سمن جي دور جي جن ڪتبن ڏي اشارو ڪندي، فارسي زبان
جي سرڪاري وجود جو متعلق پيدا ڪيو ويو آهي. مذڪوره
پيپر ۾ ان متعلق به ڇنڊڇاڻ موجود آهي. ڊاڪٽر صاحب
هن ڪتاب ۾ کجي واري فارسي ڪتبي جو سن 872هه (
حاشيو، ص 331) ڏنو آهي. درست سال 782هه آهي(مڪلي
نامه، ص 106). ڏهين باب جو عنوان ”عربي ٻوليءَ ۾
سنڌيءَ جا لفظ“ ۽ يارهين باب جو عنوان ”دنيا جي
ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان“ آهي. تبصري لاءِ
پهتل ڪاپيءَ ۾ هنن بابن جا ڪافي صفحا کٽل آهن، ان
ڪري انهن بابن ۾ مواد جي حاصلات بابت ڪجهه چوڻ
مشڪل آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سنڌ جي انهن عالمن ۽
اديبن ۾ شامل آهن، جن ڪڏهن به تحقيق جي ميدان ۾
جامد رويو اختيار نه ڪيو آهي. ان پس منظر ۾ اميد
آهي ته مٿي ڏنل چند نقطن بابت پاڻ ڪجهه سوچ ويچار
ڪندا. ڪجهه حلقن طرفان موجوده الف-بي واري پٽي ۾
واڌاري جون رٿون ڏنيون ويون آهن. ان متعلق به
الانا صاحب کي لسانيات جي هڪ عالم جي حيثيت ۾
پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه هيل
تائين عربي ۽ فارسي يا ٻين ٻولين بابت صرف هي
ٻڌايو ويو آهي ته انهن سنڌي زبان کي شاهوڪار
بنايو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هنن ٻولين جي
استحصالي ڪردار تي به چٽو ٿي لکيو وڃي.
جيئن ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ جي پيش لفظ ۾ ٻڌايو
ويو آهي ته الانا صاحب جو ايندڙ ڪتاب به لسانيات
جي حوالي سان هوندو ۽ ان جو عنوان ”زبان اور
ثقافت“ رکيو ويو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي جو
ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي ٿيسز ”عريڪ ايليمينٽ ان
سنڌي“ ۽ پڻ هڪ وڌيڪ ڪتاب ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي
ٻوليءَ لاءِ هلايل جدوجهد“ پڻ ڇپائڻ گهرجي. تبصري
هيٺ آيل ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي اشاعتي
سلسلي جو 131 ڪتاب آهي.
ڪتاب جي ڇپائي ۾ ڪافي نقص رهجي ويل آهن، ان ڪري ان
جي آخر ۾ ڀلنامو به شامل ڪيو ويو آهي. مجموعي طرح
سان هن ڪتاب جي اشاعت سان سنڌي زبان ۾ هڪ سٺي ڪتاب
جو اضافو ٿيو آهي. ڪتاب جي قيمت اسي رپيا مناسب
آهي، ليڪن شرط هي آهي ته ان ۾ ڇهن مهينن بعد وري
واڌارو نه ڪيو ويندو.
- غلام محمد لاکو
ادب ۽ ماحول
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ادبي کيتر ۾ تحقيق جي
حوالي سان پنهنجي انفرادي حيثيت مڃرائي چڪو آهي.
ڏات ڌڻين ۽ قلم قبيلي جي ڪڙم کي گڏ ڪري، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي پاران، مختصر عرصي ۾ ٽي سؤ ڏهن
اديبن، ڏات ڌڻين ۽ دانشورن جو ادبي رڪارڊ سهيڙي،
سوهي ۽ سينگاري سچ پچ ته سنڌي علم ادب جي تاريخ ۽
ٻوليءَ جي لازوال، لاثاني ۽ لافاني خدمت ڪئي آهي،
جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب کيرون لهڻيون.
تازو ڊاڪٽر صاحب جو نئون ڪتاب”ادب ۽ ماحول“، جيڪو
گلشن پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، سو نظر
مان گذريو. هي ڪتاب سهڻي گيٽ اپ سان 110 صفحن تي
مشتمل آهي.
ڪتاب چئن بابن ۾ ورهايل آهي. پهرئين باب ۾ سماجي
جماعتن ۽ حالتن جو، ٻئي باب ۾ تعليمي ترقي، ٽئين
باب ۾ مختلف مذهبن ۽ چوٿين باب ۾ سياسي حالتن جو
سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب تي جيڪو به اثر پيو آهي،
تنهن تي تفصيلي روشني وڌي ويئي آهي.
