سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

انٽرويو

صفحو :5

 

هندستان جي مهانگي اداڪاره سري ديوي لاءِ

ننڍي قد وارا هيرو مسئلو بڻجي ويا

 

سري ديوي کي گرمي، پگهر ۽ سخت سيءَ کان چڙ آهي

 

ڳالهه ٻولهه:زاهده ٿيٻو

 

1991ع جي پڄاڻي ۾، دهليءَ مان شاهه سچل ـ سامي وارو سيمينار  گذاري، خير سان موٽي آيس. اڃا چار مهينا مس گذيا ته وري 25 فيبروري  1992ع تي بمبئي مان دعوت نامو پهتو. اهو دعوت نامو پڻ سيمينار جو هو، جيڪو ”بمبئي ريڊيو ڪلب“ وارن طرفان هو. اهو سيمينار، ”سنڌ جي عورت ڪيتري قدر هن ترقي يافته دور ۾ اڳتي وڌي آهي، انهيءَ باري ۾ هو ۽ وقت هو 5 مارچ، صبح جو 10 وڳي. پهرين سوچيم ته نٿي وڃان، پر پوءِ خيال ڪيم ته منهنجي وڃڻ سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عورت جي ترجماني ته ٿي سگهندي، سو اهو سوچي تياريءَ ۾ لڳي ويس.

پهرئين دفعي مان دهلي، آگرو، جئپور، اجمير شريف وغيره ته گُهمي آئي هيس، پر بمبئي ڪونه وڃي سگهي هيس، هينئر وري دعوت جو ملي ته بهانو ٿي پيو. مون سان گڏ منهنجي ڀاڻيجي آفيه  به جيڪا ڊاڪٽر آهي هلڻ لاءِ تيار ٿي. پنجن ڏينهن ۾ ويزا ۽ ٽڪيٽ جو مسئلو حل ٿي ويو، جڏهن ٻارن کان موڪلايم ته منهنجي ننڍي پٽ چيو ”امي، بامبي ٿيون وڃو، سلمان خان سان ضرور ملجو.“ منهنجي ڀاڻيجي، جيڪو پڻ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي، چيو ته ”سري ديويءَ سان ضرور ملجو.“ مون کلندي چيو مان ته ”ها بابا، سري ديوي ۽ سلمان خان ته رڳو منهنجي انتظار ۾ هوندا.“

4 فيبروري تي صبح 10 وڳي، اسين بمبئي ايئر پورٽ پهتاسين، ڪسٽم وغيره کان فارغ ٿي، جڏهن ٻاهر پهتاسين ته اتي چار پنج ماڻهو اسان جي انتظار ۾ بيٺا هئا. انهن سڀني پنهجو تعارف ڪرايو. دادا گورڌن چوڌري هو، دادا گوبند پنجابي هو، ٻيا به ٽي اتان جا اديب هئا اسين هنن سان گڏ سڌو دادا گورڌن جي رهائشگاهه پهتاسين. اتي اسان کي خبر پئي ته اسان جي رهائش دادا گورڌن وٽ آهي، باقي ماني مختلف جڳهين تي آهي. انهيءَ ڏينهن اسان جي ماني دادا گوبند پنجابيءَ وٽ هئي. هٿ منهن ڌوئي، اسين گوبند سان سڏ سندس گهر روانا ٿياسين. گاڏي  ۾ ويٺي بمبئيءَ جوسير ڪندا پئي وياسين. هڪ پاسي تمام وڏيون بلڊنگون هيون ته انهن سان گڏ جهوپڙيون به هيون. اميري  ۽ غريبيءَ جو سنگم هو. سوچن جي وهڪري ۾ وهندي، خبر ئي ڪانه پئي جو دادا گوبند هڪ عاليشان پنج منزليءَ عمارت  جي هيٺيان گاڏي روڪي چيو، ”دادي، گهر اچي ويو.“ اسين هيٺ لٿاسين،خبر پئي ته دادا گوبند جو اپارٽمينٽ ٿرڊ فلور تي آهي لفٽ ۾ سوار ٿي، مون دادا گوبند کان پڇيو، ”دادا، هيءُ ڪهڙو علائقو آهي؟“ چيائين ”هيءُ بمبئي جو مهانگو علائقو، ”کار“ آهي، ۽ هتي گهڻو ڪري سڀ وڏا ماڻهو رهندا آهن.“ اهو پڻ ٻڌايائين ته هتان کان ڏهن منٽن جي پنڌ تي جڳ مشهور ”محبوب فلم اسٽوڊيو“ پڻ آهي.

