سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

 

سوچ ويچار

 

نئون سال مبارڪ!

 

قدرت جا ڪروڙين ڪرم جو سال 2025ع جو پهريون صبح ڏسڻ نصيب ٿيو، ڪيئي سال ايندا ۽ ويندا رهندا، فقط ياد رهندو انسان جو ڪردار ته، جيڪي کيس پل، گهڙيون ۽ زندگي ملي، ان کي ڪيئن گذاريائين! ڇا حاصل ڪيائين، ڇا وڃايائين، ڪهڙي تلاش ڪيائين، ڪهڙي جاکوڙ ڪيائين، حاصلات کان لاحاصل تائين! زندگيءَ کي ڪيترو ڪامياب بنايائين، دنيا ۽ دنيا وارن کي ڇا ڏنائين- ڇو ته پنهنجي لاءِ ته هرڪو چاهيندو آهي ته منهنجي دنيا ۽ عاقبت سنوريل هجي، پر اصل ۾ ٻئي ڪنهن لاءِ يعني انساني جذبي تحت، ڪير به ڪيترو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. حقيقت ۾ اهو فطرت جو اصول به آهي ته قدرت واري جو فرمان پڻ ته، انسان ٻئي انسان جي ڪم اچي، سندس ڏک سک جو ساٿي بڻجي! اهڙي عمل جا بندي لاءِ درجا آهن. جيئن علم و ادب ۽ عبادت جو درجو آهي، تيئن انساني خدمت ۽ احسان جو پڻ قدرت عظيم اجر ڏئي ٿي. بس ڳالهه آهي سمجهه ۽ سمڪ جي! جنهن ۾ جيترو شعور هوندو، اهو انسان اهڙوئي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو!

الحمدلله ماهوار ”سرتيون“ رسالي جي سفر کي اڄ ڇٽيهون سال شروع ٿيو آهي. اميد ڪجي ٿي ته ”سرتيون“ ۽ ساڻس لاڳاپيل فردن لاءِ هي سال، ڇٽيهه لکڻو ثابت ٿيندو آمين! 2025ع جو سال جي پهرين صبح تي اسان انهن عظيم انسانن کي ياد ڪندي، هي رسالو ڀيٽا ڪريون ٿا، اهي عظيم شخصيتون آهن: شهيد راڻي بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم، قبلا سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن عالم، اديب، شاعر، سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ۽ روحاني پيشوا پاڻ 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان ”سرتيون“ جو اجراءُ ڪرايائون، ۽ ان جي پهرين ايڊيٽر  جو اعزاز مون کي حاصل ٿيو. منهنجي لاءِ وڏي مان ۽ مرتبي جي ڳالهه هئي ته ان بورڊ آف گورنرن جي ميٽنگ جي صدارت قبلا سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن ته سيڪريٽري محترم حبيب الله صديقي صاحب هئا. منهنجو انٽرويو محترم علي احمد بروهي ، محترمه مهتاب اڪبر راشدي ڪيو.

جيئن ته هي رسالو سنڌ جي خواتين کي تحفي طور ڏنو ويو هو، انڪري پهرين ڏينهن کان اڄ تائين هن رسالي شايع ڪرائڻ لاءِ منهنجي دلچسپيءَ ۽ جاکوڙ ۾ هڪ تِر جو به فرق نه آيو آهي. دور ضرور مٽيو آهي، ان وقت رسالن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو تمام گهڻو لاڙو هوندو هو، اسان ڪجهه مهينن اندر رسالي کي پنج هزار ڪاپين تائين پهچايو. پر هينئر سوشل ميڊيا سبب پڙهندڙن جا لاڙا تبديل ٿيا آهن، پر سنڌ جي عورتن هميشه پنهنجي قلم سان ”سرتيون“ جي صفحن کي سينگاريو ۽ سنواريو آهي. ان لاءِ اسان جون ڀينرون آفرين لهن! ”سرتيون“ ۾ مرد ليکڪن پڻ هميشه ساٿ ڏنو آهي، عورتن جا مضمون ترجمو ڪيا آهن ته ڪن وري عورتن تي ڀرپور ليک لکي پنهنجو سهڪار ڪيو آهي.

ماهوار ”سرتيون“ جنوري 2025ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندا. اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي! اوهان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي تعاون سبب رسالي پنهنجي ڄمار جا 35 سال پورا ڪيا آهن.

