مجموعي طرح سان ڊاڪٽر جهانگياڻي صاحب جو هي
مقالو”لطيفيات“ جي ضمن ۾ هڪ اهم واڌارو تصور ڪيو
ويندو. بهرحال باب ٻيون، جنهن ۾ لطيف جي دور جو
سياسي اڀياس ڪيو ويو آهي، سو خبر نه آهي ته مواد
جي هوندي به اڻ پورو ۽ نامڪمل ڇو رهجي ويو آهي؟
جهانگياڻي صاحب جي آڏو مولانا غلام رسول مهر جو
پورهيو به موجود هو، پوءِ به اڪثر ڪري انگريز
مصنفن جي فرسوده ۽ رد ٿيل راين کي وري وري ڪتب
آندو ويو آهي. سنڌ ۾ مغل دور جي شباب ۽ زوال توڙي
ڪلهوڙن جي سياسي جدوجهد، اقتدار ۾ اچڻ ۽ سندن
خاتمي جهڙن عنوانن بابت وڌيڪ سنجيدگي ۽ ڏاهپ سان
لکڻ جي ضرورت هئي. ارمان آهي جو ڪلهوڙا جڏهن پاور
۾ آيا، تڏهن سندن هٿان ڪجهه معتبر سنڌي ماڻهو
مارجي ويا، ان ڪري بعد جي سنڌي مصنفن پوري هڪ
صديءَ جي جدوجهد، قربانين ۽ چئن نسلن تائين خون جو
ٻليدان ڏيڻ جي باوجود به هن خاندان جي تاريخي
معتبري ۽ حيثيت کي گهٽ اهميت ڏني. ڊاڪٽر جهانگياڻي
به ان اثر هيٺ ڏسجي ٿو. مثال طور هن صاحب، ميان
شاهل محمد جي مارجڻ کي، ابڙن ۽ سانگين جي معرڪن جي
پس منظر ۾ ڏيکاريو آهي ( ص 94) شاهل محمد، آدم
شاهه ۽ دين محمد- ڪلهوڙن جي هڪ صديءَ جي جدوجهد جا
اهم اهڃاڻ آهن ۽ انهن جي قربانين آخرڪار مغل
شاهيءَ کي سنڌ مان ٽپڙ ٻڌڻ تي مجبور ڪيو.ڪلهوڙن جو
پهريون حاڪم ميان يار محمد کي ڏيکاريو ويو آهي،
جڏهن ته مولانا مهر موجب هن خاندان جو باني حاڪم
ميان نصير محمد آهي(جلد 1، 148).
سياسي مطالعي ۾ تشنگيءَ کان علاوه ڪجهه ٻيون به
اهم غلطيون هن ٿيسز ۾ ڏسجن ٿيون، جن کي نظر انداز
نٿو ڪري سگهجي. برٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي جي حوالي سان
لکيو ويو آهي ته ”نور نامو“ ابو الهاشم جي تصنيف
آهي(ص 5) حقيقت ۾ برٽن صاف صاف لکيو آهي ته هي
ڪتاب عبدالرحمان نالي هڪ بزرگ تحرير ڪيو هو
(انگريزي ايڊيشن، ص 135). هڪ طرف شاهه لطيف جي ذڪر
۾ صحيح عيسوي سن ڏنا ويا آهن، ته ٻئي طرف ڪلهوڙا
حاڪمن جو ذڪر ڪندي هيوز، ايٽڪن، سورلي ۽ سمٿ جي
ڏنل سالن تي ڀروسو ڪيو ويو آهي. مولانا مهر موجب
ميان نور محمد ڪلهوڙي 9- ڊسمبر 1753ع تي وفات ڪئي
هئي. (جلد اول، ص 165)، جڏهن ته ڊاڪٽر جهانگياڻي
سن 1755ع ڏنو آهي( ص1.1) فاضل مقاله نگار جا هي
رايا ته شاهه جي زماني ۾، سنڌي زبان هڪ لهجي ((Dialect
جي شڪل ۾ هئي. (ص 49)، ۽ شاهه صاحب جنگي شعر جو
باني آهي (ص 61)- پڻ تاريخي طرح نه
dرست
نه آهن. ڪٿي ڪٿي ارڙهين صديءَ جي سنڌ جو اڀياس
ڪندي، جهانگياڻي صاحب تضادن جو به شڪار ٿي ويو
آهي. مثال طور هڪ طرف پاڻ لکن ٿا ته ڪلهوڙن سنڌي
عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو (1.6) جڏهن ته
اڳتي هلي ان ڏس ۾ سندن راءِ تبديل ٿي ويئي آهي.
