غزل
نواز علي ’نياز‘ جعفري (مرحوم)
پُر پيالو مون وڃايو، ڪلهه خيالِ خام ۾،
چشمِ پُرنم آ اڄ کتل منهنجي خالي جام ۾.
خارَ ڏئي ٿو صبح کلندي منهنجي مايوسيءَ تي اڄ،
رنگ ٿي اميد جي گل جو ڏٺم ڪلهه شام ۾.
خوش نظر قاصد اچي ٿو ڪين اڄ، آهي اُداس،
همت افزائي هئي ڪلهه يار جي پيغام ۾.
جنهن جي پاڇي ۾ پليس، ڪلهه ويو ڇڏي صياد سو،
سرد مهريءَ سان هلن اڄ، آهيان تن جي سام ۾.
ڪلهه قفس ۾ جسم هو ۽ اڄ قفس ۾ ٿي زبان،
هوس ڪلهه ڀي دام ۾ ۽ اڄ به آهيان دام ۾.
ڪالهه پَرَوس هوس ۽ اڄ آهيان بيوس، ڇا چوان،
زندگيءَ تي وس نه هو آغاز ڇا انجام ۾.
ڪالهه جن جو درد پنهنجو سمجهي دانهون ٿي ڪيم،
اڄ ڏسي بيهوش، سمجهن ٿا مون کي آرام ۾.
قوم جو هو درد سڀ کي، ڪالهه هو هرڪو غلام،
آه آزاديءَ ۾ سڀ ڪو پنهنجي اڄ ماتام ۾.
هو فلڪ چڪر ۾ ڪلهه، گڏ هو نياز ۽ بي نياز،
خود ’نياز‘ اڄ ٿو ڦري ڏس گردشِ ايام ۾.
احسن الهاشمي
رهيو آهه تنهنجي ستم تي سدا غرور مون کي،
خدا جو سنهن ته نه رکجئين غمن کان دور مون کي.
اي درد، طاقتِ برداشت کي تسلي ڏجئين،
جو يار پاڻ به سمجهي ٿو بي قصور مون کي.
شعور عين ۾ نقش قدم تي سجدا ڏنم،
بڪُوئي غير وٺي آيو لاشعور مون کي.
ڀلي ته ڪشمڪشِ مرگ و زندگي ٿي طويل،
اڃان به ديده پرنم سان ڪجهه ته گهور مون کي.
ڪيم ٿي روئي جي آزيون سي ياد اڄ آيم،
ڏنو آ موت جي هِڏڪِن عجب سرور مون کي.
نه روڪ مون کي نهارڻ کان ناز وارن ڏي،
خدا ڏنوآ ڏسڻ لئي اکين ۾ نور مونکي.
غبارِ منزل جانان ۾ نور آهه ’احسن‘،
نظر ۾ آيو درِ يار ڪوهِ طور مون کي.
شيخ راز
ڪڏهن ٿي نقشِ قدم يار جو مٽايوسون،
ڪڏهن ٿي راهگذر جو نشان بڇايوسون،
گهڻو ئي حيلو هلائي جڏهن ٿڪياسون، دوست!
پُڄاري بڻجي پو ناقوس ٿي وڄايوسون.
ڏسي کليو ٿي زمانو اسان جي بوالهوسي،
جنون ۾ پاڻ اڳي پير ٿي وڌايوسون.
شبِ وصال جي هڪ رات روز ياد ڪري،
تخيلات جي دنيا کي ٿي سنواريوسون.
هزار بار ڪري دل کي صاف اهڙي طرح،
پو ڪائنات سموريءَ کي ٿي سمايسون.
چيوسون، ٿيندي ملاقات بس قيامت ۾،
ڪري هزار بهانا وري سڏايوسون.
اوهان جي طبع فروزان تي بار ٿيو شايد،
حسابِ لاله رخان مفت ۾ ٻڌايوسون.
غمِ حيات کي خوش ٿي گذاريوسون ’راز‘
فراق يار کي سيني سان ٿي لڳايسون.
سليم ڳاڙهوي
جو دم جيئو جهان ۾، بهارن جِيان جيئو،
گلبار زندگيءَ جي نظانر جيان جيئو!
غفلت جي ننڊ وقت جي دولت وڃائي ٿي،
هردم ٿي هوشيار، ستارن جيان جيئو!
