سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2024ع

باب:

صفحو:4 

 

ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

 

 

 

شهري چور

 

فساني نگار جو تعارف:

الفت عمر باشا الادلبي، جنھن جو ادبي نالو الفت الادلبي آهي، شام جي نھايت مٿانھين درجي جي عورت ليکڪائن ۾ ڳڻي وڃي ٿي ۽ جنھن کي سڄي عرب دنيا ۾ هڪ مھان افساني نگار ۽ ناول نويس طور بيحد عزت ۽ قدر جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. هوءَ شام جي انھن ڳاڻ ڳڻين عورت اديبائن جي قطار ۾ سڀ کان اڳيان بيٺل نظر اچي ٿي، جن شام ۽ عرب سماج کي حقيقت پسنداڻين نظرن سان ڏٺو ۽ اهڙيءَ طرح پنھنجي لکڻين ۾ آندو. تنھنڪري الفت الادلبي جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه شِدت سان محسوس ٿئي ٿي ته ڪھاڻين جو ڪو نه ڪو هاڪاري سماجي ڪارج ضرور هئڻ  گھرجي.

الفت الادلبي نومبر 1912ع ۾ دمشق جي هڪ روايتي گھراڻي ۾ اک کولي. سترھن سالن جي عمر ۾ سندس شادي ڪرائي وئي. کيس  ڌيءُ ۽ ٻه پُٽَ ڄاوا، جيڪي هن وقت پئرس ۾ رهن ٿا. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هوءَ عربي ادبي جي ليڪچرر طور پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي شعبي سان سلهاڙ جي وئي.

کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هيو ۽ هوءَ پنھنجو گھڻو تَڻو وقت، پنھنجي ليکڪ ۽ شاعر چاچي ڪاظم داغستانيءَ جي ڪتب خاني ۾ ڪتاب پڙهندي گذاريندي هُئي. هن ڪجھه ناول به لکيا، جن کي ڏيھان ڏيھه شھرت ملي. سندس ناول، ”دمشق: هڪ دردناڪ مُرڪ“ کي عربي ٻوليءَ ۾ هيل تائين لکيل عظيم  ناولن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هي ناول دنيا جي ڪيترن ئي وڏين ٻولين ۾ نه رڳو ترجمو ٿيو آهي، پر شام جي هڪ ٽي وي چئنل، ان تي هڪ ڊراما سيريل “دمشق: بسمت الحزن“ پڻ ٺاهي آهي.

الفت الادلبي هڪ سو کان مٿي ڪھاڻيون لکيون، جن ۾ عرب عورتن جي سماجي حيثيت، غير انساني روين ۽ راشي طبقن تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي. سندس افسانن جا چار مجموعا شايع ٿيا آهن، جن مان ٻه مجموعا ”شامي ڪھاڻيون“ 1954ع ۽ الوداع اي دمشق!“ (1963)، وچ اوڀر ۽ ٻين سمورن عرب ملڪن ۾ ”بهترين وڪامجندڙ“ افسانوي مجموعا آهن.

هن پنھنجي زندگيءَ جا پڇاڙڪا سال، پنھنجن پُٽن سان، پئرس ۾ گُذاريا، جتي هوءَ 21 مارچ 2007ع تي 95 سالن جي ڄمار ۾، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. سنڌيڪار[

”جج صاحب ! مان هڪ غريب عورت آهيان. لاچار، مسڪين ۽ بي پھچ عورت. الله ۽ تو کان سواءِ منھنجو ٻيو ڪو به اوهي واهي ڪونھي. مون سان انصاف ڪر. مون سان ناحق ٿيو آهي.“

هوءَ سُڏڪَن ۾ پئجي وئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. جج صاحب ڪَنڌ مٿي کڻي کيس ڏٺو. سندس سامھون ڊگھي قد واري سنھڙي سيپڪڙي پوڙهي عورت بيٺي هئي. پوڙهائپ هوندي به هوءَ کجيءَ جي وڻ وانگر، سڌي بيٺي هئي. گھنجن واري ڦڪي ۽ ٿَڪل چھري مان مايوسي بَکي رهي هيس. اکيون اندر پُورجي ويون هُيس. پري کان ڏسندڙ ته ويچاريءَ کي انڌو ئي سمجهندا هوندا.