ڊاڪٽر جهانگياڻي مشهور جاگرافيدان ماڻڪ پٿالاواجي
جي حوالي سان، سنڌ ۾ پوندڙ بارش متعلق هن ريت لکيو
آهي:
Sindh gerrates the monsoon current for the whole
sub-continent but unfortunately it itself
suffers from a scanty and variable rainfall,
hardly five inches annually(p.119-20)
”شاهه عبداللطيف اينڊ هز ٽائيمز“ خاطري آهي ته
لطيفيات جي باب ۾ هڪ اهم واڌارو ثابت ٿيندو. هن
ڪتاب جو عڪس ايڊيشن منهنجي مدد سان، سنڌ
يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ موجود ڪيو
ويو آهي. هن ڪتاب جي اشاعت تي اسين ڊاڪٽر
جهانگياڻي ۽ دهلي يونيورسٽي کي مبارڪباد ڏيندي،
مستقبل ۾ به اهڙن سٺن ڪتابن جي اشاعت جي اميد
ڪريون ٿا. سفيد پني، پڪي جلد بندي ۽ معياري اشاعت
واري هن ڪتاب جي قيمت هڪ سؤ چاليهه رپيا آهي.
- غلام
محمد لاکو
SHAH ABDUL KARIM-A MYSTIC POET OF SIND
”شاهه عبدالڪريم- سنڌ جو هڪ صوفي شاعر“ نالي ڪتاب
انگريزي ۾ موتي لعل جوتواڻي جو لکيل آهي. پهريون
ڀيرو هي ڪتاب راجيش پبليڪيشن نيو دهليءَ طرفان
هندستان ۾ 1979ع ۾ ڇپيو. تازو محترم مظهر يوسف جي
ڪوشش سان ”سنڌي ڪتاب گهر ڪراچي“ طرفان 1996ع ۾
ڇپيو آهي.
ڪتاب جي شروع ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي سوانح
مختصر مگر جامع نموني ۾ ڏني ويئي آهي. ان کان پوءِ
اسلامي تصوف جو تعارف ڏنو ويو آهي، ۽ ان سلسلي ۾
صوفي بزرگن جي فڪر ۽ فلسفي تي روشني وڌي ويئي آهي.
ابن عربي جي وجودي فڪر ۽ شيخ احمد سرهندي مجدد الف
ثاني جي وحدت الشهود جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. اڳتي
هلي سنڌي زبان جي قديم شاعرن، خاص طرح سان شاهه
ڪريم جي فڪر ۽ شاعرانه خوبين کي نکيڙي نروار ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. اسلامي تصوف جو تعارف ايترو
جامع نه آهي، بلڪ تشنگي جو احساس ٿئي ٿو، البته
شاهه ڪريم رحه جي شاعريءَ کي ٿورن لفظن ۾ ڀليءَ ڀت
سمجهايو ويو آهي.
مهاڳ کانپوءِ ٻئي حصي ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي
ٻيانوي سنڌي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو
آهي. شاهه ڪريم جي بيتن جي ٻولي جيتوڻيڪ قديم ۽ نج
سنڌي آهي،
تڏهن به جوتواڻي صاحب انهن جو انگريزي ٻوليءَ ۾
نهايت سهڻو ترجمو ڪيو آهي. اهڙو ته تڪي توري ترجمو
ڪيو اٿس، جو مطلب سمجهائڻ لاءِ نه گهڻي ڊيگهه ڪئي
اٿس، ۽ نه ڪا ڳالهه ڇڏي ڏني اٿس. مناسب ۽ موزون
لفظن ۾ پورو مفهوم سمايو اٿس. مثال طور هڪ بيت جو
ترجمو هتي ڏجي ٿو.
