عورتن جا حق
وزيراعظم
پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو، عورتن جي تعليمي ۽
معاشي بدحالي دور ڪرڻ لا۽
عورتن کي برابري جا حق ڏيڻ لاءِ زور ڀريو آهي ۽
چيو آهي ته هڪ اهڙو جامع پروگرام تيار ڪيو وڃي،
جنهن سان مسئلا حل ڪري، سندن زندگي بهتر بنائي
سگهجي. ان ڏس ۾ محترمه بينظير ڀٽو ”وومين ڪميشن“
قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن سرڪاري ملازمتن ۽
عورتن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، ۽”وومين
بئنڪ“ جون وڌيڪ شاخون قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو
آهي، عورتن کي انصاف پلئه وجهڻ لاءِ هن جدا
عدالتون قائم ڪرڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو آهي،
هونئن،
عورت هجڻ جي ناتي، جيڪڏهن اسان جي وزيراعظم
عورتن
جي
ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه
سوچي ۽ ڪري ٿي ته اها سڀاويڪ
آهي. پر جيڪڏهن انصافي
انصاف ڏٺو وڃي ته پوءِ خود مردن کي به مڃڻو پوندو
ته عورت، ۽ خاص ڪري اسان جي ملڪ جي عورت، بيحد
مجبور ۽ مظلوم آهي. جيتوڻيڪ وقت جي اٿل پٿل سان
سجاڳيءَ جي لهر هر هنڌ پهچي رهي آهي، پر تڏهن به
عورتن جي آدمشماريءَ جو ڪو ٿورو ئي حصو آهي،جيڪو
زندگيءَ جي سهولتن کي ويجهو ۽ آسودو آهي. باقي
سندن وڏيءَ آباديءَ کي ته
پنهنجن سماجي حقن جي به ڪا خبر ئي ڪانهي، اهي ته
ايترو به نٿيون جاڻن ته سندن گهرن جي ڀتين ۽ لوڙهن
کان ٻاهر ڇا وهي واپري رهيو آهي، سو، عورت جيڪا
زال، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهي، مڙني مردن تي به اهو
حق رکي
ٿي ته کيس هاڻي سندس سماجي حق ٻُڌايا وڃن، ۽ اهي
ڏنا ۽ وٺي ڏنا وڃن. خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي عورتن جي
مدد ٿيڻ کپي، جنهن لاءِ سندن شهري ڀينرن جون
رضاڪار جماعتون ڪارائتو ڪم ڪري سگهن ٿيون، جتي
اهڙيون تنظيمون موجود نه آهن،ا تي به ضرورت آهر
اهي وجود ۾ اچڻ کپن، جيڪي اٻوجهه، ڏکويل ۽ بيوس
ڳوٺاڻين جي سهائتا ڪن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ
عورتن جي بئنڪن، عدالتن ۽ ڪميشن جا اصل فائدا
محدود ٿي ويندا ۽ خاص ڪري سنڌ
جي پوئتي ڌڪيل علائقي جون عورتون سرڪار جي پيدا
ڪيل انهن موقعن کان محروم رهجي وينديون.
”سرتيون“ جو نئون روپ
هن پرچي
کان، ”سرتيون“ کي ماهوار بنائي پيش ڪري رهيا
آهيون، اميد ته نئين سال کان سندس اهونئون روپ
اوهان کي پسند ايندو،ا سان جي ڪوشش رهندي ته
”سرتيون“ جي انهيءَ نئين روپ کي هر ڀيري نوان
سينگار ڏيئي پيش ڪريون،
۽ پڪ اٿئون ته اسان جا مهربان
پڙهندڙ
۽
لکندڙ، ڀائر ۽ ڀينرون، پنهنجو سهڪار ساڳيءَ ريت
جاري رکندا.
نئين سال
جي مبارڪن سان گڏ، ڌڻيءَ در دعا آهي ته سنڌ جي
سرتين لاءِ هي سال سڀاڳو ثابت ٿئي ۽ اهي وقت جي
واٽ تي اڳڀريون ٿي هلڻ جي سگهه پاڻ ۾ پيدا ڪري
سگهن.
گلبدن جاويد مرزا
ڊاڪٽر فهميده حسين
عورت
ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود
انساني
تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي
ته
انسان پنهنجي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي عورت ۽
مرد جي روپن ۾ هميشه هڪٻئي سان سلهاڙيل رهيا آهن
انسان جا اهي ٻئي روپ گڏجي سندس مڪمل وجود جي
تشڪيل ڪن ٿا ڪوبه هڪ ٻئي کان سواءِ مڪمل چئي نٿو
سگهجي هنن گڏجي انساني نسل اپايا ۽ نپايا آهن انهن
جي پرگهور لڌي آهي انهن کي اڳتي وڌايو ۽ ترقي
ڪرائي آهي جيتوڻيڪ حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب اڄ
عورت دنيا جي تقريبن سڀني سماجن ۾ پٺٽي نظر اچي ٿي
۽ دنيا جي سمورن وسيلن تي مرد قابض نظر اچي ٿو پر
تڏهن به اينٿرا پالاجي(anthropology)
يا علم الانسان جا ماهر جيڪا سندن ارتقا ڏيکارين
ٿا، تنهن ۾ عورت جي پورهئي جو پڙ ڳرو نظر اچي ٿو.
