سقراط – عدالت ۾ فضل احمد بچاڻي
]سچائيءَ جي عظيم علمبردار سقراط جي ڪهاڻي طويل آهي. 399 –
قبل مسيح ۾ هن تي ”بدعتي هئڻ، سماج ۾ روڳ پکيڙڻ
جوانن جو ذهن بگاڙڻ“ جي ڏوهه ۾ مقدمو هلايو ويو ۽
”ناڪافي بچاءُ ۽ ناڪافي صفائي پيش ڪرڻ“ جي نتيجي ۾
هن کي موت جي سزا ڏني ويئي ۽ هن ڏاڍي دلجاءِ ۽
خوشيءَ سان زهر جو پيالو پيتو. حقيقت هيءَ هئي ته
هو سچ ٻڌڻ ۽ سچ سمجهڻ ۽ سچ سمجهائڻ جو ”ڏوهي“ هو ۽
وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي رکوالن وٽ سچ جي رواج
۽ سچ جي حڪمراني سهسائڻ جو حوصلو نه هو.
انهيءَ تاريخ مقدمي ۾، جيڪو سياسي تاريخ
کان علاوه فلسفي جي تاريخ جو به هڪ اهم ستون آهي،
هن مهان ڏاهي جيڪو بيان ڏنو، تنهن ۾ حق ۽ ناحق، سچ
۽ ڪوڙ، زندگي ۽ موت، انسان ۽ خدا جي رشتن جون سڀ
رمزون سمايل آهن. سقراط جي سعادتمند شاگرد افلاطون
سندس گفتا قلمبند ڪيا آهن. هتي انهن ڊائلاگس جي هڪ
حصي
APOLOGY جو ترجمو ۽ تلخيص ڏجي ٿي، جنهن حصي ۾ سقراط جو اهو عدالتي
بيان آهي. مقصد هي آهي ته اسين پنهنجي تحرير ۽
تقرير ۾ جن هستين جا نالا ورجائي ورجائي ٿا کڻون
ته جيئن ڏاها سمجهڻ ۾ اچون، تن بابت وڌ ۾ وڌ
معلومات به هجي.
جيئن ته مضمون ۾ فوٽ نوٽن جي گنجائش نه
آهي، ان ڪري سمجهاڻيون ۽ نوٽ مضمون جي ئي اندر
ڏنگين ۾ ڏنا اٿم – سڌين ڏنگين ۾ انگريزي ترجمي جي
مترجم جا ۽ آڏين ڏنگين ۾ پنهنجي طرفان –
انهيءَ ڪتاب
“The last days of Socrates”
جا باقي حصا سقراط جي ڪردار، هن جي جيل ۾ گهاريل
ڏينهن ۽ موت کان اڳ جي گفتگو تي آهن. بچاڻي[
صاحبو:
مون کي اها ته خبر ڪانهي ته مون تي مقدمو
قائم ڪرڻ وارن مدعين اوهان تي ڪهڙو اثر قائم ڪيو
آهي، پر جيتريقدر منهنجو واسطو آهي، هنن جا دليل
ايترا ته اثرائتا آهن جو مون کي ته ذري گهٽ پاڻيءَ
مان ئي ڪڍي ڇڏيو اٿن، جيتوڻيڪ هنن جيڪي ڪجهه به
چيو آهي تنهن جو ڪو هڪ اکر به صحيح ڪونهي. مون کي
گهڻي حيراني هنن جي انهيءَ غلط بيانيءَ تي ئي آهي،
جو هنن اوهان تي زور ڀريو آهي ته منهنجي دولاب کان
بچجو! – متان آءٌ اوهان کي پنهنجي اکرن سان
برغلائي وڃان. يعني، هنن جي خيال ۾ آءٌ هڪ چالاڪ ۽
حرفتي تقرير باز آهيان. منهنجي خيال ۾ اهو هنن جي
منهن جي پڪائيءَ جو خاص دليل آهي جو هنن ڏاڍي
نرلڄائيءَ سان اها ڳالهه چئي آهي. پر هنن کي معلوم
هئڻ گهرجي ته سندن اهو دليل ستت ئي بالڪل غلط ثابت
