اقصى محمد رمضان
رت 
مڪيش نالي ھڪ امير ۽ ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذاريندڙ
شخص جي گهر ۾ وڏين مرادن کان پوءِ، پٽ جنم ورتو.
جنھن جو نالو چندر ڪمار رکيائين، سندس زال جو نالو
پوجا هو. گهر ۾ ڪل ٽي ڀاتي رهندا هئا. مڪيش ۽
پوجا کي پنھنجي پٽ چندر ڪمار سان ڏاڍي پريت ھوندي
ھئي، سو چندر تمام گھڻو لاڏلو هو. مڪيش ھڪ امير
ماڻھو ھجڻ سان گڏوگڏ، ڪٽر مذهبي ماڻھو پڻ ھو.

مڪيش کي پنھنجي پٽ سان ڏاڍو پيار هوندو هو، سو
چندر، جيڪا به شيءِ، پيءُ کي چوندو هو، هو هڪ جي
بدران ٻه آڻي ڏيندو هئس. چندر کي هر شيءِ مھانگي ۽
امپورٽڊ ملندي هئي.
وقت گذرڻ سان چندر به جوان ٿي ويو. هڪ ڏينھن
پنھنجي پيءُ مڪيش کي ڪار وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي.
مڪيش ڪجھه ئي ڏينھن ۾ چندر کي ڪار وٺي ڏني.

معمول مطابق زندگي ھلندي رهي، هڪ ڏينھن اوچتو مڪيش
جي طبيعت خراب ٿي پئي. چڪاس ڪرائڻ سان خبر پئي ته
رت جي گهٽتائي آهي، انڪري ساھه کڻڻ ۾ کيس تڪليف
ٿئي ٿي. ڊاڪٽر رت لڳرائڻ لاءِ چيو، مڪيش جي رت جو
گروپ
O-ve
۽ چندر جي رت جو پڻ ساڳيو ئي گروپ هو. تنھنڪري ھو
پيءُ کي رت پاڻ ڏيندو آھي، پر ان جي باوجود به رت
جي اڃان وڌيڪ گھرج ھئي. چندر پنھنجي مائٽن ۽ دوستن
کي رت ڏيڻ لاءِ چوي ٿو. پر وقت تي ڪنھن به سندس
مدد نه ڪئي. چندر ڪوشش ڪندو رهي ٿو، هيڏانھن سندس
پيءُ جي حالت ويتر بگڙجندي وڃي ٿي. چندر تمام
گهڻو پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن
ٿا. ھن جي اھڙي حالت ڏسي، اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ حسين
نالي هڪ نوجوان، چندر ڏي وڌي اچي ٿو ۽ ان کان
پريشانيءَ بابت پڇي ٿو.
”ڇا ٿيو آهي؟ اوھان ايترو پريشان ڇو آھيو؟“
چندر اوچتو اوپري ماڻھو واتان پنھنجائپ وارا لفظ
ٻڌي، لڙڪ اگھڻ لڳي ٿو ۽ حسين کي چوي ٿو.
”ادا منھنجو نالو چندر آھي. منھنجو بابا ھن اسپتال
۾ انتھائي سنجيده حالت ۾ داخل آھي، جنھن کي
O-ve
رت جي سخت ضرورت آھي، پر ھن وقت مون کي ان گروپ جي
رت جو ڪوبه ڊونر نٿو ملي ۽ رت نه ملڻ سبب، بابا جي
حالت اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي .“
حسين، چندر جي اھڙي ڏکوئيندڙ حالت ڏسي، ان جي ڪلھي
تي ٿپڪي ڏئي ٿو ۽ چندر کي چوي ٿو،
”ادا پريشان نه ٿيو، مان ھن اسپتال ۾ ڪم ڪندو
آھيان ۽ اوھان کي جنھن رت جي گروپ جي ڳولھا آھي.
اھوئي رت جو گروپ منھنجو به آھي. مان، اوھان جي
بابا کي رت ڏيندس.“
چندر اھي لفظ ٻڌي، سندس هٿ جهلي بيھي ٿو ۽ ان جي
اکين ۾ ھڪ خوشيءَ جي جوت جلي ٿي پوي، ان گھڙي ئي
ان اڻڄاڻ ماڻھوءَ کان سندس نالو پڇي ٿو.