اڄ ”سرتيون“ جي سفر جو ڇٽيهون سال شروع ٿيڻ تي ”سرتيون“ عملو ۽ ادبي بورڊ کيرون لهڻي. آئون پنهنجي چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان”عاطف“ صاحب جن جو ذڪر ضرور ڪندس ته پاڻ جنهن دلچسپيءَ سان اداري کي ٺاهيو اٿن، ان جو اثر رسالن ۾ به نظر اچي ٿو. هن رسالي جي مواد ۽ سهيڙ ۾ سندن رهنمائي ملندي رهي ٿي، اهوئي سبب آهي جو رسالو ڏينهون ڏينهن معياري لکڻين سان منظرِعام تي اچي ٿو.

 

گلبدن جاويد

 

 

 

 

  مقبول انجم ميمڻ

 

توکان ٿيندي ڌار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري......!

       شھيد راڻي جي شھادت تي لکيل تاثر

 

 

اها ڪيڏي نه ڀيانڪ ۽ دردناڪ مھل هئي، جنھن ويل ظالمن، سنڌ جي شھزادي کي شھيد ڪيو، ڪاش! الله تبارڪ ان وقت، انھن ظالمن کان اها سگهه کسي وٺي ها.

سانئڻ بي بي زينب جي نقشِ قدم تي هلندي، آخري گهڙيءَ تائين، حق ۽ سچ جي راهه تي باطل قوتن سان مھاڏو اٽڪائيندي، هن بھادر ۽ عظيم اڳواڻ شھادت ماڻي.

شيخ اياز شايد هي شعر به هن عظيم هستي لاءِ لکيو:

آ مرڻو هر ڪنھن ماڻهو کي، پر ائين نه مرنداسين ساٿي،

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين، ڪا آگ لڳائي وينداسين.

محترمه پنھنجي پوري زندگي غمن جي پھاڙن ۾ گذاري، پيءُ جي شھادت، شاهنواز ۽ بھادر ڀاءَ مرتضيٰ جي شھادت جي درد کي اندر ۾ سانڍي، ٻاهران مرڪندي پنھنجي زندگي، هن عوام کي ارپي ڇڏي. جنھن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، هر طبقي جو ماڻھو، کيس پنھنجو محبوب اڳواڻ ۽ اميدن جو سھارو سمجهندو هو.

ظالمن کي شايد اها خبر نه هئي ته اها گولي، جيڪا هو، هن دلير نياڻيءَ کي هڻي رهيا هئا، اها گولي ڪروڙين دلين کي گهائي وئي هئي! هُو ڪروڙين دلين جو قتل ڪري رهيا هئا، هوءَ ته شھيد ٿي وئي، شھيد ته ڪڏهن مرڻا نه آهن، هوءَ امر ٿي وئي، ليڪن ڪروڙين دلين جون خوشيون ۽ اميدون خاڪ ۾ ملي ويون، هر ماڻھو، پاڻ کي يتيم سمجهڻ لڳو.

 

اها ڪاري رات ڪڏهن به ڪنھن کان نه وسرندي، جنھن دشمنن کي به لڙڪ هارڻ تي مجبور ڪيو، هر اک آلي هئي، هر گهر ۾ سوڳ هو، ائين پئي لڳو، ڄڻ محرم کان اڳ محرم شروع ٿي ويو هجي. ماڻهو اوڇنگارون ڏئي شھيد راڻيءَ کي ياد ڪري رهيا هئا.

نه جهڪڻ واري نه وڪامڻ واري.

شھزادي شھادت ته قبول ڪئي، پر آمرن اڳيان ڪڏهن به پاڻ کي نه جهڪايو ۽ حق ۽ سچ جو عَلمُ بلند رکيو.

ڪاش! انھن ظالمن کي ياد هجي ته شھيد ذوالفقارعلي ڀٽي کي شھيد ڪرڻ وارن جو انجام الله تعاليٰ هن دنيا ۾،  خلقِ خدا کي ڏيکاريو ته اهي ڪيئن نه آسمان ۽ زمين وچ ۾ ختم ٿي ويا، انھن جي وجود جي ڪابه نشاني نه بچي ۽ ناانصافي ڪندڙ کي ماکيءَ جي مکين کان ختم ڪرايو، جنھن کي ڪو ڪلھي ڏيڻ وارو به نه هو. اهو هو الله جو انصاف، يقين آهي ته الله تبارڪ جلدي خلقِ خدا کي ڏيکاريندو ته هن معصوم سنڌ ڄائي کي شھيد ڪرڻ وارن جو حشر ان کان وڌيڪ ڀيانڪ هوندو.

