سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :6

 

مقالا

 

سنڌ

        -- ”جنهن وقت هتي جي تير جي، ميدانِ جنگ ۾ تعريف ٿي رهي هئي، تڏهن ڪن دوستن ’سنڌ‘ جي فضيلت کان انڪار ڪيو، جو درست ناهي.

        -- ”منهنجي جان جو قسم! هيءَ اها برڪت ڀري ڀلاري سر زمين آهي، جنهن تي جڏهن مينهن وسي ٿو، تڏهن ان مان ماڻهن جي سينگار واسطي ڄڻ موتي ۽ ياقوت پيدا  ٿين ٿا. سونهن ۽ سوڀيا وڌائڻ لاءِ هتي مشڪ، ڪافور، عنبر، عود، اگر ۽ طرح طرح جي خوشبوءِ موجود آهي، ۽ پڻ قسم قسم جا عطار ۽ جعفر، سنبل، عاج، ساڳ ۽ صندل موجود آهن.

        -- ”۽ هتي ڪانگ، طوطا، مور ۽ ڪبوتر آهن. هتي ناريل آهن، آبنوس آهن، هتي ڪارن مرچن جا وڻ آهن. هتي جي ترار بي نظير آهي، جنهن کي تيز ڌار ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي. هتي جا تير اهڙا تيز آهن، جو جڏهن ڪمانن مان نڪرن ٿا، تڏهن دشمن جي ساري فوج ۾ دهشت ڇانئجي وڃي ٿي.

-- ”پوءِ افسوس! سواءِ بيوقوف جي ٻيو ڪير انهن خوبين کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟“ (ترجمو)

-- ابو ضلع سنڌي

(هجري پهرين صديءَ جو عربي شاعر)

----------------------------------------
متعلوي (متعلوي) سادات “

 

شاهه عبداللطيف جو نسب نامو

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

          شهر هِرات جي هڪ سادات گهراڻي جي سَرڪَردي سيد علي هارتي جي فرزند سيد حيدر جي اولاد جي هڪ شاخ سنڌ ۾ متعلوي يا مٽياروي سيد آهن، جن مان مشهور ولي ۽ عارف شاهه عبدالڪريم ٿيو، جنهن جو تڙپوٽو شاهه عبداللطيف هو. سيد حيدر هراتي جو مٿيون پيڙهيون هن طرح آهن (1): حيدر بن علي بن محمد بن حسين بن علي بن يوسف بن حسين بن ابراهيم بن علي الجَواِري بن حسين الاڪبري بن جعفر ثاني بن موسيٰ ڪاظم بن جعفر صادق بن محمد باقر بن زين العابدين بن امام حسين بن حضرت علي بن ابي طالب. جعفر ثاني ۽ ان کان اڳ هي سادات عراق ۾ بغداد ۾ رهيا: حسين الاڪبري کان محمد تائين شيراز يا ترمذ ۾ رهيا: ۽ ان بعد غالبا سيد علي پهريون بزرگ هو، جنهن اچي هرات کي وسايو. سيد علي هراتي وڏي اثر رسوخ وارو هو، ۽ جڏهن امير تيمور هرات مان چڙهائي ڪري مهيني محرم سن 801هه (سپٽمبر 1398ع) ۾ هندوستان فتح ڪيو، تڏهن سيد علي ۽ سندس پٽ به ساڻس گڏ هئا، جن مان سيد حيدر پنهنجي پيءُ کان موڪلائي سير سفر ڪندي اچي سڌ جي شهر "هالاڪنڊي" (اصلي اڳيون هالا شهر) ۾ پهتو. سنڌ ۾ اهو سمن جي حڪومت وارو دور هو ۽ سندن طرفان ميران محمد "هالا ڪنڊي" جي علائقي جو حاڪم هو، جنهن هالا قبيلي وارن تي ڳرو ڏنڊ وڌو، جيڪو سيد حيدر هنن جي پاران ڀري ڏنو. انهيءَ احسان جي ڪري، هالا قبيلي جي سربراهه شاهه محمد ولد دريا خان هالي، پنهنجي نياڻي سيد حيدر کي پرڻائي. هو پوءِ سترهن مهينا کن هالا ڪنڊي ۾ رهيو، جو کيس سندس والد جي وفات جي خبر پهتي. گهر ۾ اميدواري هئي ۽ وصيت ڪيائين ته جي پٽ ڄمي ته مٿس ڏاڏس جو نالو "علي" رکجؤ. پنهنجي منڊري ۽ پنهنجو خنجر نشاني طور ڇڏي پاڻ هرات روانو ٿيو ۽ پيءُ جي وفات سببان اتي ئي رهي پيو، تان جو ٽن سالن ستاويهن ڏينهن بعد وفات ڪيائين. پويان "هالاڪنڊي" ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو "علي" رکيائون. شجري جي هن روايت موجب سيد علي سنڌي، سن 802 - 803هه واري عرصي ۾ ئي ڄائو هوندو(1) هيءُ سيد علي سنڌي (2) جڏهن وڏو ٿيو ته هرات ويو، جتي سندس ٻه ڀاءُ (محمد ۽ حسين) موجود هئا. انهن کي جڏهن حال ڏنائين ۽ نشانيون ڏيکاريائين، تڏهن هنن کيس پنهنجو ڪيو ۽ پڻ پيءُ جي ورثي مان پتي ڏني، پر هو اتي ڪونه رهيو، پر موٽي "هالاڪنڊي" ۾ پنهنجي والده وٽ آيو. هرات کان پنهنجي چاچي شرف الدين کي پڻ پاڻ سان وٺي آيو، جنهن پوءِ هتي ئي وفات ڪئي.