ڌڪين ڌات پئو، هينئڙو لُههَ سنداڻ جِن،
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئِو.
My heart is used to hammering
Like iron on the anvil
With all rememberance of the beloved
It has not melted away
محترم مظهر يوسف جي ڪوشش سان هن ڪتاب جي نئين
ايڊيشن جيڪا هت ڇپي آهي، ان جي خوبي اها آهي ته
انگريزي ترجمي جي سامهون ٻئي صفحي تي اصل سنڌي بيت
به ڏنا ويا آهن. اهي بيت هندستاني ايڊيشن ۾ ڪو نه
هئا. ان کانسواءِ هن نئين ايڊيشن جي شروع ۾ محترم
مظهر يوسف صاحب جا ” ٻه اکر“ ۽ پروفيسر محمد اڪرم
انصاري مرحوم جو عالمانه پيش لفظ به آهي. محترم
اڪرم انصاري مرحوم فلسفيانه انداز ۾ تصوف ۽
روحانيت جو تعارف مختصر مگر جامع انداز ۾ ڪرايو
آهي، ان سان گڏ ڪريم جي ڪلام جي مختلف ايڊيشنن جو
ذڪر به ڪيو آهي.
شاهه ڪريم جي بيت، سندس ملفوظات بيان العارفين سان
مليا آهن، جيڪا سندس مريد محمد رضا بن عبدالواسع
عرف مير دريائي بن داروغه گهر ٺٽي جي ويٺل، سن
1038هه (1629ع) ۾ لکي پوري ڪئي. ان ۾ شاهه ڪريم جا
سنڌي بيت به آهن، ته قول به، سندس قول ۽ گفتگو
فارسي نثر ۾ ڏنا ويا آهن، ان فارسي نثر جو سنڌي
ترجمو، الف اشباع واري نظم ۾ عبدالرحمان بن محمد
ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ سن 1213هه (1799ع) ۾ ڪيو. سنڌي
ترجمي جو پهريون حصو سن 1293هه (1877ع) ۾ بمبئيءَ
مان ڇپيو.
1904ع ۾ مرزا قليچ بيگ مرحوم جو ”رساله ڪريمي“
ڇپيو، جنهن ۾ شاهه ڪريم جا سنڌي بيت سمورا ڏنا ويا
آهن، پر سندس قولن يا گفتگو جو ٿورو انتخاب سنڌي
نثر ۾ ڏنو ويو آهي. 1937ع ۾ علامه ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائود پوٽي جي تحقيق جو نتيجو”شاهه ڪريم بلڙي
واري جو ڪلام“ نالي ڪتاب شايع ٿيو، جنهن ۾ شاهه
ڪريم جا بيت وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏنا ويا آهن، ۽ سندس
قول به ڪجهه قدر وڌيڪ آندا ويا آهن. سن 1963ع ۾
راقم الحروف جو ڪتاب ”ڪريم جو ڪلام“ ڇپيو، جنهن ۾
شاهه ڪريم جي بيتن سان گڏ سندس گفتگو ۽ ان جو
تعداد اڃا به وڌيڪ آهي. آخر ۾ سنڌي بيت الڳ به ڏنا
ويا آهن. جوتواڻي صاحب هن ڪتاب ۾ فقط سنڌي بيتن
جو ترجمو ڏنو آهي، ۽ بيتن جي نمبروار سٽا راقم
الحروف جي ڪتاب تان کنئين اٿس، جنهن جو حوالو به
ڏنو اٿس.