رب جي لٺ بي آواز آهي، دير هي انڌير ناهي. هن مظلوم قوم جون آهون، ضرور عرشِ عظيم تائين پھچنديون!

دل ۽ دماغ اها ڳالھه مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪو اسان جي محبوب اڳواڻ اسان کان ڌار ٿي چڪي آهي، ڪالھوڪو ڏينھن آهي، جڏهن ارڙهن آڪٽوبر تي محترمه جي آجيان ڪرڻ وارن سوين ماڻھن جي جلوس تي ڌماڪا ڪري ڪيترائي ماڻھو شھيد ڪيا ويا، انھن بزدلانه حملن جو مقصد، محترمه کي پيغام ڏيڻ هو ته جيڪڏهن تو اهڙا دليرانه جلسا ڪيا ته توکي به ائين شھيد ڪيو ويندو. ليڪن دنيا کي ان وقت ڏندي آڱريون اچي ويون ته رات جو ايڏي وڏي سانحي کان پوءِ صبح جو کلي عام شھيدن جي تڏي تي وڃي ٿي، انھن غمزده ڪٽنبن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿئي ٿي، جن جا پيارا انھن کان وڇڙي ويا هئا.

انھي وڏي سانحي جو ٻڌي، سندس معصوم ٻچڙا بلاول، بختاور ۽ آصفه به پريشان هئا.

هوءَ ماءُ هئي، کيس خبر هئي ته سندس لختِ جگر ان جي راهه تڪي رهيا آهن. آخر ماءُ جي ممتا اٿلي پوي ٿي، هوءَ ڪجهه ڏينھن لاءِ انھن سان ملڻ لاءِ دبئي وڃي ٿي، پنھنجي لختِ جگرن کي آٿت ڏيڻ لاءِ.

ڪجهه ڏينھن کان پوءِ اچانڪ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. هن سوچيو ته منھنجو عوام، هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي، ان وقت هن پنھنجي ٻچڙن کي سيني سان لڳايو ۽ چيو ته وطن عزيز ۽ عوام کي منھنجي ضرورت آهي. هن جي دل تڙپي اُٿي ۽ هوءَ وري پنھنجي پرستارن جي وچ ۾ هئي. کيس خبر هئي ته وطن جا ويري، عوام جا دشمن کيس پنھنجي پيارن کان پري ڪرڻ چاهن ٿا، وقت جا حڪمران کيس نياپو ڪن ٿا ته عوام جي وچ ۾ نه وڃ، توکي خطرو آهي، ليڪن هو بھادر نياڻي وري پنھنجي پرستارن ۽ پيارن جي وچ ۾ هئي. هر جلسي ۾ شينھن وانگر گجندي، دشمنن کي للڪاري ٿي ته: ”گدڙ جي هزار سالن جي زندگيءَ کان شينھن جي هڪ ڏينھن جي زندگي بھتر آهي.“

هوءَ صرف الله جي ذات تي ڀروسو ڪري ٿي، هر مسلمان وانگر سندس نظريو به اهو هو، ته موت ۽ زندگي، الله جي هٿن ۾ آهي. ڪروڙين دلين، بزرگ هستين ۽ عوام جون دعائون، هن سان گڏ آهن، انڪري سندس وار به ونگو نه ٿيندو.

پر موت برحق آهي، ان جو ڏينھن لکيل آهي، جيڪو ڪير به ٽاري نٿو سگهي.

آخري دفعو شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جڏهن 27 ڊسمبر تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ ايڏو وڏو جلسو ڪيو ته دنيا حيران هئي ته ڪيترائي سال ملڪ کان ٻاهر رهڻ ۽ خطرن جي باوجود عوام جو سمنڊ اٿلي پيو هو. هر ڪنھن جي زبان تي اهو نعرو هو ته: ”زنده آ ڀٽو زنده آ“ جڏهن فضا ۾ اهي نعرا گونججي رهيا هئا ته ائين پئي لڳو ته ڄڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، انھن جي سامھون بيٺو آهي. زنده آ ڀٽو زنده آ، جا نعرا، عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويا هئا. وري ”ڀٽي جي تصوير بينظير“ جا نعرا، وطن جي ويرين کان برداشت نه ٿي سگهيا.

