پروفيسر رشيده ڀٽي

ماحول ۽ اسان جي صحت
اسان جي چوگرد جيڪو ڪجهه موجود آهي، اِن کي
”ماحول“ سڏجي ٿو. ماحول مان مُراد صرف خوبصورت
منظر نه آهن، پر اُن سان گڏوگڏ، ڪچري جا ڍير، گندو
پاڻي، بنجر، خشڪ، سِم ۽ ڪلراٺي زمين، شور شرابي
سان ڀرپور دونھاٽيل فضا، ڪچيون مِٽيءَ سان ڀريل
ڀڳل ٽُٽل گهٽيون ۽ گَس، ناهموار روڊ رستا، ۽ ماڻھن
جا ميڙ، بي ترتيب هلندڙ موٽر گاڏيون ۽ بغير ڪنھن
قانون جي پاسداري کانسواءِ غير متناسب طور تي
ٽرئفڪ جو نظام، اِهو سڀ ڪجهه اسان جي چوگرد ڦھليل
خراب ماحول جي تصوير پيش ڪري ٿو. جيئن ته ”ماحول“
جي لفظي معنيٰ آهي ”پسگردائي ۾ موجود هر شيءِ“،
جيڪا اسان جي چوڌاري موجود هجي ته پوءِ اسان کي
پنھنجي چوطرف خوبصورت ماحول جي بجاءِ بدصورت ۽
بدنما ماحول، گهڻو ڦھليل نظر اچي ٿو.
اِها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ صنعتي
اِنقلاب ذريعي، ترقي ٿي آهي، پر اُن سان گڏوگڏ،
ڪائنات ۾ ماحول تي منفي اثرات به مرتب ٿيا آهن.
گذريل ڏهاڪن دوران عالمي سطح تي درجه حرارت (گرمي
جو درجو) پڻ وڌيو آهي.
برف جا ذخيرا (گليشيئر) پڻ پگهرجڻ شروع ٿي ويا آهن
۽ ڏينھون ڏينھن، اِن رفتار ۾ تيزي اچي رهي آهي،
جنھن ڪري سمنڊ ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ٿيندي وڃي
پئي. سڄيءَ دُنيا ۾ وبائي بيماريون ڦھلجي رهيون
آهن. سامونڊي طوفان ۽ ٻيون قدرتي آفتون، غذائي
پيداوار ۽ پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ پڻ تبديليون اچي
رهيون آهن، اِهي سڀ جو سڀ بنيادي طور تي گرمي پد
جي وڌڻ جي ڪري وقوع پذير ٿي رهيون آهن ۽ اسان کي
ايندڙ سالن ۾ تشويشناڪ صورتحال کان آگاهه ڪري
رهيون آهن، جن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي
تيار رهڻ گهرجي.

هيءَ صورتحال ته آهي گذريل سالن ۾ اِنسان جي ڪيل
ڪارنامن جو نتيجو، پر جيڪو ڪجهه اڄ جو اِنسان
ماحول کي بگاڙڻ لاءِ ڪري رهيو آهي، سو وري اڃان
وڌيڪ نقصان ده ۽ فطري نظام کي وڌيڪ هاڃو رسائيندڙ
آهي، اِن جا سنگين نتيجا، اسان جو ايندڙ نسل وڌيڪ
ڀوڳيندو.
ملينيم ترقياتي هدف
(Millennium Developmental Goals)
جي حاصل ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ، جيڪڏهن آهي ته صرف ۽
صرف ماحولياتي آلودگي آهي.
ماحولياتي آلودگي جي ڪري ڪجهه نتيجا ته ظاهر ٿي
چڪا آهن، مثال طور: شديد طوفان، سيلاب، غذائي
قلت، فضائي آلودگي، عالمي درجه حرارت ۾ واڌ وغيره.
ايندڙ ڏينھن ۾ سامونڊي طوفانن، زلزلن ۽ اهڙين ٻين
ڪيترين ئي قدرتي آفتن جون پڻ پيشنگويون ٿي رهيون
آهن.
ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين جا جيڪي منفي اثرات
دُنيا تي اثرانداز ٿيندا، تن کي اسان هيٺينءَ ريت
آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا.

اِنساني صحت تي منفي/ ناخوشگوار اثرات:
موسم ۽ ماحول جي تبديليءَ جو ذهني ۽ جسماني صحت
سان براه راست تعلق هوندو آهي. ماحول جي خرابيءَ
ڪري جيڪي خطرا ”صحت“
لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، تن منجهان سرِفھرست
وبائي ۽ خارش جون بيماريون آهن. ڇو ته اِنھن متعدي
بيمارين جو ڦھلجڻ، تمام خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي.
سڄيءَ دنيا ۾ گرم موسم دوران، بيمارين جي ڦھلجڻ جي
شرح وڌي ويندي آهي. مثال طور: مليريا، دستن جي
بيماري، ۽ پيٽ جون ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون،
اهڙيءَ موسم ۾ ڦھلجنديون آهن. بيمارين کي
ڦِھلائيندڙ جيوڙا، جن کي گرم موسم، موافق هوندي
آهي، سي وڌيڪ تيزيءَ سان پرورش حاصل ڪري، تيزيءَ
سان وبائي بيمارين کي ڦھلائيندا آهن.
غذائي قلت به هڪ اهڙي قسم جي وبا آهي، جيڪا
اِمڪاني طور تي ايندڙ سالن ۾ ماحول ۾ تبديليءَ جي
باعث وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. موسميات جي بدلجڻ جو ماحول
تي جيڪو اثر پوي ٿو، تنھن جو سڌوسنئون تعلق، صحت ۽
غذا سان آهي. جڏهن غذائي قلت پيدا ٿي پوي ٿي ته
يقيني طور تي ”صحت“ به ضرور متاثر ٿيندي.
ترقي يافته ملڪن ۾ ته هاڻي کان ئي ايندڙ سالن ۾
موسمي تبديلين سان مقابلي ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي
ويون آهن. عوام تي جيڪي اثرات پوندا، تن جو مقابلو
ڪرڻ لاءِ اُتان جي حڪومتن هاڻي کان ئي رٿابندي ڪري
ڇڏي آهي. يورپي ملڪن ۾ 2003ع ۾ پوندڙ گرمي جي شديد
لھر، مستقبل ۾ ايندڙ تباهيءَ جي هڪ خام تصوير پيش
ڪري ڇڏي هئي، پر جيئن ته اُتي سماجي تحفظ ۽ ٻيا
حڪومتي نظام مضبوط آهن، اِنڪري اِن قسم جي
تبديليءَ جا اثرات زائل ڪيا ويا، اِنڪري ئي ڪي وڏا
غير معمولي نقصان نه ٿيا. پر ترقي پذير ۽ غريب
ملڪن ۾ هن ڳالهه جا اِمڪان وڌيڪ آهن ته اِن قسم جي
صورتحال وڌيڪ سنگين ثابت ٿي سگهي ٿي، اِن جا نتيجا
عوام جي صحت تي شديد منفي اثرات جي صورت ۾ ظاهر
ٿيندا. وڌيڪ خطرو اِن ڳالھه جو آهي ته مھلڪ
بيماريون، وڌيڪ تباهي ڪندڙ ثابت ٿي پونديون ۽
تباهه ڪارين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو.
هِن وقت سڄيءَ دنيا ۾ ڏهه لکن کان وڌيڪ ماڻھو
مليريا جي ڪري مري وڃن ٿا. اقوامِ متحده جي انگن
اکرن مطابق ايندڙ سالن ۾ هن بيماريءَ کان متاثرين
جو تعداد لکن کان وڌي، ڪروڙن تائين پھچڻ جو انديشو
آهي. هڪ رپورٽ مطابق، اِهو تعداد ٻاويھه ڪروڙن کان
چاليھه ڪروڙن تائين ٿي سگهي ٿو، نه صرف اِهو ته هن
بيماريءَ جي شرح ۾ اضافو متوقع آهي، پر گڏوگڏ، هن
جي ڦھلجڻ ۾ به غير معمولي واڌ (تيزي) اچڻ جو پڻ
امڪان وڌي ويو آهي. اهڙيءَ طرح (دستن) جي بيماري
پڻ هر سال، ارڙهن لک ماڻھن جي جان وٺي سگهي ٿي.
