ڪھاڙيءَ جا وار ڪري ڏنا.
ڪريمداد کي ننڊ ۾ ننڊ اچي وئي. سڄي اسپتال ۾ هُل
مچي ويو. حاجن کي ماڻھن پڪڙي، پوليس جي حوالي ڪيو.
حاجن، پنھنجو ڏوهه قبول ڪيو ۽ کيس چوڏهن سال قيد
با مشقت جي سزا لڳي.
هوڏانھن سھڻي جي ماءُ به راهه رباني ورتي. سھڻي
جي ماءُ ۽ ڪريمداد جا لاش ڳوٺ گڏ پھتا ته سڄي ڳوٺ
۾ ڪُھرام مچي ويو، چوڌاري هاءِ گھوڙا ٿي وئي.
سھڻيءَ کي بيھوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا.
وقت گذرندو رهيو، هرڪو ماڻھو، پنھنجن ڪمن ڪارين ۾
مصروف ٿي ويو، سھڻي اڪيلي ۽ ويڳاڻي ٿي پئي هئي.
سھڻي جي سونھن کي ڏک کائي ويا. هاڻ سھڻي پنجويھن
سالن جي ڇوڪري نه بلڪ پنجاهه سالن جي عورت ٿي لڳي.
ڪريمداد جي زال کي جڏهن سھڻيءَ جي ڏکن سورن جي خبر
پئي ته کيس هن تي قياس اچي ويو. هڪ ڏينھن هوءَ
سھڻيءَ جو حال احوال وٺڻ لاءِ سندس گهر آئي.
حميرا: سھڻي مون ڪريمداد کي توسان نڪاح جي اجازت
خوشيءَ سان ڏني هئي، تو جھڙي باڪردار عورت کي سلام
آهي، جنھن پنھنجي حسن ۽ جوانيءَ تي ڪڏهن غرور نه
ڪيو ۽ پنھنجي عزت جي حفاظت پاڻ ڪئي. اڪيلي عورت
لاءِ، هن سماج ۾ زندگي گذارڻ ڏاڍي ڏکي آهي. آءٌ
توکي پنھنجي ڀيڻ ڪري وٺڻ آئي آهيان، هونئين به
ڪريمداد سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ تون اسان وٽ ئي
اچين ها، هاڻي اُٿ جلدي تيار ٿي، منھنجي گهر هل.
مون تنھنجي لاءِ پنھنجي گھر جو هڪ ڪمرو خالي رکيو
آهي، جتي تون ۽ تنھنجا ٻار سڪون ۽ حفاظت سان رهي
سگهن ٿا. تنھنجو ۽ تنھنجي ٻارن جو خرچ آءٌ پاڻ
ڪنديس، پوءِ جھڙو حال آهي، گڏجي گذارينداسين.
هيءَ ڳالھه سھڻيءَ جي اصولن جي خلاف هئي، پر وقت ۽
حالتن سھڻيءَ کي ڊيڄاري ڇڏيو هو.
پر جڏهن سھڻيءَ جي نظر، پنھنجي معصوم نياڻيءَ تي
پئي ته بي اختيار روئڻ لڳي ۽ ٻارن سميت، ڪريمداد
جي گھر ڏانھن هلڻ لڳي. |