ٿيندو، جڏهن اهو ظاهر ٿيندو ته آءٌ ڪنهن به صورت ۾
گفتگو جي هنر ۾ ڀڙ نه آهيان. البت جي هڪ چالاڪ
مقرر سان هنن جي مراد آهي سنئون سڌو سچ ڳالهائڻ
وارو، ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي (انهيءَ حساب سان
برابر آءٌ هڪ چالاڪ تقرير باز ٿيس). انهيءَ حساب
سان آءٌ برابر هڪ خطيب آهيان – پر منهنجي خطابت جو
انداز خود سندن خطابت جي انداز جهڙو ڪونهي، تنهن
ڪري آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته جڏهن منهنجي مدعين
ذرو به سچ نه بيان ڪيو آهي يا تمام ٿورو سچ بيان
ڪيو آهي. تنهن ڪري اوهين مون کان جيڪي ڪجهه به
ٻڌندا سو سڀ ئي سچ هوندو. توڻين، آءٌ اوهان کي
يقين ٿو ڏريان ته آءٌ جيڪي ڪجهه به ڳالهائيندس سو
هن مدعين وانگر سهڻن، چهرن، چهرن ۽ چشڪيدار لفظن ۽
جملن ۾ لپيٽي نه ڳالهائيندس، بلڪ جيڪي ڪجهه به
ڳالهائيندس، سو سنئون سنواٽو سچ هوندو ۽ انهن ئي
اکرن ۾ بيان ڪندس، جن اکرن ۾ اهو پهريون ڀيرو
منهنجي ذهن تي وارد ٿيو ۽ انهيءَ ئي اعتماد سان
بيان ڪندس جيڪو اعتماد مون کي پنهنجي حق تي هئڻ ۾
آهي. آءٌ نٿو چاهيان ته اوهين يا اوهان مان ڪو
صاحب مون کان انهيءَ (سچ) کان سواءِ ڪا ٻي توقع به
رکي.
صاحبو، هن عمر ۾ مون لاءِ اهو ته مناسب نه ٿيندو ته هڪ
نوجوان اسڪولي مقرر وانگر بناوٽي لفظن ۾ بيهي
تقرير ڪريان. ها – البت آءٌ اوهان کي نهايت
ڳنڀيرتا سان هيءَ درخواست ٿو ڪريان ته جي آءٌ
اوهان سان انهيءَ ئي نوع ۾ خطاب ڪريان، جنهن نوع ۾
آءٌ هنن شهر ۽ ٻين مکيه هنڌن تي ماڻهن کي خطاب
ڪندو رهيو آهيان، جو اوهين پاڻ به ٻڌندا رهيا
آهيو، ته پوءِ مهرباني ڪري نه اچرج کائجو، نه مون
کي وچ ۾ روڪجو.
(هن ڏس ۾) آءٌ پنهنجي حيثيت جي وضاحت ڪري
ڇڏيان ۽ اوهان کي ياد ڏياري ڇڏيان ته جيئن ته
منهنجي ستر سالن جي حياتيءَ ۾ هي پهريون موقعو آهي
جو آءٌ ڪنهن عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان، تنهن ڪري هتي
جي گفتگو جي انداز کان بنهه اڻ واقف آهيان – ڏسو،
جي آءٌ ڪنهن ٻئي ديس جو واسي هجان ها ته اوهان
منهنجو پرڏيهي رنگ ڍنگ ضرور درگذر ڪريو ها – ساڳي
ئي بنياد تي آءٌ اوهان کان گهر ٿو ڪريان ته منهنجي
گفتگو جي انداز کي، اهو ڪهڙو به هجي، نظرانداز ڪجو
۽ پنهنجو ڌيان انهيءَ نڪتي تي رکجو ته منهنجي
جوابي دعويٰ موزون ۽ مناسب آهي يا نه.