”امان !..... پنھنجو مسئلو ته ٻڌاءِ نه ! ڇا ٿيو آ توسان؟“  جج صاحب نرميءَ ۽ ادب وچان کانئس پُڇيو.

”جج صاحب ! ڊاڪٽرن مُنھنجا پئسا ڦَٻايا آهن.“ پوڙهيءَ پنھنجي آنڱرين سان ڳوڙها اگھندي جج صاحب کي ٻڌايو.

مون سان ظُلم ڪيو اٿائون. مان الله کي دانھيو آهي. اهو ئي انھن سان پُڄندو. منھنجو پُٽ به ويو ته پئسا به ويا.توهان کي خبر آهي ته انھن ڊاڪٽرن ڪٿان پئسا چوري ڪيا آهن؟  منھنجي پُٽ جو پيٽ چيري، اُن جي آنڊن مان..... توهان کي حيراني ٿيندي هوندي...... مون تي ويساهه ڪريو.

الله کي حاضر ناظر ڄاڻي، مان ڪوڙ نٿي ڳالھايان، مان سچ ٿي چوان.“

جج کان ذري گھٽ رڙ نِڪري وئي، ”آنڊن مان پئسا؟ حيرت آ !“

عدالت جي ڪمري ۾ موجود سڀئي ماڻھو اچرج وچان، پوڙهيءَ کي تڪڻ لڳا ۽ پوءِ... کِي کِي..... ههِ ههِ.... جي آوازن سان ڪمرو گونجڻ لڳو. جج به پنھنجي وات تي هٿ رکي کلڻ لڳو. پوءِ هن وات تان پنھنجو هٿ هٽائيندي، پوڙهيءَ جي چھري جو جائزو ورتو. ظاهري طور ته هوءَ سڀني کي چَري ٿي نظر آئي.

پوڙهي ويچاري کن پل لاءِ وائڙي ٿي وئي. هن حيرت وچان، سڀني ماڻهن ڏانهن ڏٺو، ڄڻ کانئن پُڇندي هجي ته، ”اوهان منھجي ڏک تي کلي رهيا آهيو؟“

هوءَ اهو سوچي  به ڪونه ٿي سگھي ته هن دنيا ۾ اهڙا ماڻھو به آهن، جيڪي ٻين جي ڏک تي ٽَھڪ ڏيندا آهن. پوءِ هن جج صاحب کي  مُخاطب ٿيندي، ٻُڌائڻ شروع ڪيو، ”جج صاحب ! اسان غريب ماڻھو آهيون. محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آهيون. مان اوڙي پاڙي جي گھرن ۾ وڃي ڪپڙا ڌوئيندي هُيس. ڪجهه پئسا ڏوڪڙ ملي ويندا هَئا ۽ گھرن جو چرخو هلندو هيو. جڏهن کان ڪپڙن واري بجليءَ جي مشين آئي آهي. ته ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم به ڇڏائجي ويو آهي. الله ان ماڻھوءَ جي پاڙ پَٽي، جنھن اها مشين اسان جي ملڪ ۾ آندي ۽ مون کي روزگار کان محروم ڪيو. مون کي هڪ ئي پُٽ هيو، جيڪو منھنجي دل ۽ اکين جو ٺار هيو.ويچارو سڄو ڏينھن بار ڍوئي اسان لاءِ ٻن ويلن جي مانيءَ جيترو ڪمائيندو هيو. کيس ڇهه ٻار هئا. هوءَ انھن ڇھن ٻارڙن، زال ۽ منھنجي ڪاڻ صبح کان شام تائين ڪم ڪندو هيو. پنھنجي پُٺيءَ تي ايڏو بار کڻندو هيو جو خچر به نه پُڄي سگھي.