”منھنجو نالو حسين آھي، اوھين دل جاءِ ڪريو، اوھان
جو بابا ٺيڪ ٿي ويندو.“
چندر اهو ٻڌي خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ ڏکاري لھجي ۾ چوي
ٿو ته،
”ادا! بابا ڪٽر مذهبي آهي. هو اهو بلڪل به پسند نه
ڪندو ته هن کي ڪنھن ٻئي مذهب جي ماڻھو جو رت لڳايو
وڃي، پر مان يتيم نٿو ٿيڻ چاهيان!
ادا! مون کي لڳي ٿو توهان کي منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ
ڀڳوان موڪليو آهي. “
چندر انھيءَ گھڙي پنھنجي ڀڳوان جو شڪريو ادا ڪري
ٿو.
حسين، جڏهن رت ڪڍرائي ٻاهر اچي ٿو ته چندر حسين کي
ڳراٽڙي پائي روئي ڏئي ٿو، ۽ حسين جا ٿورا مڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح حسين ۽ چندر دوست ٿي وڃن ٿا. ڪجھه
ڏينھن کان پوءِ، چندر جي پيءُ جي طبيعت ۾ سڌارو
اچي ٿو.
هاڻي چندر اڪثر ڪري پنھنجي دوست حسين سان ملندو
رهندو آهي، ۽ حسين کي ٻڌايائين ته مون اڃان تائين
بابا کي اها ڳالھه ناهي ٻڌائي ته هن کي هڪ مسلمان
جو رت لڳرايو آهي، جيڪڏهن توهان منھنجو ساٿ نه ڏيو
ها ته اڄ مان شايد يتيم هجان ها....!
ان ئي ڏينھن مڪيش، چندر کي حسين سان ڏسي ٿو وٺي ۽
مڪيش کي چندر تي تمام گهڻي ڪاوڙ اچي ٿي. چندر جيئن
گهر واپس اچي ٿو ته مڪيش چندر کي پنھنجي ماءُ سان
روز جيان ڀاڪر پائي ملڻ نٿو ڏئي ۽ چوڻ لڳيس ٿو ته
پھرين وهنجي اچ، پوءِ اچي اسان سان ڀاڪر پائي مل.
چندر پيءُ جو اهڙو رويو ڏسي، پريشان ٿي وڃي ٿو ۽
سوچڻ لڳي ٿو ته بابا اڄ مون سان ايڏو ڪاوڙ ۾ ڇو
ڳالهايو آهي...! ؟
پر تنھن ھوندي به چندر وڃي، وهنجي اچي ٿو ۽ پنھنجي
ماءُ پيءُ سان اچي ويھي ٿو.
”چندر! تون اڄ ڪنهن سان گڏ هئين؟“
”مان پنھنجي دوست سان گڏ هيم.“
” ڪھڙو دوست؟“
چندر اوچتي پيءُ جو اھڙو رويو ڏسي، سمجھي وڃي ٿو
ته اڄ بابا مون کي حسين سان گڏ ڏسي ورتو آھي. چندر
ٻڌائيس ٿو ته،
”بابا ان جو نالو حسين آھي.“
مڪيش کي تمام گهڻي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ چويس ٿو،
”مون توکي منع ڪيو آهي نه ته تون مسلمانن سان
ايترو ويجهو نه ٿي !“
چندر خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو ته حسين منھنجي
ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي ان جا لک ٿورا آهن، جيڪي
مان ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان ۽ مان بابا کي اهو راز
به نٿو ٻڌائي سگهان ته اوھان جي حياتي بچائڻ ۾
حسين جو وڏو ھٿ آھي!
ڪجھه ڏينهَن کان پوءِ چندر پنھنجي ڪار تي ڪنھن
ڪم سانگي ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ ان دوران چندر جي ڪار
جو ٻي ڪار سان ٽڪر ٿي پوي ٿو، جنھن ڪري ڪافي ماڻھو
سخت زخمي ٿي پون ٿا، پر چندر کي تمام گهڻا ڌڪ رسن
ٿا، جنھنڪري ڪيترو ئي رت ضايع ٿي وڃي ٿو. سڀني
زخمي ٿيل ماڻھن کي اسپتال پھچايو وڃي ٿو. چندر کي
اتي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرڻ کان پوءِ چندر جي
گهر وارن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو.