        سيد علي سنڌي ٻه شاديون ڪيون: هڪ سندس ناناڻن واري "هالا قبيلي" مان ۽ ٻي تُرڪن جي قبيلي مان، ۽ ٻنهي گهرن مان کيس جهجهو اولاد ٿيو، جئن شجري جي مختصر خاڪي مان معلوم ٿيندو.

 

هالا ڪنڊي مان مٽياري واڳ تي اچڻ

 

      سيد علي سنڌي سنه 802 – 803 هجري وارن سالن ۾ ’هالا ڪنڊي‘ ۾ ڄائو ۽ سندس پيڙهي مان شاهه عبدالڪريم 944 هجري ۾ موجوده شهر مٽياري ۾ ڄائو. انهيءَ هڪ سئو ٻائيتاليهن کن سالن واري عرصي ۾ سيد علي سنڌي جو اولاد وڌيو ويجهيو ۽ هالا ڪنڊي مان ڦري موجوده’مٽياري‘ واري ماڳ تي آيو. مير عبدالحسين خان سانگي پنهنجي ڪتاب ’لطائف لطيفي‘ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جي وڏن جي نقلِ مڪاني بابت لکيو آهي ته:

”و بزرگان اوشان اولا در هاله کندي و بعده از متعلاه به متعلوي و از آنجا به بلڙي شريف و آخر در ڀي پور بودند.“

يعني ته: ”حضرت (شاهه عبداللطيف) جن جا وڏا بزرگ پهريائين هالا ڪنڊي ۾ (هئا)، ان بعد ’متعاله‘ مان ’متعلوي‘ ۾ (آيا)، جتان پوءِ بلڙي شريف ۾،  آخر ۾ ’ڀي پور‘ ۾ رهيا“ (1) هن عبارت مان ظاهر آهي ته هنن سيدن جڏهن هالا ڪنڊي (قديم هالا) کي ڇڏيو ته پهريائين اچي ’متعاله‘ ۾ ويٺا ۽ پوءِ ’مٽياري‘ واري ماڳ تي آيا، جيڪو اڳ موجود هو. اهو اصل چانگن جو شهر هو، جيڪو پوءِ هنن ساداتن جي هتي اچڻ ۽ رهڻ بعد سندن نالي پويان ’متعلوي‘ سڏجڻ لڳو. اهڙي تصديق سيد علي سنڌي بابت شجري ۾ ڏنل هيٺين حوالي مان ٿئي ٿي:

”سندس قبر شهر متعله نزديڪ پر گنه پينگاره ضلع هاله ۾ آهي. انهين ئي سببان سندس اولاد کي متعلوي ڪوٺيندا آهن (2).“