منهنجي ذاتي راءِ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب سنڌي
زبان ۾ پهريون ڪافي حد تائين جامع ڪتاب آهي، جنهن
جي وضاحت سان ڏيکاريو ويو آهي ته وقت ۽ حالتون،علم
و ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪهڙي طريقي سان اثر انداز ٿين
ٿيون. هونئن به ادب ۽ ماحول هڪ تصوير جا ٻه پاسا
آهن.
ادب زندگي آهي ۽ ماحول ان جو پاسبان آهي ۽ ماحول
جو ادب وري ترجمان آهي، يا ائين کڻي چئجي ته ادب
آرسي آهي ماحول جي، اديب، دانشور ۽ ڏات ڌڻي معاشري
جي سماجي، معاشي ۽ مذهبي تاريخ جا ترجمان هوندا
آهن. دنيا جي ادب وانگر سنڌ جي ٻولي ۽ علم و ادب
تي وقتاً فوقتاً سماجي جماعتن ۽ حالتن جو تعليمي
ترقي ۽ واڌاري جو، مختلف مذهبن ۽ سياسي حالتن جو
گهرو ۽ گهاٽو اثر پئي رهيو آهي، سو هن ڪتاب مان هڪ
طرف سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي
حالتن جي خبر پوي ٿي ته وري ٻئي طرف ادب ۽ ماحول
جي پاڻ ۾ گهري ۽ گهاٽي رشتي جي پڻ پروڙ پوي ٿي.
فاضل ليکڪ ڪتاب جي منڍ ۾ مقدمو ڏنو آهي سو
پنهنجيءَ جاءِ تي اهميت جو حامل آهي.
ان مصنف ڪجهه اهم سوال اٿاري، سنڌي اديبن ۽ ليکڪن
کي سجاڳ ڪري، وري پاڻ ئي انهن سوالن جا مختصر جواب
به ڏنا آهن. هي قلمي پورهيو، سنڌي ادب جي سروي
رپورٽ به آهي ته وري سنڌي ادب جي کاته بندي ۽
تحقيقي ڪاوش جو گڏيل روپ به. هي ادبي پورهيو ان
ڪري به تحسين جو لائق ۽ خاص اهميت ۽ افاديت جو
حامل آهي جو ان کي موضوعاتي ڪتاب بڻائي، ڪنهن خاص
عنوان يا ڳالهه جي وضاحت، تشريح وڪالت يا پاس
خاطري، تائيد يا ترديد ڪرڻ بدران، فاضل ليکڪ
تحقيقي ۽ ارتقائي عمل وارو انداز اختيار ڪري هڪ-اڌ
مسئلي تي وڌيڪ مطالعي ڪرڻ لاءِ معلومات فراهم ڪري
سچ سچ ته سنڌي اڇلائي طلاطم برپا ڪيو آهي، ۽ فاصل
مصنف وڌيڪ وضاحت سان کولي ٻڌايو آهي ته ڪهڙيءَ ريت
وقت ۽ حالات هر دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ڪيترو نه
متاثر ڪيو آهي.
ادب، ”قوميت“ ۽ ”ڪلچر“ جي عنصر جي حيثيت رکي ٿو.
ادب کي جنم ڏئي ٿي ۽ ادب وري ٻوليءَ کي ترقي
وٺرائي ٿو، اهڙي نموني سان ”ڪلچر“ جي پارکن “ادب“
کي به مذهب وانگر ”ڪلچر“ جو جز ڄاڻايو آهي، ان ڪري
ڪلچر، ادب جي تخليق ڪري ٿو ۽ ”ادب“ ڪلچر جي تحفظ ۽
ترقيءَ جو باعث بڻجي ٿو.