اسان نَو کائڻ وارا ۽ هو ويچارو هڪڙو ڪمائڻ وارو.... سڄي ڏينھن جي پورهئي کان پوءِ کيس جيڪا مزدوري ملندي هئي، سا صفا ٿورڙي هوندي هئي.  تنھنڪري گُذارو ڏاڍو ڏُکيو ٿيندو هيو. وچارو ڏاڍو پريشان رهندو هيو. هڪ ڏينھن ته ٻارن وانگر، مون اڳيان دانھون ڪري روئڻ لڳو. مان ماءُ آهيان. کيس ائين روئيندي ڏسي، مون کي جُھٻو آيو ۽ منھنجي دل ته ڳڀا ڳڀا ٿي وئي. مون وٽ زمين جو هڪ ٽڪرو هيو، جيڪو مون کي پنھنجي ابي امان پاران ورثي ۾ مليو هيو. مان ان جي باري ۾ پُٽ کي ڪڏهن ڪونه به ٻڌايو هيو. منھنجو خيال هيو ته ڏکئي وقت ۾ اها زمين ڪم ايندي.پُٽ کان وڌيڪ ته زمين ڪو نه هئي. ڏکيو وقت اچي ڪڙڪيو هيو. مان جڏهن پنھنجي پُٽ کي زمين بابت ٻُڌايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ”امان! زمين وڪڻي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪنداسين ۽ پوءِ اسان جا ڏکيا ڏينھن ڏور ٿي ويندا.“

هڪ ڏينھن اسان ٻئي ماءُ پُٽ صبح جو منھن اونداهي زمين وڪڻڻ لاءِ گھران روانا ٿياسين. جڏهن ڳوٺ پھتاسين ته اڌ رات ٿي چُڪي هئي  ۽ اسان ٿڪجي چُور ٿي چُڪا هُئاسين. خير..... مان پنھنجي ڳالهه کي ڊگھو ڪونه ٿي ڪريان. ٻئي ڏينھن اسان پنھنجي زمين وڪرو ڪري ڇڏي. سمجھيو ته ڀُڳڙن جي مُٺ ۾ وِڪي سين يعني ويھن چانديءَ جي ليرن ۾، جڏهن ته ان جي قيمت پنجاهه چانديءَ جي ليرن کان بنهه گھٽ ڪونه هئي.مان اها رقم بَٽونءَ ۾ وجھي، ان کي پنھنجي جُبي ۾ لڪايو ۽ پوءِ واپس روانا ٿياسين. منھنجو پُٽ ڏاڍو سَرهو هيو. سڄي واٽ ڳالهائيندو رهيو ۽ انھن ڏوڪڙن کي ڪنھن نه ڪنھن ڌنڌي ۾ لڳائڻ جا پهه پچائيندو رهيو. هلندي هلندي، هن خوش ٿيندي چيو، ”امان ! انھن پئسن مان اسان دڪان کولينداسين. مان سيڌو سامان وٺڻ بازار ويندس ته پوءِ تون دڪان هلائجان. الله چاهيو ته ڏکيا ڏينھن ڏور ٿيندا ۽ پوءِ اسان به سُکيو ٽُڪر کائينداسين.“ رستو ڏاڍو ڊگھو هيو. ٻه ٽي ڀيرا نڀاڳي بس به خراب ٿي پئي. آباديءَ کان پري جھنگ ۾ رات پئجي وئي. ان ئي گھڙيءَ مان ٻڌو ته هڪ مسافر پنھنجي ساٿيءَ کي چئي رهيو هيو ته اسان خطرناڪ هنڌ تي پھتا آهيون. الله اسان کي انھن کان بچائي.

مان ڊڄي ويس ۽ کانئس پڇيم، ”ادا ! ڪنھن کان الله بچائي.؟ ڪنھن جي ٿا ڳالهه ڪريو؟“

هن وراڻيو، ” مان چورن جا ڳالهه ٿو ڪريان . اسان جنھن جاءِ تان لنگھون پيا، سا ڏاڍي خطرناڪ آهي. هتي وڏي انگ ۾ چور رهندا آهن ۽ اوچتو ڪٿان نڪري اچي گاڏين کي بيھاري مُسافرن کان سڀ ڪجهه ڦُري وٺندا آهن.“