غذائي قلت:
ماحولياتي تبديلين جي ڪري، مختلف علائقن ۾ بارش،
درجه حرارت ۽ پاڻيءَ جي موجودگي يعني دستيابيءَ تي
پڻ منفي اثرات پوندا. مثال جي طور تي هڪ اندازي
موجب، ماحوليات ۾ مسلسل تبديلين جي باعث اِن ڳالھه
جو مڪمل طور تي اِمڪان آهي ته آفريڪا جي اُنھن
علائقن ۾ جتي قحط ڦھليل آهي، 2060ع تائين، ڇھن کان
نَو ڪروڙ سيڪٽر جو اضافو ٿي ويندو. ايندڙ سالن ۾
جن علائقن ۾ غذائي قلت جو شديد اِمڪان ظاهر ڪيو
ويو آهي، تن ۾ جنوبي (ڏکڻ) ايشيا ۾ شامل آهي.
پاڪستان، ڏکڻ ايشيا ۾ شامل ملڪن منجهان هڪ آهي. هڪ
اندازي موجب، جيڪڏهن عالمي درجه حرارت ۽ اضافي جي
رفتار ائين ساڳي برقرار رهي ته پوءِ سڄي دنيا ۾
غذائي قلت جو شڪار ٿيندڙ عوام جو تعداد 2080ع
تائين، وڌي سٺ ڪروڙ ٿي ويندو.
پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ ناموافق تبديليون:
ماحول ۾ تبديلين جي باعث پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ به غير
معمولي تبديليون اچي رهيون آهن، ڪٿي ته اِهي ذخيرا
بلڪل ختم ٿي رهيا آهن ته ڪٿي وري اِنھن ذخيرن ۾
اضافي جي باعث، تباهي ڦھلجي رهي آهي ۽ مجموعي طور
تي نقصان جو باعث بڻجي رهيا آهن.
هڪ اندازي موجب سڄيءَ دنيا ۾ پاڻيءَ جي ڪميءَ جو
شڪار ماڻھن جو تعداد 2080ع تائين، هڪ بلين اسي ارب
تائين وڌي سگهي ٿو. هن ۾ ڏاکڻي ايشيا سميت، جنھن ۾
پاڪستان به شامل آهي، وسطي ايشيا، ڏاکڻو چين، ۽
ٻيا ڪيترائي علائقا به شامل آهن. سلسلهءِ ڪوهه
هماليه ۾ برف جا ذخيرا يعني گليشيئر پگهرجي رهيا
آهن، ۽ تمام تيزيءَ سان پگهرجي رهيا آهن، اقوامِ
متحده جي انگن اکرن مطابق، هي برفاني ذخيرا، هر
سال ڏهن کان پندرنھن ميٽرن تائين گهٽجي رهيا آهن.
هنن برفاني ذخيرن جي پگهرجڻ جي نتيجي ۾ ايندڙ سالن
۾ ايشيا جي ست وڏن درياهن ۾ شديد سيلابن جي
پيشنگوئي ڪئي پئي وڃي.
سمنڊ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ اضافو ۽ موسمي تبديليون:
اقوامِ متحده جي انگن ۽ اکرن مطابق سڄيءَ دنيا
اندر، سمنڊ جي پاڻيءَ جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي
رهيو آهي. اِن جو سبب، گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري،
برفاني ڇِپن جو پگهرجڻ آهي. گليشيئر پگهرجڻ جا
اثرات يقيناً درياهن جي وهڪرن تي به پوندا ۽
سيلابي صورتحال اختيار ڪندا. اِهو پڻ اندازو لڳايو
ويو آهي ته مجموعي طور تي ٽيٽيھه ڪروڙ ماڻھو،
مستقل يا عارضي طور تي بي گهر، يا نڪرڻ تي مجبور
ٿي پوندا. اِن ۾ بنگلاديش ۾ ست ڪروڙ، مصر ۾ سٺ لک
۽ ويٽنام ۾ ٻه ڪروڙ ويھه لک ماڻھو، اِنھن تبديلين
جي ڪري متاثر ٿيندا.