  دادا گوبند جي اپارٽمينٽ ۾ داخل  ٿياسين ته اهو تمام سهڻيءَ طرح ڊيڪوريٽ ٿيل هو. سڀ گهر جا ڀاتي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هئا. دادا سڀني سان تعارف ڪرايو. سندس گهر واري، سندس ننهن، پوٽو، پوٽي، سندس ڏهٽو ۽ تمام سهڻي ڏهٽي، رچيتا،ا نهيءَ جو گهر وارو سنجي، سڀ ڏاڍي چاهه ۽ پاٻوهه سان مليا. سنجي ۽ رُچو جي جوڙي مون کي ڏاڍي وڻي. ٻيئي زال مڙس سمارٽ ۽ سهڻا هئا.

  اسين ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسين، دادا جي ننهن ماني ٺاهڻ لڳي. اتان جي سڀني ماڻهن کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت سان تمام گهڻي دلچسپي آهي، انهيءَ ڪري رچيتا مون کان سنڌي لباس ۽ ڀرت وغيره جي باري ۾ پڇي رهي هئي.

 ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو به آيو. رنگ صاف، هيڊو، عمر جو اڌڙوٽ هو. دادا هن سان ملائيندي چيو ته ”هيءُ رچيتا جو سهرو آهي، نالو ساون ڪمار اٿس. فلمون ٺاهيندو آهي. ساون ڪُمار تمام نوڙت سان مليو. اتي ماني به لڳي ويئي.ماني کائيندي، جڏهن فلمن جو ذڪرنڪتو ته سڀني ٻڌايو ته هو پاڪستاني ٽيليوزن جا اردو ۽ سنڌي ڊراما ڏاڍي شوق سان ڏسندا آهن ۽ انهن ڊرامن کان ڪافي متاثر آهن. پوءِ رُچيتا مون کان پڇيو، ”ادي اوهين اسان جون فلمون ڏسندا آهيو؟“  مون چيو، ”اسين ته وڊيو تي اوهان جون سڀ فلمون ڏسندا آهيون.“ اتي ساون ڪمار چيو ته ”اوهان منهجون ٺاهيل فلمون ضرور ڏٺيون هونديون.“ مون کي ياد اچي ويو، هاڻي تازو ته اسان ساون ڪمار جي فلم ”صنم بيوفا“ ڏٺي هئي، جنهن ۾ سلمان خان ۽ هڪ نئين اداڪاره هئي، انهيءَ تي رُچيتا پڇيو،  ”ادي، اوهان کي ڪهڙا اداڪار وڻندا آهن؟“ مون چيو، ”پراڻن ۾ دليپ ڪمار ۽ نون ۾ انيل ڪپور، سلمان خان ۽ عامر خان، اداڪارائن ۾ مڌو بالا ۽ سري ديوي.“ اتي ساون ڪمار مرڪندي چيو، ”اڄ پنجين بجي شام جو منهنجي فلم ”چاندڪا ٽڪرا“ جي شوٽنگ آهي. جيڪڏهن اوهان کي ٽائيم هجي ته رُچيتا سان گڏ هليا اچجو، اتي اوهين پنهنجي پسند جي اداڪار ۽ اداڪارا سان ملي ۽ ڪچهري ڪري وٺجو.“ اهو چئي، ساون ڪماراٿيو، سڀني کان موڪلائي چيائين، ”مان هلان ٿو اسٽوڊيو، اتي سيٽ وغيره ڏسڻو آهي، مان هتي رڳو اوهان سان ملڻ آيو هوس. دادا گوبند ٻڌايو هو ته اسان جا مهمان اچڻا آهن سنڌ کان. اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي.