اها ڳالهه ٻڌي، منھنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. اوچتو گولين جو آواز فِصا ۾ گونجڻ لڳو. گاڏي هڪ دم بيھجي وئي. ٻه هٿياربند ماڻھو بَس ۾ اندر چڙهي آيا ۽ ڊرائيور کي هيٺ لاٿائون. منھنجي پُٽ مون کي ڪَن ۾ چيو، “امان ! جلدي ڪر، ليرا ڪڍ. ڪجهه مان ٿو ڳِھان ۽ ڪجهه تون اُگهي ڇڏ، انھن کي بچائڻ جو رڳو اهوئي طريقو ته هي اسان جي پيٽ ۾ هليا وڃن، نه ته سڀئي ڦُرجي ويندا. مان هڪ ليرا کيس ڏنو. هن جھٽ پَٽ اهو وات ۾ وجھي ڳِهي ڇڏيو. هڪ ليرا مان به ڳِهڻ ٿي چاهيو، پر اهو ڪاڪڙي ۾ ڦاسي پيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان آڱر هڻي اهو ٻاهر ڪڍيم. منھنجو پُٽ چوڻ لڳو، ”امان ! ڏي ته سڀئي ڳِهي ڇڏيان. مان هڪ هڪ ڪري کيس ليرا ڏيندي ويس ۽ هو کن پل ۾ ئي ڏهه ليرا ڳِهي ويو.

مون وٽ هڪ ٻيو به بَٽون هيو، جنهن ۾ فرانڪ رکيل هئا، اوندهه جي ڪري، مان انهن کي به ليرا سمجھيو ۽ اُهي پنهنجي پُٽ کي ڏيندي ويس. پوءِ جڏهن کيس ٻڌايم ته اهي لِيرا نه، پر فرانڪ هئا ته هن مون کي ڇڙٻون ڏنيون ۽ پوءِ چيو، ”امان ! وارو ڪر.  وقت ناهي لِيرا ڏي ته اهي به ڳھي وٺان جلدي ڪر جلدي.....“ ۽ پوءِ هو باقي سڀئي ليرا هڪ هڪ ڪر ڳھندو ويو. ان ئي گھڙيءَ خبر پئي ته اها اسان جي چريائپ ۽ اُٻھرائي هئي. اهي چور ڪو نه هئا. انھن جو ڪو ماڻھو بيمار ٿي پيو هو. بس انڪري روڪرائي هئائون ته جيئن اهي بيمار کي شھر کڻي هلن.

منھنجي پُٽ چيو،”امان! تون ڳڻتي نه ڪر. غلطي منھنجي آهي جو مان ليرا اُٻھرائي ڪري ڳِھي ورتا. اهي ليرا ۽ فرانڪ سڀاڻي منھنجي پيٽ مان نڪري ايندا.“ اهو چئي هو کلڻ لڳو.

نيٺ اسان شھر پھچي وياسين. هڪ ڏينھن گذريو، ٻيو ڏينھن گذريو ۽ پوءِ ٽيون ڏينھن به گذري ويو، پر نه ئي ليرا منھنجي پُٽ جي پيٽ مان نڪتا ۽ نه ئي وري فرانڪ ..... نيٺ سندس پيٽ ۾ سُور شروع ٿي ويو. لڳو ٿي ته ڄڻ سندس آنڊا چيرجي رهيا هئا. سُور وگھي جڏهن هو پاسا ورائيندو هيو ته سندس پيٽ مان ليرن ۽ فرانڪ جي کڙڪڻ جو آواز ايندو هيو. ٻارن کي تماشو هٿ اچي ويو. اهي سندس پيٽ تي ڪَن رکي، پئسن جي کَڙڪڻ جو آواز ٻُڌي، وڏا وڏا ٽَھڪ ڏيڻ لڳندا هئا.

اهو ٻُڌي، عدالت ۾ ويٺل ماڻھن ۾ به ٽَھڪارُ مچي ويو.

پوڙهيءَ ڪنڌ ورائي، انھن بي درد ماڻھن کي ڏٺو، جيڪي سندس پُٽ جو دردناڪ داستان ٻُڌي، ٽھڪ ڏئي رهيا هُئا. ٽھڪ بند ٿيا ته هن وري ٻُڌائڻ شروع ڪيو:

” نيٺ تڪليف برداشت کان ٻاهر ٿي وئي، ڊاڪٽرن کيس تپاسيو ۽ پوءِ ٻڌايو ته هن جو آپريشن ڪرڻون پوندو، نه ته هيءُ مَري ويندو.