جوتواڻي صاحب بيشڪ کيرون لهڻيون، جو سنڌي زبان جي
قديم ۽ عظيم شاعر شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي
بيتن جو تمام سهڻو ترجمو انگريزي زبان ۾ پيش ڪيو
اٿس. شاهه ڪريم کي نه فقط قدامت جي لحاظ کان اهميت
آهي، پر ان ڪري سندس بيت اهميت ۽ افاديت جا حامل
آهن، جو شاهه لطيف جي شعر جي سٽا ۽ فڪر تي انهن جو
گهرو ۽ گهاٽو اثر آهي. انهيءَ ڪري شاهه ڪريم کي
شاهه لطيف جو مبشر ۽ سنڌي زبان جو چاسر سڏيو ويندو
آهي.
انگريزي زبان ۾ فقط شاهه لطيف تي ڪجهه قدر ڪم ٿيو
آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو هڪ قديم ۽ عظيم سنڌي
شاعر جو سمورو سنڌي ڪلام انگريزي ۾ ترجمو ڪري شايع
ڪيو ويو آهي. محترم مظهر يوسف ان کي پاڪستان ۾
شايع ڪرائي، اهم خدمت سرانجام ڏني آهي.
- ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي
سرمست - 7
مرتب: تنوير عباسي، ڇپائيندڙ: سچل سرمست يادگار
اڪيڊمي خيرپور، سائيز: ڊيمي، صفحه: 152، ملهه:
ويهه رپيا، ٽائيٽل چار رنگو، آرٽسٽ قيوم منگي.
سچل سرمست يادگار اڪيڊمي خيرپور پاران هر سال حضرت
سچل سرمست رحه جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي
ڪانفرنس ۾ هڪ ڪتاب ”سرمست“ جي نالي سان پڌرو ڪيو
ويندو آهي، جنهن ۾ هڪ سال اڳ واري ادبي ڪانفرنس ۾
پڙهيل مقالن ۽ شعرن کي سهيڙي شايع ڪيو ويندو آهي.
ان قسم جو سلسلو 1981ع کان شروع ٿيو، اهڙيءَ ريت
سرمست جو پهريون پرچو 1981ع ۾ آيو ۽ هن سال 1987ع
۾ سرمست جو ستون پرچو شايع ٿيو آهي.
جنهن جو نماءُ تازو سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي
تي ٿيو.
سرمست جي ستين پرچي جو مرتب مشهور شاعر تنويز
عباسي آهي. ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ سچل سائينءَ جي
عرس ۽ ادبي ڪانفرنس جون تصويرون ڏنل آهن. تنوير
عباسيءَ پنهنجن صفحن ۾ سچل سائينءَ جي عقيدتمندن
لاءِ هڪ خوشخبري لکي آهي ته سچل سرمست رحه جي ڪلام
جو پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو جالنڌر جو مشهور پنجابي
محقق ۽ اديب ڪرتار سنگهه ”عرش“ ڪري رهيو آهي.اها
خبر يقيناً سنڌي ليکڪن ۽ سچل سائينءَ جي معتقدن
لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ بڻبي.
“سرمست“ نمبر ستين جو مواد ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.
پهرين حصي ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن جو ڪلام ڏنل
آهي، جن پنهنجن جذبن ۽ احساسن وسيلي سچل سائينءَ
سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. جن شاعرن جو
فڪر هن ڪتاب ۾ شامل آهي، تن جا نالا آهن: شمشير
الحيدري، تاج بلوچ، اياز گل، خاڪي جويو، عنايت
بلوچ، ادل سومرو، ملڪ نديم، اميد خيرپوري، نظام
زائر، صوفي جهانداس، عاشق، قربان منگي، جمال الدين
مومن، اختر درگاهي، عزيز ڳاهو، شوڪت بخاري، جمال
الدين جوڳي ۽ مير صوبدار شهيد- سڀني شاعرن جو ڪلام
پنهنجي پنهنجي نقطئه نگاهه کان نهايت اثر انگيز
آهي.