يعني ته: ”سيد علي سنڌي جي قبر شهر متعله ۾ آهي، جيڪو پينگهاري پرڳڻي جي ڀرسان ۽ هالا ضلعي جي حد ۾ آهي.“ هالا ضلعو ان وقت پرڳڻن (= تعلقن) ۾ ورهايل هو، جنهن جو هڪ پرڳڻو پينگهارو هو ۽ ٻيو لاڳيتو پرڳڻو خود ’پرڳڻو متعله‘ هو، جنهن جو مرڪزي شهر ’متعله‘ يا ’متعاله‘ هو. ’متعله‘ مان مراد يقيني طور ’متهلو‘ آهي، جيڪو شهدادپور کان 9 ميل اوڀر طرف آهي. پينگهارو، شهدادپور کان 8 ميل اولهه طرف آهي، ’پينگهاري‘ توڙي ’متعلي‘ جي آڳاٽي جغرافيائي ۽ انتظامي اهميت جو ثبوت ان مان ملي ٿو، جو هن وقت تائين پينگهارو ’ديهه ۽ تپو‘ آهي ۽ پڻ متهلو ديهه توڙي تپو آهي.

سيد علي ڇو هالا ڪنڊي کي ڇڏيو ۽ متهلي ۾ وڃي ويٺو، ان بابت لکيت ۾ ڪو حوالو موجود ڪونهي. اصل شجري موجب پهريائين سندس پٽ شرف الدين پنهنجي آڪهه سان حويلي جدا ڪري وڃي ويٺو. باقي ڀاڻس  احمد پنهنجي آڪهه سميت پيءُ سان گڏ رهيو. شرف الدين جي لڏي جدا ويهڻ (اصل لفظ: ”سيد شرف الدين شاهه متاهل شده و حويلي علحده سکونت ساخت) مان گمان ٿئي ٿو ته غالبا سيد شرف الدين ئي پهريائين لڏي وڃي متهلي ۾ ويٺو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس والد سيد علي به متهلي ويو. ڀانئجي ٿو ته ’لطائف

لطيفي‘ ۾ ڄاڻايل نالو ’متعاله‘ اصل نالي ‘مٽ هالا‘ (مت عاله = مٽ هاله‘) جي بدليل صورت آهي: يعني ته ان ماڳ جو اصل نالو ‘مٽ هالا‘ هو، ۽ جئن ته اهو هالا ضلعي جي حدن اندر هو ته اتي به هالا قبيلي جي ئي زمينداري ۽ اختياري هئي. ان ماڳ تي ايندڙ ويندڙن جي سهوليتن لاءِ پاڻيءَ جو مٽ رکيل هو، جنهن جي ڪري ان ماڳ تي ’مٽ هالا‘ (متعاله) يا ’مٽ هالو‘ (متعله) نالو پيو، جئن اڳ هالا قبيلي جي مرڪزي شهر کي اتي بيٺل ’ڪنڊي جي وڻ‘ سببان ’هالا ڪنڊي‘ سڏيو ويو. اهي گمان جيڪڏهن وزندار آهن ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته شاهه محمد هالي پنهنجي نياڻي کي متهلو (مٽ هالو) ڏاج ۾ جاگير ڪري ڏنو هجي، جو پهريائين سيد علي جو پٽ سيد شرف الدين پنهنجي عيال سميت اتي ويو ۽ پوءِ سيد علي به اتي ويو ۽ وفات به اتي ڪيائين. سيد علي پاڻ ۽ سندس اولاد ڪيترو وقت اتي رهيا سو معلوم ناهي. سيد علي 802 – 803 هه ۾ ڄائو ۽ جيڪڏهن چوهٺ – پنجهٺ سالن جي عمر ۾ سنه 866هه ڌاري متهلي ۾ وفات ٿي هجي ته ڪم از ڪم ان سال تائين هو پاڻ پنهنجي عيال سوڌو متهلي ۾ رهيو. ان سال کان سلطان ڄام نظام الدين ٺٽي جو بادشاهه ٿيو جنهن جي دور ۾ ديندار عالمن جي وڏي عزت هئي. غالبا متهلي طرف درياء جي رخ بدلائڻ سببان جيئن پوءِ تيئن پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿيڻ لڳي ۽ هنن ساداتن کي ٻين جاين تي زمينون مليون، جنهنڪري سيد علي جو اولاد گهڻي ڀاڱي اندازاً ڏهين صدي جي شروعات (900 – 910هه) ڌاري (1) ’متهلي‘ مان لڏي اچي چانگن جي شهر (مٽياري) ۾ ويٺو (2) جتي کين ’متهلوي‘ سيد سڏيو ويو، ڇاڪاڻ جو اڳ هو ’متهلي‘ جا ويٺل هئا. وقت گذرڻ سان ’متهلوي‘ جو اچار ڦري ’متعلوي‘ ٿيو(1) جيڪو پوءِ وڌيڪ عامي اچار سان ’مٽياري‘ سڏجڻ لڳو. ’چانگن جي شهر‘ مان ’متعلوي‘ سڏجڻ واري تبديلي سنه 1038هه/1628ع) کان اڳ واقع ٿي. ڇاڪاڻ جو ان سال تصنيف ٿيل ڪتاب ’بيان العارفين‘ ۾ شهر جو نالو ’متعلوي‘ ڄاڻايل آهي.