  ساون ڪمار جي وڃڻ کانپوءِ اسين سڀ وري ويٺاسين ڪچهريءَ ۾ . اتي شام جا چار ٿي ويا، دادا گوبند چيو، ”جيڪڏهن اوهين اسٽوڊيو هلو ته جلدي تيار ٿي وٺو. پوءِ وري اوهان کي ٿورو گهمائڻ هلنداسين.“ مون خوش ٿيندي چيو، ”دادا، اسين ته تيار آهيون، رڳو منهن ڌوئڻو آهي. انهي بهاني ٻن سپر اسٽارن سان انٽرويو پڻ ڪري وٺنديس.“

  شام جو ٺيڪ پنجين وڳي، مان آفيه، رچيتا، سنجي ۽ دادا گوبند تيار ٿي نڪتاسين. سڄو رستو رڳو سري ديويءَ جا خيال هئا، ۽ مان هيس. سري ديويءَ جي لاءِ گهڻو ڪجهه رسالن ۾ پڙهيو هوم ۽ ٻڌو هوم ته ڏاڍي اڪڙ اٿس ۽ گهٽ ڳالهائيندي آهي. اهو سوچي، ڪجهه ويچار ۾ اچي ويس ته الائي مان سوال ڪريانس ۽ جواب نه ڏئي ته؟ وري  ڌيان سندس سونهن ڏي ويو. ٻڌو  هوم ته رنگ جي ڪاري آهي. اهو سوچيندي، بي اختيار دل مان دعا نڪتي ته الله ڪري سري سهڻي هجي!

محبوب اسٽوڊيو جي چوڪيدار سنجي کي ڏسي هڪدم گيٽ کوليو. ڪار مان لهي، اسين هڪ وڏي هال ۾ داخل ٿياسين، جتي شوٽنگ هلي رهي هئي. هال ۾ تمام گهڻي روشني هئي ۽ گانو هلي رهيو هو. چئني پاسي چنڊ تارا ٺهيل هئا. اسان کي ساون ڪار جيئن ڏٺو ته اتي ڪرسيون رکرائي ڏنيون. پوءِ چيائين، ”اوهين ٿڌو  پيئندا يا چانهه؟“ اسان چيو، ”ٿڌو“. هن ڀر۾ ڀيٺل ڇوڪري کي جلدي بوتلون کڻي اچڻ لاءِ چيو. اسين ڪرسين تي ويٺا سين ته ساون ڪمار سنجي کي سڏ ڪري چيو ته ”سين پوري ٿيڻ کانپوءِ مان سلمان ۽ سري ديويءَ کي وٺي هتي ايندس.“ اهو چئي ساون ڪمار ٻاهر ويو. شايد سري دويويءَ جي اچڻ جو ٽائم ٿي ويو هو. مون سنجي کان پڇيو ته ”هن فلم جو اوهان سريءَ کي ڪيترو معاوضو ڏنو آهي؟“ سنجي ٻڌايو ته  ”هينئر سڀني کان مهانگي اداڪارا سري ديوي آهي. هن فلم جا رڳو 40 لک ورتا اٿس.“ مون کڻي ماٺ ڪئي. ٿوريءَ دير ۾ ويهه کن ڇوڪريون، ڪاريون ڪاريون ۽ وري مٿان ڪاريون اسڪرٽون پاتل، سيٽ تي پهچي ويون. ٻن منٽن کانپوءِ ساون ڪمار ۽ ان سان گڏ سلمان خان ۽ سري ديوي اندر داخل ٿيا. سريءَ تي نظر پوندي ئي منهنجيون اکيون کلي ويون. ڊگهو قد، سنهڙي ڳچي، ڊيل جيان ننڍڙو منهن، وڏيون وڏيون اکيون، سنهڙي چيلهه، ڊولائتو بت، سحر انگيز شخصيت جي مالڪ سري ديويءَ جا نقش نيڻ ڪمال جا هئا. اهڙيون عجائب عورتون مون زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺيون آهن، رنگت  اهڙي، جهڙي گرمين جي اُجري پرهه ڦُٽي هجي. اکيون اهڙيون چمڪدار، جيئن سياري جي چانڊوڪي رات. چپ اهڙا، ڄڻ گلاب جون پتيون. واقعي، هوءَ سري ديوي نه، پر ”پَري ديوي“ لڳي رهي هئي. اڇو سلڪ جو پڙو، چانديءَ رنگ بروڪيڊ جي چولي پاتل هيس، جنهن ۾ هوءَ تهان سهڻي لڳي رهي هئي. ساون ڪمار اسان جو تعارف ڪرائيندي چيو. ”هي اسان جا مهمان، سنڌ، پاڪستان کان آيا آهن.“ کلندي اسان کي ڀليڪار چيائين. ساون ڪمار اسان کي چيو، ”اوهين اڌ ڪلاڪ مئڊم سان ڳالهايو، تيستائي اسين تياري ڪري وٺون.“