جج صاحب ! منھنجو پُٽ ڏنڊو ڏوٽو، خوش چڱو ڀلو، پاڻ ئي پنڌ ڪري آپريشن ٿئيٽر ۾ هليو ويو. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مون کي مُئل پُٽ ڏنو ويو.“

اهو چئي، هوءَ دانھون ڪري روئڻ لڳي. جڏهن دل جو بار هلڪو ٿيس ته وري ڳالھائڻ شروع ڪيائين:

”جج صاحب ! مان نيٺ ته ماءُ آهيان، مان پنھنجي هڪڙي پُٽ جو وڍيل ڪَٽيل ۽ چيريل ڦاڙيل لاش ڏسي، منھنجا ته حوصلا ئي خَطا ٿي ويا. مون کان ته ڊاڪٽرن کان اهو پڇڻ به وسري ويو ته اُهي چانديءَ جا لِيرا ۽ فرانڪ ڪيڏانھن ويا، جن جي ڪري اها مصيبت ڀوڳڻي پئي. چوٿين ڏينھن جڏهن منھنجي پُٽ جا معصوم ٻارڙا، منھنجي چوڌاري ويٺي بُک وگھي روئڻ ۽ ٻاڏائڻ لڳا ته ان وقت مون کي لِيرن ۽ فرانڪ جو خيال آيو. مان تڪڙي تڪڙي اسپتال پُھتس ۽ پئسن جي گُھر ڪيم. ڊاڪٽرن ٻه ٽي پائونڊ منھنجي تِريءَ تي رکيا ۽ چيائون ته، ”تنھنجي پُٽ جي پيٽ مان رڳو اهي ئي نڪتا آهن.“

جج صاحب ! مان قسم کڻي چوان ٿي ته ويهه لِيرا هئا ۽ ڏهه فرانڪ هئا. جڏهن پٽ مون کي اهي ڏنا هئا ته مان انھن کي چڱيءَ ريت ڳڻيو هُيو.

فرانڪ ڌاربٽونءَ ۾ ليرا وري ٻئي بٽونءَ ۾ رکيا هئم ۽ مُنھنجو پُٽ، اُنھن کي هِڪ هِڪ ڪري ڳِھي ويو هيو، ته هاڻي توهان مون کي اهو ٻڌايو ته ڏهه فرانڪ ۽ ويهه لِيرا ڪيئن ٻه ٽي پائونڊ ٿي ويا؟

جج صاحب ! مان هڪ غريب ۽ مسڪين عورت آهيان. الله کان سواءِ ۽ توکان سواءِ مُنھنجو ڪو به مددگار ۽ آسرو ڪونھي. مون سان انصاف ڪر ۽ ڏهن جانين کي مَرڻ کان بچاءِ. ها ! مان اهو ٻڌائيندي هَلان ته هفتو کن اڳ مُنھنجي نُنھن کي ٻه جاڙيون ڌيئرون به ڄايون آهن.“

پوڙهيءَ پنھنجي دردن جو داستان پورو ڪيو ته عدالت جي ڪمري ۾ ماٺار ڇانئجي وئي.

پوڙهيءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هُئا. جج هڪدم سوچيو، پوڙهي ويچاري جھنگ جي چورن کان ته پاڻ بچائي آئي، پر هي شھري چور ته....... !

خوشبو بلوچ

 

 

 

ٻُڏل ڳوٺ ڏانهن واپسي

 

”زينو او زينو...!“

احمد ٻاهران ئي گهرواريءَ کي سڏ ڪندو، اسڪول جي ڪيمپ واري ڪمري ۾ داخل ٿيو. سندس اکين جي چمڪ ٻُڌائي رهي هئي ته ضرور وٽس ڪا سُٺي خبر آهي.