قابل احترام ليکڪ مقدمي ۽ سومرن جي دور کان وٺي،
ويندي ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي دور تائين سڀئي سياسي،
سماجي ۽ مذهبي حالتون بيان ڪيون آهن، جنهن کان
اسان جو ادب ۽ ماحول هڪ ئي وقت متاثر ٿيو آهي ۽
انهن وقتن ۾ ڪهڙين سياسي، سماجي، مذهبي ۽ صوفيانه
تحريڪن جنم ورتو ۽ اهو به ٻڌايو آهي ته معاشري ۾
ڪهڙيءَ طرح طبقاتي ڪشمڪش شروع ٿي ۽ انهن جي ٽڪرائڻ
سان ڪهڙا نتيجا نڪتا، انهن تي پڻ تفصيلي روشني وڌي
ويئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ادب ۾ نج ادب،
نظرياتي ادب ۽ سياسي ادب جو پڻ اضافو ٿيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ٿو ته غلامي ۽ آزادي واري دور جي
ادب جون پنهنجون تقاضائون هونديون آهن. جڏهن ڪابه
قوم پنهنجي قومي، تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کي
وڃائي ويهندي آهي يا کانئن اهي قدر کسيا ويندا
آهن، تڏهن دانشورن ۽ اديبن کي حالت بدلائڻ لاءِ
ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي ۽ اديب ذاتي حيثيت ۽ دائري
مان نڪري قومي ۽ انساني سطح ۽ دائري تائين پرواز
ڪندو آهي ۽ قومن جي اُمنگن، احساسن، نظرين ۽
آرزوئن جي ترجماني ۽ وڪالت ڪندي، ان ڏکي پنڌ پيچري
۾ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو آهي.
ڊاڪٽر پٺاڻ مقدمي جي آخري حصي ۾ موجوده ادب ۽
حالتن تي روشني وجهندي ٻڌائي ٿو ته اڄ ڪلهه جون
حالتون ڪنهن کان ڳجهيون پاليون ڪينهن. هر هڪ
دانشور کي بخوبي ڄاڻ آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه
ڪرڻ گهرجي. موجوده دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي
ترقي جتي انسان ذات لاءِ سوين سُک مهيا ڪيا آهن،
تتي تباهي ۽ بربادي جا ڪارڻ به ڪنهن کان لڪل
ڪينهن. ”اڀ لڙائي“ جي تياري، مجموعي طور تي پوري
انسان ذات لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. دنيا جي هر قوم
پنهنجن پنهنجن مسئلن ۾ منجهي پئي آهي ۽ اسان اڳيان
پڻ اڪيچار مونجهارا ۽ مسئلا آهن، انهن مان ڪي اسان
کي ورثي ۾ ته ڪي وري پنهنجي دور جي پيداوار آهن.
اسان وٽ جيترا آهن مسئلا، اوترا بلڪ انهن کان وڌيڪ
آهن نظريا. هن دور اختلافن کي ڇڪي ۽ کنڀي آڻي جنگ
جي ميدان تي پهچايو آهي. اڄ ڪلاشنڪوف، قلم سان
مهاڏو اٽڪائي رکيو آهي، ڏاڍ جي لٺ کي ٻه مٿا جي
مصداق، هڪ طرف آهن ڏاڍ، ڏهڪاءُ، غربت، جهالت ۽
پرماريت ته ٻئي طرف آهن هٿين خالي، بي پهچ ابهم ۽
ڏتڙيل ڏيهي.
قلم ڌڻي ۽ سندس قلم ئي ڏيهه جي ڏکايل انسانن لاءِ
آخري آٿت ۽ آخري ڏڍ آهي، ڇو ته اهو ئي صحيح معنيٰ
۾ ٻوليءَ جو وارث، تاريخ جو مالڪ ۽ ڪلچر جو محافظ
آهي.هو انهن ذريعن ۽ وسيلن کي ڪم آڻي، پنهنجي قلم
لي تلوار بلڪ ڪلاشنڪوف کان وڌيڪ هٿيار بڻائي ٿو ۽
قوم جي تازه دم گوريلي وانگر عوام جي دلين تي ۽
عوام جي دشمن جي ذهنن تي حڪمراني ڪري ٿو. سچ پچ ته
ڊاڪٽر در محمد، ادب جي اڻانگي سفر ۾ سنڌ واسين کي
سڏڙا ڪيا آهن. اميد ته مصنف جون اهي اپيلون ۽
استدعائون صحرا جون صدائون ثابت نه ٿينديون، بلڪ
ان جو پڙلاءُ ۽ پڙاڏو دانشورن ۽ قلم ڌڻين کي
جاڳائڻ ۽ مسلسل اڳتي وڌڻ ۾ وڏو هٿيار ثابت ٿيندو.
منهنجي نماڻي راءِ آهي ته هي ڪتاب ايم-اي سطح تي
سنڌي نصاب ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ته جيئن شاگرد پنهنجي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ کان واقف ٿي مستقبل قريب ۾ ڪو
تعميري ڪم ڪري سگهن.