جيڪڏهن غير جانبداريءَ ۽ انصاف سان ڏسبو ته
اهاڳالهه مڃڻي پوندي ته ابتدائي وحشي انسان کي
تهذيب ۽ تمدن سيکارڻ واري عورت ئي هئي ۽ هن جو
ڪردار مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال رهيو آهي. هڪ بي
رحم ۽ وحشي جانور کي ماڻهپي ۾ آڻيندڙ عورت ئي رهي
آهي.
اڄ
جي سائنسي ترقي جي معراج تي
پهتل
انسان کي ان جو بنياد عورت وجهي ڏنو ۽ جيڪڏهن
تاريخ جي ڪنهن ظالم دور ۾ مٿس اهي پابنديون نه پون
ها، جيڪي هن وقت هوءَ لاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ڪو شڪ
ناهي ته انسان اڄ
کان وڌيڪ مهذب ۽ ترقي يافته هجي ها. سندس ڪاميابين
۽ ڪارنامن کي ڳڻپ ۾ آڻجي ته ٿلهي ليکي ائين چئي
سگهجي تو ته عورت انسان کي ماڻهپو
سيکاريو، تهذيب ۽ تمدن سيکاريو، هن تن ڍڪڻ جو
هنر ايجاد ڪيو، انسان جي علاج جي لاءِ جڙي ٻوٽين
جوا ستعمال ڪري ابتدائي طب جي پيڙهه وڌي، وڻن ٻوٽن
مان خوراڪ ۽ ٻيون زندگيءَ جون ضرورتون حاصل ڪرڻ جي
شروعات ڪئي ۽ ائين زراعت جو بنياد وڌو بنيادي هٿ
جا ڪم ۽ هنر ايجاد ڪيائين، وهٽ ڌارڻ ۽ انهن جي
خدمت چاڪري ڪرڻ، منجهائن گوشت، کير،بيدا ۽ چمڙو
حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ماءُ جي حيثيت ۾ بنيادي
تربيت ۽ شعور ڏيڻ واري به اها ئي هستي هئي، جنهن
کيس مختلف فضيلتون سيکاريون ۽ انسانن جي وچ ۾ رهڻ
جهڙو انسان بنايو.
اهي سڀ
ڳالهيون مفروضن تي بيٺل ڪونه آهن، انهن جي ثابتيءَ
۾د ليل به ڏيئي سگهجن ٿا.
پهريون
مثال لباس جو وٺجي ته اهو هر ڪو
ڄاڻي
ٿو ته بنيادي انسان جهنگن ۾ اگهاڙو رهندو هو ۽ هو
جانورن کان ڪنهن به ريت مختلف ڪونه هو، گرمي
سرديءَ جي شدت کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريائين
مائرن
پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي ڪکن پنن سان ڍڪيو هوندو، ڪي
وڏا پن پاڻ ويڙهيا هوندائون ۽ پوءِ مردن به ائين
ڪيو هوندو. پر اها هڪ عارضي شيءَ هئي. پوءِ شڪار
ڪري آندل جانورن جون کلون سڪائي انهن کي ڪتب آندو
هوندائون، مرد ظاهر آهي ته شڪار ڪيل جانور جي گوشت
کائڻ سان ئي واسطو رکندا هوندا. جڏهن ته زالن انهن
کلن کي اُس ۾ سڪڻ کان پوءِ جنهن حالت ۾ ڏٺو اهاکين
ان جي لباس طور استعمال لاءِ مناسب لڳي هوندي. ڪو
وقت اهي کلون استعمال ٿيون هونديون، پوءِ کين
جانورن جي کلن مٿان چڙهيل وارن يا ڪپهه جهڙن ٻوٽن
مان ڌاڳا وٽڻ جو خيال آيو هوندو ۽ ائين هنن ڌاڳو
وٽڻ لاءِ نڙانڊيون، اوبڻيون
۽ ائٽ ايجاد ڪيا هوندا.
عورت
جوائٽ سان تمام پراڻو تعلق آهي ۽ ائين ڪپڙو
اڻڻ جي ابتدا ٿي هوندي ۽ اگهاڙي انسان تن ڍڪيو
هوندو.