مڪيش ۽ سندس زال اهو ٻڌي روئيندا اسپتال ۾ پھچن
ٿا!
ڊاڪٽر چوين ٿو ته رت جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو
چندر کي گهڻو ڌڪ لڳڻ سبب، ڪافي رت ضايع ٿي ويو آهي
۽ چندر جي حالت ڏاڍي نازڪ آھي، تنھنڪري رت جو جلد
بندوبست ڪيو.
حسين به ان ئي اسپتال ۾ هو، سو چندر جي ايڪسيڊنٽ
جي خبر ٻڌي، پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ ان ئي وارڊ ۾ پھچي
وڃي ٿو. جڏھن چندر کي اھڙي حالت ۾ ڏسي ٿو ته
پريشان ٿي وڃي ٿو، ۽ رت جو ٻڌي چوي ٿو، اھو ساڳو
بلڊ گروپ منھنجو به آھي. مان پنھنجي دوست کي رت
ڏيندم. مون کان رت ڪڍيو وڃي ۽ منھنجي دوست جي
حياتي بچائي وڃي.
مڪيش، حسين کي ڏسي چوي ٿو،
”نه نه...! اسان پاڻ ئي رت جو بندوبست ڪري
وٺنداسين، تنھنجي رت جي ضرورت ناھي.“
مٿان وري ڊاڪٽر چوڻ لڳي ٿو: ”جلدي رت جو بندوبست
ڪيو نه ته توهان جي نوجوان جي زندگي اسان بچائي نه
سگهنداسين.“
چندر جي ماءُ، اهو ٻڌي، مڙس کي چوي ٿي، ”هي به
اسان جي پٽ جو دوست آهي. رت ڏيڻ چاهي ٿو ته ان ۾
ڪھڙو ھرج آهي. جيڪڏھن هو ان جي رت ڏيڻ سان، من
منھنجو ٻچڻو بچي پوي!“
”نه ڪڏهن به نه. مان پنھنجي پٽ کي ٻئي مذهب واري
جو رت نه لڳرائيندس.“
مڪيش جي ضد ڪرڻ تي چندر تڙپندي تڙپندي، پنھنجو
ساھه ڌڻيءَ حوالي ڪري ٿو. ماءُ جون دانھون، عرش
سان ٽڪرائجڻ لڳن ٿيون ۽ هوءَ انسانن جي وچ ۾ ويڇو
وجھندڙ مذھب تي روئڻ لڳي ٿي.
ايتري ۾ حسين ڪمري ۾ اچي چندر جي پيءُ کي چوي ٿو
ته،
”اسان کان ايتري نفرت اٿئي، جو پنھنجي پٽ کي
تڙپندو ڇڏي ڏنئي. ايتري قدر جو ان جي زندگي ختم ٿي
وئي. “
حسين ڳالھائيندو به رھي ٿو ۽ ان جي اکين مان نير
به وھندا رھن ٿا. ھن کي پنھنجي دوست جو گھرو صدمو
رسي ٿو ۽ ھو صفا ڀُري ٿو پوي .....!
حسين ڳالھه کي جاري رکندي چوي ٿو،
”هو زندگي ۽ موت سان وڙهي رهيو هو، پر ان وقت به
توهان کي نفرت اندر ۾ زنده ھئي جو پنھنجي پٽ کي
منھنجو جو رت لڳرائڻ کان جهليندا رھيا، توهان جي
ضد جي ڪري چندر جي زندگيءَ جو ڏيئو هميشه لاءِ
اجھامجي ويو......!
توھان کي ته ايتري به خبر نه آھي ته اوھان جي رڳن
۾ جيڪو رت، اڄ ڊوڙي رھيو آهي، اھو به ھڪ مسلمان جو
رت آهي، جنھن اوھان جي حياتي بچائي ۽ اوھين اڄ
زنده سلامت آھيو....!
۽ اھو ئي اوھان جو پٽ ھو، جنھن اوھان جي جان بچائڻ
خاطر مذھب کي نه ڏٺو. پر، پنھنجي پيءُ جي حياتيءَ
کي ڏٺو ۽ اھو رت به مون ئي ڏنو ھو، جيڪو اڄ اوھان
جي رڳن منجھه ڊوڙي رھيو آھي......!“
چندر جي پيءُ جڏھن اھا حقيقت ٻڌي ته، ھن جي پيرن
ھيٺان زمين نڪري وئي! ھو پنھنجا ھوش وڃائي ويٺو.