هو جڏهن عوامي سيلاب اڳيان بيھي نه سگهيا ته کيس هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو سوچيو، پر اها سندن ڀُل هئي ته هو شھيد بينظير کي ختم ڪري ڇڏيندا. جيستائين هيءَ ڪائنات آهي، جيستائين هي آسمان، هيءَ ڌرتي، چنڊ ۽ تارا آهن. قيامت تائين زندهه رهندي ۽ عوام جي دلين تي ڇانيل رهندي.

آخري دفعو هن 27 ڊسمبر جي هڪ اڀاڳي شام ۾ هن پنھنجا هٿڙا لوڏي، پنھنجي پرستارن کي الوداع ڪيو. ڪروڙين دلين تي راڄ ڪرڻ واري راڻيءَ پنھنجي پيارن کان مُرڪي موڪلايو. جڏهن شھادت ماڻي ته ان وقت ڌرتيءَ به ڪارو ويس پاتو ۽ هر طرف انڌيرو ڇانئجي ويو. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، بيوس بادلن به روئي ڏنو ۽ پوري عالم ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مگان،

ري ٿنڀين ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇانءُ،

ڪڄاڙو ڪھانءُ، توکي معلوم سڀ ڪي.

(شاهه صاحب)

اڪبر لغاري

 

ناول، ” آراڌني“ جو جائزو

 

آراڌني جو تعلق گھاتو نگر يا لياري جي هڪ سُٺي خاندان سان آهي. جتي هُوءَ مائٽن جي ۽ ڀائرن جي دادلي آهي. کيس مسلسل هڪ خُواب اچي ٿو، جنھن ۾ هُوءَ ڏسي ٿي ته ڪنھن ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي، جنھن جي ناکُئي کي ڪارا ڪپڙا پھريل آهن ۽ سندس چھري تي نقاب پيل آهي. هُو کيس درياءُ جي ٻي پار پُڄائي، پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو ۽ هڪ وڻ طرف اِشارو ڪري ٿو. هُوءَ ڏسي ٿي ته ان وڻ هيٺان هڪ خوبصورت ڇوڪري ويٺل آهي، جنھن جي هَنج ۾ هڪ سُھڻو نوجوان ليٽيل آهي. غور سان ڏسي ٿي ته وڻ هيٺان ويٺل ڇوڪري هُوءَ پاڻ آهي. کيس اجنبي ٻُڌائي ٿو ته، اهو سندس ماضي آهي. پوءِ ڪي ڌرمي ماڻھو ڀالا کڻي اچن ٿا ۽ ان نوجوان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. ساڳيو ڀالو کڻي، جڏهن اها ڇوڪري خودڪشي ڪري ٿي، تڏهن آراڌني نِنڊ مان جاڳي پوي ٿي. هِي خواب سندس زندگيءَ ۾ ايستائين اچي ٿو، جيستائين هن جي ملاقات منصور سان نٿي ٿئي.

هڪ ڏينھن آراڌني شاهه لطيف جي روضي تي وڃي ٿي ته کيس ساڳيو نقاب پوش نظر اچي ٿو. هِيءَ نقاب پوش جو پِيڇو ڪري ٿي ته هُو ڌمال واري پاسي وڃي ٿو ۽ اُتي پھچي، آڱر سان هڪ طرف اِشارو ڪري ٿو. آراڌني، هن جي اِشاري طرف ڏسي ٿي ته هن کي اُهو خُواب وارو نوجوان نظر اچي ٿو، جيڪو منصور آهي. اڳتي هلي، آراڌني جي، منصور سان دوستي ٿئي ٿي، جيڪو هڪ تحريڪ جو آغاز ڪري چڪو هو، جنھن جو نالو هو، ‌همئه اوست تحريڪ. هن هڪ ادارو به کوليو هو، جتي هُو ليڪچر ڏيندو هو. شبلي ڪبير نالي نوجوان سندس ٻانھن ٻيلي هو.