وري
اچو ته عورت جي طب جي ابتدائي ڪردار کي ڏسون. اڄ
به اسان
جي ڳوٺن جون بنهه اڻ پڙهيل عورتون به اهڙين
ستين
ڦڪين جي اثرن بابت جاڻنديون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي
ته انهن جي جديد صورت ۾ا چڻ کانپوءِ انهن
جي فعاليت گهٽجي ويئي آهي. مريض
پوءِ ٻار هجي يا وڏو، ان جي خدمت چاڪري ۽ علاج يا
شڪار لاءِ ويل مردن جي زخمي حالت ۾ اچڻ تي سندن
پرگهور لهڻ جو ڪم به عورتن ڪيو هوندو، ان ڪري
بنيادي نرس ۽ ڊاڪٽرياڻي به عورت کي ئي چئبو.
زراعت
جي ميدان ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪم عورتن
جي بلي آهي. هر هلائڻ
مردن جو ڪم آهي باقي گهڻو ڪري ٻيا سڀ ڪم يا گڏجي
ڪن يا صرف عورتون ڪن. عورت ئي زميني پيداوار
استعمال ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. زمين جڏهن ابتدائي وحشي
انسان جي جهنگن ٻيلن ۾ جانورن جو شڪار ڪرڻ ويندا
هئا ته ڪي عورتون ٻار جي پيدائش يا نيپاج لاءِ
پويان رهجي وينديون هيون، جن جي پيٽ گذران لاءِ هو
وڻن جا پن، گل ٻوٽن جون پاڙون ۽ ٻج وغيره کاڌي طور
استعمال ڪنديون هيون ۽ پوءِ تجربي مان هنن اهو به
ڄاڻي
ورتو ته ٻج مان ٻيو وڻ
ڪيئن ٿو ڦٽي سگهي، اهڙيءَ ريت هنن نوان نوان وڻ
پوکيا هوندا
۽
ڀاڄيون
ميوا ۽ ان حاصل ڪيو هوندو. اها زراعت هئي. هن انهن
شين کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪپڻ، ڪٽڻ ۽ پيهڻ جا اوزار
به ٺاهيا هوندا.
علم
الانسان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پٿر سڌا ڪري جنڊ
جي بنيادي صورت ٺاهڻ، ٿانون گهڙڻ جو رواج، کاڌو
محفوط ڪرڻ جا طريقا ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪم عورت جي
ذهني صلاحيتن جو نتيجو آهن، ۽ چئي سگهجي ٿو ته
انساني سماج ۾ صنعتي راهه تي پهريون قدم رکندڙ به
اها ئي عورت آهي ۽ ايندڙ زمانن ۾ صنعتي انقلابن جو
بنياد به ان جو ئي رکيل چئبو.
جانورن
جي پالنا، سار سنڀال وغيره به اڪثر عورت جي ذمي
هوندي آهي. اڳوڻن وقتن ۾ سندن رهائش گاهن جي ويجهو
چرندڙ جانورن جو مشاهدو
ڪرڻ کانپوءِ ات رهندڙ عورتن انهن جي کير مکڻ ۽ ڪن
حالتن ۾ گوشٽ
وغيره جي استعمال لاءِ انهن کي جهليو هوندو، خاص
ڪري جڏهن مرد ٻاهر شڪار تي ويل هوندا ته کين خوراڪ
جا ٻيا متبادل ذريعا
ڳولڻ
دوران اهو به هڪ ذريعو سمجهه ۾ آيو هوندو. پوءِ
انهن جا ڌڻ پالڻ جو رواج پيو هوندو.
اڄ
جديد دنيا ۾ زراعت ۽ جانورن جي افزائش مان دنيا
پنهنجي خوراڪ جو هڪ وڏو حصو حاصل ڪري ٿي ۽ اهو سڄو
عورتن جي ان محنت جي ڪري ممڪن آهي.
ٻار جي
پيدائش کان پوءِ هن کي کارائڻ پيارڻ، هلڻ گهمڻ جهڙو
ڪرڻ واري اها ئي عورت هوندي آهي. تاريخ کان اڳ
واري وحشي انسان کي تهذيب ۽ تمدن جي راهه تي قدم
اڳتي وڌائڻ لاءِ اها ئي عورت ذميدار چئي سگهجي ٿي،
ٻارن کي جسم جي صفائي سٿرائي ڪپڙن پائڻ ۽ پنهنجي
پاڻ کي وڻندڙ بنائڻ جون بنيادي ڳالهيون به مائرن
سيکاريون
هونديون. اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي فضيلت به
هنن ماءُ کي ڏسي سکي هوندي، جو پيءُ ته اڪثر ڪري
شڪار لاءِ هليا ويندا هئا.
مطلب ته
وحشي انسان کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانهن آڻڻ ۾
عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي.