هن زندگيءَ جي بحر ۾ زنده رهڻ سِکو،
موجن جيان جيئو، ۽ ڪنارن جيان جيئو!
شهباز ٿي جيئڻ ۾ بلنديءَ جو راز آهه،
مورن جيان جيئو، ۽ نه مارن جيان جيئو!
هلندا هلو، ٿي تيز ترقيءَ جي راهه تي،
جيئرن جينا، حيات نگارن جيان جيئو!
جنهن سان کُلن اُميد جون مکڙيون هزارها،
چيٽانگ ٿيو چمن ۾، چنارن جيان جيئو!
مرڻو پوي ته مست پتنگن جيان مرو،
جيئرا رهو ته شوخ شرارن جيان جيئو!
سستي ۽ بزدليءَ جو جيئڻ موت کان بُرو،
جوڌن جيان جيئو ۽ سَگهارن جيان جيئو!
پنهنجي خوديءَ جو شان پَسايو جهان کي،
سرويچ ٿي، ’سليم‘، سهارن جيان جيئو!
سليم ڳاڙهوي
دل جي زخمن کي ذرا آرام ڏيندو ٿو هلان،
عدل ۽ انصاف جا پيغام ڏيندو ٿو هلان.
هڪ محبت جي نشي، هڪ ڪيف، هڪ اسرار لاءِ،
جامَ دل جي ۾ مَيء گلفام ڏيندو ٿو هلان.
رند آهن مست، مَي ۾ ٿا وڃن غوطا هڻي،
شيخ ۽ پنڊت کي هڪ هڪ جام ڏيندو ٿو هلان.
زندگي منهنجي به هڪ سوداگري چئجي عجيب،
رنج وٺندو ٿو هلان، آرام ڏيندو ٿو هلان.
مصرعا، هي بيت، هي دل ۽ جگر جا ڳچ ڳڀَا،
اي وٺڻ وارؤ! وٺو، بيدام ڏيندو ٿو هلان.
درد مان در مان پيدا ٿي وڃي ٿو، ان سبب،
پنهنجي دل کي درد جو انعام ڏيندو ٿو هلان.
تون متان مون کي وسارين پنهنجي قربن کان ’سليم‘،
او پرني، توکي خدا جو نام ڏيندو ٿو هلان.
امداد حسيني
مائلِ جور چشمِ يار رهي،
زندگي وقفِ انتظار رهي،
باغ دل کان پري بهار رهي،
دل ته سيني ۾ لاله زار رهي،
گردشِ وقت اهڙو تنگ ڪيو،
آه ذريعه يا لڙڪ جي ذريعي،
جيستائين نه روزگار مليو،
جيتري دير هو چمن ۾ رهيو،
دلِ ’امداد‘ کي تباهه ڪري، |
دل بدستور بيقرار رهي.
دل کي اميد وصل يار رهي.
زندگي منهنجي مثلِ خار رهي.
عمر ڀر رونق بهار رهي.
زيست آماده فرار رهي.
دل جي ره ڳالهه آشڪار رهي.
زندگي آدمي تي بار رهي.
رونقِ موسم بهار رهي.
اک اوهان جي به اشڪبار رهي. |
لکمچند ’پريم‘
·
بيزباني به ٿِي زبان رکي،
عشق ۾ آشڪ ٿي وهائي آک،
مون کي تنهنجي يقين تي آهه يقين،
آزمائش جو وقت ڪنهن کي آهه،
ڪيئن گهٽ وڌ ڪندو ڪو پنهنجو وجود،
دل کي ديدون ته ڪين آهن پر،
’پريم‘ جي بيپناهه خاموشي، |
دل ۾ ڪيئي ٿي داستان رکي.
ڪيسين سانڍي سي رازدان رکي!
تو ۾ دنيا ڀلي گمان رکي.
ڪير سِر ۾ ٿو امتحان رکي!
زندگي خود ته ٿي نشان رکي!
دل ته ديدن ۾ ٿي مڪان رکي.
ڪيئي طوفان ٿي، مهربان رکي. |
نعيم دريشاڻي
·
هوا ۾ روح اسان جاٿا ڪن پيا سُس پُس،
چپن تي پنهنجي اگرچ آهه طاري خاموشي.
