سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :13

(2) وٽس ڪو خاص مواد هئڻ گهرجي ۽ اهو مواد اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن جو اثر نظريي ۽ مقصد تي پئجي سگهي. اهي ڳالهيون علم جي هرهڪ شاخ لاءِ ضروري ۽ لازمي آهن.

(3) پنهنجي مواد جي حدن ۾ رهندي، ڪنهن منطقي طريقي جي پيڙهه وجهڻ ضروري آهي؛ جنهن سان پنهنجين سمورين شين کي پنهنجي مقصد لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. ان طريقي جو استقرائي (Inductive) هئڻ لازمي آهي. ان کي ڏنل وائٺل ۽ تجربي هيٺ آيل ڳالهين مان ڪلين (Hypothesis) ۽ تدريج جو روپ وٺڻ گهرجي. انهيءَ طريقي لاءِ ترتيب جو هئڻ لازمي آهي. ان ريت اهڙا معيار تيار ٿيدا جن تي ادبي تخليق کي پرکي ۽ پرجهي سگهجي ٿو1.

جمالياتي تنقيد: هيءَ هڪ علمي تنقيد آهي، جنهن جو بنياد فيلسوفاڻي خيال تي ٻڌل آهي. هڪ ٻي به جمالياتي تنقيد ٿئي ٿي، جنهن جو ڪم آهي فني ۽ ادبي تخليقن جي جمالياتي قدرن کي پرکڻ. جمالياتي قدرن جو مطلب اهي خاصيتون آهن جن جو وجود هر ڪنهن ادبي ۽ فني تخليق ۾ ٿئي ٿو ۽ جي ان کي سونهن بخشين ٿيون. جمالياتي تنقيد اها سونهن سوڀيا پيدا ڪندڙ خاصيتن جي ڳولا ۽ جاچ جوچ اهڙيءَ ريت ڪري ٿي جو ذريعو نه بلڪ مقصد ۽ نتيجو معلوم ٿي سگهي. ان قسم جي تنقيد جو علمبردار والٽر پيٽر آهي. هو لکي ٿو، ”جمالياتي نقاد کي ڪنهن ادبي يا فني تخليق کي پرکيندي هي ڏسڻ گهرجي ته مٿس ان تخليق ڪهڙو اثر وڌو آهي ۽ ان اثر جو ڪيترو احساس کيس رهيو آهي. هو اهڙن سوالن جا جواب ڪٺا ڪري ٿو ته هڪ تصوير يا گيت ڪيئن آهي؟ ۽ ان جي ليکڪ مٿس ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي. ان مان کيس ڪو لطف اچي ٿو يا نه. اها ڪهڙي چاش ۽ چوس آهي، سا به ڪهڙي نوعيت جي ۽ سندس فطري تي اهي ڳالهيون ڪهڙو اثر ٿيون وجهن. جمالياتي نقاد جو مقصد هي ٿئي ٿو ته هو فني يا ادبي تخليق ۾ ان پهلوءَ کي اجاري پيش ڪري جيڪو سونهن ڀريو هئڻ ڪري دلچسپيءَ جو سبب بڻجي ٿو. ان جو مقصد ان تاثر جي ذريعي جي ڳولا پڻ آهي ته اهو ڪيئن پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ان جو تجربو ڪري سگهجي ٿو1. اهڙي قسم جي تنقيد ۾ جڏهن انتهائي داخليت پيدا ٿئي ٿي ته ان کي تاثراتي تنقيد (Impressionistic criticism) ڪري ٿو ڪوٺجي.

انهن ٻنهي نمونن جي تنقيد ۾ جڏهن انتها پسندانه انداز پيدا ٿئي ٿو، تڏهن نوعيت پسندي ۽ حقيقت پرستيءَ جو بحث اچيو منهن ڪڍي. ڪي وري اتاهين علمي تنقيد جي ان نقطي تي پهچيو وڃن جتي هوءَ فقط زندگي جي مختلف قدرن جي فني ۽ ادبي تخليقن کي ڳولڻ لڳن ٿا ۽ ٻيا وري جمالياتي تنقيد جي انهيءَ منزل تي اچيو رسن، جتي هو فني ۽ ادبي تخليقن ۾، جمالياتي پهلوءَ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به ڏسڻ جي ڪوشش نٿا ڪن.