 

مٽياري مان سيد پور (بلڙي) منتقلي

        متهلي مان ’چانگن جي ڳوٺ‘ ۾ لڏي اچڻ کان ٽيهه – چاليهه سال کن پوءِ سيد شرف الدين جي ڪڙم (شرف پوٽن) مان سندس پٽ سيد جلال عرف جراڙ جي اولاد (جراڙ پوٽن) مان سيد لال محمد عرف شاهه لـله (بن عبدالمنعم) جي گهر سنه 944 هجري (20 جنوري 1538ع) ۾ عبدالڪريم شاهه ڄائو، جنهن جي اولاد ’ڪريم پوٽن‘ مان شاهه عبداللطيف ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ جلال شاهه هو. لال محمد شاهه جو گهر، مٽيارين واري جامع مسجد جي ڏکڻ – الهندي ڪنڊ سان لڳولڳ هو، جنهن جي يادگار طور مسجد شريف جي ديوار ۾ نشان قائم ڪيل آهي. سيد لال محمد شاهه هڪ وڏو ديندار درويش هو ۽ حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جي سهروردي سلسلي ۾ شامل هو، ۽ گهڻو وقت لاڙ م غوثي جماعت جي فقيرن ۾ گذاريندو هو. غالبا بلڙي طرف به سندس اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، ۽ اتي جا ماڻهو سندس معتقد هئا. آخر ۾ وفات بدين طرف ڪيائين، ۽ غوثي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهر بدين کان ٻه ميل کن اتر – اولهه طرف آهي ۽ عام طرح ”شاهه بَدي (يعني ’شهاب الدين‘) جو مقام سڏجي“(ا)، جتي شاهه للي جي تربت هن وقت تائين موجود آهي.

 

        تحفة الڪرام موجب شاهه للو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو درويش هو(2). شاهه للي کان جيڪا نيڪنامي، دينداري ۽ درويشي شروع ٿي، سا شاهه ڪريم جي ڪريمانه اخلاق ۾ آئي، ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف جي معياري فڪر ۾ موجزن ٿي. شاهه ڪريم ننڍڙو ئي هو جو سندس والد گذاري ويو، ۽ وڏي ڀاءُ جلال شاهه ۽ والده سندس پرورش ڪئي. سندس شادي مٽياري ۾ ئي ٿي، جنهن جو ذڪر ’بيان العارفين‘ ۾ موجود آهي. پاڻ پوءِ پنهنجي والد وانگر لاڙ طرف هميشه لاءِ ايندو ويندو رهيو، ۽ پوءِ اتي جي مريدن معتقدن جي محبت ۾ شهر مٽياري کي ڇڏي اوڏانهن لڏي ويو. غالبا وڏي ڀاءُ جلال شاهه جي وفات بعد اندازاً چاليهه – پنجاهه سالن کن جي عمر ۾ لڏيائين(3). هڪ روايت موجب جناب مخدوم نوح رحه جي ارشاد تي بلڙي طرف لڏيائين، ۽ جيئن ته مخدوم نوح رحه 998هه ۾ وفات ڪئي. جڏهن شاهه ڪريم جي عمر چوونجاهه سال هئي ته ضرور ان وقت کان ڪافي اڳ لڏيو هوندائين. شاهه ڪريم اتي پنهنجو ڳوٺ ٻڌو، جيڪو ’سيدپور‘ سڏجڻ لڳو، جيڪو ’بلڙي‘ واري جوءِ ۾ درياء جي ڪنڌيءَ لڳ هو(1).