فضا ۾ پيارَ پري ٿي وڄائي الغوزو،
پنن به آهه پکيڙي طلسمي موسيقي.
پساهه پنهنجو لڳي ٿو پيو بنهه ڌاريو،
آ گهري ڪيتري هيءَ چپچپات چوڌاري!
’نعيم‘، پنهنجو جياپو ته هُن جي قربت آ،
تڳي به سگهنداسين کانئس ڇا پاڻ ايئن وڇڙي؟
نياز علي شاهه ’محسن‘
·
ذري ذري سان پيار ڪر ته مڃان،
هيءَ لاش اختيار ڪر ته مڃان.
ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جو،
عمر ڀر انتظار ڪر ته مڃان.
هر قدم، هر نفس الم انگيز،
حسرتن جو شمار ڪر ته مڃان.
زندگي خود وڏي عبادت آهه،
واعظا! اعتبار ڪر ته مڃان.
اهلِ دانش کي پنهنجي نغمن سان،
بيڪَل و بيقرار ڪر ته مڃان.
هر ڪَـﮧ و مَـﮧ جي لاءِ، اي ’محسن‘،
حالتون سازگار ڪر ته مڃان.
·
لطف سمجهان، ڪرم، عطا سمجهان،
تنهنجي جورو جفا کي ڇا سمجهان؟
مون کي ’سائين‘ ڪري لکين ٿو خط،
هِي ڀي تنهنجي ٿو هڪ ادا سمجهان.
منهنيج تعريف ٿو ڪرين منهن تي،
مان ته انهيءَ کي ٿو گلا سمجهان.
مون ڏي آهي ميار سڀڪائي،
توکي بيڏوهه ٿو، مٺا، سمجهان.
تو سان ’محسن‘ رکي محبت، پوءِ،
ڪنهن کي موجود ڇو ڀلا سمجهان.
ايم. ’ڪمل‘
·
چڱو ٿيو اکين ۾ ئي ڳوڙها سُڪي ويا،
هي گوهر مٽيءَ ۾ ملڻ کان بچي ويا!
انهن جا ئي افسانا دلسوز هوندا،
جي محفل مان تنهنجي اُڃايل اُٿي ويا.
اکين آڏو هر هر ڦري سي اچن ٿا،
نگاهن کان جيڪي نظارا هٽي ويا.
ڪڏهن دل کان ٻاهر نه نڪتين تون، ارمان!
اسان جي وڃڻ جا ڏهاڙا اچي ويا.
لکي ڪير ٿو شمعِ پرواني تي اڄ،
جهانِ سخن جا فسانا ڦري ويا.
ڪڏهن لڙڪ هارن“ ڪڏهن شعر گوئي،
’ڪمل‘، زندگيءَ جا ستارا لهي ويا.
واسديو ’نرمل‘
·
ٿي خزان پڻ ڦري بهار ٿئي،
جي ٿو ڀر ۾ هو گلعذار ٿئي.
ڪجهه ته منهنجي چمن ۾ پيدا ٿئي،
گل نٿو جي ٿئي ته خار ٿئي.
ڏين ٿو جي غم ته ڏي ڀلي، ليڪن،
يا خدا، ڪو ته غمگسار ٿئي.
ڳالهه تنهنجي ئي پئي هلي تازو،
شال تنهنجي وڏي ڄمار ٿئي!
ڏوهه آ تنهنجي ياد جو ئي فقط،
مفت ۾ پيئي ننڊ خوار ٿئي!
هار سونا فقط ڪبا ڪيڏانهن،
ڪو ته، ’نرمل‘، هِنئين جو هار ٿئي!
واسديو ’نرمل‘
·
باغ اُجڙيل ۾ گلعذار ته ڏس،
هيءَ خزان ساڻ گڏ بهار ته ڏس!
ڀلجي ويندين تون مُرڪ مُکڙين جي،
تون ڪڏهن مُرڪندڙ ڪو ٻار ته ڏس!
ڏس ته هي آرزُن جي قوس قزح،
هيءُ جوانيءَ جو آبشار ته ڏس!
آگ ري پيا جلن هي پروانا،
هاءِ، هي عاشقن جا پار ته ڏس!
سرِ بازار پيا ٿا پير چُمن،
راهه جا بي ادب هي خار ته ڏس!