سونهن ۽ افادي جو بحث: نتيجي طور ادب برائي ادب ۽ ادب برائي زندگي جو بحث ڇڙي پوي ٿو. عينيت پسندي ۽ حقيقت پرستيءَ جي ڇڪتاڻ شروع ٿيو وڃي. عينيت پسند (Idealist) خير ۽ سچائي وانگر سوڀيا کي به هڪ مطلق ۽ قائم بالذات مادي مظهرن کان ماورا حقيقت سمجهن ٿا. هن دنيا جي هر هڪ شيءِ انهيءَ حد تائين سوڀياوان ۽ سونهن ڀري آهي، جنهن حد تائين منجهس حسن جو ادبي ۽ الاهي جوهر موجود ٿئي ٿو. ڏسندڙ کي ان سونهن توڙي سوڀيا جو ادراڪ ان وقت تائين نٿو ٿئي، جيستائين منجسه گهربل صلاحيت نه هوندي. ان نظريي ۾ انهيءَ ٻتي عمل جي ڪارفرمائي آهي، جيڪو عينيت جي پيڙهه آهي. جيڪڏهن اسين انهيءَ ٻٽي عمل ۽ تجربيت يا عمليت کي مڃون ٿا ته پوءِ اسان جو اهو فرض آهي ته جماليات جا اهڙا اصول قائم ڪريون جيڪي سونهن ۽ سوڀيا جي ماهيت سمجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ اسان جي واهر ڪري سگهن. اسين اڳيئي چئي آيا آهيون ته زندگي جي بنيادي حقيقت اها ڇڪتاڻ آهي جيڪا انسان ۽ ان جي ماحول جي وچ ۾ هلندي ٿي اچي. سونهن ۽ سوڀيا جو احساس به انهيءَ ڪشمڪش جو هڪڙو پهلو آهي. انسانکي انهن چيزن يا حالتن ۾ سونهن ٿي نظر اچي جن کي هو پنهنجن خواهشن يا ضرورتن لاءِ مناسب ٿو سمجهي. اهڙيءَ طرح سونهن هڪڙي ابدي حقيقت باقي نٿي رهي، اٽلندو ان جو بنياد انساني تجربن ۽ مشاهدن تي وڃي ٿو قائم ٿئي. انهيءَ نقطه نظر تي عينيت پسند، هي عام اعتراض ڪن ٿا ته اهڙيءَ طرح ته ماڳهي حسن جو ڪو معيار ئي قائم ٿي نٿو سگهي ۽ هر هڪ شخص پنهنجو پنهنجو نئون معيار قائم ڪرڻ لاءِ آزاد ٿيو پوي، جنهن جو لازمي نتيجو هڪڙي مزاجي صورت حال تي اچيو بيهي. پر اهو اعتراض درست نه آهي. ائين سوآهي ته هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪي امتيازي خصوصيتون ٿين ٿيون، پر ساڳيو شخص_ ڪٽنب، ڪڙم، جماعت ۽ ملڪ جي حدن ۾ هڪٻئي سان گڏرهي ٿو ۽ مشترڪ طور پنهنجون خواهشون ۽ ضرورتون پوريون ڪري ٿو. تنهن کان سواءِ هر ڪنهن ماڻهوءَ جون چند گڏيل بنيادي خواهشون ۽ ضرورتون ٿين ٿيون، جن جي ڪري انساني زندگيءَ جا ڪيترائي مظهر هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ اهڙو ڪو سبب نظر نٿو اچي جو سونهن ۽ سوڀيا جي احساس ۾ جماعتي اشتراڪ ۽ ميلاپ نظر نه اچي. انهيءَ ميلاپ جي لاءِ اها ڳالهه ضروري ڪانهي ته سونهن ۽ سوڀيا به ڪا مطلق ۽ قئام بالذات حقيقت آهي، بلڪ تجربن جي هڪ جهڙائيءَ جو هي لازمي نتيجو ٿئي ٿو، جو احساسن ۾ پڻ هڪجهڙائي نظر ٿي اچي. جيڪڏهن سماجي زندگي هڪجهڙي آهي ته سونهن ۽ سوڀيا جو احساس پڻ هڪجهڙو ٿيندو. جيڪڏهن سماجي زندگي ۾ هڪ جهڙاڻ نه هوندي ته پوءِ انهيءَ بنا تي سونهن ۽ سوڀيا جي احساس ۾ پڻ اختلاف ٿيندو1.

پر عينيت پسند اها ڳالهه ڪانه ٿا مڃين. هنن جو ايمان آهي ته سونهن ۽ افادي ۾ ڪو لاڳاپو ئي ڪينهي. انهن ٻنهي جون حدون ڌار ڌار ۽ نراليون آهن؛ ڇاڪاڻ جو افادي جو لاڳاپو مادي سان ۽ سونهن جو روح جي تصور سان آهي. ان ريت سونهن ڀري شيءِ کي، سوڀيا جي لحاظ سان افادي کان پري ٿيڻ گهرجي ۽ مفيد چيزن ۾ سونهن جو وجود ٿي نٿو سگهي. مگر تجربي ۽ مشاهدي مان ثابت ٿئي ٿو ته سونهن ۽ افادي جو پاڻ ۾ گهاٽو ناتو آهي، جنهن ڪري ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. سونهن کي افادي ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ وڌيڪ سهڻي چيز وڌيڪ فائديمند هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا شيءِ انساني زندگيءَ سان لاڳاپو نٿي رکي ته ان ۾ سونهن جو هجڻ ۽ نه هجڻ ساڳي ڳالهه آهي. فن جي ماهيت کي سمجهڻ ۽ ان جي قدرن کي متعين ڪرڻ لاءِ انهيءَ سوال کي حل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن سونهن هڪ اهڙي مطلق حقيقت آهي جا مادي مظهرن کان پري ۽ افادي کان دور آهي ته پوءِ فن جو ڪهڙو معيار قائم ٿيندو. مثال طور هڪ عورت جي تصوير کي وٺو. هڪڙو عينيت پسند ان تصوير کي پرکڻ ويهي ٿو، جنهن جي نظريي مطابق ڏسندڙ جي دل ۾ ان تصوير کي حاصل ڪرڻ جي خواهش ۽ قيمت جو سوال پيدا ٿيڻ نه گهرجي ۽ نه وري اها ڳالهه پيدا ٿئي ته اها تصوير حاصل ٿيڻ بعد پنهنجي ڪوٺڙي جي ڪهڙي ڀت تي ٽنگيندو. نڪي ڪي ان تصوير کي ڏسي سندس دل ۾ عورت جي جسماني وجود جو خيال پيد اٿيڻ گهرجي ۽ کيس اهو به حق نه آهي ته مورت جي صورت سان ڀيٽ ڪري ۽ نيڪ وري منجهس ڪو جنسي يا سماجي احساس پيدا ٿيڻ گهرجي، نه وري اهو خيال اچيس ته ان تصوير ۾ ڪهڙي نسل ۽ ملڪ جي عورت کي پيش ڪيو ويو آهي. هن کي اهو به سوچڻ نه گهرجي ته ان تصوير جو ماڻهن جي ويچار تي ڪهڙو اثر پوندو يا ان تصوير ڪڍندڙ جي زندگي يا زماني بابت ڇا ٿو ظاهر ٿئي. مصنف جي هنر، ڪاريگري ۽ رنگ روغن سان به کيس ڪو واسطو ۽ بحث نه هئڻ گهرجي. نه وري ان تصوير يا مصور جي ڪنهن ٻئي مورت يا مصور سان ڀيٽ ڪرڻ گهرجي. ان بعد سوچيو ته ڪهڙي شيءِ ٿي وڃي باقي بچي، جنهن جي روشنيءَ ۾ انهيءَ تصوير کي پرکجي1. مطلب ته عينيت پسند سونهن کي فقط سونهن جي حدن ۾ محدود نٿو ڪري سگهي. ان ۾ کيس ڪن ٻين قدرن کي به ڳولڻو پوندو. شعوري طور تي هو ان کان بچڻ جي ڪوشش به کڻي ڪري پر بيخبريءَ ۾ هو ان کان پاسو ڪري نٿو سگهي.