مقالن واري حصي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، رشيد
ڀٽي، ڪريم بخش خالد، خادم حسين عباسي، محمد علي
حداد، الطاف اثيم، مولانا عبداللطيف سڪندري ۽ ملڪ
نديم جا مقالا شامل آهن. آخر ۾ محمد علي حداد جي
سچل سرمست تي ببليو گرافيءَ جو واڌارو 1986ع تائين
ڏنل آهي.
مقالن واري حصي ۾ مشهور عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تقرير ڇپجڻ کان رهجي
ويئي آهي، ڇو ته ڪانفرنس جي موقعي تي ٽيپ رڪارڊر
نه هئڻ سبب ڊاڪٽر صاحب جي تقرير محفوظ ٿي نه سگهي،
ان ڳالهه بابت افسوس جو اظهار خود ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ مرتب جي حيثيت سان پهرين صفحن ۾ ڪيو آهي.
منهنجي خيال ۾ سچل سرمست يادگار ڪميٽي کي ادبي
ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي پاران اهڙو انتظام ڪرڻ
گهرجي ته جيئن ڪنهن اديب جي تقرير وغيره ضايع ٿيڻ
کان محفوظ ٿئي.
تنوير عباسيءَ مرتب جي صفحن ۾ ان ڳالهه جو به
اظهار ڪيو آهي ته پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر
غلام علي الانا ۽ ٻين عالمن جي راءِ ۾ سچل سرمست
جا موجوده ڇاپيل نسخا، اڻپورا ۽ غلطين سان ڀريل
آهن، ان ڪري ضروري آهي ته هن اهم ۽ عظيم شاعر جي
ڪلام جو ڪو مستند نسخو ترتيب ڏجي، ان لاءِ اپيل
ڪئي ويئي آهي ته جن به محققن ۽ سچل سائينءَ جي
عقيدتمندن وٽ سچل سائين جي ڪلام توڙي سوانح متعلق
ڪو به قلمي يا ڇاپي مواد موجود آهي ته اهو سچل
سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ائڊريس تي ڏياري
موڪلين.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي مقالي”آيا
مُک ويکڻ“ ۾ لکي ٿو: سچل سرمست محبت ۽ پاڻ کي فنا
ڪرڻ کي معراج ڄاڻي ٿو ۽ اهو تڏهن حاصل ٿئي ٿو،جڏهن
مالڪ حقيقت کي رسي ٿو. سچل سائين ان مقام تي رسڻ
لاءِ نهايت واضح لفظن سان دل جي ڳالهه ڪري ٿو.
اوهان کي معلوم ٿيو آهي ته سندس آواز ڪيترو بلند
آهي. ڪيتري چٽائيءَ مان هو سرمستيءَ جا نعرا هڻي
ٿو. نعرا تڏهن هڻي سگهي ٿو، جڏهن دل جا وهم وسوسا
۽ ڊپ اندر مان ڪڍي چڪو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، سچل سرمست جي بيت
جي فني ۽ فڪري جائزو جي عنوان سان پنهنجي مقالي ۽
سچل سائينءَ جي مختلف شعري صنفن جي حوالي سان
بهترين جائزو پيش ڪيو آهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب، سچل سائينءَ جي طالب
گهرام فقير جي شخصيت ۽ سندس ڪلام بابت سٺي ڄاڻ ڏني
آهي ۽ ان ڳالهه جي دليلن سان وضاحت پڻ ڪئي آهي ته
گهرام فقير، پير علي گوهر شاهه اصغر جو گهڻو
عقيدتمند هو، پر طالب سچل سائينءَ جو هو.
”سچل جي فن ۽ فڪر جو پس منظر ۽ محرڪ“ جي عنوان سان
رشيد ڀٽي صاحب، پنهنجي مقالي ۾ سچل سائينءَ جي دور
جي مختلف حالتن جي حوالي سان سندس فڪر جو جائزو
پيش ڪيو آهي.
ڪريم بخش خالد صاحب، صوفين جي سٿ ۾ سچل سائينءَ جي
مقام جو تعين ڪندي سندس حيثيت معتبر ۽ مٿانهين
ڄاڻائي آهي.