جيوري جا صاحبو! مناسب ٿيندو ته سڀ کان پهرين آءٌ انهن
تهمتن بابت ڳالهايان، جي مون تي مڙهيون ويون آهن ۽
انهن مدعبن بابت ڳالهايان، جن مون تي ڏوهه مڙهڻ ۾
پهل ڪئي آهي ۽ پوءِ ٻين معاملن تي. هي ترجيح آئون
انهيءَ ڪري ٿو رکان جو اڄ ڏينهن تائين اوهان جي
سانڀر ۾ انيڪ ماڻهو انيڪ سالن جي دوران مون تي
انيڪ تهمتون مڙهيندا رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن جو هڪ
اکر به سچو نه آهي. آءٌ (موجوده مدعين) اني طس ۽
سندس ساٿين جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوف کائيندڙ آهيان
انهن لاتعداد ماڻهن کان. جيتوڻيڪ هي (انيطس ۽ سندس
ساٿي) به بيحد خوفائتا آهن، پر اهي هيڪاندا ماڻهو
منهنجي نظر ۾ اڃا به وڌيڪ خطرناڪ آهن – يعني اهي
ماڻهو جي اوهان جي ننڍپڻ جي دور کان اڄ تائين
اوهان جي وڌ ۾ وڌ تعداد کي ڪٺو ڪري مون تي بهتان
بازي ڪندا رهيا ته ڏسجو، سقراط نالي هڪ سياڻو
ماڻهو (هتي موجود) آهي، جنهن وٽ آسمانن بابت ڪي
نظريا آهن، جنهن زمين جي تهن ۾ موجود ڪيترا اسرار
به ڏسي ورتا آهن ۽ هو اهڙو حرفتي آهي جو ڪمزور
دليلن سان مضبوط دليلن کي مات ڏيئي سگهي ٿو –
(اوهين پنهنجي ننڍپڻ کان ئي مون بابت اهڙا بهتان
ٻڌندا پيا اچو، سو يقيناً مون کان بدگمان هوندوَ).
صاحبو! اهي ئي بدگمانيون پکيڙيندڙ منهنجا
نهايت خطرناڪ مدعي آهن، ڇاڪاڻ جو اهڙا افواه ٻڌي
ماڻهو مون کي خدا جو منڪر ٿا سمجهن، توڙي اهڙيون
تهمتون مڙهڻ وارا آهن به گهڻا ۽ اهو عرصو به چڱو
طويل آهي، جنهن دوران مون تي اها بهتان بازي ڪئي
وئي آهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظلم ٻيو ڪهڙو ٿيندو جو
مون بابت اهي بهتان اوهان کي انهيءَ عمر ۾ ٻڌايا
ويا، جنهن عمر ۾ هر ڳالهه جو گهڻو اثر ورتو ويندو
آهي -- ۽ جيئن ته انهيءَ وقت منهنجو بچاءُ يا
صفائي پيش ڪرڻ وارو ڪير به نه هو، تنهن ڪري هنن جو
مقصد – فريب ۽ دولاب جي سبب ئي – پورو ٿيندو رهيو
-- ۽ سڀ کان وڌيڪ مزي جي ڳالهه هيءَ آهي جو آءٌ
انهن بهتان بازن مان ڪنهن هڪ جو نالو به نٿو
ڄاڻان، نڪو ٻڌائي سگهان ٿو. جيستائين ڪه انهن مان
ڪو صاحب ڪو ناٽڪ نويس نه بنجي اچي-
]سقراط
جو اشارو ڀوڳائي ناٽڪ لکندڙ شاعر ارسطوفين ڏانهن
آهي، جنهن ”ڪلائوڊس“ نالي هڪ سوانگ لکي سقراط تي
ملامت ڪئي هئي.[ اهڙن ماڻهن سان معاملو رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جن محض غيبت ۽ حسد
جي بنياد تي اوهان کي منهنجي خلاف ڪيو، توڻين اهڙن
ماڻهن سان به، جن منهنجي برخلاف هڪڙن ماڻهن کان
ڳالهيون ٻڌي ٻين تائين پهچايون. هاڻي انهن کي ته
هتي آڏي پڇا لاءِ نٿو آڻي سگهجي، تنهن ڪري مجبورن
انهن غائب هستين جي مقابلي ۾ به پنهنجو بچاءُ ۽
صفائي پيش ڪرڻي آهي، هتي ته جواب ڏيڻ وارو ڪير به
ڪونهي.