اهوئي سبب آهي جو ڪي عينيت پسند پنهنجي نطريي تي قائم هوندي به حقيقت پرستيءَ جا مڃيندڙ ٿين ٿا ۽ نه رڳو منجهن سماجي قدرن جو احساس ٿئي ٿو، بلڪ انهن جي تخليقن ۾ پڻ سماجي زندگي جا اثر ڏسجن ٿا. هنن تي به حالات جوا ثر ٿئي و ۽ هو انهن کي پنهنجي فن جو موضوع بڻائين ٿا، تنهنڪري ادب ۽ فن جي سماجي اهميت کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي.

حقيقت ڪري ادب ۽ فن جا ٻه پهلو ٿين ٿا. هڪڙو سماجي يا افادي ۽ ٻيو فني يا جمالياتي. تنقيد جي لاءِ انهن ٻنهي پهلوئن جي ڳولا لازمي آهي. تنقيد ساڳئي وقت سماجي قدرن جي خبرچار لهي ۽ جمالياتي پهلوئن کي اُجاري ٿي. سندس سماجي اهميت جي ڪري ان جو سلسلو زندگي جي تنقيد سان وڃيو ملي2. ان تي پنهنجي وقت جي مروج فيلسوفاڻي ۽ سماجي نظرين جو اثر پوي ٿو. اهي خيال ۽ نظريا هرهڪ دور ته ڇا بلڪ ساڳئي دور ۾ پڻ مختلف ٿين ٿا ۽ منجهن ڇڪتاڻ هلندي رهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو تنقيدي نظرين ۾ ايڏو فرق ڦير ۽ اختلاف ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

تنقيد جا مغربي نظريا: انسان جڏهن کان وٺي ادب پيد اڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن کان وٺي تنقيدي خيال ۽ نظريا به وجود ۾ اچڻ لڳا. مغرب ۾ انهن خيلان ۽ ويچارن جو هڪرو سلسلو نظر اچي ٿو، جنهن جي شروعات يونانين جي زماني کان ٿئي ٿي. انهن اڌمن ۽ ويچارن سان گڏ اختلافن جو هئڻ به لازمي امر آهي، جي پڻ ساڳي شدت اختيار ڪن ٿا.

جيتوڻيڪ تنقيدي نظريي تي ارسطو جو پهريون لکيل ڪتاب ”فنِ شاعري“ (Poetics) ملي ٿو، تنهن هوندي به ان کان اڳ واري يوناني ادب ۾ تنقيدي اشارا مليو وڃن. ”اهڙو جهوني ۾ جهونو تنقيدي اشارو هومر جي اليڊ (Illiad) جي ارڙهين باب ۾ ملي ٿو. هومر ان سونهري نقش جي تعريف ٿو ڪري جيڪو سي قيسٽس هڪڙي ڍال تي بنايو هو. ڍال تي انهيءَ ڪاريگر هر ڏنل زمين جو نقش ڪڍيو هو، جنهن کي هومر هيئن ٿو بيان ڪري:

هر جي پويان زمين جو رنگ ڪاراڻ تي مائل ۽ کيڙيل زمين جهڙو هو، حالانڪ اهو سمورو ڪم سون جو ٿيل هو. اهو ان هنر جو معجزو هو.

ان جملي ۾ جيڪا تنقيدي صفت آهي تنهن جي پروفيسر ”برنارڊ بوزانڪي“ کولي سمجهاڻي ڏني آهي. ان جملي ۾ يونان جي شاعر نه رڳو هنرمند جي هنر ۽ ڪاريگر جي ڪاريگري جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، بلڪ هوبهو نقشو ڪڍڻ جي ڏکيائيءَ جو پڻ وڏي خوبيءَ سان اندازو ڪيو آهي.

هي اشارو هڪ اهڙي فن ڏانهن هو جيڪو شاعريءَ کان مختلف هو، مگر شاعريءَ بابت پهريون تنقيدي اشارو وري اسان کي هومر جي بي تصنيف او ڊيسي (Odesi) ۾ ملي ٿو:

انهيءَ مقدس ڳائڻي ڊيموڊوڪس کي سڏايو، ڇاڪاڻ جو ڌڻي تعاليٰ ان کي جهڙي ڳائڻ جي صلاحيت ڏني آهي، تهڙي ٻئي ڪنهن کي عطا نه ڪئي اٿس سو رڳو ان ڪري ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب ڳائي ماڻهن کي خوش ڪري.

ان ۾ هيٺيان تنقيدي اشارا آهن:

شاعر ڳائڻي کي مقدس ۽ راڳي کي هڪ خداداد نعمت ڪري ليکيو آهي ۽ گيت ڳائڻ جو مقصد هي بيان ڪيو آهي ته انسان ذات کي خوشي (لطف) حاصل ٿئي ٿي_ هومر کان سواءِ يوناني ڊراما نگارن جي تخليقن ۾ به هر هنڌ تنقيدي اشارا ملن ٿا. جهڙوڪ ارسٽوفنز (Aristophanes)، پوريپائيڊيز جي واتان چورائي ٿو، ”آءٌ اسٽيج تي ٻه شيون، جيڪي مون روزمره جي زندگي مان چونڊيون آهن، سي پيش ڪريان ٿو1.