ھن جي اکين آڏو ڌنڌ ڇانئجڻ لڳو، ۽ غلط سوچ ۽ هٺ جي
ڪري، ھن پنھنجي سڪيلڌي پٽ کي ھميشه ھميشه لاءِ
وڃائي ڇڏيو.....!
سويرا صاحبه ڪنڀر
هاءِ!
سڪُو تنھنجا نصيب.....!؟
سڪُو پنھنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن
۾ سڀني کان ننڍي ۽
سڀني گهرڀاتين جي
لاڏلي هئي، انڪري گهڻي شرارتي ۽ چنچل هئي
هن کي نه پڙهڻ جو شوق
هو، نه زندگيءَ
۾ ڪجهه
بڻجڻ
جو شوق هو.
سندس
مڱڻو
ننڍپڻ
۾
ئي
پنھنجي چاچي جي پُٽ
غفار
سان
ٿيل
هو،
جيئن ته سڪُو جو پيءُ،
هن جي پيدا ٿيڻ کان ڪجهه عرصي بعد وفات ڪري ويو
هو،
ان لاءِ پنھنجن وڏين ڀيڻن ۽ ڀائرن جي لاڏلي
بڻجي وئي
هئي،
سندس نالو
سڪينه
هو. پر پيار مان هن کي سڀ ’سڪو‘ سڏيندا هئا. جنھن
به
شيءِ جي
فرمائش ڪندي هئي،
سا حاضر هوندي هئي.
جڏهن
هن جوانيءَ ۾ قدم رکيو ته
چنڊ وانگر سھڻي ۽ خوبصورت لڳڻ لڳي. پاڻ کي سجائڻ ۽ سنوارڻ لڳي. جيئن تيئن مئٽرڪ ڪري گهر ۾ ويھي
رهي ۽ ماءُ
کي چيائين ته،
”امان!
هاڻ آئون اڳتي ڪونه پڙهندس، تون اديءَ
۽ ڀاءُ
کي به چئي ڇڏ ته
مون تي
پڙهڻ لاءِ
زور نه ڀرين.“
ان
تي ماءُ
وڏي پيار سان چيس،
”نه منھنجي ڌيءُ، تون اڳتي نٿي پڙهڻ چاهين ته
نه پڙهه!
ماٺ ڪري گهرداري سک، ڪجهه سالن اندر تنھنجي شادي
ڪرائي ڇڏيندس.“


خير سڪُو کي ته گهرداري سکڻ جو
به
شوق ڪونه هو،
ان جي وچ ۾ ٻن
وڏين ڀيڻن
جي شادي به ٿي وئي ۽
اهي
پنھنجن
پنھنجن
گهرن ۾ خوش رهڻ لڳيون.
ڪجهه مھينن
کان پوءِ،
سندن
ڀاءُ
جي شادي جي به تاريخ رکي وئي.
سڪُو به
ڀاءُ جي
شاديءَ
جي تيارين ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا.
نيٺ شادي وارو ڏينھن
آيو.
گهر
کي رنگ برنگي بتين ۽ گلن
سان
سجايو ويو. هر طرف خوشيون ئي خوشيون هيون،
سڪُو،
ميرون
فراڪ ۾ ڪا
اپسرا پئي لڳي،
هر ماڻھو سڪُو جي تعريف ڪري
رهيو هو.
سڪُو به وڏي ناز سان، اڱڻ ۾
سھيلين سان سھرا ڳائي رهي هئي
ته اوچتو هن جي نظر گيٽ تي بيٺل هڪ نوجوان تي پئي،
جيڪو مسلسل هن کي ڏسي رهيو هو. سڪُو کي
به
هن جو ڏسڻ
ڏاڍو
وڻيو ۽ دل ئي دل ۾ هن تي
فدا
ٿي وئي.
(اها خبر هئڻ جي باوجود ته هوءَ
ڪنھن
جي مڱيندي آهي)
.
ائين هنن هڪٻئي سان رابطو ڪيو
۽ سڪُو جي خوابن، خيالن ۾
اهو نوجوان رهڻ لڳو،
ايتري قدر جو سِڪُو
جي دل تي راڄ ڪرڻ لڳو.