مون سري ديويءَ کان پهريون سوال ڪيو ”اوهان جو قد ڪيترو آهي؟“ کلندي چيائين، منهنجو قد 5 فوٽ ساڍا ست انچ آهي. انهيءَ ڪري ننڍي قد وارا هيرو منهنجي لاءِ مسئلو هوندا آهن. پر اهو منهنجو قد ئي آهي، جنهن مون کي بچايو آهي نه ته منهنجو  وزن 63 ڪلو گرام آهي.“

  اتي مون وري غور سان سندس منهن ۾ نهاريو. هن کي فل ميڪ اپ ٿيل هو. وري مون سندس ٻانهن ڏي نهاريو. ٻانهون صاف شفاف هيس. اتي مون وري ٻيو سوال ڪيو؛ ”سري ديوي، اوهان کي ڪهڙيون شيون وڻنديون آهن؟“ هن سنجيده ٿيندي چيو، ”مون کي ٽي شيون تمام گهڻو وڻنديون آهن؛ هر قسم جا گل، پاڻي ۽ ڪوهيڙوMist .“

  تڪر ۾مون سوال پئي سوچيا، سو جيڪي سوال ذهن ۾ آيا پئي، سي پڇيم پئي؛ ”ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته اوهان جو وزن وڌي ويو آهي ۽ ڪڏهن اوهين بلڪل سنهيون لڳنديون آهيو. انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟“ مرڪندي چيائين، ”خوشقسمتيءَ سان مان جلدي پنهنجي وزن تي ڪنٽرول  ڪري وٺندي آهيان. رڳو مان آئيس ڪريم ۽ پيسٽريون کائڻ تي ڪنٽرول ڪندي آهيان ته سنهي ٿي ويندي آهيان...پر ڇا، اوهين اسان جون سڀ فلمون ڏسندا آهيو جو اوهان کي ايتري خبر آهي؟“

  مون وراڻيو، ”منهنجي خيال ۾ ته اوهان وٽ اوهان جون فلمون رليز ئي ڪونه ٿينديون آهن ته اسان وٽ اهي ويڊيو ۾ پهچي وينديون آهن.“

  انهيءَ تي هن خوش ٿيندي چيو، ”ته ڇا، پاڪستان ۾ ماڻهو مون کي پسند ڪندا آهن؟“ مون چيو، ”تمام گهڻو. منهنجي ڀاڻيجي ته دعا ڪئي هئي ته خدا ڪري منهنجي اوهان سان ملاقات ٿئي، ۽ ڏسو هن جي گهريل دعا جي ڪري مان اوهان سان مليس، اوهان سان ڳالهيون ڪيم.“ انهيءَ تي هن جي خوبصورت منهن تي اڃا وڌيڪ رونق اچي ويئي.

  ”اوهان جي لاءِ مون ڪافي پڙهيو آهي ته اوهين گهڻو خاموش رهنديون آهيو. صحيح آهي؟“ مون پڇيومانس.

  جواب ۾ چيائين، ”مان شروع کان وٺي ائين آهيان. سڀ کان وڌيڪ مان پنهنجي فيمليءَ سان ويجهو آهيان، ۽ مان انهن کان سواءِ ڪنهن سان فري ڪانه ٿيندي آهيان. گهر ۾ به مان گهٽ ڳالهائيندي آهيان. پر مان بور ڇوڪري ڪانه آهيان.“

  سين جي تياري مڪمل ٿيڻ واري هئي. مون جلدي وري سوال ڪيو، ”اوهان جو ستارو ڪهڙو آهي؟“ چيائين Leo... پر مان Typical Leoنه آهيان، ڇو جو اهي گهڻو ڪري سخت هوندا آهن ۽ مان نرم آهيان. اهي گهڻو ڳالهائيندا آهن، مان گهٽ ڳالهائيندي آهيان.“

  ”اوهان جي پسنديده شخصيت؟“ هڪدم چيائين ته ”مائيڪل جيڪسن. جنهن نموني سان ڳائي ٿو ۽ جنهن نموني سان ڊانس ٿو ڪري، مان سمجهان ٿي، هو سئو دفعا مون کان بهتر آهي.“