افلاطون وٽ به تنقيدي جهلڪ ميل ٿي. شاعراڻي الهام يا القا بابت هن، سقراط جي واتان هي ظاهر ڪيو آهي، ”پهريائين شعر جي ديويءَ ذريعي شاعرن کي القا ئي ٿو ۽ پوءِ انهيءَ القا سان هو گهڻن ئي ماڻهن کي متاثر ڪن ٿا. جيئن ته اهي شاعر جن کي الهام ٿئي ٿو، سي جنون جي اصول جا پابند ڪونه ٿين، ان ڪري هو هڪڙي ئي قسم جي شاعري ڪري ٿا سگهن. دل کي ڇڪيندڙ نظم انساني ڪوشش جو نتيجو نه آهن، بلڪ قدوسي ۽ قدرت جي تخليق ٿين ٿا. شاعر ته فقط ديوتائن جي ارشاد جي بيان جو ذريعو آهن1.“ افلاطون کي سياست سان دلچسپي هئي ۽ هن رياست ۾ شاعري کي ڪا اهم جاءِ ڏيڻ ٿي گهري، پر هو پنهنجي نقطه نگاهه کان شاعر جو مقام۽ مرتبو مقرر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. خير هن کي شاعري سان دلچسپي هئي ۽ ان جي ويچارن مان گهڻن ئي ماڻهن فائدو روتو، پر هن ان طرف مستقل ڌيان نه ڏنو.

پهريون شخص جنهن تنقيد ڏانهن سچ پچ ته ڌيان ڏنو سو اهي ارسطو، جنهن تنقيد کي سياسيات، اخلاقيات ۽ فيلسوفي کان الڳ ڪري، ان جي انفراديت ذهن نشين ڪرائي. هن ٻه ڌار ڌار ڪتاب (1) (Poetics) ۽ (2) (Rhetoric’s) لکيا، جن ۾ يونان جي سموري تنقيد جو روح موجود آهي2. هن فنِ شاعري ۾ شاعري ۽ ان جي مختلف صنفن تي روشني وڌي ۽ حزنيه ۽ طربيه وغيره تي کليل ۽ واضح بحث ڪيو آهي3. هو چوي ٿو ته شاعري نقل جو اهو وجدان (Instinct of Imitation) آهي، جنهن مان لطف ۽ حظ حاصل ٿئي ٿو. هوءَ تناسب جو احساس (Instinct of harmony) پڻ آهي، جنهن بعد هو يوناني ڊرامن ۽ ڊرامنگارن بابت ڊگها بحث ٿو ڇيڙي4.

ارسطو تي افلاطون جو اثر آهي. نقل جو تصور افلاطون جي نظريي تي قائم آهي، ڇاڪاڻ جو هو هن دنيا جي زندگي کي عالم مثال جي زندگي جو نقل ڪري ٿو مڃي. نقل جو فيلسوفاڻو ويچار هن افلاطون کان حاصل ڪري شاعريءَ سان لاڳو ڪيو آهي. هو افلاطون وانگر دنيا کي عالمِ مثال جو هڪ نقل مڃيندي چوي ٿو ته شاعري لفظن جي ذريعي هن دنيا جي ماڻهن جي عمل ۽ فعل جو نقل ڪري ٿي. ارسطو جي مضمون ۾ عالمِ مثال جي جڳهه آهي ۽ نه ضرورت. افلاطون کي شاعري ان ڪري نٿي وڻي جو هن جي خيال موجب اها ”نقل جو نقل ۽ جڪس جو عڪس“ هئڻ ڪري اصل کان گهڻو پري آهي. ارسطو نقل کي ضرور مڃي ٿو، پر نقل جي قنل واري نظريي کي تسليم نٿو ڪري. ارسطو جنهن نقل جي بنياد تي شاعريءَ جي پيڙهه ٻڌي آهي سا افلاطون جي نقل واري تصور سان ٺهڪي اچي ٿي. هن جو چوڻ آهي ته اها نقل آهي مگر نقل جو نقل ڪانهي. هي اهو بنيادي فرق آهي جيڪو افلاطون ۽ ارسطو جي فيلسوفاڻي خيالن ۾ ڏٺو وڃي ٿو1.“ اهو نقل جيتوڻيڪ زندگي جو هوبهو نقل ڪونهي تاهم زندگيءَ سان ٺهڪيو ضرور اچي ۽ ماڻهو انهيءَ ۾ اصل کان وڌيڪ دلچسپي ڏيکارين ٿا. هن جي ويچار مطابق شاعريءَ جو لاڳاپو جذبن سان آهي، پر هن زبان ۽ بيان جي خوبين تي پڻ زور ڏنو آهي.