سمنڊن ۾ موجود ننڍن ننڍن جزيرن تي آباد ماڻھو،
اِنھن تبديلين جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيندا.
هن وقت سڄيءَ دنيا ۾ چوٽيھه ڪروڙ چاليھه لک ماڻھو،
سامونڊي طوفان جي رخ تي آهن. جڏهن ته ايندڙ وقتن ۾
اِنھن طوفانن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جي اڳڪٿي پئي ڪئي
وڃي. هن وقت هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻھو، اهڙين جڳهن تي
رهي رهيا آهن، جتي هر وقت سڀ کان وڌيڪ سامونڊي
طوفانن جو امڪان موجود رهي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ خراب
اثرات مرتب ٿيڻ جو خدشو آهي. جھڙيءَ طرح ساحلي ۽
نشيبي علائقا وغيره، ڪجهه سال پھريان آزاد ڄمون ۽
ڪشمير جي علائقي ۾ زلزلي جي باعث ٿيندڙ تباهي جي
نتيجي ۾ هزارين ماڻھو مري ويا هئا. جيتوڻيڪ
تباهيءَ جو شڪار ٿيل ماڻھو، گهڻي ڀاڱي مٽيءَ جون
ڇِپون ۽ ڳرا پٿر ڪِرڻ سبب، هلاڪ ٿيا. جڏهن ته وڻ
جي بي حساب ڪٽائي جي ڪري، مٽيءَ جي ڪٽائو ۾ اضافو
ٿيو ۽ اوتري ئي پيماني تي تباهي ڦھلجي وئي. موسمن
۾ رونما ٿيندڙ تبديليون، انساني صحت تي نھايت ئي
خراب اثرات وجهن ٿيون ۽ ڪيترائي بُرا اثرات ظاهر
ٿي سگهن ٿا.
اِنھن خراب اثرات جو ذڪر ڪجهه هن ريت آهي:
(1)
سردي ۽ گرميءَ ۾ غيرمعمولي اضافو، ڪيترين ئي مھلڪ
بيمارين جو باعث بڻجي سگهي ٿو، مثال طور: گَردن
ٽوڙ بخار، ساهه ۽ دل جون بيماريون وغيره.
(2)
شھرن ۾ گهٽيل ماحول ڪري، گرم هوا ۽ آبھوا ۾ آلودگي
جمع ٿي، ڌُنڌ جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي. اِن
قسم جي ڌُنڌ، ڪيترن ئي ڏينھن تائين، فضا کي پنھنجي
لپيٽ ۾ رکندي آهي، جنھن جي ڪري ڪيترين ئي قسمن جون
بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
(3)
وبائي بيمارين جي ڦھلجڻ ۾ پڻ غيرمعمولي اضافو ٿي
سگهي ٿو، ڇو ته گرم ۽ گهميل ماحول مختلف قسمن جي
جراثيم کي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. عالمي سطح
تي وڌندڙ گرمي پد جي ڪري، بارشن ۽ سامونڊي طوفانن
۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنھن جي ڪري آفريڪا ۽
ٻين علائقن ۾ وبائي مرض پڻ منھن ڪڍيو آهي.
(4)
مھلڪ ۽ خطرناڪ بيمارين جو وڌڻ به گرمي پد ۾ اضافي
جي باعث وقوع پذير ٿي رهيو آهي. مثال طور مليريا ۽
هيضي جي بيماري، گرم گهميل آبھوا وارن علائقن ۾
نشوونما وٺندڙ جيوڙن جي باعث پيدا ٿينديون آهن.