بنيادي
تهذيب واري دور ۾ اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ مان
ملندڙ مختلف تهذيبن جي آثارن مان خبر پوي ٿي ته
عورت کي سماج ۾ تمام مٿانهون درجو مليل هو ۽ اهي
سماج ماءُ آدرشي سماج هئا. موهن جو درو، هڙپا به
انهيءَ قسم جي سڀيتا جا ساکي آهن، انهن تهذيبن ۾
عورت کي ديويءَ جو درجو مليل ۽ زنانين مورتين جي
گهڻي تعداد ۾ ملڻ مان اهي انومان ڪڍيا ويا آهن، ته
انهن سماجن ۾ عورت کي تمام بلند ۽ اوچو مقام حاصل
آهي.اها بلندي ۽ اوچائي مٿي ذڪر ڪيل سندس محنتن جو
نتيجو چئي سگهجي ٿي، هوءَ انهن دورن ۾ ڪٽنب جي
سربراهه قبيلي جي سردار ۽ مذهبي رتبي جي لحاظ کان
ديويءَ جي روپ ۾ اڄ
کان هڪ بلڪل مختلف هستي محسوس ٿئي ٿي.
مزي جي
ڳالهه اها آهي ته سندس انهن محنتن جي نتيجي ۾ پاڻ
جيڪي ڪاميابيون ماڻيائين، اهي ئي سندس پيرن جون
زنجيرون بڻيون.زراعت جي ابتدا پاڻ ڪيائين ۽ ائين
زرخيز زمين جي ڳولا ۾ جڏهن دريائن ۽ ندين جي ڪنارن
تي وستيون ٺاهيون
ويون ۽ پنهنجي ضرورت آهر زمين کي کيڙيو ويو، پر
پوءِ ان جي مالڪي
۽
ان کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ وڌيڪ زمين حاصل
ڪرڻ يا وڌيڪ اپت جي لاءِ افرادي قوت وڌائيندڙ
ڄاڻي،
کيس ٻارن جي
ڄڻڻ
جي مشين بڻايو ويو، جسماني طاقت جي خيال کان پٽن
جي پيدائش کي ڌيئرن تي ترجيح ڏني ويئي،انهي مشين
کي پنهنجي قابو
۾
رکڻ لاءِ
مٿس پهرا وڌا ويا، پابنديون وڌيون ويون،
مال ڌارڻ جي ابتدا عورت ڪئي پر پوءِ پاڻ مال ۽
ملڪيت بڻجي ويئي، جيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ جهيڙا جهٽا
به ڪيا ويا ته ان کي خريد ۽ وڪرو به ڪيو ويو ۽
هوءَ ديويءَ جو درجو رکندڙ هستي پنهنجوانساني درجو
به وڃائي ويٺي ۽ سندس انهيءَ
پستيءَ کي مختلف ڌرمن وسيلي جائز ۽ فطري
ثابت ڪرڻ
جي به ڪوشش ڪئي ويئي. جيڪا نفسيات اڄ
ڏينهن تائين نظر اچي ٿي.
عورت جي
آزاديءَ، خودمختياريءَ
۽ برابريءَ
جي خلاف دنيا جي مختلف ڌرمن ۾ اهڙا اهڙا حڪم احڪام
موجود ملن ٿا، جيڪي سندس انسان هئڻ واري حيثيت ۾
شڪ ظاهر ڪن ٿا، يهودين، عيساين، هندن، ٻڌن ۽ ٻين مذهبن
جي پوئلڳن وٽ عورت بابت مروج مختلف حقارت آميز
معروضن جي ڀيٽ ۾ اسلام
۾
عورت کي هڪ آزاد فرد جي حيثيت سان مخاطب ڪيوويو
آهي.اسلام جو اهو روح نبي سڳوري جي حياتيءَ ۾ ۽ ان
کان پوءِ خليفن جي خلافت دوران قائم رهيو، پر انهي
نئين ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جو عمل
بادشاهت يا ملوڪيت جي اچڻ کانپوءِ ممڪن نه
رهيو.بادشاهت واري دور ۾مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ا
قتدار جي ڇڪتاڻ
۾
هر ڪهن پنهنجي پنهنجي دليلن سان انهن ڳالين جي تفسير
۽ تشريح ڪري وقت جي بادشاهن جي مرضيءَ ۽ مفادن
مطابق معنائون ڏنيون ۽ ملن کان فتوائون ورتيون.
جنهن جي ڪري مونجهارا پيدا ٿيا.