ارسطو واري شعر جي نظريي جو سموري دنيا تي اثر پيو آهي. شروعات ۾ روم جي شاعرن ۽ مفڪرن تي ان جو گهرو ۽ گهاٽو اثر پيو ٿو ڏسجي. اتي جي فيلسوفن تنقيد کي قاعدن ۽ بيان تائين مهدود ڪري ڇڏيو هو. سسيرو (Cicero) جي دور تائين اهائي حالت رهي. هوريس ان خيال ۾ ڦيرگهير ڪئي ۽ اهو به چيو ته تنقيد ۾ ارسطو جي ويچارن مان فائدو پرائڻ مناسب آهي. هن جيڪو ننڍرو رسالو (Ars poetica) نالي لکيو، تنهن جي پيڙهه ارسطو جي ويچارن تي کنئي وئي اهي. ڪن هنڌن تي هن جيڪي خيال پيش ڪيا آهن تن ۾ ارسطو جي ويچارن ۾ ڪو معمولي فرق ۽ تفاوت ٿو ڏسجي. هن جي خيال موجب شاعريءَ جو مقصد نه رڳو لطف ۽ شريني ڏيڻ پر اصلاح ڪرڻ به آهي پر اهو ارسطو جي بحث جومنطقي نتيجو ڪونهي. هو فن جي پستيءَ کي خراب ٿو سمجهي. هن جي لاءِ لکڻ پڙهڻ تنقيدي ڪارنامو پيش ڪرڻ لاءِ ضروري ڪونهي، بلڪ ان جي لاءِ ذهين ۽ چالاڪ هئڻ لازمي آهي[1]. هوريس کان پوءِ روم ۾ ڪوئنٽلين کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو هن شاعري سان گڏ نثر کي به هڪ فن ڪري مڃيو، تنقيد جا مستقل اصطلاح جوڙيا ۽ يوناني ۽ لاطيني تنقيد جي ڀيٽ ڪئي. اهڙي طرح تقابلي تنقيد (Comyarative criticism) جي بنا پيئي ان هوندي به هو خيالات جي ڀيٽ ۾ زبان ۽ بيان ڏانهن وڌيڪ ڌيان ٿو ٿئي. روم جي سڀني فيلسوفن جو پڻ اهوئي حال آهي. ان ڪري اهي ارسطو جي تنقيدي خيالن ۾ ڪو خاص واڌارو نٿا ڪري سگهن.

انهن رومي ۽ لاطيني نقادن کان پوءِ تنقيد وري به يونان ڏانهن منهن ڪري ٿي، جتي لان جائينس پيدا ٿيو، جنهن (On sublime) ۾ جيڪي خيالات پيش ڪيا سي اڄڪلهه جي رواني نقادن جي خيالن سان ٺهڪندڙ آهن، اهوئي سبب آهي جو رومانوي نقادن ان کي پنهنجو اڳواڻ ۽ امام ڪري ٿا مڃين. هو ادب کي جاچڻ ۽ پرکڻ لاءِ تنقيد کي ڪا وقعت ڪونه ٿو ڏئي. هو چوي ٿو ته نقاد کي سندس خيال ۾ هڪ الاهمي ڪيفيت، ڪنهن به فنپاري کي سمجهڻ جهڙو بنائي ٿي وجهي.

شروعات ۾ لان جائينس، ارسطو ۽ ٻين يوناني نقادن جي پيروي ڪندو هو، پر پوءِ مٿس اها حقيقت کلي پيئي ته شاعري هڪ اهڙي دلڪش چيز جو نالو آهي، جنهن ۾ ڪو نه ڪو مفيد پهلو هجي. هو شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي رفعت ۽ برتري (Sublimity) کي سمجهي ٿو ۽ اها خوبي سندس خيال موجب حاصل ڪري نٿي سگهجي، بلڪ خداداد ۽ وهبي ٿئي ٿي. نقاد جي لاءِ ان جي سڌ وٺڻ ضروري آهي جا تخيل ۽ ويچار کان ڪم وٺڻ کان سواءِ ڏکيو حاصل ٿئي ٿي. هن جي خيال موجب شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي جوش جو هئڻ ضروري آهي، جنهن مان ليکڪ توڙي پڙهندڙ ٻنهي ۾ ديوانگيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿئي. ان جي تخليق خود ڪنهن ”ازغيبي جنون“ جي نتيجي طور پيدا ٿئي ٿي جا پڙهندڙ تي به ساڳيو اثر ڪري ٿي1.

وچين زماني ۾ مذهب جي اثر هيٺ تنقيد ۽ اهڙن ٻين علمن ڏانهن ڌيان گهٽجي ويو، ان زماني ۾ ڊانٽي (Dante) کان سواءِ ٻيو ڪو ذڪر ڪرڻ جوڳو نقاد پيدا نه ٿيو. ڊانٽي جي چوڻ موجب شاعري اهڙي ٻوليءَ ۾ ڪئي وڃي، جيڪا عام ماڻهو سولائي سان سمجهي سگهي ۽ شاعري جي ٻولي عام رواجي هئڻ گهرجي. هو شاعريءَ جي معنوي پهلوءَ تي پڻ وڏو زور ڏئي ٿو. هن جي خيال موجب شاعر جي خيال ۽ بلندي، خلوص، نيڪ نيتي، شاندار انداز بيان، لفظن جو مناسب استعمال ۽ صحيح چونڊ لازمي آهي ۽ (De vulgari Eloquio) ۾ اهو به ٻڌايو اٿس ته ڪهڙيءَ ريت لکڻ گهرجي1.

نشاة الثانيه واري دور ۾ ڪلاسيڪي تنقيد ٻيهر پنهنجو اثر قائم ڪري ورتو. انگريزيءَ ۾ بن جانسن ان جو مکيه علمبردار هو. سرفلپ سڊني ڪلاسڪيت جو حامي آهي، حالانڪ انهن ٻنهي جي خيالات ۾ اختلاف آهي، ليڪن ڪلاسڪيت جي تنقيد ۾ ٻئي ڄڻا متفق آهن. سڊني شعاريءَ تي بحث ڪندي ڪندي وڃي ڪلاسڪيت ڏانهن لڙندو پر شاعريءَ جي لطف اندوزي واري پهلوءَ تي زور ڏئي ٿو. بن جانس پنهنجي وقت جي ادبي ماحول کان پريشان ۽ نااميد ٿي ڪري ان ۾ انتشاري ڪيفيت کي ڏسندي ان نتيجي تي ٿو پهچي ته جهونن جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي3.