”جيءُ جيءُ..!“

زينو جلدي جلدي ۾ احمد کي جواب ڏيندي پڇيو: ”خير ته آهي، ٻاهران ئي پيو سڏيندو اچين. ڪا ڳوٺ جي خبر آهي ڇا؟“

زينو، جيڪا پنھنجي پنجن سالن جي پٽ مريد ۽ ٽن سالن جي ڌيءُ صبيحه کي ڪيمپ مان مليل ماني کارائي رهي هئي.

احمد: ”ها زينو، خبر ئي اهڙي آهي، جو ٻُڌنديئن ته خوش ٿي ويندينءَ.“

زينو: پوءِ تڪڙي ٻُڌاءِ نه، اسان جا ته ڪن ئي سِڪي ويا آهن، ڪا سُٺي خبر ٻڌڻ لاءِ.

احمد: ”خبر هيءَ آهي ته جلدي سامان ٻڌُ ته ڳوٺ هلڻ جي تياري ڪريون. هينئر صالح ڳالھه ڪئي ته رستو کُلي ويو آهي. ڳوٺ مان پاڻي به چڱو خاصو نڪري ويو آهي. سو هل ته هلي پنھنجا ڪکاوان گهر سنڀاليون.“

زينو: ”ائي شُڪر الحمدلله. اها ته وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ٻڌائي اٿئي. مريد جا پيءُ. هتي ڀلي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويٺا آهيون. کاڌو به ٿورو گهڻو ملي پيو، پر پنھنجي گهر جي دال ماني ۽ رُکو ڍوڍو به ڀلو.

مان وڃي ٿي اها خبر حليمه کي ٻڌايان. ڏسون هو ڇا ٿا چون ته جيئن گڏجي نڪرڻ جي ڪجي.“ زينو ته جهڙو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي.

احمد: ”ها! پڇا ڪجائن، پر پھرين ٻارن کي ماني ته پوري کاراءِ.“

احمد کيس ياد ڏياريو ته هوءَ ٻارن کي ماني کارائي رهي هئي.

زينو به کلي ڏنو ۽ ٻارن کي برياني جا  گرهه ٺاهي کارائڻ لڳي. احمد ۽ زينو کي ڪيمپ ۾ آئي مھينو ٿي ويو هو، پرکانئن اها قيامت واري رات، وسري نه هئي.

جڏهن اوچتو ڳوٺ جو بند ٽٽو هو ۽ مٿان وري تيز برسات پئي وسي ۽ هنن ڳوٺ ڇڏيو هو. هر طرف پاڻي ئي پاڻي هو. هراس ۾ ٻارڙا رڙيون ڪري روئي رهيا هئا. عورتون، ٻارڙن کي چُپ ڪرائيندي، پاڻ به روئي رهيون هيون. پاڻيءَ جو وهڪرو تمام تيز هو، جيڪو تيزيءَ سان ڳوٺ طرف وڌندو پئي ويو. سڀني جو خيال هو ته جلد کان جلد ڳوٺ ڇڏي، پڪي روڊ تائين نڪري وڃجي. ان ڀڄ ڊُڪ ۾ جنھن کي جيڪو هٿ پئي آيو کڻي نڪري پئي ويا.

احمد ۽ زينو به تڪڙ تڪڙ ۾ هڪ ننڍي پيتي کنئي، جنھن ۾ ٻارن جا ڪجهه ڪپڙا ۽ ڪجهه ٿانوَ وڌا. احمد جلدي جلدي پيتي ڪڇ ۾ کڻي، هڪ هٿ ۾ ٻڪريءَ جو رسو پڪڙي، پاڻيءَ مان پڪي روڊ ڏانھن روانا ٿيا.

روڊ تي پھچي جھڙو سڀني سُک جو ساهه کنيو، نه ته کين ائين لڳي رهيو هو ته هي پاڻي عزرائيل جو روپ ڌاري، هنن وٽ پھتو آهي. روڊ تي ويٺي کين ٽي چار ڪلاڪ گذري ويا هئا. پر سندن سار لھڻ وارو ڪوبه نه هو. ٻار بُک ۾ روئڻ لڳا ۽ عورتون الڳ پريشان هيون ته آخر ٻارن کي ڪيئن ماٺ ڪرائجي؟

الله الله ڪري سندن وارثي ٿي ۽ کين اسڪول ۾ لڳل ڪيمپ ۾ رهايو ويو. ڪيمپ ۾ جهڙوڪ هر ماڻھو، مسافر هو. کين ڪڏهن کاڌو مليو پئي ته ڪڏهن نه. جيڪڏهن ملي به پيو ته سندن نڙيءَ کان هيٺ نه پيو لھي. پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏڻ ڪو سوَلو ته ناهي....!