ان کان
پوءِ وري جيئن جيئن اسلام وڌيڪ ملڪن تائين پکڙبو
ويو، تيئن تيئن انهن مختلف ملڪن جون ڪلچري روايتون
۽ مفروضا مذهب جي نالي ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ هن مذهب
۾ عورت بابت مثبت روين کي منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ
سان ڳالهه ويئي هٿن مان نڪري. هڪڙو ننڍڙو مثال حق
بخشائڻ جي رسم جو ڏيئي سگهجي ٿو، جيڪا مذهب جي
نالي ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي، اصل اسلام ۾ رهبانيت يا
مذهب جي نالي ۾ شادي نه ڪرائڻ جو ڪو تصور ئي
ڪونهي، پراسان وٽ مولوي ان رسم کي مذهبي منظوري
ڏيندا رهيا آهن
مٿين
سموري اپٽار مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته عورت
مرد جي برابر هڪ انسان جي حيثيت ۾ حياتيءَ جي
ابتدا ڪئي ۽ پنهنجي ذهني صلاحيتن سان مرد کي
ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي هلڻ جي قابل
ڪيو. پوءِ انساني تاريخ جي ڪنهن دور ۾ مرد پنهنجي
مضبوطيءَ سبب سندس پيرن هيٺيان زمين ڇڪي ورتي ۽
هاڻي هوءَ ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ معلق پنهنجي
پاڻ کي مڃارائڻ لاءِ دانهون ڪري رهي آهي.!!
زيڊ_اي شيخ
رسمن ۾ دلي سڪون سمايل آهي؟
سڀ کان
پهرين ته اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اسان جي سماج ۾
عورت جو مقام ۽ حيثيت ڇا آهي؟ اسان جي معاشري ۾
عورت صدين کان وٺي صحيح مقام حاصل ڪري نه سگهي
آهي، جڏهن ته اڄ جي عورت وقت جي وڌندڙ رفتار سان
گڏو گڏ اڳتي وڌي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي باوجود به
مقيد
آهي،
ڇاڪاڻ ته اڄ به ڪن خاندانن ۾ ڇوڪريءَ جو پيدا ٿيڻ
اهڙو ئي معيوب سمجهيو ويندو آهي، جيترو پهرين
زماني ۾!حالانڪ وقت سان گڏ حالتون به ڦيرو
کائينديون رهيون آهن، ڪڏهن اهو وقت به هو ته عورت
جي گهر کان ٻاهر قدم رکڻ وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو
هو، پر اڄ ائين نه آهي. عورت ۽ مرد جو قدم سان قدم
ملائي هلڻ لازمي سمجهيو ويندو آهي، هونئن به اُهي
قومون
ترقي جي ميدان ۾ اڳتي تڏهن آهن يا اها قوم اڳتي
تڏهن وڌي سگهندي، جڏهن عورت زندگيءَ جي هر شعبي ۾
نمايان ڪردار
ادا ڪندي. اسان جي معاشري ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾
اهم تبديلين لاءِ ڪڏهن، ڪڏهن دل کي تڪليف ۽ اذيت
به اچي ٿي ۽ پوءِ اسين وقت ۽ زماني جي تبديلين مان
سڀ کان وڌيڪ سوچڻ لڳون ٿا، انهن تبديلين مان سڀ
کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ وڏي مصيبت اها پيدا ٿي آهي جو
اسان جو دلي سڪون ختم ٿي ويو آهي. وقت پنهنجا پير
ايترا ته ننڍڙا ڪري ڇڏيا آهن، جو اسان کي ائين ٿو
محسوس ٿئي ڄڻ اسين صبح ۽ شام جي وچ ۾ ئي رهجي ويا
آهيون، ڪڏهن اسان انهيءَ تي سوچيو آهي ته ائين ڇو
آهي؟ انسان زندگيءَ ۾ مصروف رهڻ جي باوجود به
مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن لاءِ انسان هر گهڙي ٿڪل
۽ اذيت ۾ مبتلا رهندي
به چاهي ٿو ته چند گهڙيون خوشي
۽
دلي سڪون حاصل ڪري، حالانڪ ڏٺو وڃي ته وقت ايترو
ته سميٽيجي ننڍڙو ٿي ويو آهي، جو اسان وٽ خوشين جي
موقعي تي به اهي سڀ خوشيون
پري ٿينديون وڃن، جيڪي خوشيون
۽ دلي سڪون عام زندگيءَ ۾ ملڻ گهرجن
اهي اسين موقعن ۽ مهلن ۾ تلاش ڪرن لڳا آهيون، هنن
جملن لکندي مون کي هڪ اهڙي شاديءَ جي تقريب ياد ٿي
اچي جنهن ۾ وڃڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اڄ
اسان کان اهڙيون خوشيون ڇو هليون ويون آهن؟ رسمن
رواجن ڪڏهن جنم ورتو، تنهن لاءِ ڪجهه چئي نٿو
سگهجي البت انهن خوشين جي موقعن تي رسمون اظهار جو
تجلو آهن، جن جي روشني دل ۽ دماغ کي چند گهڙيون
روشن ڪري ڇڏي ٿي، اها وقت جي بدلجندڙ مهرباني چئجي
يا ناانصاني ڇو ته اهي رسمون وڌندڙ وقت جي سيني ۾
هوريان هوريان دفن ٿينديون وڃن. هاڻي صرف هڪ
ملاقات لاءِ محفل ئي رهجي ويئي آهي. آءُ به جڏهن
ان شادي جي محفل ۾ ويس ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته چئني
پاسي روشنين ۽ زرق، برق لباس وارن جا حيران ڪندڙ
نمونا ٻارن جو گوڙ، ڳالهين جا آواز، جيئن ته گوڙ
شاديءَ جو روح
هوندو آهي، پر ڳائڻ نه هو.