ته منهنجو هي بيان قبول ڪيو وڃي ته منهنجا بهتان باز ٻن
درجن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا اهي جن مون تي هاڻي ئي
تهمتون رکيون آهن ۽ ٻيا اهي شروعاتي دور جا، جن جو
هينئر ذڪر ڪيم ۽ مون کي اها اجازت ضرور ڏيو ته
پهرين آءٌ انهن شروعاتي دور وارن مدعين جي پچار
ڪندس. آخر اوهين به ته عرصي کان هنن جي واتان
منهنجي گلا ٻڌندا رهيا آهيو.
ته صاحبو: پنهنجو بچاءُ پيش ڪندي آءُ ڪوشش
ڪندس ته انهيءَ ٿوري وقت اندر، جو مون وٽ باقي
بچيو آهي، (هن کي موت جي سزا جو يقين هو؟) اوهان
جي ذهنن مان پاڻ بابت اهي اثر زائل ڪريان، جي تمام
ڊگهي عرصي ۾ قائم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ جو اوهان جي ذهن
جو صاف ٿيڻ مون سان گڏوگڏ خود اوهان جي لاءِ به
فائديمند آهي. آءٌ ته چاهيندس ته پنهنجي بچاءَ جي
ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيان، پر اهو به ڏسان پيو ته اهو
ڏاڍو مشڪل آهي. خير، اهو ڪجهه ته ٿيندو ئي جيڪو
خدا چاهيندو، مون کي هر حال ۾ قانون جي پوئواري
ڪندي پنهنجو بچاءُ پيش ڪرڻو آهي. مون کي پنهنجي
ذميداري جي نوعيت جو پورو احساس آهي.
پهرين اچو ته انهيءَ شروعاتي نڪتي تي پهچي ڏسون ته اهي
ڪهڙيون تهمتون آهن جن مون کي ايترو نامقبول ڪيو
آهي ۽ جن ”ميليطس“ (مدعين مان هڪ) کي منهنجي خلاف
هي مقدمو قائم ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. ته هاڻي آءٌ
مدعين جو اهو بيان پڙهان ٿو جو هنن عدالت ۾ داخل
ڪيو آهي ۽ جنهن موجب منهنجي ڪردار تي حملو ٿيو
آهي. هنن چيو آهي ته: ”سقراط ڪن معاملن ۾ وچ ۾ ٽپي
پوڻ جي مجرماڻي حرڪت ڪئي آهي تنهن ڪري ڏوهاري آهي.
هو انهيءَ ڏس ۾ ڌرتيءَ جي اندر توڙي آسمان ۾ موجود
شين بابت پڇ پڇان ۽ کوجنائون ڪندو رهي ٿو، ۽ ڪمزور
دلين سان مضبوط دلين کي مات ڏيندو رهي ٿو، ۽ ٻين
کي ڀنڀلائيندو رهي ٿو ته سندس پوئلڳ ٿين.“ – ڪجهه
اهڙو ئي بيان آهي منهنجين مدعين جو. اوهان پاڻ
ارسطوفين جو ڊرامو ڏٺو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو
آهي ته سقراط پولارن ۾ چڪر کائي رهيو آهي ۽ هوائن
تي هلڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي، ۽ ٻيون به ڪي
اهڙيون ئي مور کپايون ڪري رهيو آهي – هنن مون سان
اهي ڪم ۽ شيون منسوب ڪيون آهن جن جي مون کي ڪابه
خبر ڪانهي.