ڪراچيءَ جي هڪ مدرسي جو مھتمم حامد عباس، ماضيءَ ۾ منصور جو ڪلاس فيلو رهي چڪو هو. کيس همئه اوست تحريڪ تي زبردست اعتراض هو ۽ کيس يقينن سَگهارين ڌُرين جي پشت پناهي به حاصل هئي. حامد عباس، مدرسي تي ڪوڙو حملو ڪرائي، منصور کي بلاسفيمي جي ڪُوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏي ٿو. آراڌني، مولانا رومي جي مزار تي، قونيه هلي وڃي ٿي، جتي منصور ۽ آراڌني جو اُستاد، شمس جلال، اڳ ئي موجود هو. اُتي به آراڌني کي نقاب پوش نظر اچي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ، هِيءَ واپس اچي ٿي ۽ منصور سان جيل ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر کيس ملاقات جي اجازت نٿي ملي. جيل سپرنٽينڊنٽ، مسعود حسن، منصور جي فڪر کان متاثر ٿئي ٿو ۽ سندس خيال تبديل ٿي وڃن ٿا. اڳتي هلي مسعود حسن، همئه اوست تحريڪ جو حامي ٿي وڃي ٿو.

آراڌني ۽ شبلي، منصور جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪن ٿا، پر سڀ بي سود ٿي ٿو وڃي. آخر ۾ منصور کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو وڃي ٿو ته مٿس نامعلوم ماڻھو قاتلاڻو حملو ڪن ٿا ۽ هُو ان ۾ مارجي وڃي ٿو. آراڌني، منصور جو جسدِ خاڪي کڻي، مڪلي رواني ٿئي ٿي ۽ اُتي ئي تدفين ڪئي وڃي ٿي. اُتي وري ساڳيو ئي نقاب پوش نمودار ٿئي ٿو، جنهن جي چھري تان جڏهن نقاب لھي ٿو ته هُو به منصور ئي هوندو آهي. جيڪو چوي ٿو ته آئون حق آهيان، آئون سچ آهيان، آئون منصور، سرمد، شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جو تسلسل آهيان ۽ هاڻي آئون آراڌني آهيان.

هِي ناول حسين ابن منصور الحلاج جي زندگيءَ جي ڪھاڻيءَ جو جديد رُوپ آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Retelling) چئبو آهي. هن ۾ اڪثر ڪردار ساڳيا اُهي رکيا ويا آهن، جيڪي حسين ابن منصور الحلاج واري سچي واقعي سان تعلق رکن ٿا، يعني، منصور، حامد، شبلي وغيره. بظاهر ته حسين بن منصور تي بلاسفيمي جو ڪوڙو الزام هڻي کيس رستي تان هٽايو ويو هو، ليڪن اصل ۾ اهو هڪ سياسي ۽ رياستي قتل به هو، ڇو جو حسين حلاج جي وجود کي عباسي خليفن پنھنجي حڪومت لاءِ خطرو ٿي سمجهيو.

هن ڪھاڻيءَ ۾ به منصور تي بلاسفيميءَ جو ڪُوڙو الزام هڻي، انھيءَ ڪري هٽايو ويو جو سندس همئه اوست تحريڪ، وقت جي حُڪمرانن لاءِ خطري جي گھنٽي هئي. نه صرف حڪمرانن لاءِ، پر سچن صوفين جو فڪر ۽ طرزِ عمل، انتھاپسندن ۽ ڪوڙن مسند نشينن لاءِ پڻ هڪ للڪار هوندو آهي. کين پنھنجو اقتدار خطري ۾ نظر ايندو آهي.

هن ناول جي شروعات خوبصورت منظرڪشيءَ سان ٿئي ٿي، جڏهن آراڌني شام جي تاري جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿي. ان کان پوءِ گھاتو نگر جا منظر به جمالياتي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا. ٻوليءَ جي رواني ۽ ڪھاڻي ٻُڌائڻ جي انداز ۾ پڙهندڙ کي قصه گوئي وارو لطف اچي ٿو. هن کي علامتي ناول به چئي سگهجي ٿو، جنھن ۾ سڀ نالا علامتي طور استعمال ڪيا ويا آهن. منصور حق جو استعارو آهي، للڪار آهي ۽ بغاوت جي علامت آهي. شمس جلال ۾ ٻن نالن يا علامتن کي گڏائي استعمال ڪيو ويو آهي. جلال الدين رومي، عشق ۽ علم جو استعارو آهي ته شمس تبريز عشق ۽ وجدان جي علامت آهي. شبلي وري عشق ۽ دانائيءَ جي علامت آهي.