اڄ ڪلهه
اهو ئي رواج آهي جنهن مان هن وقت جي ماڻهن ۾ وقت
جي احساس ۽
قدر
جي خبر پئجي ٿي، هاڻي شادي ”هال“
۾
ڪئي ويندي
آهي،
اهڙا شادي هال شهرن ۾ چئني پاسي ٺهيل آهن، هرڪو
اچي هال ۾ گڏ ٿئي ٿو، نه خبر ڪنواريتن
جي
۽ نه ئي خبر گهوٽيتن جي البته جنهن شاديءَ ۾ ويس
اهو گهوٽتين سان گڏجي
وڃڻو هو. گاڏين ۾ چڙهي اچي هال ۾ پهتاسين. چئني
پاسي خاموشي لڳي پيئي هئي، عورتون زرق برق لباس ۾
ڪي ڪرسين تي ويٺل هيون ته ڪي هيڏانهن هوڏانهن پئي
ڦريون. نه ڳائڻ نه وڄائڻ. ڄڻ هڪ قسم جي پارٽي
هئي، آءُ عجيب بيچيني محسوس ڪرڻ لڳس شادي، خوشي
آهي ۽ اهي مهلون موقعا زندگيءَ ۾ بار بار نه ايندا
آهن ۽ انهي جو اظهار ڳائيندي ڪيو ويندو آهي، اڳي
شادين ۾ راتيون وهامي وينديون هيون ته به سوڻ ساٺ
ختم نه ٿيندا هئا، (تٿِ) وٺندي ئي زالون دهل
تي هٿ هڻنديون هيون روز رات جو پنهنجون توڙي پاڙي
واريون اچي گهوٽتين ۾ ڳائينديون هيون جيستائين
شادي نه ٿئي، پر اڄ مڃجي ٿو ته وقت انسان کي اڳتي
کڻي ويو آهي، پر اهي خوشين جا طريقا انهيءَ وڌندڙ
وقت ۾ گم ٿيندا ويا آهن، جيڪا زندگي اڄ اسين
گذاريون پيا اها حقيقت ۾ ڏسجي ته ڏاڍي مصروف ۽
بي رونق آهي، جنهن لاءِ اهڙا خوشي جا موقعا ائين
بي رونق ۽ بي سڪون، خوشيءَ کان سواءِ بڻائي ڇڏا
اٿئون؟ جيتوڻيڪ اسان کي اهڙا موقعا ڪڏهن، ڪڏهن ملن
ٿا... ها ته ڳالهه پئي ڪيم شاديءَ جي،جن ڪرسين تي
اسين ويٺل هئاسين، بلڪل انهيءَ جي سامهون صوفه سيٽ
رکيل هو، جنهن تي ڪنوار کي ويهاريو ويو هو، چند
گهڙين کان پوءِ گهوٽ کي به اچي ويهاريو ويو فلم
ڪڍڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ ۾ ئي خبر نه پئي... ٿوري دير
کان پوءِ چوڻ لڳا ته هلو...هلو ڀڄ ڀڄان شروع ٿي
ويئي آءُ به اچي گاڏي ۾ ويٺس ۽ سوچڻ لڳس ته اسان
وٽان شاديءَ
جون اهي رسمون، اهي رواج جيڪي صدين
کان
شاديءَ
جو روح ۽ زندگيءَ جون زنده رونقون هيون انهن کي
ڪيتري نه بي درديءَ سان چيڀاٽيو ويو آهي، ڏسڻ ۾ ته
اهي رسمون بي معنيَ آهي. پر اُن ۾ خوشيءَ جو ڪيڏو
اظهار آهي يا ڏاوڻ ڏائڻ کارڪ ڇڏائڻ يا کير مان هڪ
ئي آڱر سان منڊي ڳولڻ...ڦل چونڊڻ ٻُڪي وجهڻ اهي سڀ
ڇا آهن؟ زندگيءَ جا اهي خوشين جا اظهار آهن، جن
سان انسان نه چاهيندي به خوش ٿئي ٿو، اهي خوشيون ۽
دلي سڪون انسان جو پيدائشي حق ۽ جز آهي، جنهن کي
اسان پاڻ ئي پنهنجي هٿن سان وڃائي ڇڏيو آهي اسين
چاهيون ته اڄ به اهي خوشيون ۽ دلي سڪون اهڙين
تقريبن ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا.