”امتياز!
تون ڪڏهن منھنجي مائٽن
کان
منھنجو سڱ گهرندين؟“
سڪُو فون تي امتياز کي رشتي وٺڻ لاءِ
چيو.
”اڙي
منھنجي راڻي، ڇو ٿي
پريشان ٿين.
تمام جلد، تنھنجو سڱ گهرندس،
جيڪڏهن
تنھنجي مائٽن،
تنھنجو سڱ
نه ڏنو ته توکي
کڻي
ويندس.“
”ٻڌ
امتياز!
شادي کان پوءِ
آئون گهر جو ڪم ڪار ڪونه ڪندس.“
”نه
منھنجي راڻي.
تون ته منھنجي راڻي آهين ۽ راڻي ٿوروئي
ڪم ڪندي آهي.
تو لاءِ
ته
گهر ۾
ڏھه
ڏھه
نوڪرياڻيون
بيھاريندس.“
سڪُو هن جي ڳالھه
تي شرمائڻ لڳي
۽ سوچڻ لڳي ته
امتياز هن
سان
ڪيڏي نه محبت ڪري ٿو.
هوءَ
پنھنجو
پاڻ کي دنيا جي خوشنصيب عورت سمجهڻ لڳي.
جيئن جيئن
ڏينھن گذرندا ويا، سڪُوءَ جي محبت امتياز سان گهري ٿيندي وئي.
هڪ ڏينھن
اڱڻ
۾ سڪُو
جا سڀ گهر ڀاتي
ويٺا هئا
۽ سڪو ۽ غفار جي نڪاح بابت ڳالھيون ڪري رهيا هئا ته
ايندڙ آچر تي سڪُو ۽ غفار جو نڪاح
جو پروگرام
آهي.
سڪُوءَ لاءِ هيءَ خبر، ڪنھن صدمي کان گهٽ ڪونه هئي. هن جهٽ پٽ امتياز کي فون ڪيو ۽ سڄي ڳالھه ٻڌائي. امتياز هن کي پاڻ سان گڏ ڀڄڻ لاءِ
ورغلايو،
پھرين
ته سڪُو انڪار ڪيو،
پر پوءِ
امتياز جي محبت ڀريل لفظن هن کي مڃرائي
وڌو.
نيٺ
ڀاءُ جي
وهانءَ واري رات، پيلي جوڙي ۾ پنھنجي پريمي سان وڃي ملي.
ڪورٽ ميرج ڪرڻ کان پوءِ
سڪُوءَ
جا پير ڄڻ زمين تي ڪونه هئا.
هن کي اهو ملي ويو، جنھن خاطر هوءَ
سڀ ڪجهه ڇڏي آئي
هئي،
امتياز پنھنجي ننڍڙي گهر ۾ سڪُوءَ جو دل سان استقبال ڪيو.
گهر ۾ امتياز کانسواءِ ٻيو ڪير به ڪونه رهندو هو.
هو ڇا ڪندو هو، اها
هن
کي خبر ڪانه هئي.
جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو
ته امتياز جي محبت ۾ تبديلي ايندي وئي.
هو چيڙاڪ ۽
ڳالهه ڳالهه تي چِڙڻ ۽
ڪاوڙ ڪرڻ
لڳو.
امتياز جي محبت ڪوڙي
هئي، جيڪا هينئر
هن
کي سمجهه ۾
اچڻ لڳي هئي.
گهر جو سڀ ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي.
سڪُو،
جيڪا مائٽن وٽ لاڏ ڪوڏ سان پلي هئي، سا هاڻي
نوڪرياڻين وانگر رهندي هئي.
مٿان
وري
اولاد نه ٿيڻ ڪري، امتياز
هن کي طعنا ڏيندو رهندو هو.
نيٺ هڪ ڏينهن
هُن
ڪاوڙ ۾ چيس
ته،
”اولاد
منھنجي وس ۾
ته ناهي،
جو تون مون کي
روز روز
طعنا
ٿو ڏين.“
ان تي امتياز
ڪاوڙ مان کيس ٿڦڙ هڻي
ڪڍي. سڪُو زمين تي وڃي ڪِري ۽ پنھنجو پاڻ کي
پاراتا ڏيڻ
لڳي ته،
”هاءِ!
سڪُو تنھنجا نصيب!؟.......

 |