خادم عباسي صاحب درگاهه درازن جي سلسلي جا شاعر جي
عنوان سان، انهيءَ سلسلي جي پنجن شاعرن جو تعارف
سندن مختصر ڪلام سان گڏ ڏنو آهي.
محمد علي حداد صاحب سچل سائين جي رحلت واري عيسوي
سن بابت تفصيلي بحث ڪندي راءِ ڏني آهي ته سچل
يادگار ڪميٽي طرفان آئيندي جيڪي به ڪتاب شايع ٿين
ته انهن ۾ سچل سائين جي رحلت جو عيسوي 1827ع لکيو
وڃي، ڇو ته ان طريقي سان اسان غير ملڪي محققن ۽
پنهنجن شاگردن کي اجاين غلط فهمين کان ڇوٽڪارو
ڏياري سگهنداسين.
ملڪ نديم صاحب سچل سائين جي بيت جي شرح نهايت مفصل
۽ اثرائتي انداز ۾ ڪئي آهي. الطاف اثيم صاحب سچل
سائين جي ڪلام مان پهاڪن جهڙن جملن جي چونڊ ڪئي
آهي، جنهن لاءِ هن صاحب وڏي محنت سان هر هڪ سُر ۽
داستان جي حوالي سان عنوان ڏيئي بيت ۽ ڪافين مان
پهاڪن جهڙا جملا کڻي سهيڙيا آهن.
مولوي عبداللطيف سڪندري صاحب پنهنجي مقالي ۾
ڄاڻايو آهي ته سچل سائين جو ڪلام قرآن ۽ حديث جي
شرح آهي، خاص طور تي ديوان اَشڪار ۾ اهڙو مواد
موجود آهي.
آخر ۾ محمد علي حداد صاحب جي مسلسل محنت جو نچوڙ
سچل سرمست تي ببليو گرافي جو واڌارو سن 1984ع
تائين ڏنل آهي.
مجموعي طور تي سرمست ڪتاب نمبر ستون هڪ نهايت
بهترين ادبي سوکڙي آهي، جنهن جو هر ادب دوست وٽ
هئڻ ضروري آهي.
-
ادل سومرو
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس
از ڊاڪٽر غلام علي الانا، سائيز ڊيمي، صفحا 4.2،
قيمت اسي رپيا، ناشر سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو، سال 1987ع.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سنڌ جو مڃيل اديب ۽
عالم آهي. ابتدا ۾ پاڻ ناول نگاري ۽ افسانه
نگاريءَ سان لاڳاپيل رهيا، بعد ۾ سندن ڌيان علم
لسانيات طرف ويو. هڪ طرف پاڻ سنڌي ادب ۾ پهريان
ڊاڪٽر آهن ۽ ٻئي طرف الانا صاحب لنڊن يونيورسٽيءَ
مان باقاعده لسانيات جو اڀياس ڪري ايم. اي جي ڊگري
پڻ حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب ورهين جا ورهيه
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ جڳ مشهور اداري
سنڌ الاجيءَ جا سربراهه رهيا.
هن وقت پاڻ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد
جا وائيس چانسيلر آهن. تبصري هيٺ آيل ڪتاب کان
علاوه ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي حوالي
سان، ”سنڌي صوقيات“، ”سنڌي صورتخطي“، ”سنڌي معلم“،
سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني
جاگرافي“- جهڙا معياري ڪتاب لکي هڪ ماهر لسانيات
جي حيثيت سان پنهنجي ادبي پوزيشن جي ڌاڪ ڄمائي
چڪا آهن.
پاڪستان ٺهڻ بعد چيو ويو ته سنڌي ٻولي هڪ علائقي
جي زبان آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب ”سنڌي ٻولي جي
لساني جاگرافي“ لکي ٻڌايو ته پاڪستاني ٻولين ۾
سنڌي ٻولي هڪ سگهاري زبان آهي ۽ ان جون حدون سنڌ ۽
پاڪستان ته ٺهيو، پر ان کان به ٻاهر سوين هزارين
ميلن تائين موجود آهن.