ويٺي ويٺي لڙڪ سندن اکين ۾ ڀرجي ٿي آيا ته هڪٻئي کي دلاسا پئي ڏنائون. احمد گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته ڪا مزدوري ملي پوي، جيئن هٿ ٽنگڻ کان بچي وڃون، پر هر ڪنھن کيس مزدوري ڏيڻ کان انڪار پئي ڪيو، وقت گذرندو رهيو. آخر هڪ مھيني کان پوءِ اڄ کين خبر پئي ته ڳوٺ جا سڀئي رستا کُلي ويا آهن ته سڀ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيا. پنھنجي گهر وڃڻ جي خوشيءَ ۾ اها رات، سڀني جاڳي گذاري. صبح جو سويل هڪ اين.جي.او. طرفان بس ڪرائي تي ڏني وئي. سڀ ڏاڍو خوش پئي ٿيا. سڀني پنھنجو پنھنجو سامان، رات جو ئي ٻڌي ڇڏيو هو سامان ڇا هو ڪنھن وٽ هڪ پيتي ته ڪنھن وٽ اها به نه.... انھن جون هڙون پئي ٻڌائون باقي ڪپڙا ۽ ٿورا ٿانوَ ٿپا کين امداد ۾ مليا هئا.

بس خيرن سان رواني ٿي ته سڀني جي تقريباً ساڳي ڪيفيت هئي. هر ڪنھن جون اکيون گذريل ڏکيو وقت ياد ڪري ۽ واپسيءَ جو سوچي، ڪنھن مھل ڏک مان ته ڪنھن مھل خوشيءَ منجهان ڀرجي پئي آيون.

روڊ ٽُٽي پيا هئا. پاڻيءَ کي جڳهه ڏيڻ لاءِ جڳهه جڳهه تي ڏنل ڪَٽن جي ڪري، آسپاس جا سمورا ڳوٺ ٻُڏي ويا هئا. روڊن جي ڪنارن تي ويٺل ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار نھايت مايوس پئي نظر آيا.  اهي سڀ منظر ڏسي، بس ۾ ويٺل هر ماڻھوءَ جي اک اشڪبار هئي.

بس پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ آخر ۾ سندن ڳوٺ پھتي. ڳوٺ ڇا هو بس ڳوٺ جا وڃي آثار بچيا هئا. جيئن جيئن بس مان هرڪو لهندو ٿي ويو، سندس اکيون آليون ٿي پئي ويون.

ٻوڏ، پنھنجو پورو زور ۽ اثر ڏيکاريو هو. ڪيترائي گهر ڊهي پَٽ ٿي ويا هئا، ته ڪيترن گهرن جون ڇتيون ڪري پيون هيون. احمد ۽ زينو  به پنھنجي گهر وڃي پھتا ته سندن اوڇنگارون نڪري ويون. سندن گهر جي اڱڻ ۾ پوکيل نم جو وڻ، هيٺ پٽ تي ڪري پيو هو، جيڪو احمد جي والد شوق سان پوکيو هو، جنھن وڻ جي هيٺان سندس مرحوم امڙ، جنھن جو گذريل سال انتقال ٿي ويو هو، لسي ولوڙي احمد ۽ سندس ٻارن لاءِ مکڻ ڪڍندي هئي.  ان نم جي ڇانوَ هيٺ ئي زينو ۽ سندس سسُ منجهند جو ويھي رليون سبنديون هيون ۽ ٽوپو ڏينديون هيون. آڳنڌ جي ڪنڊ تي ئي رڌڻو ٺھيل هو، سو به ڪري پيو هو. مٽيءَ جي ٺھيل چُلھه، مٽيءَ جو ڍير ٿيل ڏسي، زينوءَ جو هانءُ ئي ويھي رهيو هو. ان ئي رڌڻي ۾ ويھي، سندس سَسُ کيس سانجڻ تيار ڪرڻ سيکاري هئي. اها چُلھه به ان مرحيات جي هٿن جي ٺھيل هئي.