        اوائلي عمر ۽ نوجواني بعد، ميين شاهه ڪريم جي پڪي ۽ موٽ جواني توڙي پيري ‘سيدپور‘ ۾ گذري ۽ سندس پٽن مان جيڪي سندس حياتيءَ ۾ فوت ٿيا سي پڻ اتي ئي دفن ٿيا. ميين شاهه ڪريم پاڻ تاريخ 7 – ذوالقعده سنه 1032هه آچر رات سانجهي نماز وقت اٺاسي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ کيس پڻ سيدپور (بلڙي) ۾ ئي دفنايو ويو. اهڙيءَ طرح شاهه ڪريم ۽ سندس اولاد جو مرڪزي ماڳ ’مٽياري‘ مان ڦري بلڙي جي علائقي جي ’سيدپور‘ ڳوٺ ۾ ٿيو، جتي شاهه ڪريم پنهنجن پٽن سميت ڪم از ڪم پنجاهه کن سالن جو عرصو گذاريو. هيءُ ماڳ اڳتي لاءِ ميين شاهه ڪريم جي ڪريم – پوٽن ساداتن ۽ ميين شاهه ڪريم جي درگاهه جي ڪري توجهه جو مرڪز بڻيو.

 


(1) متعلوي ساداتن جي شجري ۾ ائين ڏنل آهي، پر انهن ۾ غالبا ڪي  پيڙهيون کٽل آهن. امام موسيٰ ڪاظم سن 183هه ۾ وفات ڪئي ۽ سيد علي بن سيد حيدر 802 - 803هه ۾ ڄائو. اهو وچ وارو عرصو 617 سالن کن جو آهي، مگر امام موسيٰ ڪاظم کان پوءِ سيد حيدر تائين جملي 11 پيڙهيون ڄاڻايل آهن، جيڪي انهيءَ وچ واري 617 سالن جي وڏي عرصي لاءِ گهٽ آهن. جيڪڏهن هڪ صدي لاءِ 3 يا 4 پيڙهيون ٻڌجن ته به جملي پيڙهيون 19 کان وٺي 25 تائين ٿيڻ گهرجن.

(1) سيد علي سنڌي جي هالا ڪنڊي ۾ 802 - 803هه وارن سالن ۾ ولادت ۽ سندس اولاد مان شاهه عبدالڪريم جي سنه 944هه ۾ ولادت جي وچ ۾ جملي عرصو 143 سالن کن جو آهي، مگر وچ واريون پيڙيون اٺ آهن: يعني ته پيڙهيون گهڻيون ۽ عرصو ٿورو آهي. جيڪڏهن شاهه ڪريم کان مٿي سيد علي سنڌي تائين شجرو بالڪل صحيح آهي ته پوءِ سيد علي 802 - 803هه کان اڳ ڄائو هوندو. انهيءَ جي معنيٰ ته سندس والد سيد حيدر جو تيمورلنگ سان گڏجي اچڻ واري روايت ضعيف آهي. ساڳيءَ طرح سيد حيدر سنائي کان مٿي سيد علي سنڌي تائين ڏهه پشتون آهن، پر سيد حيدر (ولادت 875هه) کان سيد علي سنڌي (ولادت 802 - 803هه) تائين مدو بالڪل ٿورو آهي. انهيءَ جي معنيٰ ته سيد علي گهڻو اڳ ۾ ڄائو هوندو. انهيءَ لحاظ سان، سيد حيدر هراتي جو تيمورلنگ جي هندوستان تي حملي کان اڳ سنڌ ۾ اچڻ تسليم ڪري سگهجي ٿو.

(2) سندس ڏاڏي "سيد علي هراتي" جي نالي ۽ سندس نالي ۾ فرق ڪرڻ لاءِ هت کيس "سيد علي سنڌي" ڪري لکيو ويو آهي. جيئن ته هو سنڌ ۾ ڄائو، انهيءَ ڪري اهو نالو سندس واسطي مناسب ٿيندو. ساداتن جي شجري ۾ ٻئي نالي ”مير علي“ ڪري لکيل آهن. ان دور جي فارسي اصطلاح ۾ "سيد" بدران "مير" لکيو ويندو هو. انهيءَ ڳالهه کي صحيح طور نه سمجهڻ سببان پوئين دور جي مصنفن "مير علي" پڪو نالو ڪري ڀانيو آهي، جيڪو صحيح ناهي. "مير علي" معنيٰ "سيد علي". اصل ذاتي نالو "علي" آهي ۽ نه "مير علي".

