مصنف:
ڊاڪٽر نور محمد جويو
مترجم:عطا
محمدعطائي
آتم ڪهاڻي
(قسط
نمبر 3)
22
نومبر 1976ع تي سيشن ڪورٽ نمبر 5 ڪراچيءَ جي جج
جناب عبدالعزيز ميمڻ صاحب قلم 302 جي ڪيس مان بفضل
خدا مون کي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو.در حقيقت مان ان
مقدمي ۾ بلڪل بي قصور هئس مون سان جيڪو واقعو ٿيو
آهي اهو هڪ عجيب قسم جو واقعو آهي، ۽ مان خدا
تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي هي داستان بيان ڪري رهيو
آهيان مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، اهو شل ڪنهن سان
نه ٿئي هِن کان اڳ جو مان اُهو واقعو ۽ داستان
بيان ڪيان، ضروري ٿو سمجهان ته پڙهندڙن کي پنهنجي
متعلق ٿوري ڄاڻ ڏيان ان بعد هن داستان کي شروع
ڪندس، مان پيشي جي لحاظ کان حڪيم ۽ ڊينٽسٽ آهيان،
(موجوده
وقت نه) ان وقت ماچيس فيڪٽري لانڍي ڪراچي نمبر 22
۾ عرصي 20 سالن کان مقيم هئس. منهنجو اصل ڳوٺ
ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي قمبر علي خان ۾ آهي.
ذات
جي لحاظ کان جويو خاندان سان تعلق اٿم. جيڪو حيرت
انگيز واقعو مون سان پيش آيو آهي. تنهن جو تفصيل
هن طرح آهي؛
پوءِ
منهنجي دل ۾ا ها خواهش پيدا ٿي ته اهو جهاز ڇت
مٿان لنگهڻ بعد ٻئي دروازي کان ضرور ڏسڻ ۾ ايندو.
اهو خيال ايندي ئي مان جهٽ ڏيئي ٻئي دروازي تي وڃي
پهتس ۽ غور سان آسمان طرف ڏسڻ لڳس، مگر ڪٿي به مون
کي هوائي جهاز ڏسڻ ۾ نه آيو. تعجب جي ڳالهه هيءَ
محسوسو ٿيڻ لڳو، جو جهاز
جي
گڙ گڙاهٽ
صاف ٻڌڻ ۾ پي آئي!
هينئر
منهنجي دل ۾ خوف جون لهرون اُڀرڻ لڳيون ۽ وسوسو
پيدا ٿيو، ته شايد انهيءَ جهاز ۾ منهنجا دشمن ته
سوار ڪونهن، جن جو منصوبو هجي ته منهنجي
بئرڪ
جي
مٿان بم ڪيرائي مون کي ختم ڪيو وڃي. مان انهيءَ
سوچ ۾ هوس ته ان گڙ گڙاٽ سان گڏ هڪ خوفناڪ آواز
ٻڌڻ ۾ آيو ته ”هاڻي تون بچي نٿو سگهين. اسان تو
سان گڏ پوري جيل کي بم سان اُڏائي ڇڏينداسين. تون
۽ تو سان سڀ قيد ختم ٿي ويندا.“ مون دل ۾ چيو؛
منهنجو رب منهنجو مدد گار آهي. اڃان مان پنهنجي
سمهڻ واري هنڌ تي پهتو ئي نه هوندس ته هڪ زوردار
ڌماڪو ٿيو. اهو ڌماڪو ايڏو ته زبردست هو، جو مان
خوف سبب بيهوش ٿي ويس جڏهن هوش ۾ آيس، ته منهنجي
ڪنن ۾ دانهن، ڪوڪن، رئڻ رنڀڻ جا آواز اچڻ لڳا.
اُهي آواز اهڙي قسم جا هئا جيئن ڪو ڪنهن کي
ماريندو ڪٽيندو هجي. ڪو پيو چئي ته؛ ”صاحب، مون
ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو ماريو ٿا اهو شور هاڻي
منهنجي ويجهو ٿيندو ويو، مان خوف وچان هنڌ مان
اُٿي، بئرڪ جي سامهون ليئو پائي ڏٺو ته منهنجا لڱ
ڪانڊراجي ويا! گهڻي تعداد ۾ مون کي ماڻهو نظر آيا،
جن کي بي رحميءَ سان ماريو پئي ويو. ڪيترن ماڻهن
جي ڪلهن تي ٿلها لڪڻ ٻن ڦٽن جا رکيل هئا، جن کي
هنن جي
ٻانهن سان ٻڌو ويو هو ۽ سندن جسم لوهه جي
زنجيرن
سان قابو جڪڙيل هئا سپاهي پڻ گهڻي انداز ۾ انهن کي
ڪُٽي
رهيا هئا. انهن سپاهين جون ورديون عجيب رنگ جون
هيون، جيڪي فوجن جون ٿي لڳيون ۽ عجب جهڙيون ٽوپيون
سندن ڪنن وٽان لڙڪي رهيون هيون،
ڄڻ
اُهي سپاهي نه هجن پر مسخرا هجن. انهن سپاهين ۾
هڪ خوبصورت ماڻهو تمام قيمتي ڪيمخوابي لباس پاتل
ڏسڻ ۾ آيو. ڄڻ هو هنن جو آفيسر هجي. سڀ سپاهي هن
جي حڪم هيٺ هئا هاڻي انهن آفيسر سپاهين کي حڪم ڏنو
ته انهن سڀني کي خوب ماريو وڃي ۽ پوءِ وڏي صاحب وٽ
پيش ڪيو وڃي. انهيءَ سان گڏ قيدين کي غليظ گاريون
ڏيئي رهيو هو. اوچتو انهيءَ هجوم ۾ هڪ حسين عورت
ڏسڻ
۾
آئي . |