ڏس ذرا، هُو ڪو قافلو ته نه آ؟
همسفر، هو پريون غبار ته ڏس!
ڪنهن جي ممتا ٿي رات ۾ وياڪل؟
دور اُڀ ۾ هوءَ کير_ ڌار ته ڏس!·
ته ڏس!
گُل ته ڇا، شمع کان به محروم آ،
هاءِ، مفلس جي هيءَ مزار ته ڏس!
گويا شبنم سان گُل پيا چمڪن،
نيڻ ’نرمل‘ جا اشڪبار ته ڏس!
تاج بلوچ
·
جيئن افق تي ٿو آفتاب رهي،
چنگ يا نغمئه رباب رهي،
رند مستِ شرابِ ناب رهي،
جنهن کي تنهنجي نظر سرور ٿي ڏي،
سايئه گسيوي صنم جو هجي،
طبعِ سيماب سان جو پيار ڪري،
زهر ئي ڏي، مگر سليقي سان،
تنهنجي نظرن جو آسرو ٿو کپي،
هوند گستاخئه سوال ڪريان،
ڪير صحنِ چمن ۾ رقص ڪري،
خوفِ تنهائيء حياتِ سفر،
جلد اچ، اي عروسِ شامِ بهار،
ڇا ڏيان ’تاج‘ بيخبر کي جواب، |
منهنجي ساغر ۾ ٿو شراب رهي.
قصئه مطرب و شراب رهي.
تنهنجو، ساقي! سدا شباب رهي.
تنهن کي ڇو حاجتِ شراب رهي.
غنچئه دل سدا گلاب رهي.
سوئي ٿو محوِ پيچ و تاب رهي.
ڏس، جي مون کي ڪو اجتناب رهي.
زندگي ڀل تـﮧ عذاب رهي.
دل نه جي واقفِ جواب رهي.
ڪي گهڙيون گل تي ٿو شباب رهي.
ڀل ڪو دشمن ئي همرڪاب رهي.
روز مستيءَ کي ٿو حجاب رهي.
منهنجي پلڪن تي ڇو ٿو آب رهي.
|
تاج بلوچ
·
دل کان محروم نوجواني آهه،
سوئي ڄاڻي ٿو انتظار جو لطف،
تنهنجو نعم البدل ڪٿي ڳوليان،
جڳ سمورو ٿيو تماشائي،
ساهه سان تنهنجي غم کي سانڍيان ٿو،
منهنجي آهي اها دلِ برباد، |
دل بنا خاڪ زندگاني آهه.
درد جي جنهن جي دل ۾ ڪائي آهه.
يار، تنهنجو به ڪوئي ثاني آهه!
ظلم يارن جي بدگماني آهه.
هيءَ به هڪ تنهنجي مهرباني آهه.
جت سدا غم جي شادماني آهه. |
تاج بلوچ
·
هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس،
طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس.
هاءِ، هي چانڊوڪي ۽ دورِ فراق،
دل ۾ تاريڪي پسي روئي پيس.
بي ثباتي باغِ عام جي ڏسي،
ڪا جڏهن مُکڙي ٽڙي، روئي پيس.
خونِ بلبل جو سبب ٿينديون ڪَليون،
عالمِ شبنم ڏسي روئي پيس.
ڪنهن ستايل آهه شايد دانهنڪئي،
دل کي جو آئي ڇڪي، روئي پيس.
صبر جو دامن گهڻو سوگهو جهليم،
شمعِ گريان کي ڏسي روئي پيس.
ياد ڪوئي ٿو پوي جانِ بهار،
ڪوڪ ڪوئل جي ٻڌي روئي پيس.
آبرِ باران ۾ هيو هو چشمِ تر،
’تاج‘ کي روئدنو ڏسي، روئي پيس.
عبدالله ’خواب‘
·
مزاجِ دل نه ڪنهن تدبير سان بدلائي ٿو سگهجي،
طبيعت پختگيءَ کان پوءِ مشڪل سان بدلجي ٿي.
مهم هي سر ڪرڻ آسان نه آهي، او جيئڻ وارا،
حياتِ جاودان مرگِ مراحل سان بدلجي ٿي.