  ”سري ديوي، اوهان جو پسنديده رنگ ڪهڙو آهي؟.“

”مون کي چانڊوڪيءَ وانگي پيار آهي،اڇي رنگ سان.“  ”ڀلا ڪهڙين ڳالهين کان اوهان کي چڙ آهي؟“

  ”گرمي، پگهر ۽ تمام سخت سيءَ کان.“

”ڀلا اوهان جي زندگيءَ جوڪو اڻ وسرندڙ لمحو؟“

  سوچيندي چيائين، ”جڏهن مان ننڍي هيس ۽ مون کي فلم ۾ Child artist طور ڪم ڪرڻو هو، تڏهن سائوٿ جي هڪڙي هيروئن (مان انهيءَ جو نالو ڪونه کڻنديس) مون کي چيو ته تون ان فلم ۾ ڪم ڪونه ڪري سگهندينءَ.“

  مون وري هڪدم ٻيو سوال ڪيو ته ”اوهان جو شاديءَ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ کلندي چيائين، ”شادي هڪ ضروري شيءَ آهي، خاص طرح اسان جي سماج ۾. مان به ضرور شادي ڪنديس. پر پهرين ڪو سٺو ڇوڪرو ته ملي.“

مون چيو، ”سٺي مان اوهان جي مراد ڇا آهي؟“

ٿورو شرمائيندي چيائين، ”منهنجو مطلب آهي سنهڙو، قداور نوجوان. منهنجي مڙس کي اهڙو هجڻ کپي. انهيءَ سان گڏ هن جو اخلاق به سٺو هجي. ضروري ناهي ته هو امير هجي، پر بيڪار به نه هجي.“

  ”اوهين شاديءَ کان پوءِ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون“

”اهو منهنجي مڙس جي مرضيءَ تي هوندو... پر اها شادي ٿئي ته سهي!“

  اهو چئي هن بي اختيار ٽهڪ ڏنو. مون کي به کل اچي ويئي.

  ”اوهان کي پنهنجي ڪهڙي عادت ڪانه وڻندي آهي؟“

  ننڍڙين اسڪول جي ڇوڪرين وانگي، زبان ڪڍي چٻرا ڏيڻ.“

  اوهان جي ڪا اهڙي خواهش، جيڪا پوري نه ٿي هجي؟“

منهنجون سڀ خواهشون پوريون ٿي چڪيون آهن.“ هن سڪون سان جواب ڏنو.

  واقعي، هن کي ٻيو ڇا کپندو هو؟ عزت، دولت، شهرت سڀ ڪجهه هن جي قدمن ۾ آهي. هوءَ ”نمبر ون“ آهي.

  مان اڃا اهو ئي پئي سوچيو ته سلمان خان به اچي ويهي رهيو دل ۾ سوچيم ته هڪ تير سان ٻه شڪار ڇونه ڪجن؟ سلمان سان به ڪچهري ٿي وڃي. اهو خيال ڪري، مون سري دويءَ کان آخري سوال پڇيو، ”اوهان جو پنهنجن پاڪستاني مداحن ڏانهن ڪو خاص پيغام؟“

 چيائين، ”مان سندن شڪر گذار آهيان جو اهي مون کي پسند ڪن ٿا. زندگي ۾ ڪڏهن موقعو مليو ته ضرور پاڪستان اينديس.“ اهو چئي، هوءِ سين پڪچرائيز ڪرائڻ لاءِ اٿي بيٺي. مون هن کي تصويريون ڪڍائڻ لاءِ چيو. پوءِ اسان تصويريون ڪڍايون. سلمان خان مون کي چيو، ”مان شوٽنگ کانپوءِ اچي اوهان سان ڳالهايان ٿو.

  مون کي بي انتها خوشي هئي. هڪ ته سري ديويءَ سان ملاقات جي، ٻيو هن سان ڳالهائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي. جيڪي غلط فهميون هيون ته هوءَ الائي ڪيئن هوندي، آڪڙ هونديس وغيره، سڀ مٽجي ويون هيون. شڪ شبها ختم ٿي چڪا هئا. واقعي،سري ديوي ديوي آهي، جيڪا ماڻهن جي دلين تي حڪومت ڪري ٿي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com