(5)
صرف هڪ ”صحت“ نه، پر گرمي پد جي وڌڻ ڪري، پيدا
ٿيندڙ موسمي تبديلين جو اثر سڌوسنئون انساني
ترقيءَ تي پئجي رهيو آهي، جن علائقن ۾ پھريائين
غربت، مفلسي ۽ بيروزگاريءَ جي باعث موجود آهي،
اُتي اِهي موسمي تبديليون وڌيڪ منفي نتيسجا ڏيئي
رهيون آهن.
ماحولياتي تبديليءَ
سان، موسمن تي پوندڙ اثرات ۽ گڏوگڏ متاثر ٿيندڙ
تعليمي نظام
جيئن ته اڄڪلهه نه صرف پاڪستان، پر دنيا جي ڪيترن
ئي ملڪن/ علائقن ۾ ڌنڌ جي موجودگي هڪ وڏو مسئلو
بڻجي وئي آهي. انڪري اچو ته هن ڪائنات جي هڪ اهم
گرهه يعني (ڌرتي) کي بچائڻ وارو هڪ ئي مقصد طئه
ڪريون. هيءُ جملو آذربائيجان جي شھر ”باڪو“ ۾
ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪاپ 29) جي دوران مختلف ملڪن
جي سربراهن جي طرفان صنعتي ملڪن تي تنقيد ڪندي،
بار بار دهرايو ويو آهي.
هيءَ ڪانفرنس 11 نومبر کان شروع ٿي، 22 نومبر
تائين هلندي رهي. هن ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جا
سربراهه، هزارين نمائنده، مبصر، ڏاها ۽ ماحوليات
جا ماهر، پنھنجي پنھنجي سوچ تحت شامل ٿيا. دنيا جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود سموري انسانذات جون اکيون، هن
ڪانفرنس جي نتيجين تي اٽڪيل آهن. ان جو خاص بنيادي
سبب، اهو آهي ته اسين سڀ اهو سمجهون ٿا ته
ماحوياتي تبديليون يا موسمياتي تبديليون، هن
ڌرتيءَ تي ۽ ان تي رهندڙ سمورن ساهوارن (انسانن
جانورن توڙي وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن) جي جياپي لاءِ نھايت
ئي ضروري آهن. ڇو ته اهي سموريون تبديليون
ساهوارن جي بقاءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪيون
آهن. تنھنڪري هر ملڪ، پنھنجي پنهنجي فطري ماحول
کي زير نظر رکندي، پنهنجو الڳ الڳ موقف رکي رهيو
آهي. گرين هائوس ”گئسون“ هڪڙا ملڪ خارج ڪن ٿا.
جيڪي گلوبل وارمنگ جا ذميوار آهن ۽ ڀوڳين وري
غريب دنيا جا ملڪ ٿا. انڪري ئي هن ڪانفرنس دوران،
اهو موقف سختيءَ سان پيش ڪيو ويو، ته انھن
ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي ذميواري، سڀني
ملڪن تي هڪ جهڙي هئڻ گهرجي. ۽ ان ڳالهه تي سڀ متفق
ٿي بيھن ۽ هڪ نقطي تي سڀ مضبوطيءَ سان عمل پيرا
ٿين. وزيراعظم مياموٽلي جي مطابق اچو ته گڏجي ڪري،
هن ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ ۽ انساني جيئڻ جي وسيلن
کي بچائڻ جي لاءِ هڪ ئي مقصد طئه ڪريون. جيئن ته
صنعتي گدلاڻ جي ڪري، ماحولياتي تبديليون رونما ٿين
ٿيون. انھن تبديلين جي ڪري، موسمن تي پڻ سڌو سنئون
اثر پئجي رهيو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو
”گرمي پد“ تمام گهڻو وڌي رهيو آهي. گرم موسم جي
لڳاتار موجود هجڻ جي ڪري، برف جا ذخيره رِجي ڪري
پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. مجموعي طور تي عام
گرمي پد وڌيل رهڻ لڳو آهي.