شجر جي شاخ جيئن فيضِ ثمر سان رخ ٿي ڦيرائي،
دلِ نا آشنا تيئن آشنا دل سان بدلجي ٿي.
ضمانت رهبريءَ جي ٿي ملي درسِ محبت ۾،
اهو هي فيض آهي، جنهن سان رهزن دل بدلجي ٿي.
جتي ڀٽڪيل دليون ٿيون دڳ لڳن، بس آهه سو حاصل،
جتي گمراهه دل پڻ عزمِ ڪامل سان بدلجي ٿي.
’نثار‘ بزمي
·
مصيبت کي ڏسي ناهين ڀڄڻ وارا،
مرڻ کان ئي اڳي آهيون مرڻ وارا.
اسان جي جذبئه دل ۾ قيامت آ،
اسين اڱرن مٿان آهيون نچڻ وارا.
خفا ٿي دنيا وارن کان زماني ۾،
ستارن کان مٿي آهيون رهڻ وارا.
اسان کي ڪو ڏسي ساڙي محبت ۾،
پتنگ وانگي اسين آهيون پچڻ وارا.
ٽري وڃ، ناصحا! هاڻي نگاهن کان،
اهي ڪي ڳول ٻيا ڪاڻيون ڪڍڻ وارا.
چٽانن سان وڙهي ڄاڻون، لڙي ڄاڻون،
۽ خود تقدير سان آهيون لڙڻ وارا.
وڃي گرداب ۾ گوهر ڀلي گم ٿي،
اسين جهٽ ۾ آهيون ’بزمي‘ لهڻ وارا.
اسين هُن پار جا آسائتا آهيون،
پلڪ ۾ وٺ پُڄائي، او پَتڻ وارا.
’محبوب‘ سروري
·
ڏسان ٿو خواب جو تعبير، خواب کان پهرين،
ڪرين ٿو قتل تون عاشق، شباب کان پهرين.
صراحي، باده و ساغر جو آهه ڪهڙو ضرور،
نشا ٿو چاڙهين نظر جا شراب کان پهرين.
سوال
منهنجي تي، چهري ۾ ايتري تبديل!
مون تنهنجي رخ مان ئي سمجهيو، جواب کان پهرين.
حسين جلد ۾ پوشيده، داستانِ غم،
رنو ته هوندو مصنف ڪتاب کان پهرين.
عجيب طرز تي ڏسجي ٿو عشق جو قانون،
پوي گناهه ٿو ڪرڻو ثواب کان پهرين.
نه آهيان هوش ۾، ساقي، تون ايترو ته سڻاءِ،
ڪباب پهرين ’پيان‘، يا شراب ’کان‘ پهرين؟
رخِ حسين تي ڏسي زلف، شيخ ٻانگ ڏني،
ڀڳوسين روزو غروب آفتاب کان پهرين.
حضورِ حسن، ۾، ’محبوب‘، ذات پات نه آهه،
آگهيو ٿو ذرو وڃي آفتاب کان پهرين.
جليل سروري
·
حسين آهين، سهڻا، تون هر هڪ بشر کان،
بچائي خدا توکي شل بدنظر کان.
نه ثاني خدا خلقيو آهه تنهنجو،
سندءِ جلوو وڌ آهه شمس و قمر کان.
لڪي ٿو سگهين شيخ کان، سهڻا، ليڪن،
لڪڻ آ ڏکيو عاشقن جي نظر کان.
ڀلي حسن تي پردو وجهه، اي حسين، پر،
ڪڏهن چنڊ ڀي آ لڪو ڪنهن ڪڪر کان!
اجهو ڪي اجهو وصل جو واءُ وريو،
خبر خوب آهي ملي نامه بر کان.
هي دولت، ڪرين عيش جنهن سان ٿو، ظلام،
ٿي پيدا ٿئي بيڪسن جي پگهر کان.
نظر فڪر واري هنن کي نه آهي،
ڪندو ڪوئي حاصل ڇا اهلِ نظر کان.
جتي عقل وارن جون راهون کُٽي پيون،
اسان اڳڀرو وياسون اُن رهگذر کان.
نه فڪرِ معاش آهه فرصت ڏني ڪا،
سندس ساٿ آهي رهيو عمر ڀر کان.
’جليل‘، آهه خط لکندي ويو عرصو گذري،
نه آئي مگر ڪا خبر بيخبر کان.