صاحبو – آءٌ ائين نٿو چوان ته (زمين جي
تهن ۽ آسمانن جي) اهڙي علم ۽ عرفان کي آءٌ ڪا
اهميت ئي نٿو ڏيان. ڪوبه ماڻهو اهڙي علم ۾ ڀڙ ٿي
سگهي ٿو، پر منهنجو چوڻ هي آهي ته مون اهڙي علم
سان ڪڏهن چاهه ناهي رکيو. تنهنڪري ميليطس صاحب
منهنجي خلاف ڪا وڌيڪ قانوني ڪارروائي نه ڪري (ته
بهتر ٿيندو). توڻين اوهين سڀ، جن مون کي تقريرون
ڪندو ٻڌو آهي، منهنجا شاهد ٿيو ۽ ٻڌايو ته ڇا
اوهان ڪڏهن مون کي انهن موضوعن تي گفتگو ڪندو ٻڌو
آهي؟ تفصيل سان ڪي اختصار سان! حقيقت هيءَ آهي ته
انهن الزامن ۾ ڪو وزن ئي ڪونهي. اهو به غلط آهي ته
آءٌ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ۽ انهيءَ
جو ڪو اجورو ٿو وٺان. ڪاش، ائين ئي ٿي سگهي ها،
ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ اها هڪ سگهي ڳالهه ٿيندي
ته جي ڪو ماڻهو ڪو علم سيکارڻ جو اهل آهي ته ڀلي
ماڻهن کي پنهنجو شاگرد بنائي ۽ هنن کان اجورو به
وٺي، جيئن ”گور گياس، پروڊيڪس ۽ هپياس“ ڪندا آهن.
هتي ”پيروس“ وارو ”ايوي نس“ موجود آهي، جو هڪ ماهر
سوفسطائي
Sophist
آهي ۽ جيڪو نهايت واجبي اجورو وٺي ماڻهن کي پنهنجن
نظرين جي سکيا ڏئي ٿو. آءٌ به جي انهيءَ هنر جو
ڄاڻو هجان ها ته جيڪر مٿي تي پرن جو ڇٽُ رکان ها ۽
ڏاڍو پاڻ پڏايان ها، پر صاحبو آءٌ اهي هنر ڪونه
ڄاڻان – (سوفسطائي انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو غلط
مگر اثرائتن دليلن سان ڪنهن کي قائل ڪري هن کي
پنهنجي متي يا نظريي جو مقلد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب
ٿي ويندو هجي، غلط دليلن سان ڪجهه کي ڪجهه ثابت
ڪري سگهندو هجي. سقراط تي هڪ الزام اهو به هو ته
هو سوفسطائي آهي ۽ ڪمزور مگر اثرائتن دليلن سان
مضبوط دليلن کي رد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.)
اوهان مان ڪو صاحب برابر هي سوال
اٿاري سگهي ٿو ته ”ميان سقراط، آخر تون به ڪجهه
ڪرين ضرور ٿو جو توتي هي مقدمو قائم ڪيو ويو آهي.
جي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ هجين ها ۽ عام رواجي
ڪمن ڪارين ۾ رڌل هجين ها ته تنهنجي خلاف هيترو
چوٻول ۽ چوپچو نه ٿئي ها. پڪ سان تنهنجي روش اڻ
رواجي هئي، هاڻي جواب ڏي“ ته اهو نهايت مناسب سوال
آهي. آءٌ پنهنجي بدناموسي بابت وضاحت پيش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندس، مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ڌيان سان
ٻڌو، يقين رکو ته آءُ سنجيدگيءَ سان سچ چوندس.