سنڌي زبان ۽ لسانيات جي حوالي سان، ڊاڪٽر غلام علي
الانا صاحب لاڳيتو ڪم ڪندو رهيو آهي. تبصري هيٺ
آيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ سندن جهد، مطالعي
۽ جاکوڙ جي تازه ترين ڪوشش آهي، جنهن کي جڳ مشهور
اداري سنڌ الاجي ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪل يارنهن باب آهن، جن کي وري مختلف
عنوانن هيٺ بحث ۾ آندو ويو آهي. پهريون
باب”لسانيات، مقصد ۽ اهميت“ بابت آهي. ٻئي باب ۾
پنج موضوع ’علم صرف ۽ سنڌي ٻولي‘، ’علم نحو ۽ سنڌي
ٻولي‘، سنڌي/ادغام‘ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي
بناوتون‘، ’علم اللسان ۽ سچل جو ڪلام‘- اڀياس هيٺ
آيا آهن. ٽيون باب سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ سنڌي
افساني ۾ ابتي ٻوليءَ جي تجربن بابت آهي. هن بابت
۾ گني سامتاڻي، امداد حسين، تنوير جوڻيجو ۽ مشتاق
شوري جي راين، خيالن ۽ تجربن تي بحث ڪري، الانا
صاحب سنڌي نثر ۾ ابتي ٻوليءَ جي استعمال کي روڪيو
آهي. چوٿين باب ۾ ’سنڌي صورتخطي جا مسئلا ضبط
تحرير ٿيا آهن. هن باب جي ابتدا ۾ آواز، اکر يا
حرف، الف – ب، صورتخطي ۽ رسم الخط متعلق بحث ڪيو
ويو آهي. ان بعد عربي- سنڌي رسم الخط جي اوسر جي
چئن مرحلن، ابوالحسن، ايلس ۽ سال 1935ع واري قائم
ڪيل پٽي توڙي جامع سنڌي لغات ۾ اختيار ڪيل الف-بي
واري پٽيءَ تي ماهر لسانيات جي حيثيت ۾ مصنف
پنهنجي راءِ ڏني آهي. جامع سنڌي لغات ۽ قائم ڪيل
سنڌي الف-ب واري پٽي بهرحال ڪا خاص پوزيشن حاصل نه
ڪري سگهي ۽ اڄ به پرائمري استاد ٻارڙن کي 1935ع
واري اختيار ڪيل پٽي لکي ڏين ٿا ۽ پاڙهين ٿا.
يارنهن ننڍن ننڍن عنوانن تحت سنڌي صورتخطيءَ جي
مسئلن جي نشاندهي ڪري، ان ڏس ۾ سنڌي نحوي، صوتي ۽
لساني پهلوئن تي بحث ڪيو ويو آهي. هنن مختصر
يارنهن عنوانن مان ’ز‘ عنوان شايد اشاعت ۾ اچي نه
سگهيو آهي. فاضل محقق موجب سنڌي زبان تي سرائڪي
ٻوليءَ جي پيل اثر سبب، اسان جي نصابي ڪتابن ۾ به
اعراب ’عه‘ جو استعمال گهٽجي ويو آهي(ص 218).
حقيقت ۾ سنڌي زبان جي ان قسم جي بگاڙ ۾، انهن
راڳيندڙن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن جي مادري
زبان سرائڪي آهي. ان ڏس ۾ بهرحال ريڊيو اختياري
وارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن باب ۾ ئي الانا صاحب
اسان جي زبان ۾ مروج فارسي ۽ عربي اکرن ۾ تازي دور
۾ ڪيل ڦير گهير واري عمل کي به رد ڪيو آهي ۽ 213
لفظن جي مقرر صورتخطيءَ لاءِ پڻ سفارش ڪئي اٿن.