ڪيترائي ملڪ گرميءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. جن ۾
چين پڻ شامل آهي. خاص طور تي بنگلاديش ۾ پڻ گرمي
پد تمام وڌي ويو آهي. صنعتي ملڪ، عالمي گلوبل
وارمنگ ۽ ڪاربن خارج ڪرڻ سببان، ٻين غريب خاص طور
تي زراعت تي هلندڙ ملڪن لاءِ خطرا تمام وڌي ويا
آهن. هن وقت بنگلاديش جو موسمياتي تبديلين جي اثر
هيٺ ”حساس“ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ان ملڪ جي 17
سيڪڙو ايراضي ايندڙ وقت ۾ سمنڊ جي چاڙهه جو شڪار
ٿيڻ واري آهي. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ پڻ
عالمي موسمياتي تبديليءَ جا تمام گهڻا اثرات پئجي
رهيا آهن. وڌندڙ صنعتڪاري، گاڏين جو تعداد، هٿيار،
جنگيون، وڻن جي واڍي، پلاسٽڪ جو گهڻو استعمال ۽
ٻيا به ڪيترائي ان جا سبب آهن. اسان وٽ هن وقت
”سيارو“ اچي ويندو آهي، جيڪو اڃا تائين ڪو خاص طرح
سان نه پيو نظر اچي ۽ گرميءَ وارو ماحول لڳو پيو
آهي.
موسمن جي تبديلين جو ٻين ڳالھين سان گڏوگڏ،
”تعليمي عمل“ تي پڻ تمام گهڻو اثر پئجي رهيو آهي.
سال جي 12 مھينن منجهان چار مھينا ته موڪلن ۾ ختم
ٿي وڃن ٿا. باقي جيڪو وقت بچي ٿو، انھن منجهان
ڪجهه امتحان وٺڻ جي حوالي ٿين ٿا. جڏهن باقي رهيل
چار يا پنج مھينا وڃي باقي بچن ٿا، جن منجهه
پڙهائي ڪرائي وڃي ٿي. انھن مھينن جي دوران به موسم
جي سخت ترين، يعني گرم ترين، سرد ترين ۽ برساتن
واري موسم دوران پڻ موڪلون ٿي وڃن ٿيون. اڄڪلھه
اسڪولن ۾ سرڪاري طور هفتي ۾ ٻه ڏينھن لازمي موڪل
پڻ ڪئي ويندي آهي. سو اهو اهڙو ته گنڀير مسئلو ٿي
ويو آهي، جنهن جو سڌو سنئون تعلق اسان جي معاشري
تي برو اثر وجهي رهيو آهي. شهرن ۾ ته انٽرنيٽ
وغيره جي سھولت سببان، ٻار ”آن لائن“ ڪجهه نه ڪجهه
حاصل ڪري وٺن ٿا. پر ڳوٺن ۾ ته اهڙي ڪابه سھولت
موجود نه آهي. آئنده ايندڙ وقت ۾ اسان جي حڪمرانن
جي پھرين ترجيح، وقت ۽ حالتن پٽاندڙ، اسڪول جا
موڪلن جا ڏهاڙا توڙي ٻين سھولتن جي مھيا ڪرڻ تي
غور ويچار ڪرڻ گهرجي. جيئن وقت ۽ حالتن مطابق،
اسان پنھنجي نئين نسل کي اڳتي جي ايندڙ حالتن
مطابق تيار ڪري سگهون. حاصل مطلب اهو آهي ته
ماحولياتي۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ
خطرناڪ ”ڌنڌ“، يعني ”فوگ
Fog“
جنھن کي سموگ سڏيو وڃي ٿو. ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ
جيڪو ٿي سگهي اسان کي گڏجي ڪري، ڪرڻ گهرجي.
سموگ (Smog)
هاڻي اچو ته ڏسون ته سموگ ڇا آهي؟ سموگ دراصل ٽن
اکرن جو مرڪب آهي.