ته سائين، منهنجي باري ۾ هيتري چوپچو ان
ڪري ٿي آهي جو آءٌ هڪ سنئين سبتي انساني ادراڪ جو
مالڪ آهيان. منهنجو مطلب آهي ته منهنجي سياڻپ
منهنجي دانائي انهيءَ محدود انساني صلاحيت جي لحاظ
کان آهي. (آءٌ هڪ عام داناء ماڻهو آهيان، ڪو غير
رواجي يا فوق البشر قسم جو انسان نه آهيان). آءٌ
هڪ داناء انسان آهيان ۽ جن مهان داناء هستين جو
مون هينئر ذڪر ڪيو سي غالبا اهڙي دانائي جا صاحب
آهن، جا عام انساني ادراڪ جي دائري کان ٻاهر (يا
مٿي) آهي. بس هيءَ ڳالهه آءٌ اجهو انهيءَ ريت
سمجهائي سگهان ٿو. آءٌ سچ پچ انهن صاحبن جيتري علم
جو مالڪ نه آهيان ۽ جيڪو شخص به مون لاءِ ائين چوي
ٿو سو ڪوڙو، بدنيت ۽ بهتان باز آهي. ڏسو صاحبو!
کڻي جو اوهين ائين سمجهو ته آءٌ ڪا لٻاڙ هڻي رهيو
آهيان ته مون کي روڪجو نه، ڇاڪاڻ جو آءٌ اوهان کي
جيڪي ڪجهه به ٻڌائڻ وارو آهيان سو (اصل ۾) منهنجو
پنهنجو رايو نه آهي. آءٌ هيءَ دعويٰ هڪ اهڙي
هستيءَ جي حوالي سان ڪري رهيو آهيان، جنهن جو ڪو
احتساب نٿو ٿي سگهي (جنهن سان ڪو بحث تڪرار نٿو
ڪري سگهجي). آءٌ پنهنجي ادراڪ لاءِ - - انهيءَ جي
نوعيت ڪهڙي به هجي – ڊيلفي واري ديوتا کي شاهد ٿو
ڪريان.
]ڊيلفي،
اپولو ديوتا جو دارالاستخاره هو، جتي ماڻهو پنهنجي
هر طرح جي معاملن بابت سوال ڪري الهامي جواب وٺندا
هئا. اهي جواب ۽ هدايتون فيصلن جي حيثيت رکنديون
هيون. سقراط جو مطلب هو ته اپالو ديوتا سندس نيڪ
نيتي، نيڪ چلني ۽ دانائي جي شاهدي ڏني آهي[.
اوهين شيريفون کي ته سڃاڻو ٿا. هو منهنجو
ننڍپڻ جو دوست هو ۽ پڻ هڪ سٺو جمهوريت پسند ماڻهو
هو ۽ جنهن تازن واقعن ۾ اوهان سڀني سان گڏجي
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
]يعني
404 قبل مسيح ۾ جمهوريت پسندن جو گروهي حڪومت جي
هٿان سخت تڪليفون پرائڻ ۽ وري گروهي حڪومت کي شڪست
ڏئي، جمهوريت قائم ڪرڻ وارا واقعا[. منهنجي انهيءَ دوست ڊيلفي ۾ وڃي اهو
سوال پڇيو ته ”ڇا سقراط کان وڌيڪ ڪو ٻيو داناءُ به
موجود آهي؟“ هُتان جواب مليو ته ”نه“ سقراط کان
وڌيڪ داناء ٻيو ڪوبه ڪونهي.“ (شيريفون جي وسيلي)
پنهنجي بابت اهو الهام ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيس ۽ سوچڻ
لڳس ته جڏهن آءٌ پاڻ محسوس ڪريان ٿو ته آءٌ داناء
نه آهيان ته پوءِ هاتفي آواز مون کي داناء ڪيئن ٿو
چوي؟ هو ڪوڙ به ته نٿو ڳالهائي سگهي! پوءِ مون
پنهنجي دانائيءَ جي (نوعيت ۽ حيثيت جي) تصديق لاءِ
قدم کنيو ۽ انهيءَ لاءِ هي رستو اختيار ڪيم جو وقت
جي هڪ اهم ماڻهوءَ وٽ هلي ويس جيڪو هنڌين ماڳين
داناء مشهور هو ۽ هن سان ويهي ڳالهيون ٻوليون ڪيم.