 (1) مير عبدالحسين خان جو اهو حوالو ته ’هالا ڪنڊي‘ مان ‘متعاله‘ ويا ۽ اتان ’متعلوي‘ (مٽياري) ۾ آيا، يقيني طور ڪنهن شجري تان ورتل آهي ۽ بالڪل ممڪن آهي ته اهو شجرو بلڙي جي سجاده نشينن وٽ هو، جيڪو صاحبڏني شاهه جي معرفت مير صاحب کي مليو.

(2) مٽياري جي ساداتن جي ’باقيل پوٽا‘ شاخ وٽ رکيل شجري ۾ (جيڪو حاجي مير اول شاهه جي وقت مان اصل فارسي تان سنڌي ترجمي جي صورت ۾ اتاريو ويو ۽ هن وقت محبوب علي شاهه وٽ آهي) ائين ڄاڻايل آهي. متهلي جي آسپاس وارن مقامن مان ٻه آڳاٽا آهن، جن ۾ سيد علي جي قبر جو گمان ٿي سگهي ٿو. هڪ ’ڊينبو ڊينبي وارو مقام‘، جيڪو هن وقت بچل شاهه جو مقام سڏجي ۽ ميتلن جي ڳوٺ کان ڏکڻ – اولهه طرف نمبر منڍي تي آهي، ۽ ٻيا آڳاٽي عام روايت موجب ستن ولين ڀائرن جا ماڳ مقام، جن جا نالا عالي شاهه، باقر شاهه، ابراهيم شاهه، قائم شاهه، مراد شاهه، ميهو شاهه ۽ مصري شاهه چيا وڃن ٿا.

(1) جي – ايم – سيد لکيو آهي ته پوري طرح سان پتو نٿو پوي، ليڪن تخمينا اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 835 – 850هه جي وچ ڌاري سيدن جو مختصر حصو هالن مان لڏي اچي ’مٽ واري ڳوٺ‘ (= مٽياري) ۾ رهيو.

(ا)  شهر ’بدين‘ جو نالو به قريشي پير شهاب الدين جي نالي سان پيو، جو ’شهاب الدين‘ مان عام اچار ڦري ’شاهه بدين‘ ٿيو، ۽ اهو پوءِ رڳو ’بدين‘ رهجي ويو.

(2)  ترجمو سنڌي مطبوع سنڌي ادبي بورڊ سنه 1954ع، ص 431.

(3)  جلال شاهه به غالبا مريدن خادمن وارو ٿيو. سندس مريد ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف ٿيا ۽ ڀانئجي ٿو ته وفات به ڪاٺياواڙ طرف ڪيائين ۽ سندس اولاد به اوڏانهن رهيو. پاڪستان ٿيڻ بعد سندس پيڙهي مان ڪي لڏي آيا ۽ ڪجهه وقت اڳ ڪنهن مٽياري ۾ شادي ڪئي.

(1)  بيان العارفين ۾ ميين شاهه ڪريم جي ’سيدپور‘ توڙي ’بلڙي‘ جو جدا جدا ذڪر آيو آهي. پاڻ پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان نڪري ’راهوٽ‘ جو رخ ڪندا هئا ۽ واٽ تي ٻين ڳوٺن مان لنگهي پوءِ درياء مان ٻانهڙيو تري ٻيءَ ڀر مڪليءَ واري پاسي کان ٺٽي ويندا هئا (ص 16). ٻيءَ جاءِ تي آهي ته بلڙيءَ جي ڪن پنهوارن درياء جي ڪپ تي مچ ٻاريو هو. شاهه ڪريم اسر جو اٿيا ته دريا تان تڙ ڪري اچي مچ تي بيٺا (ص 73). معلوم ٿئي ٿو بلڙي هڪ جُوءِ يا تر جو نالو هو، جنهن ۾ سيدپور هڪ ڳوٺ هو. بعد ۾ ان مرڪزي ڳوٺ کي ئي بلڙي سڏيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com