’حليم‘ ڪوٽائي
·
مون کان دلدار ڀل ته ڌار هجي،
مان سڪون جي تلاش ۾ ناهيان،
درد دلبر جو مون کي منظور آهه،
مان اُنهيءَ جي نٿو ڪريان تقليد،
زخم، دل کي نٿو کپي مرهم، |
مون کي هر وقت انتظار هجي.
دل ڀلي منهنجي بيقرار هجي.
”ڪو ته منهنجو به رازدار هجي“.
جو چوي ٿو، وصالِ يار هجي.
منهنجي دامن تي لاله زار هجي. |
مشڪلاتن ۾ مسڪرا، ’حليم،
چشم ڇا لاءِ اشڪبار هجي.
ولي محمد ’وفا‘
·
جلوو پساءِ، جاني، منهن تان نقاب لاهي،
تنهنجي هي پرده داري، مون لئه عذاب آهي.
مدت کان مست آهن، سوالي سنديئي در تي،
پياسن کي پياري پُر ڪر، ساقي! ثواب آهي.
تنهنجو ئي آهيان، تنهنجون واٽون نهاريان پوءِ ڀي،
مون ڏي اچڻ ۾ توکي ڪهڙو حجاب آهي؟
توکي ڏسڻ سان اهڙو مخمور ٿي پيس، جو
ماڻهو چون ٿا پڪ هن پيتو شراب آهي.
ثابت قدم رهيس مان الفت جي راهه تي،
باقي اڃا به ون ڏي ڪهڙو حساب آهي؟
منهنجي ’وفا‘ جي صدقي، پنهنجي جفا جي صدقي،
اچ گڏ گذار ڪو دم، دنيا هي خواب آهي.
رباعيون
حافظ محمد ’احسن‘
ڪر ياد اڳيون اوج ۽ عزو اقبال،
خاموش نه ٿي ويهه، سڌارج اڄ حال؛
روشن جي ڪرڻ پنهنجو گهرين مستقبل،
رک ذوقِ عمل، ڪر نه رڳو قيل و قال.
ڏيکار تون ديدار، سڪايل آهيان،
ڏي ان جو تون قمو، جو بکايل آهيان،
ڪجهه ڪين وڻي توکان سواءِ، اي دلبر،
ڏي وصل سندو آب، اُڃايل آهيان.
ڪهڙا نه زماني جا هي آيا ايام،
اشراف، ڪميڻن کي جهڪي ڪن ٿا سلام؛
اي دوست، ذرا رنگ تون ڏس دنيا جو،
زردار، غريبن کي ته سمجهن ٿا غلام.
ڪر طاقتِ پرواز کي تون استعمال،
ڪر عزمِ مصمم ۽ تون ڪر استقلال،
رک پنهنجو تخيل به بلند و بالا،
تا فتح ڪري تنهنجو اچي استقبال.
گوورڌن محبوباڻي
هَٿُ پَنَ جو جهلي، شاخ جي اينءَ ٻانهن ڇڪي،
اي بادِ صبا! ڇيڙ نه تون غنچن کي؛
مڃ منٿ، مُٺِي! هِت نه هِيءَ حرڪت ڪر،
مون کي ٿو، آلا، پنهنجو پرين ياد اچي!
گل ساڻِ آٿئِي پريت، مان ڪئن سچ سمجهان،
اي حرصَ هِريا! ڄاڻين نه تون پريت منجهان؛
هڪڙي کي چُمين مس، ته ٻئي تي هرکين،
ٻُوساٽجي مرندين تون ڪڏهن، ڪارَ مُنهان!
قطعا
علي محمد ’مجروح‘
زندگيءَ جي گردشن ۾ آهي گم،
عشق جي سرمستين جو قافلو،
هڪ قدم توکان رڳو پٺتي هئس،
اڄ اُهو صدين جو اهي فاصلو.
’سليم‘ ڳارهوي
آهه چيٽانگ جي موسم ۽ پيون مينهنَ ڪَڻيون،
دل جي دنيا ۾ اُٿن ٿا وري آواز نوان؛
سن نئون، ماهه نئون، رنگ نوان، ڍنگ نوان،
ڪم نئون، دم به نئون، سوز نوان، ساز نوان.
|