سترهين صديءَ جي نقادن تي ان جو گهاٽو ۽ اونهو اثر پيو. هن زماني ۾ ٻيا نقاد فرانس ۾ پيدا ٿيا، جن ۾ برائلن وڏي اهميت جو مالڪ آهي. ان جي خيال موجب شاعريءَ جو ڪم آهي ته هو فطرت کي هڪ خاص سانچي ۾ وجهي ڇڏي. هو ارسطو جي خيلان جي پيروي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. هو چوي ٿو ته شاعرن کي يوناني شاعرن جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ گهرجي. اها آهي ڪلاسيڪي اثر جي انتها، ان ڪري ان جو ردعمل به ٿيو1.

برطانيه ۾ ڊرائيڊن (Dryden) پهريائين پهريائين ڪلاسڪيت جي خلاف آواز کڙو ڪيو. هن چيو ته ارسطو، تنقيدي نظرين بابت جن اصولن جو اظهار ڪيو آهي، سي يونين ادب کي اڳيان رکي جوڙيا آهن ۽ هرڪنهن ملڪ جي لاءِ انهن جي تقليد ڪرڻ مناسب ڪانهي. هن جي خيال موجب ادب هڪڙي اهڙي قوت آهي جنهن کي سدائين پنهنجي زماني جي ترجامني ڪرڻ گهرجي. قومي ۽ ملڪي امتيازن ۽ نظرين ۾ اختلاف ۽ تفاوت جي مدنظر ادب جي خاصيتن جو اڳ الڳ هئڻ لازمي آهي. هن جي خيال مطابق شاعريءَ جو مقصد ابدي خوشي هئڻ گهرجي2. جنهن ۾ لطف اندوزي ۽ خوشي ٻئي اچي وڃن ٿيون. هن فن کي اهو نقل ڪري ڄاتو ۽ سمجهيو جيڪو اصل کان پنهنجي خاصيت جي بنا تي وڌيڪ سونهن ڀريو ۽ حسين ٿئي ٿو. شاعريءَ جي انهيءَ خاصيت کي جيڪا اصل کي نقل کان ڌار ٿي ڪري تنهن کي تخيل (Imagination) ڪري ٿو چئجي3.

ڊرائيڊن جي تنقيدي خيالن ۽ اصولن تنقيدي دنيا ۾ وڏيون ۽ اهم ڦيرگهير آندي. ارڙهين صديءَ جي نقادن لاءِ انهيءَ تخيل وڏو ڪم ڏنو4. پوپ، ايڊيشن ۽ برڪ به گهڻو ڪري ساڳين خيالن کي پيش ڪندا رهيا، جن مان ايڊيشن ۽ برڪ تخيل جي قوت تي، فيلسوفي ۽ نفسيات جي روشني ۾ بحث ڪيو، جنهن جي پيڙهه لاڪ جي فلسفي جي قائم ڪيل آهي. انهن جا خيال پڻ اهم آهن، ڇاڪاڻ جو اڄڪلهه جي نفسياتي نقاد وانگر هو به فن جي مفيد پهلوءَ تي برابر بحث ڪندا رهيا آهن1.

انهيءَ زماني ۾ فيلسوفيءَ جي ”نئين ڪلاسيڪي“ مڪتبِ فڪر جي شروعات ٿي، جنهن جي دعويٰ هئي ته اهو يونان ۽ روم جي تنقيدي خيالن جو پوئلڳ آهي، پر اصل ۾ ان جي دعويٰ صحيح ۽ سچي نه هئي، ڇاڪاڻ جو هو نه رڳو انهيءَ اصول کان گهڻو پري هو، پر کيس ڪلاسيڪت جي روح ۽ جوهر جي پوري سوري واقفيت هئي. اها تحريڪ ۽ لاڙو ظاهر اهي ته گهڻن ڏينهن تائين برقرار رهي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جوان جي پيرهه مضبوط نه هئي ۽ ٿوري ئي عرصي اندر جرمنيءَ ۾ وڪلمان، فيلسوفيءَ جي ان اسڪول سان بغاوت آهي ۽ هن ڳالهه تي زور ڏنو ته جيڪڏهن يونان ۽ روم جي تقليد ڪرڻي آهي ته پوءِ سچ پچ ان جي روح کان واقف ٿيڻ بعد ان جي تقليد ڪرڻ گهرجي، ان قسم جي تنقيد کي ”روماني تنقيد“ چئجي ٿو، جنهن جا مکيه جرمن علمبردار هئا، ليسنگ ۽ هرڊر. انهن جي ويچارن جو ٻين ملڪن ۾ پکڙجڻ، نئين تنقيد جي شروعات هئي. هن ٻاريءَ وارن ۾ ڪولرج، ورڊسورٿ، مادام ڊي سٽيل وغيره خاص ڪري مشهور آهن. ليسنگ جي تنقيد جا بنيادي اصول هي آهن:

(1) ادب کي قومي ۽ ملڪي ذهانت ۽ فطانت جو مظهر ٿيڻ گهرجي.

(2) هر ڪنهن ادب جون ڪي حدون ٿين ٿيون، جن کان پير ٻاهر ڪڍڻ ڪنهن به حال ۾ مناسب ناهي. فن ان وقت ترقي ڪري سگهندو اهي، جڏهن هو پنهنجي حدن ۾ رهي1.

ادب کي قومي ۽ ملڪي ذهانت ۽ فطانت جو ترجمان سمجهڻ ۽ اهڙو اظهار ڪرڻ ان وقت هڪ نئين ڳالهه هئي. اهو تنقيدي ويچار وڏي اهيمت اورو هو، جنهن اڳتي هلي روس، ناروي ۽ بين هنڌن تي اهم ڪم ڪيو ۽ سموري يورپ جي ادبيات ۾ انقلاب جي لهر پکيڙي ڇڏي. گوئٽي (Dichtung and Wharhelt) ۾ ليسنگ جي لائوڪون بابت لکيو آهي ته ان جي شاندار تصور جي نتيجن اسان کي بجليءَ جي روشنيءَ وانگر هڪڙي واٽ صاف ڪري ڏيکاري ۽ سموري پراڻي تنقيد اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏي جهڙي طرح پراڻي ڪوٽ کي لاهي کڻي اڇلائجي2. ليسنگ ۽ هرڊر جي خيالن جرمني جي عيني فيلسوفن، شليگل، ڪانٽ، هيگل، فتشي وغيره کي پڻ متاثر ڪيو. هيگل جي ’جماليات‘ ۾ هرڊر جا ڪيترائي خيالات ملن ٿا، جيڪي هن ترتيب ۽ قاعدي سان فيلسوفاڻي انداز ۾ پيش ڪيا آهن3.

