سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

شاعري

صفحو :7

 

روبينه ابڙو

غزل

 

مان اُجهامي ڪِران، تون تي ٻارجان.

مهنجون  ڪوتائون، جيسين مان ٻيهر وَران.

 

آخري آخري گيت جيڪو بچي،

تنهن کي جُهونگارجان تون، پيو ڳائجان

 

ٿورو اوسيئڙو، ڍوليا، ڍوليا،

روپ ٻيو ڪو وٺي مان اجهو ٿي اچان.

 

هاءِ، لهجا سڀئي تنهنجا لهجا لڳن،

تو چيو ڏور ٿي ڪين، تون سارجان.

 

سوچ، جذبا وچن ٿو اڏاري وڃي،

اوچتو اوچتو وقت واچوڙي جان.

 

پاڻ سان رات ساري تو ڳالهائيو،

ماٺِ تنهنجيءَ منجهان آءُ سمجهي وڃان

 

جي نه مان سڏ ڏيان، جي نه موٽي سگهان

مان فنا ٿي ويس، تون نه اينءَ سمجهجان.

 

ناز توتي ڪندي سنڌ صديون پئي،

هڪ دفعو جند تون تنهن مٿان وارجان.

 

منهنجي گيتن اندر آهي اَمرت ڀريل،

ڪين ڪڏهن پِرين سو ته تون هارجان.

 

سوچ نڪري وئي ذهن جي قيد مان،

ڪنهن چيئي سوچ جي حدّ اورانگهجان.

 

تنهنجي آڏو اچن، راهه روڪي وجهن،

ڏونگرن سان ڪٺي ڏيل ڀي ڏارجان.

 

 

 

صفيه ڪنول ابڙو

(آزاد نظم)

برکا رات

وسندڙ مينهن ڪڻين ۾،

ڄڻ ڪي درد ٻولين ٿا؛

آشائون سڏڪا بڻجي،

برکا رات جي ڪرندڙ قطرن جي جلترنگ ۾

گونجن ٿيون:

۽ اهي آلاپ،

 يادن جي نگر ۾،

اڃايل پکين جيان ڀٽڪن ٿا.

***


 

 

فياض مهر

عشق...؟

 وصل جون چند گهڙيون

۽

وڇوڙي جي طويل

اکٽ رات.

مون ڌرتيءَ جي

هر انچ تي

جتي ڪٿي

 

تنهنجا خواب

تنهنجون يادون

پوکي ڇڏيون آهن

جڏهن اُهي ڦُٽي

وڻ ٿينديون

ته مان

انهن جي  ڇانو ۾

پنهنجو ٿڪ ڀڃندس

۽ نيڻ ٺاريندس.


 

 

راهي چنا

(نظم)

منهنجو ابو

: منهنجو ابو وڏو ليکڪ آهي:

هر وقت اسٽيج تي تقريرون ڪري ٿو،

۽ ڏاڍا شعر پڙهي ٿو، وڏا ليک لکي ٿو

عورتن جي حقن ۽ آزاديءَ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪري ٿو:

وڏو روشن خيال ۽ اصول پرست آهي،

عورتن جي آزاديءَ جو علمبردار ٿو سڏجي.

 

ليڪن اڄ تائين،

هُن ڪڏهن پنهنجي گهر ۾،

منهنجن ڪارن وارن ۾،

چانديءَ جي تارن کي چمڪندي ناهي ڏٺو:

منهنجي مک تي پيل گُهنج ناهن ڏٺا:

۽ سرد راتين جي سانت ۾،

مون کي سگريٽ جيان دکندي ناهي ڏٺو.

 

پوءِ به هو عورت جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو:

ڪيڏي نه لٻاڙ هڻي ٿو،

منهنجو ابو!

وڏو ليکڪ آهي،

هر وقت اسٽيج تي تقريرون ڪري ٿو،

 وڏا وڏا ليک لکي ٿو،

عورت جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو

: منهنجو ابُو!‎‎‎‎

 

 

 

خليل عارف سومرو

وائي

ڄامل جو ڄائي، ڏاڏيس ڏمرجي پَئي.

اڳي ٽي ٿوريون هيون، چوٿين به آئي...

”پڻهين بس ٻي پرڻبو، ٻُڌئي، ڄَمندڙ مائي...

ڄامُل ماءُ پئي سوچي؛ ”مون ته ناهه بڻائي“!...

جئن جئن ٿي ننڍڙيءَ رُنو، تئن ٿي آيس تائي..

پوٽو ڏئي ها ڀل خدا، پوٽي ڇو ڄائي...

الله آدم سان گهڏ، حوا ڇو بنائي...

 

 

 

عزيز ڪنگراڻي

وائي

هيڪل آءُ، سَکِي!

  ڪنڌي ڀانيان ڪوڙڪي.

ڪانڌ پڄاڻا ڪاڇي ۾، گهڙي گهڙي ڇَسِي...

پورهئي ڪارڻ ويو پري، لُونءَ لُونءَ لوري لَڳي...

هيل آ سانوڻ سوڳ ۾، تَرَ ۾ توئنس تَنگِي...

 هُن سين روح رهاڻ ۾، ڦَٽن ڪاڻ ڦَڪِي...

شال وري هُو سيگهه سان، يادن آءُ. ڪَکِي...

ايندو نيٺ ”عزيز“ هُو، پيار جي پَت رکِي...


 

 

معشوق ڌاريجو

وائي

هو ڪالهه ڪُٺي،

ڪاريءِ جي الزام ۾.

ننڍي نيٽي نينگري، آهي موت جَهٽي..

ڪنڌ ڪهاڙيءَ آ ڪُٺو، ڌڙ کان ڌار سسي...

ٻهراڙيءَ جي ٿي لڳي، وينگس، يارَ، پئي...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com