- غلام قمبر ابڙو
قدم ڪاپڙين جا
محنت، جيڪا من ۾ محبت پائي ڪئي وڃي ٿي، اها اڳي
پوءِ قدردانن جي ڪڙم ۾ قبول پئي ٿي. اسان جا قلمي
پورهيت، ۽ پوءِ ڇو نه کڻي جٿن ۽ گروهن جي صورت ۾
آهن، پنهنجي محبت ۽ محنت جو سفر طئي ڪندا، ٻوليءَ
جي جهولي ڀريندا رهن ٿا. فقير امداد علي سرائي به
ادبي دنيا ۾ اهڙي سفر جو آغاز ڪيو آهي. ليڪن هو لڳ
ڀڳ اڪيلو آهي. کيس ساهتي پريمين جو ساٿ اڻ لکو
مليو آهي. وس پڳي اسان جي هن يار سچ جي ڀير تي حد
کان وڌيڪ ڏولڪا هڻي، ڪيترن کي فقط پري کان ڀير جي
آواز ٻڌڻ تي مجبور ڪيو آهي.
لطيفي قافلي جي هن اڪيلي مسافر تازو ”قدم ڪاپڙين
جا“ جي نالي سان رڻ ڪڇ جو سفرنامو شايع ڪرايو آهي.
313 صفحن جو هي ڪتاب اداري ”اشاعت رسالو شاه
عبداللطيف رحه ڪاڇيلو ننگر س- ل، حيدرآباد سنڌ“
طرفان شايع ٿيو آهي ۽ پنجونجاهه روپين جي ملهه تي
سنڌ جي مکيه ڪتاب گهرن وٽان ملي سگهي ٿو.
هي ڪتاب چوويهن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ فاضل ليکڪ
ڪراچيءَ کان وٺي ڪڇ تائين پنهنجي سفر جي ڪهاڻي
ٻڌائي آهي. انهيءَ سفر دوران کيس ڪڇ ۽ بمبئيءَ جي
وچ تي جن شهرن ۽ ڳوٺن ڏسڻ ۽ اتان جي اديبن خواهه
لطيفي لات جي رکوالن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي،
تنهن جو نهايت سليس، عام فهم ۽ آسان زبان ۾ احوال
ڏنو اٿس.
هي ڪتاب ليکڪ جي ادبي ذوق، ان جي پس منظر ۽ نتيجي
کان سواءِ سندس ادبي شخصيت ۽ حيثيت تي به روشني
وجهي ٿو. فقير امداد علي کي عرصي کان وٺي اهو
احساس رهيو هو ته ڀلاري ڀٽ ڌڻي اڌ لک کان مٿي بيت
چيا هوندا. جن مان وڌ ۾ وڌ ڏهه هزار بيت قلم بند
آهن ۽ باقي بيت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، بلوچستان ۽
هندستان ۾ جهونن فقيرن جي سينن ۾ سندن وڏڙن جي
قلمي بندين تي لکيل هوندا، جن کي ڳولهي هٿ ڪجي.
انهي سلسلي ۾ فقير امداد علي سنڌ جي علمي، ادبي ۽
ثقافتي ادارن ۽ اڳواڻ اديبن سان ڪچهريون به ڪيون.
ليڪن جيڪا ڳالهه هن پاڻ چئي هئي، تنهن کي پاڻ ڪري
ڏيکارڻ لاءِ ڪڇ ڀُڇ جو هي سفر ڪرڻو پيو. سندس اهو
سفرنامو اڻ پوري حالت ۾ ڪن قسطن جي صورت ۾ اخبار ۾
به شايع ٿيو، پر اهي قسطون سندس محنت- هاڻي محبت
جي چٽيءَ تصوير چٽڻ کان قاصر هيون، ان ڪري هن ڪتاب
جي تخليق ٿي.
ڪتاب ”قدم ڪاپڙين جا“ بي شڪ فقير امداد علي سرائي
جي جذبي، محنت ۽ محبت جو نتيجو آهي. اڄ جڏهن
”سفرنامي“ جي صنف مقبول ۽ عام بڻجي رهي آهي، تڏهن
ان کي دلچسپي عام معلومات سان گڏ مفيد ۽ ادبي
ڪارج وارو به بڻائڻو آهي، اها جهلڪ اسان کي هن
سفرنامي ۾ نظر اچي ٿي. فقير امداد علي جي قلمي
پورهئي کي بي شڪ پنهنجا چار چنڊ آهن، پر ٻه
ڳالهيون انهن چئن چنڊن اڳيان بادل بڻجي بيهن ٿيون.