تنقيد ۾ نوان خيال جرمني ته ڇا پر برطانيه ۽ فرانس ۾ به پيدا ٿيا. فرانس ۾ ٽين، سينٽ بيو (Sainte Beuve) ۽ مادام ڊي سٽيل وغيره ۽ انگلنڊ ۾ ڪولجر ۽ ورڊسورٿ ان جي اشاعت ۾ مکيه ڀاڳ ورتو. بلڪي ۽ شيلي وري روماني تنقيد کي رائج ڪرڻ ۾ هٿي ڏني. هنن سڀني تي جرمني جي عيني فيلسوفن جو اثر هو، تنهنڪري شاعريءَ تي الهامي ڪيفيت طاري هئڻ ڏانهن ڌيان ڏنائون. بليڪ ته شاعر کي پيغمبر ڪري ٿو مڃي، جنهن تي الهامي ڪيفيت طاري ٿيندي رهي ٿي. ورڊسورٿ جذبي ۽ احساس کي شاعريءَ ۾ مکيه ۽ اهم سمجهي ٿو. ڪولرج انهن مڙني ۾ وڌيڪ علمي بحث ٿو ڪري، حالانڪ هن جي لاءِ به جذبو ضروري شيءِ آهي. شاعر جيڪو به خيال پيش ڪرڻ گهري سو جذبي ۾ ٻڏل ۽ الهامي ڪيفيت تي ٻڌل هئڻ گهرجي. هن جي خيال موجب شاعر جو ڪم آهي ته هو اسان مان ٿوري دير جي لاءِ شڪ شڪوڪ ڪڍي ان جي جاءِ تي يقين جي صلاحيت پيدا ڪري ڇڏي1. هو ٻئي جي پيرويءَ جو قائل ئي ڪونهي. ڪولرج پنهنجي تنقيد ۾ ڏاڍيون فيلسوفاڻيون ڳالهيون ڪيون آهن، تنهن ڪري ان جو اثر ٻين تي به گهاٽو پيو آهي.

روماني تنقيد، نئين تنقيد کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ گهڻي مدد ڏني ۽ اهڙي ريت اوڻيهين صديءَ ۾ تنقيد جو فن عروج تي پهچي ويو. انهيءَ دور ۾ فرانس ۾ سينٽ بيو ۽ انگلينڊ ۾ ميٿيو آرنولڊ پنهنجي ويچارن جي اشاعت ڪئي سينٽ بيو چيو ته چڱي نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو شاعر جي زندگي ۽ انساني نفسيات مان واقف هئڻ گهرجي، ٻيءَ حالت ۾ هو کيس چڱيءَ پر پروڙي ڪين سگهندو. ٽين چيو ته هر ڪنهن ملڪ جي شاعريءَ کي ان ملڪ جي جاگرافيائي تاريخي ۽ اخلاقي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي، ورنه ان بابت ڪوبه صحيح رايو قائم ڪري ڪين سگهبو. سينٽ بيو ائين به چيو ته انهيءَ پس منظر سان گڏ جيڪڏهن شاعر جي زندگيءَ کي اڳيان نه رکبو ان ڳالهه جو پتو ئي ڪين پوندو ته ساڳئي دور جي ٻن شاعرن ۾ ڪهڙو تفاوت آهي ۽ ڇو ۽ ڪير ڪهڙي اهميت جو مالڪ آهي.

انهن نقادن ۾ ميٿيو آرنولڊ جو مرتبو مٿاهون آهن، هو ڪلاسڪيت کي مڃي ۽ يوناني تنقيد جي اصولن کي اهميت ڏئي ٿو، تاهم ادب جي باري ۾ هن جو پنهنجو رايو به آهي، جنهن تي نئين تنقيد جي پيڙهه کنيل نظر اچي ٿي. هو شاعريءَ کي زندگيءَ جي تنقيد ڪري ٿو سمجهي. هومر، ڊانٽي، شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي شاعري جي خاصيت کي پيش ڪرڻ بعد هو ان نتيجي تي ٿو پهچي ته هنن سڀني جي شاعري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي زندگيءَ جي سمجهاڻي ٿي ڏئي  شاعريءَ ۾ اهوئي جوهر هئڻ گهرجي،. هو چوي ٿو ”شاعر جي لاءِ دنيا ۽ زندگيءَ جي واقفيت ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ان کان سواءِ هو انهن کي پنهنجي شاعريءَ جو چڱيءَ ريت موضوع بڻائي ڪين سگهندو. اڄڪلهه ته زماني جي حالتن ۾ بيحد پيچيدگيون ۽ اونهايون پيدا ٿي پيون آهن، تنهنڪري شاعر، انهن کي پنهنجي موضوع سان هم آهنگ تڏهن بڻائي سگهندو، جڏهن منجهس اهڙو تنقيدي شعور هوندو. ٻيءَ حالت ۾ سندس تيلخيق معمولي ۽ رواجي درجي جي ٿي پوندي1. مطلب ته هو زندگي ۽ شاعري کي هڪٻئي کان وقف رکڻ گهري ٿو. هن جي اها وصف جيتوڻيڪ مبهم ۽ منجهيل آهي تاهم اونهي اڀياس تي ٻڌل آهي ۽ انهيءَ جديد لاڙي ڏانهن اشارو ٿي ڪري، جنهن زماني ۾ ڪارل مارڪس کان اشتراڪي اعلان لکارايو1.