آراڌني، لفظ آراڌ مان نڪتو آهي. جنھن جي معنيٰ آهي، عاشق يا جوڳي. مجازي عشق ۽ حقيقي عشق جي سرحد تي بيٺل آراڌني يعني جوڳڻ، پنھنجي محبوب ۽ ان جي نظريي تي فنا ٿيڻ لاءِ تيار آهي. کيس پنھنجي وجود جي ڪا پرواھ، ڪا ڳڻتي ڪانهي. انهيءَ جوڳ ۾ هُوءَ سڀ ڪجھه ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، سڀ ڪجھه سَھڻ لاءِ تيار آهي ۽ اها ئي آهي رسمِ منصوري. لڳي ٿو ته مصنفه هِي ڪردار، پنھنجو اندر چيري لکيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته، ڪيئي منصور ايندا رهندا ۽ حق جي راھ ۾ ماربا به رهندا پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته، انھيءَ رسمِ منصوري کي نڀائڻ لاءِ ڪيئي آراڌنيون به پيدا ٿين. مصنفه، انھن علامتن، استعارن ۽ ڪھاڻيءَ جي پيچن کي استعمال ڪندي، ڪمال مھارت سان انتھا پسنديءَ کي ننديو آهي ۽ تڪثيريت، رواداري ۽ سھپ جي حمايت ڪئي آهي.

هن ناول ۾ ڪجھه فني خاميون به نظر اچن ٿيون. مثلن، مافوق الفطرت عنصرن جي گھڻائي، جا بجا اتفاقات ۽ معجزا پڙهي، هن جديد ناول تي ڏند ڪٿائي داستان جو گمان ٿئي ٿو. ناول ورجاءُ جو پڻ شڪار آهي. ڪردار، ساڳيون ساڳيون ڳالھيون بار بار ورجائيندا رهن ٿا. تصوف تي ڊِگها ليڪچر ۽ طويل ڪچھريون، ناول جي بجاءِ، تصوف تي لکيل ڪو مقالو لڳن ٿيون. ناول ۾ اهميت ٻُڌائڻ کان وڌيڪ ڪري ڏيکارڻ جي هوندي آهي. رک کي مقدس قرار ڏيڻ توهم پرستي آهي، ناول ۾ اهڙيون شيون سُٺيون نٿيون لڳن. منصور جي ڪردار ۾ ڪا ارتقائي تبديلي نٿي اچي. پراڻن داستانن جي هيروز وانگر هُو ڄمندي ئي ڄام آهي، يعني پرفيڪٽ آهي. جڏهن ته ناول جي ڪردارن کي ارتقا پذير هجڻ گھرجي. ڪردارن جي مقدر جو تعين اڳ ئي ڪيل آهي. هُو پنھنجي ڪردار جي چونڊ پاڻ نٿا ڪن. هِي ڳالهه ناول کي علت ۽ معلول جي قانون جي بجاءِ، تقدير پرستي ڏانھن ڇِڪي وڃي ٿي. اتي اهو به سوال پيدا ٿو ٿئي ته، عشق مقدر آهي يا انتخاب؟

آراڌني، جيڪو ناول جو مک ڪردار آهي، اها منصور جي خيالن کان متاثر ٿيڻ کان پھريان ئي، خُوابن جي ذريعي، منصور جي عشق ۾ مبتلا آهي. منصور ۽ آراڌني جڏهن پھريون دفعو ملن ٿا ته هُو هڪٻئي سُڃاڻي وٺن ٿا، جنھن مان تاثر اهو ٿو ملي ته ڪا غيبي قُوت هنن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ناول ۾ غيبي قوت ۽ عقل کان ماورا قصا، جديد ذهن کي متاثر نٿا ڪري سگهن. اهي صرف سرريئلزم يا جادوئي حقيقت نگاري جھڙي شعبدي بازي ۾ قابلِ قبول آهن.

تصوف تي مبني هِي ناول حق جي تلاش جي هڪ خُوبصورت جِھَت آهي. جنھن ۾ ڪنھن قسم جو ڪو تياڳ ڪونھي. مسلسل جستجو، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان بغاوت ۽ پنھنجي مقصد سان سچائي آهي. مٿين ڪُجھه خامين جي باوجود، زبيده برواڻي جو هِي ناول، سنڌي ادب ۾ خُوبصورت اضافو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org