حسين
مسرت
شاهه
وڻجاري
شاهه جي
شاعري سنڌ جي سڀيتا جي محافظ آهي. شاهه جو هر سُر
سنڌ جي سماج تهذيب، ثقافت، معيشت ۽ مذهب
جي تصوير آهي. شاهه جي شاعري احساسن
۽ لطيف جذبن جي شاعري آهي. ان ڪري سنئون سڌو دل تي
اثر ڪري ٿي.
سر
سامونڊيءَ ۾ شاهه سائين عورت جي اصلي فطرت جي
عڪاسي ڪئي آهي. شاهه سائين هن سُر ۾ عورت کي تمام
حساس، بي وس، ڪمزور ۽ هيڻو پيش ڪيو آهي، ائين
ٿو
لڳي ته شاهه صاحب ان عورت جي دل ۾ ويهي شاعري
ڪئي آهي. سر سامونڊي شاهه ڀٽائيءَ جي مشاهدي جو
زبردست دستاويز آهي.
شاهه
سائين ان سر ۾ وڻجاري جي لطيف جذبن، احسانن، وهمن
۽ خوشين جو بهترين نموني اپٽار ڪئي آهي، جيڪڏهن
وڻجاريءَ کي شاهه صاحب جي اٺين سورمي چيو وڃي ته
غلط نه ٿيندو.
سر
سامونڊيءَ ۾ شاهه ڀٽائي انهن وڻجارن جو ذڪر ڪيو
آهي جيڪي سمنڊ ذريعي واپار ڪندا هئا ۽ واپار سانگي
ڏورانهين ديس جو سفر ڪندا هئا سنڌي وڻجارا تمام
محنتي ۽ جفا ڪش هوندا هئا هو پنهنجي معاشي حالت ۽
ديس جي ترقي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي
طويل خوفائتا سفر ڪندا هئا.
وڻجارو پنهنجي استريءَ (زال) کي ڇڏي ڏيساور ٿو وڃي
هوءَ گهڻو ئي روڪيس ٿي پر وڻجارو ترسي نٿو.
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
رئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
وڻجاري
پنهنجي دل جي ڪيفيت ماءُ کي ٿي ٻڌائي ته ڪيترو به
روڪڻ جي باوجود، جوڀن ڏينهن ۾ وڻجارو سفر تي هليو
ويو. لڙڪ عورت جو پهريون ۽ آخري هٿيار آهن. ويچاري
پريشان ٿي ماءُ کي چوي ٿي ته؛ هيءُ روئڻ سان به
نٿو رهي هاڻ هن کي ڪيئن روڪيا. جن رسا ڇوڙي ٻيڙا
سير ۾ هاڪاريا سي ڪٿي ٿا ترسن، جيڪي سمنڊ جي
پاڻيءَ کي چيري اڳيان وڌندا هجن انهن جي نظر ۾
اکين جي پاڻيءَ جي ڪابه اهميت ڪانهي، جيڪي سمنڊ جي
تهه مان موتي ڪڍيو اچن اهي
اکين
جي تهه مان نڪتل املهه موتين جي قيمت کان بي خبر
هوندا آهن.
وڻجاري
خواهش ٿي ڪري ته جيڪر ٻيڙيءَ جي رسيءَ ۾ چنڀڙي
پوان ها. وڻجارو سال کان پوءِ اچي ٿو پر اچڻ سان
وڃڻ جون ڳالهيون ٿو ڪري ته وڻجاري تنگ ٿي چويس ٿي
ته
وڃيئي
وسري شال! جو تو سودو سکي
هوءَ
واپار کي پنهنجي ۽ ڪانڌ جي وچ ۾ جدائيءَ جو سبب ٿي
سمجهي تڏهن محبت کان مجبور ٿي، پنهنجي معاشي حالت
جي پرواهه نه ڪندي دعا ٿي ڪري ته شل کيس اهو سودو
وڻج واپار وسري وڃي. هوءَ پنهنجي غربت ۽ مسئلن کي
نظر انداز ڪري صرف ۽ صرف پنهنجي جذبي کي اهميت ڏي
ٿي جڏهن سامونڊي گهڻا ڏينهن ٿو لائي ته هوءَ سوچي
ٿي ته اهو رشتو ڏک ۽ غم وارو آهي، سامونڊي سان
محبت جي ناتي کيس رڳو انتظار ۽ لڙڪ مليا آهن پر
انهن سورن باوجود ان تعلق کي ٽورڻ
جي
باري ۾ سوچي نٿي. سمنڊ جي ڪناري تي هيڪل ويا ڪل
اڪيلي هنجون پئي هاري. کيس عورتن وارامخصوص وهم ۽
وسوسا پريشان ٿا ڪن.