Smok
(دونهون)
Fog
(ڌنڌ) ۽
Dust
(مٽِي) سان گڏوگڏ، ٻيون ڪيتريون ئي هوا ۾ مليل
غلاظتون وغيره شامل آهن. جن جي ڪري ئي ڪيتريون ئي
مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. خاص طور تي صحت جي حوالي
سان، تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا. جھڙيءَ ريت
اسان ڏسون ٿا ته ساهه کڻڻ جي تڪليف، ساهه ۾ سوڙهه
محسوس ڪرڻ، مجموعي طور تي، جن کي اسان (Respiratory
Problems)
جي ذمري ۾ آڻيون ٿا. مثال طور: اسٿما، اکين جي
اندر ڳاڙهاڻ پيدا ٿيڻ، خارش ٿيڻ، جنھن کي آءِ
اريٽيشن به سڏيو وڃي ٿو. ڦڦڙن ۾ انفيڪشن، وغيره.
ان قسم جي آلوده غلاظتن سان ڀريل هوا، اسان جي گهر
جي اندر، در درين منجهان اندر داخل ٿي، گهر جي فضا
کي آلوده بڻائي ٿي ۽ اسان کي بيمار ڪري وجهي ٿي.
انڪري اهڙي ماحول جي مد نظر، در ۽ درين کي بند رکڻ
جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اسان کي ان قسم جي صورتحال کي
ڪيئن منھن ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ اسان کي هيٺيان
اُپاءَ وٺڻ گهرجن.
1.
گهرن جي اندر گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ گهرجي. ان
لاءِ اسان کي غير ضروري طور تي هروڀرو ٻاهر نڪرڻ
نه گهرجي. جيستائين موسم جي صورتحال نه بدلجي،
تيستائين در ۽ دريون وغيره بند رکڻ گهرجن.
2.
جڏهن ضروري ڪم ڪار سان ٻاهر نڪرجي ته پنھنجي منھن
کي ماسڪ سان ڍڪجي ۽ اکين جي حفاظت لاءِ چشمو پائڻ
گهرجي. اهڙيءَ طرح توهان پنھنجو پاڻ کي ’سموگ‘ جي
زهريلن اثرات کان پاڻ بچائي سگهو ٿا.
3.
گهٽ ۾ گهٽ 8 گلاس پاڻيءَ جا ڏينھن ۾ ضرور پيئڻ
گهرجن. ڪوڪا ڪولا ٽائيپ جون بوتلون ۽ ٿڌي پاڻي
پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
4.
ننڍن ٻارن جي خاص طور تي حفاظت ڪرڻ گهرجي، گڏوگڏ
وڏي عمر جي پوڙهن ۽ خاص طور تي مريض جو خيال رکڻ
گهرجي. مثال طور دل ۽ ڦڦڙن جي عارضي ۾ مبتلا مريضن
جو خاص خيال رکڻ بيحد ضروري آهي.
سموگ نه رڳو هوا کي آلوده ڪري ٿي، پر انساني صحت
تي پڻ سنگين اثر ڇڏي ٿي. سموگ سبب، سج جي روشني
گهٽ ٿي وڃي ٿي. جنھن سان فصلن جي پوکي ۽ (فوٽو
سيٿيسز
Photo synthesis)
وارو عمل به گهٽجي وڃڻ سببان، زرعي پيداوار تي پڻ
خراب اثر مرتب ٿين ٿا. زرعي پيداوار ۽ غذائي کوٽ
سبب، ڪيترائي ڪاروباري ڪم رڪجي وڃن ٿا. ڪارونھواري
توڙي سماجي تعلقاتن تي پڻ برو اثر پوي ٿو. انڪري
سموگ جي مسئلي کي حڪومت ۽ عوام کي گڏيل طور ڪم
ڪرڻو پوندو ۽ ٻاهرين دنيا کي پڻ. سڀئي ملڪ جڏهن
ڪنھن خاص نقطي تي گڏ ٿيندا ته پوءِ انسانذات، هن
گنڀير مسئلي جو حل ڳولي ڪڍندي. جيئن ته پاڪستان هڪ
زرعي ملڪ آهي. انڪري زرعي ميدان ۾ گهٽتائي اچڻ
سان، ملڪي معيشت تي تمام برو اثر پئجي سگهي ٿو.
|