پهرين ڳالهه آهي”پروفن جي غلطي“. جنهن ليکڪ پاڻ
توجہ ڇڪرايو آهي. پر پوءِ به عجيب ڳالهه آهي ته
اهو ڪتاب، جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ بابت
جاکوڙ تي لکيل آهي ۽ جنهن اداري شايع ڪرايو آهي،
ان جو نالو به لطيف سائينءَ جي نالي پٺيان رکيل
آهي، تنهن اداري جي نالي ۾ ”عبداللطيف“ جي صورتخطي
غلط لکيل آهي. اها پروف جي وڏي غلطي آهي. ٻي ڳالهه
اها آهي ته ڪتاب جي ٻولي ڪن هنڌن تي غير ادبي
نوعيت جي آهي ۽ خاص طور تي اصطلاحن جو استعمال سوچ
ويچار سان نه ڪيو ويو آهي، ان ۾ امداد علي فقير جو
ڏوهه گهٽ آهي، ڇو ته هن اها به شڪايت ڪئي آهي ته
هي مسودو ڪنهن ”اديب“ کي ڏسڻ لاءِ ڏنو ويو هو،
جنهن جيئن جو تيئن موٽائي ڇڏيو هو!
اهي اهڙيون غلطيون آهن، جيڪي امداد علي فقير جي
محنت ۽ محبت کي متاثر نه ٿيون ڪن. هن پنهنجي ڪتاب
۾ محققن جي سوچ ۽ فڪر لاءِ گهڻو ڪي مواد ڏنو آهي.
ان کانسواءِ عام پڙهندڙ ڪتاب مان ڪافي ڪجهه حاصل
ڪري سگهي ٿو.
- ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
واچوڙن ۾ لاٽ
(ريڊيو ۽ ٽي. وي. ناٽڪ) ليکڪ : قمر شهباز،
ڇپائيندڙ: سنگم پبليڪيشن ڪراچي، سائيز ۽ صفحا:
ڊيمي / 288
قمر شهباز سنڌي ٻوليءَ جو اهو ناميارو ليکڪ آهي،
جنهن کي نشر توڙي نظم ۾ هڪ جيتري مقبوليت حاصل
آهي. هو بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي.
هُن انهن ٽنهي صنفن ۾ ايتري ته سچائيءَ سان لکيو
آهي، جو پڙهندڙ لاءِ اهو مشڪل ٿيو پوي ته هُو فقط
ڪنهن هڪ صنف جي حوالي سان کيس سڃاڻي.
قمر شهباز جي ڪهاڻين جو مجموعو اڳ ۾ شايع ٿيو آهي
۽ هاڻ تازو ٽيليويزن ۽ ريڊيو لاءِ لکيل سندس ناٽڪن
جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ جي نالي سان شايع ٿيو
آهي. هن مجموعي ۾ سندس ريڊيو لاءِ لکيل ڊرامن مان،
واچوڙن ۾ لاٽ، ڪاري، قرض مرض فرض، رشتا، تنهنجون
ڳالهيون سڄڻ، مان ۽ منهنجو ساٿي ڏنل آهن. جڏهن ته
ٽيليويزن ڊرامن ۾ راهون جدا جدا، واريءَ سندو ڪوٽ
۽ شڪست ڊراما شامل آهن.
قمر شهباز ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ تمام گهڻو لکندي
به پنهنجي لکڻ جو معيار برقرار رکيو آهي. هن ڪتاب
۾ ڏنل سڀ ناٽڪ مواد توڙي پيشڪش جي لحاظ کان بهترين
ناٽڪن مان آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل ڊرامو ”واچوڙن ۾
لاٽ“، يوسف ۽ شهزاديءَ جي پيار جي هڪ نئين انداز
جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ يوسف هڪ باهمت نوجوان جو
ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي
هلڻ جو حامي آهي. ڳوٺ کي ٻوڏ جي خطري کان بچائڻ
لاءِ يوسف ۽ ٻيا ڳوٺاڻا، بچاءَ بند ٻڌڻ جي رٿابندي
ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ جڏهن هو ڳوٺ جي رئيس کان گڏجي
مدد جي گهُر ڪن ٿا ته رئيس کين اهو چئي ٽاري ٿو
ڇڏي ته رستا ۽ بند وغيره ٺاهڻ سرڪار جو ڪم آهي.