رڌڻي ۾ ڀَڳل ٽُٽل ٿانوَ  ڏسي، آخر زينو به سڏڪي پئي. سندس سڏڪا ٻڌي، احمد ڏانھنس وڌي آيو، کيس ڪُلھي تي هٿ رکي، تسلي ڏيڻ لڳو ته زينو وري روئڻ لڳي.

”مُريد جا پيءُ! ڪيڏي محنت سان چاچِي ۽ مون هي رڌڻو ٺاهيو هو، هڪ هڪ شيءِ ڪيڏي نه پيار ۽ محبت ٺاهي هئيسين. چُلھه جون پڇٽيون ٺاهڻ، چاچِي مرحيات ئي مون کي سيکاريو هو، ڪيئن نه سڀ پٽ ٿي ويون.

ان ۾ سندس محنت کان وڌيڪ محبت هئي، مُريد جا پيءُ هاڻي اها محبت مون کي ڪٿان نصيب ٿيندي...!“

احمد کيس ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيو. کيس ڪلھن کان وٺي، ڪمرن ڏي وٺي ويو. جتي پڻ ساڳي حالت هئي. ٻنھي ڪمرن ۾ پاڻيءَ جا دُٻا هئا. هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي هئي، ٻئي ڪمري جي ڇت ٽمي پئي هئي. سندن هنڌ، کٽون ڀڄي ڀور  ڀور ٿي ويا هئا. زينو اهو سڀ ڪجهه ڏسي، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي، هاڻي ته احمد پڻ روئڻ لڳو هو.

”مُريد جا پيءُ هاڻي ته اسان وٽ نه هنڌ، ٽَپڙ ۽ نه ٿانوَ بچيا آهن. هاڻي ڇا ڪنداسين، ان کان ته ڪيمپ ۾ سهي هئاسين!“

احمد: ”زينو! ڪيمپ ۾ نوٽيس آيو هو ته هنن کي واپس پنھنجن پنھنجن ڳوٺن ڏانھن موڪليو وڃي. اسان اُتي به پراوا هئاسين، ڏسين ڪونه پئي ته سڀني اسان کي جاهل ۽ ڳوٺاڻا پئي چيو.“

زينو: ”ها! پر اها به ته اسان جي پنھنجي سنڌ آهي نه.“

احمد: ”پر اسان جا پنھنجا پير پُختا ناهن، تڏهن پنھنجي ڌرتيءَ تي به ويڳاڻا ٿيا پيا آهيون.“

زينو: ”هاڻي ڇا ٿيندو!؟ منھنجو ته هانءُ ٿو ڦاٽي، پنھنجو گهر ۽ ٻُڏل ڳوٺ ڏسي.“ زينو وري روئڻ لڳي.

احمد: ”روئڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو زينو. اسان سڀني کي ڏسي ۽ پرکي ڇڏيو آهي، جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، هاڻ پاڻ کي ئي ڪرڻو آهي. ٻيھر پنھنجي گهر ۽ ڳوٺ کي سنوارڻو آهي. ۽ مون ته اهو به سوچي ڇڏيو آهي، ته شھر وڃي مزدوري ڪندس ۽ ڳوٺ جي ٻين نوجوانن کي ساڻ ڪري شھر ويندس ۽ اُتي پنھنجا ۽ پنھنجي قوم جا هٿ مضبوط ڪندس.“

ائين چئي، احمد نئين عزم سان اُٿي، گهر جي ڪمرن مان ڪريل ڇت جي مٽي ڪڍڻ ۾ لڳي ويو. اهو ڏسي، زينو به تغاري کڻي مٽي ڪڍڻ ۾ لڳي وئي!

سندن اکيون ڀِنل، پر هڪ نئين عزم سان چمڪي رهيون هيون ۽ سندن مُک تي مُرڪ هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org