لاهيان
جي نه چتان، الا انُ م وساران
جيڪو
هر وقت سندس دل ودماغ تي حاوي آهي اهو کيس وساري
نه ڇڏي ان لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائي ٿي. وري اهو وهم
ستائيس ٿو ته ڪٿي سمنڊ جي وير ته ڪونه چڙهي. سمنڊ
جي کاري پاڻيءَ کيس ٻوڙي
نه ڇڏيو هجي.
سر نِسِريا پاند، اتر لڳا، آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ، ڪانڌ! سهسين
سکائون ڪيون.
هوءَ
ڪانڌ جي ورڻ لاءِ هڪ ٻه نه پر سوين سکائون باسي
ٿي. جڏهن ساوا سلا اڀرن ٿا ۽ اتر جو واءُ لڳي ٿو
ته هن کي جدائي جهوريو وجهي.
وڻجاري
کي سندس محبت صفا ڪم عقل بنائي ڇڏيو آهي هو ڪمزور
عقيدي جي ڪري سمنڊ جي پوڄا ٿي ڪري ڏيا ٻاري، وڻن
تي جهنڊيون ٻڌي سکائون ٿي باسي ۽ سمنڊ ۾ مشڪ ۽
عنبر
وجهندي چوي ٿي ته؛ ”اي وشال سمنڊ! منهنجي ڪانڌ جو
وار به ونگو نه ڪجانءِ جڏهن هوءَ هر لحاظ کان بي
وس ٿي ٿئي تڏهن سکائون ٿي باسي.
جدائي
هاڻ
صفا سندس ست ڪڍي ڇڏيو آهي هوءَ صفا هيڻي ٿي چڪي
آهي ۽ کيس پنهنجي ڪمزوريءَ جو پوري طرح احساس آهي،
ته بندر کانئس پري آهي نه ته جيڪر گهڻوئي اڳتي وڌي
ها پر سندس هڙ ۾ به ڪجهه ڪونهي. آخر صفا بي وس ٿي
دليل ٿي ڊوڙائي
ته ضرور سڄڻ
هن ۾ ڪو عجيب ڏٺو آهي تڏهن ايترين آزين نيازين کان
پوءِ به ترسيو ڪونه، نه ته هو ته تمام ٻاجهارو
آهي. اها وڻجاري جي محبت جي انتها آهي جو هوءَ وري
به سامونڊيءَ کي ڏوهه نٿي ڏي.
هاڻ
سندس انتظار جي حد ٿي ويئي آهي ۽ قوتِ برداشت ختم
ٿي ويئي آهي هوءَ ونجهه کي ڀاڪر وجهيو روئي چوي ٿي
ته جدائي کيس هاڻ ماري ڇڏيندي. جدائيءَ سندس جيءُ
جهوري ڇڏيو آهي کيس بچڻ جو ڪو به آسرو ڪونهي.
پر وقت
آخر گذريو وڃي. ڪانگ جي لات کيس آٿت ڏي ٿي.
سامونڊين جي اچڻ جو آسرو ٿيو آهي.
تڙين تنوارين، ماءِ!
سامونڊي
آئيا،
مون کي جيارين، وايون وڻجارن جون
سندس سکائون
پوريون ٿيون، هوءَ تڙ تان سامونڊين جون لاتيون
پئي ٻڌي
، وڻجاري ڏک، سور ماءُ سان سلي ٿي ۽ وري خوشيءَ جي
خبر به ماءُ کي ٿي ٻڌائي ته سامونڊي اچي ويا آهن
انهن جا آواز سندس مئل روح کي جيارين پيا، مرده
جسم ۾ ڄڻ ته ساهه پئجي ويو آهي. جيڪا وڻجاري ونجهه
کي چنبڙيو
ساڻي ٿي پئي هئي اها هاڻ خوشي مان ٽپ پئي ڏي ماءُ
کي ٻڌائڻ کان پوءِ سهيلين وٽ آئي آهي چوي ٿي ته،
جنهن ويل سامونڊي اڱڻ تي ايندو ته هوءَ هيرا موتي،
املهه ماڻڪ مٿانس گهوريندي، ڇو ته سندس اصل ملڪيت،
دولت، املهه ماڻڪ ته وڻجارو آهي، دنيا وي دولت جي
کيس ڪابه هوس ڪانهي. ڌڻيءَ سندس دعائون قبول ڪيون،
رب جي ڪرم سان وڻجارو لهرون اُڪري ڪناري رسيو ۽
وڻجاريءَ لاءِ
ڄڻ
ته عيد ٿي ويئي.
لهرون
لنگهيائون، لطق سان لطيف چئي
|