موٽ ۾ يوسف جو اهو جملو ته ”وطن جي حفاظت هر
شهريءَ جو فرض آهي. آزاد قومون امداد جو انتظار نه
ڪنديون آهن.“ نهايت اثرائتو جملو آهي. سڀ ڳوٺاڻا
گڏجي پنهنجي ڳوٺ واري حد آڏو بچاءَ بند ٺاهين ٿا،
جڏهن ته رئيس جي وڏائيءَ ۽ سستيءَ سبب سندس ڳوٺ
وارو حصو ٻڏي وڃي ٿو. يوسف ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي
رئيس ۽ سندس ڌيءَ شهزاديءَ جي وقت تي واهر ڪري
سندن جان بچائي ٿو. رئيس شرمسار ٿي يوسف ۽ ٻين
ڳوٺاڻن جا ٿورا مڃي ٿو. هن ناٽڪ ۾ ايڪي ۽ اتحاد جي
اهميت ڄاڻايل آهي، يعني گڏيل سهڪار سان ماڻهو هر
مصيبت کي آسانيءَ سان منهن ڏيئي سگهي ٿو.
ڊرامو قرض، فرض ۽ مرض مزاحيه انداز ۾ لکيل آهي.
هونءَ مزاحيه ڊرامن جي اسان وٽ گهڻي کوٽ آهي.
ڊرامو ”رشتا“ هن دور جي سچن رشتن ناتن جي ڪهاڻي
آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار موسي جي پنهنجي اڪيلي پٽ
ماڻڪ لاءِ محبت ۽ انتظار جي ڪيفيت اثرائتي بيان
ٿيل آهي. ماڻڪ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندي، ڪري پوڻ سان
مري وڃي ٿو ۽ موسو پنهنجي پٽ ماڻڪ واري محبت هڪ
يتيم ڇوڪر رمونءَ کي ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ موسي جو
هڪ اثرائتو جملو چيل آهي ته ”پٽ، اڄ اسان ٻئي يتيم
ٿي ويا آهيون. اسان کي هڪ ٻئي جي سهاري جي ضرورت
آهي. مان توکي ماڻڪ جو پيار ڏيندس ۽ تون مون کي
اولاد جي آسيس ڏجانءِ.“
ريڊيائي ڊرامن مان راهون جدا جدا، ٽن پيار ڪندڙن
جي ڪهاڻي آهي. پاشا، پنهنجي ڪار هيٺان اچي مري ويل
پوڙهي جي معذور ڌيءَ سلميٰ کي سهارو ڏيندي ساڻس
شادي ڪري ٿو. اهڙي ريت پاشا، شاهده سان به پيار
ڪري ٿو؛ جڏهن ته شاهده جا گهر وارا شاهده جي
شادي، سندس سئوٽ وحيد سان ڪرڻ چاهين ٿا.
ان کان سواءِ ”شڪست“ ۽ ”واريءَ سندو ڪوٽ“ به
مجموعي طرح اثرائتا ڊراما آهن. قمر شهباز جي ڊرامن
جي خاص ڳالهه، سندس فڪر انگيز ڊائيلاگ آهن. ڪتاب
جي ٽائيٽل جي پٺيان مشهور ليکڪ شمشير الحيدري،
قمر شهباز بابت لکي ٿو : ”ڪي لکي ڄاڻن، پر لکڻ جا
ٽوٽي. ڪي لکڻ جا اهل، پر قلم جا ڪاروباري. قمر
شهباز کي يارن چيو ڪمرشل باز. پر هِي اهو ڪاروباري
ڪونهي جيڪو قلم جي ساک نه ڄاڻي. ٽوٽي ڪونهي، سخت
سرگرم ڏات ڌڻي آهي. هر فن مولا هر ڪم سولا. شاعري،
ڪهاڻي، ناٽڪ، لطيفو، گنڀير توڙي طنزي ۽ مذاقي
موضوع، سڀني پاسن لکيو اٿس، تنهنڪري ويل ۾ آهي ۽
وير پرايا اٿس.“
- ادل سومرو
سنڌ اندر قديم آثارن وارا ماڳ
سنڌ ڌرتي قديم تاريخي ماڳن، مڪانن، آثارن ۽ اهڃاڻن
سان مالا مال آهي. پنهنجي قديم تاريخي ۽ ثقافتي
ورثي سان جهنجهي پئي آهي ۽ دنيا ڀر مشهور آهي.
موهن جي دڙي کان وٺي آمري، چانهو، ڪاهو جو دڙو،
اروڙ، بکر، سيوهڻ، ٺٽو وغيره ۽ ٻيا ڪئين آثار
مشهور آهن. تنهن کان سواءِ سنڌ اندر ڪيترائي
تاريخي تخت گاهه، قلعا، وسنديون ۽ واهڻ سنڌ جي
عظمت جا اهڃاڻ آهن.