هن کي پرکيم ۽ هن کي وجهه ڏنم ته هو مون کي پرکي.
هن سان انهيءَ بحث مباحثي کان پوءِ آءٌ هن نتيجي
تي پهتس ته: جيتوڻيڪ گهڻا ماڻهو هن کي داناء سمجهن
ٿا ۽ هو پاڻ به پاڻ کي داناء سمجهي ٿو، پر حقيقت
روءِ هو داناءُ نه هو. پوءِ جو مون هن تي ظاهر ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ته هو اصل ۾ پاڻ کي داناء سمجهي ٿو،
پر حقيقت راءِ داناء نه آهي، ته هن کي توڙي ٻين
ڪيترن کي ڪاوڙ لڳي، تڏهن پڪ ٿيم ته هو واقعي داناء
نه آهي، ڇاڪاڻ جو هو پاڻ کي داناء سمجهي ٿو ۽ آءٌ
انهيءَ لحاظ کان (واقعي) داناء آهيان، جو پاڻ کي
داناء نٿو سمجهان. صاحبو، آءٌ اوهان تي اهو واضح
ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان ته ماڻهو منهنجي خلاف ڇو
ٿيا آهن. سو آءُ انهيءَ حد تائين داناءُ آهيان جو
آءٌ جيڪي ڪجهه نٿو ڄاڻان، تنهن لاءِ اهو تسليم
(به) ڪريان ٿو ته نٿو ڄاڻان.
تنهن بعد آءٌ انهيءَ کان وڌيڪ نام ڪٺئي
داناء وٽ ويس ۽ اتي به اهوئي ٿيو جو اهو داناء
توڙي ٻيا ڪيترا ماڻهو مون تي ڪاوڙجي پيا جو ڏٺم ته
هو جيڪي ڳالهيون نٿو ڄاڻي تن جو ڄاڻڻهار هئڻ جي
دعويٰ ٿو ڪري. مون هن کي سندس انهيءَ نادانيءَ جو
احساس ڏياريو ته هو ۽ سندس حمايتي منهنجي خلاف ٿي
پيا. تنهن بعد آءُ هڪ پٺيان ٻئي سان ان ريت ڳالهه
ٻول ۽ خيالن جي ڏي وٺ ۽ مٽ سٽ ڪندو رهيس ۽ ڏٺم ته
جيئن پوءِ تيئن ماڻهن ۾ منهنجي مقبوليت گهٽبي ٿي
وڃي. تنهن تي آءٌ دلگير به ٿيس، پر گڏوگڏ اهڙي
صورتحال منهنجي لاءِ فڪر ۽ احساس جو سبب به ٿي.
خير آءٌ انهيءَ الهام جي سچائي ڄاڻڻ کي هڪ مذهبي
فريضو سمجهي کوجنا ڪندو رهيس ۽ (آخرڪار) هن نتيجي
تي پهتس ته جيڪي ماڻهو داناء مشهور آهن تن جو
تعداد تمام ٿورو آهي ۽ گهڻي تعداد ۾ اهي آهن جيڪي
رواجي ڏاهپ جا مالڪ سمجهيا وڃن ٿا، پر حقيقتاً اهي
(ئي) ”علمي دانائي“ جي وڌيڪ بهتر وصفن جا مالڪ
آهن. (نالي چڙهيا داناء، حقيقي داناء نه آهن ۽
حقيقي دانائن کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي).