عربي-سنڌي رسم الخط جي بانيءَ جي حيثيت ۾ مخدوم
ابو الحسن جو ذڪر گهڻو ٿيو آهي. خود ڊاڪٽر الانا
صاحب به هي راءِ قائم رکي آهي(ص 190) ان ڏس ۾ تازي
ٿيل تحقيق ۽ قديم سنڌي ڪتابن جي ملڻ سان خاطري
ڪرائي آهي ته هي راءِ هاڻ رد ڪئي ويندي. ان متعلق
راقم الحروف جو هڪ تحقيقي پيپر، جيڪو هن ئي مهراڻ
(78/3) ۾ شايع ٿي رهيو آهي. اميد ته هن عنوان تي
ڪم ڪندڙن لاءِ تحقيق جا نوان نقطا مهيا ڪندو.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب جو پنجون باب ”سنڌي ٻوليءَ جي
قديم تاريخي حيثيت“ بابت آهي. ڇهون باب“سنڌي
ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ ان جي
ترقيءَ لاءِ تجويزون“ عنوان تحت قائم ڪيو ويو
آهي.هن باب ۾ تاريخ ۾ سنڌي زبان جي حيثيت ۽ ماضيءَ
۾ ان جي نصابي حيثيت جي حوالي سان، رچرڊ برٽن جي
مدد سان لکيو ويو آهي. هن باب ۾ الانا صاحب سنڌي
علم-ادب جي گهڻگهرن: پير حسام الدين راشدي مرحوم،
علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مراد علي مرزا جي راين کي
وزن ڏيندي لکي ٿو ته : ڪابه زبان صرف افساني، شعر
۽ ناول جي لکجڻ سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي. هر زبان
جي واڌاري لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ سائني علومن
بابت وڌ ۾ وڌ مواد مهيا ڪجي. ستون باب”رسم الخط“
جي ابتدا ۽ اوسر ۽ قديم سنڌ جو رسم الخط“ عنوان
تحت رکيو ويو آهي. هن باب جي ابتدا ۾ مرحوم محبوب
علي چنا جي هڪ ڪتاب تان مدد ورتي ويئي آهي، تاهم
نه ته حاشيي ۾ ان جو حوالو ڏنو ويو آهي ۽ نه وري
باب جي آخر ۾ ڏنل ببليو گرافيءَ ۾ ان جو نالو ملي
ٿو. هن ئي باب ۾ پاڪستاني اديبن جي سنڌ ڏانهن
ڪروڌي رجحان جي نشاندهي ڪندي ڊاڪٽر دانيءَ تي
تنقيد ڪئي ويئي آهي. ” سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب تي ٻين
ٻولين ۽ تهذيبن جو اثر“، هن ڪتاب جو ورندڙ باب
آهي. ڪتاب جو هي باب نهايت اهم آهي. هن باب جو
مدار گهڻي ڀاڱي تاريخي ۽ تهذيبي اڀياس تي مبني آهي
۽ ان جي حوالي سان آئون ڪجهه علمي نقطن طرف فاضل
محقق جو ڌيان ڇڪائيندس. هڪ هنڌ الانا صاحب جن لکن
ٿا. ”عربي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ فارسي زبان سنڌ
جي سرڪاري زبان رهي“ (ص 321) ان ڏس ۾ هيءَ راءِ به
ڏني ويئي آهي ته سمن جي دؤر ۾ عربيءَ کي دفترن مان
نيڪالي ملي ۽ ان جي جي جاءِ فارسي ٻوليءَ والاري.
حقيقت ۾ ٺوس علمي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي اڀياس
ڏيکاري ٿو ته عربي زبان اٺ صديون (عربن کان سمن
تائين)، سنڌ جي واحد سرڪاري، علمي ۽ مذهبي ٻوليءَ
طور قائم رهي، ان متعلق ڪجهه وقت اڳ راقم الحروف
هڪ پيپر لکيو هو، ليڪن بدقسمتيءَ سان اهو ڪنهن
سنڌي ميگزين بجاءِ انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ جي
علمي رسالي سماهي ”اردو“ ( 81/2) ۾ ڇپيو. |