سردست محترمہ تنويز جوڻيجو جو لکيل ڪتاب ”سنڌ اندر
قديم آثارن وارا ماڳ“ ان سلسلي جي شاهدي ۽ دستاويز
آهي، جنهن ۾ قديم دور کان وٺي انگريزن جي دور
تائين جو جائزو ورتل آهي. ڏسجي ائين ٿو ته ڪتاب ۾
آيل ماڳن ۽ آثارن کي روبرو ڏسي ڀيٽيو نه ويو آهي،
البت گهڻن ڪتابن جي ورق گرداني ڪري انهن ماڳن ۽
مڪانن، ڀڙن ۽ قلعن وغيره جي نشاندهي ڪري، مواد کي
هڪ هنڌ ميڙي چونڊي يڪجا ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڇهه باب آيل ٿا ڏسجن، جن ۾ مواد جي
ورهاست هن طرح آهي: (1) سنڌو ماٿري ۾ تاريخ کان
اڳ وارو دور (2) سنڌو ماٿر ۾ تاريخ کان اڳ واريون
ثقافتون (3) سنڌ جا تاريخ کان اڳ وارا ماڳ (4) سنڌ
جا ڪي تاريخي آثار (5) انگريزن جي دور ۾ اڏيل ڪي
تاريخي آثار (6) سنڌ ۾ آثار قديمه بابت صورتحال.
وري انهن بابن جي اندر ڪيترن ننڍن ننڍن عنوانن
سان مواد جي ورڇ ڪري انهن جو مختصر تت ۽ جائزو
ڏنو ويو آهي. هن مان پتو پوي ٿو ته هن ننڍي ڪتاب ۾
مواد گهڻو ڏنو ويو آهي. هي سنڌ اندر قديم آثارن
جي ماڳن بابت انفرادي محنت آهي، جنهن لاءِ محترمہ
تنوير جوڻيجو کيرون لهڻي، پر ان سلسلي ۾ اجتماعي
ڪوشش ٿيڻ کپي. هونءَ به تحقيق جو ڪم تمام ڪٺن ۽
اڻ ورچ ٿيندو آهي. اميد ته محترمہ تنوير جوڻيجو
جي هن ڪتاب کان پوءِ ٻيا محقق به هن کوجنا واري ڪم
کي اڳتي وڌائي، سنڌ جي سڀني آثارن ۽ اهڃاڻن کي
ادبي ميدان ۾ روشناس ڪرائيندا.
بهرحال هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ روشني جو
هڪ ڪرڻو آهي ۽ هر لائبريري جي سونهن ثابت ٿيندو.
ڪتاب جو سرورق به تمام سٺو سادو ۽ آثار قديمه جي
ڪن ماڳن سان سينگاريل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ حوالي جي
ڪتابن جي ببليو گرافي پڻ آهي. جيڪڏهن ڪتاب ۾ اندر
ڪن چونڊ تاريخي ماڳن جون تصويرون شامل هجن ها ته
ڪتاب ۾ اڃا به زياده دلچسپي پيدا ٿئي ها.
- عبدالرسول قادري بلوچ
خوشبوءَ جو زهر
نئين ٽهيءَ جي سرواڻ شاعر تاج بلوچ جو هي شعري
مجموعو ” خوشبوءَ جو زهر“ جنهن کي پنجن رنگن جي
رل مل رچاءَ سان ۽ خوبصورت ڊسٽ ڪور سان سينگاريل
ڏٺو اٿم ته بي حد خوش پيو ٿيان ۽ ياد پيو ڪريان
انهن زمانن ۽ زمينن کي، جڏهن پنج سال اڳ مان
ڪراچيءَ ۾ بنواس ڪاٽي رهيو هوس ۽ تاج بلوچ کي
پنهنجي هن مجموعي ۾ آيل ٽڙيل پکڙيل شعرن کي جائتو
ڪرڻ جي پريشاني ۾ ڏٺو هئم. هو ان وقت پنهنجن
انهن املهه ۽ وڻندڙ مهانڊن وارن شعرن کي ائين
هتان هُتان ڳولي رهيو هو، جيئن ڪا ئي ماءُ ميلي ۾
وڇڙي ويل ٻارن کي ڳوليندي آهي. تاج سان پوءِ ان
پريشانيءَ جي رستي تي مان به سنڀري روانو ٿي ويس.