پوءِ مون اڃا وڌيڪ ياترائون ڪيون ۽ مشهور شاعرن، ناليرن
ناٽڪ نويسن ۽ راڳي شاعرن سان مليس ۽ ڏٺم ته هو خود
پنهنجن شعرن ۽ (رچنائن) جي معنيٰ اوتري نه پيا
ٻڌائي سگهن، جيتري سندن ڪو صحبتي ٻڌائي پي سگهيو!
تڏهن آءٌ هن نتيجي تي پهتس ته اهي شاعر، جيڪي ڪجهه
لکن ٿا سو پنهنجي عقل ادراڪ جي آڌار تي نٿا لکن،
پر هنن جي اندر ۾ هڪ اندروني تحريڪ، روحاني وجدان
۽ سڀاويڪ سوجهي آهي. جا هنن کان اهي شعر چورائي ٿي
– بالڪل اهڙيءَ طرح جيئن اوهين سالڪن ۽ ولين کي
ڏسو ٿا ته هو پنهنجا مبارڪ، لطيف ۽ پرحڪمت نڪتا ۽
گفتا بيان ڪندا رهندا آهن، پر خود پاڻ نه پيا
سمجهندا آهن ته ڇا پيا چون – (ڇاڪاڻ ته هنن کان
اهو سڀڪجهه ڪنهن الاهي قوت هٿان چورايو ويندو آهي،
هو وسيلو هوندا آهن). مون تي اهو واضح ٿي ويو آهي
ته شاعرن سان به ساڳيو معاملو آهي. مون ڏٺو ته
شاعر هئڻ جي حيثيت سان هو اهو به سمجهي ويٺا آهن
ته شاعري جي موضوعن کان سواءِ هو ٻين موضوعن جو به
ڪامل ادراڪ رکن ٿا، جن کان (يقيناً) هو بنهه لاعلم
هئا.
اهڙو ئي تجربو مون هنرمندن ۽ ڪاريگرن تي
ڪيو ۽ ڏٺم ته هو جيڪي ڪجهه ڄاڻن ٿا، سو آءٌ نٿو
ڄاڻان، تنهن حد تائين ته هو مون کان وڌيڪ ڄاڻو
ٿيا. پر صاحبو، انهن پيشي ور ڪاريگرن سان به ساڳي
ڪار هئي، جهڙي شاعرن بابت بيان ڪيم. يعني اهي
ڪاريگر به پاڻ کي ٻين اهڙن معاملن جو به ڪاريگر
سمجهن ٿا، جن جا هو ڄاڻو نه آهن. هنن جي مثبت
دانائيءَ تي هنن جي اها منفي سوچ غالب کان به وڌيڪ
غالب هئي. هنن جي اها ڪوتاهه انديشي هنن جي دور
انديشي کان گهڻي وڌيڪ هئي.
تڏهن مون پنهنجي اندر مان ئي اهو جواب گهريو ۽ سوال
ڪيم: ”ڇا آءٌ جهڙو آهيان اهڙو ئي رهندس – يعني نه
هنن جهڙو داناءُ نه هنن جهڙو مورک، يا مون ۾ به
هنن وانگر اهي ٻئي وصفون (ٻه چتائي) پيدا
ٿينديون؟“ مون کي پنهنجي من اندر مان جواب مليو ته
منهنجي لاءِ اهوئي بهتر ٿيندو ته آءٌ جهڙو آهيان ا
هڙو ئي رهان – (يعني پاڻ ۾ اها ٻه چتائي پيدا نه
ٿيڻ ڏيان. جيڪي ڄاڻندو هجان سوئي ڄاڻڻ جو دعويدار
هجان، انهيءَ کان گهٽ يا وڌ دانائي جي دعويٰ نه
ڪريان.) |