ڪٻٽن جا خانا،لائبريرين جا مٿيان شيلف، جن تائين
اسٽول تي چڙهي پهچبو آهي، ڇوٽڪي گهٽيءَ جي گاڏن تي
رکيل رسالا (اي واءِ حسرتا) شهر جي سينٽرل
لائبريري... ۽ جڏهن سندس سڀ شعر جائتا ٿي ويا ته
هڪ ڏينهن هنُ مجموعي ”خوشبوءَ جو زهر“ جو اهو مڪمل
مسودو، هڪ فائل جي صورت ۾ ڏيکاريو، تڏهن مون سڀ
شعر هڪ دفعو وري باقاعده نهايت عقيدت، پيار ۽ خلوص
سان پڙهيا ۽ پيشاني تي هٿ رکي هُن جي فني عظمت
کي سلام ڪيم. ان کان پوءِ تاج مسودو وٺي، ميز جي
خاني ۾ بند ڪيو ۽ چاٻي کيسي ۾ وجهي پنهنجي
ويسپا تي چڙهي هليو ويو. ۽ ان ڳالهه کي پوءِ چار
سال گذري ويا. پر خوشبو ڏيڻ واريون شيون ڀلا ڪٿي
لڪي سگهن ۽ نيٺ ظاهر ٿيو پون. مجموعو ڇپجي آيو ۽
اطلاعن عرض ته هن مجموعي ۾ تاج جي شاعري ڪيتري
وڏي سطح جي شاعري آهي، ڪيتري گراف تائين پکڙيل
آهي، ان لاءِ منهنجا لفظ ننڍڙا آهن. ان ڏس ۾ مان،
ڪتاب جي مهاڳ طور لکيل، سور موڙ ليکڪن تنوير عباسي
۽ قمر شهباز جي لکيل ليکن سان سهمت آهين. ۽
منهنجو ان ڳالهه ۾ به ڀرپور ويساهه آهي ته تاج
پنهنجن وکن ۾ مضبوط ، توانا همعصرن ۾ الڳ ايڊيم
رکندڙ شاعر آهي. ”خوشبوءَ جو زهر“ ۾ آيل شاعريءَ
(نظم، نثري، نظم، آزاد نظم، گيت نظم وايون، غزل ۽
عڪس) کي سهيوڳي دور ۾، فني سطح تي به هڪ الڳ ڪارنر
نظر ايندو. تاج جو نظم هجي يا غزل، هر صنف جو
گراف ايڏو ته حساس آهي جو ان ۾ اسان جا پيڙا جو
ذرو پرزو رڪارڊ ٿيل ٿو لڳي. انڪري نمائندگيءَ جي
سطح تي، تاج جي هيءَ شاعري، اسان جي خوابن جي به
سرواڻي ڪري ٿي ۽ اسان کي سجاڳ ٿيڻ لاءِ به اتساهي
ٿي. وڏي ڳالهه ته اسان جي لاءِ احتجاج به ڪري ٿي ۽
وڙهي به ٿي. معيار جي سطح تي، تاج جي پهرين مجموعي
سان هِن مجموعي جي، جاچنا ڪبي ته هن جي فڪر شعور
۽ فني پختگي جي سڀاويڪ ارتقا به نظر ايندي، ۽ اهو
ئي گڻ ڪنهن وڏي بلند شاعر جي ڏات جو ڪرشمو به چئبو
ته هُن جو فني ۽ فڪري عمل مسلسل جاري آهي يا نه! ۽
ان ڪسوٽي تي به تاج پورو لهندو ٿو نظر اچي ته هن
جي شاعري نين حالتن، نئين انداز سان تجزيو ڪري
پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺي آهي. اڄڪلهه، جڏهن هر
کيتر ۾ زندگي جي ڊپلوميسيءَ جو روپ اختيار ڪيو آهي
۽ ڪجهه به واضح ڪونهي، تڏهن شاعريءَ جهڙي نازڪ صنف
سان نڀائڻ ۽ تاج وانگر شعرن ۾ سچ ڳالهائڻ، ڪيڏو نه
اوکو ۽ سگهه ڀريو ڪم ٿو لڳي.
تاج بلوچ جي هِن ٻئي خوبصورت شعري مجموعي، جنهن جو
پَرڪشش ٽائيٽل ۽ گرافڪس فتاح هاليپوٽي جي تخيل جو
ڪمال آهن ان کي سهيڙي ڇپايو آهي ڪلا اڪيڊمي ڪراچي.
’خوشبو جو زهر‘ جي معياري ايڊيشن جو ملهه 25 رپيا
آهي جڏهن ته ان جي ڊيلڪس ايڊيشن جي قيمت صرف 40
رپيا آهي. ڪتاب سڄي سنڌ جي بڪ اسٽال تي موجود آهي.
- نصير مرزا |