انهيءَ دور ۾ تنقيد جي ٻن نظرين وڏي اهميت حاصل ڪري ورتي ۽ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن انهن ۾ اختلاف به اهڙا ئي وڌندا ويا، جن مان ادب برائي ادب، ادب برائي اخلاق جا ٻه مڪتبِ فڪر پيدا ٿيا. رسڪن فن جي اخلاقي پهلوءَ تي زور ڏنو. هن چيو ته فن جي فطرت ۾ هيءَ خاصيت موجود آهي ته هو اخلاقي هجي. ان بحث جو سلسلو افلاطون جي وقت کان وٺي شروع ٿيو ۽ هن وري انهيءَ خيال کان ته فن ڪڏهن ڪڏهن اخلاق جو ساٿ نٿو ڏيئي سگهي، بلڪ ان جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو، تنهنڪري هن اديبن کي پنهنجي خيالي جمهوريت مان شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي. افلاطون ان جون برايون ڳڻايون، ڇاڪاڻ جو ان ۾ بدالخاقي جا عنصر هئا، پر رسڪن ان جي ساراهه ڪئي، ڇاڪاڻ جو هن کي فن ۾ شروع کان و‎ٺي اخلاقي پهلو نظر آيا2. والٽر پيٽر رسڪن جي انهن خيالن جي مخالفت ڪئي ۽ چيائين ته فن ۽ ادب جو مقصد اخلاق سڌارڻ نه بلڪ زندگي جي هلندڙ مشين کان انسان جي خيالن کي چند گهڙين لاءِ هٽائڻ ۽ اهڙي طرح انهن کي هڪ قسم جو ذهني سڪوت بخشڻ آهي. اهو اهڙو ڪم آهي جيڪو ادب ۽ فن کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ سرانجام نٿي ڏيئي سگهي3.

والٽر پيٽر پنهنجي خيالن کي خوب پکيڙيو. ادب برائي ادب ۽ فن برائي فن جا نظريا فرانس ۾ پيدا ٿيا، جن جو چراغ انگلينڊ ۾ ويسئلر روشن ڪيو، آسڪروائيلڊ پڻ انهيءَ پيچري جو پانڌيئڙو ٿي، پنهنجي تخليقن جي ذريعي ان جو ڦهلاءُ ۽ پرچار ڪيو. رسڪن ان جي مخالفت ڪئي ته والٽر پيٽر ان جو علمبردار ٿي ميدان ۾ اچي انهن مسئلن تي ڏاهپ ۽ معقوليت سان بحث شروع ڪري ڏنو1. ڪيٽس به ان ۾ شمال ٿيو. هن کي اهڙي شاعريءَ کان نفرت هئي، جنهن ۾ ڪنهن مخصوص غايت يا مقصد کي پنهنجي اڳيان رکيو وڃي. هن جي لاءِ سونهن ڀري چيز بذاتِ خود هڪڙي ابدي مسرت هئي. هو چوي ٿو ته سونهن حقيقت آهي ۽ حقيقت سونهن، بس ايتري ڳالهه آهي ۽ اسان کي ايترو ئي ڄاڻن جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ يورپ جي نقادن ان خيال جي پٺ ڀرائي ۽ اشاعت ڪئي. سڀني گڏجي چيو ته سونهن باالذات آهي، جيڪا نيڪي ۽ بديءَ جي حدن کان گهڻو پري ٿئي ٿي. شعر و ادب جو ڪم آهي اسان ۾ سونهن جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ. اهوئي سونهن جو احساس اسان جي ابدي خوشيءَ جو ضامن آهي. دنيا ۾ جيتريون به بڇڙيون ۽ بدصورت شيون آهن، انهن کي به سونهن بخشڻ ۽ سوڀياوان بڻائڻ کي حسن ڪاري چئجي ٿو2. اها ڳالهه صاف آهي ته اهڙي طرح برائي کي چڱائي، ڪور کي سچ، بدصورت کي خوبصورت ڪري پيش ڪيو ويو ته ان مان لطف ۽ حظ حاصل ڪرڻ سماج جي لاءِ فائديمند ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو ان مان هڪ ته سماجي زندگي ۾ ڪاهلي، سستي، نڪموپڻ، عيش ۽ عشرت گهر ڪيو وڃن ته ٻئي طرف غلط قدرن جو رواج پئجو وڃي.

اهي خيال گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نٿا سگهن. انهن جو ردِعمل ٿيڻو هو، سو ٿيو. ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئجي ويئي ۽ پڪ ٿي ته ان نظريي ۾ ڪيتريون ئي خرابيون آهن ۽ اهي تصوريت يا عينيت جي پاڇي ۾ پرورش پاتل هڪڙي خاص طبقي جا خيال آهن ته هنن انهيءَ جي خلاف آواز کڙو ڪيو. ان سلسلي ۾ پهريائين پهريائين مارڪس ۽ اينجلس آواز اٿاريو ۽ انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪيو ته حسن ڪاري ۽ ادب، اجتماعي هئيت ۽ تمدن جي نظام جي خدمت ۾ ڦهلاءَ ۽ تبليغ جو اوزار ٿي ڪم اچن ٿا ۽ جيئن ته تهذيب و تمدن جو ٺيڪو هيل تائين مٿاهين طبقي ۽ سرمايه دارن جي هٿ رهيو آهي، تنهنڪري، اسان جا اديب ۽ شاعر اڃا تائين جنهن تهذيب جي نمائندگي پيا ڪن اها اقليت جي تهذيب هئي جا هڪڙي ٿوري تعداد واري جماعت جي پيدا ڪيل چيز هئي، جنهن کي عوام جي زندگيءَ سان ڪو لاڳاپو ڪونه هو. هن وقت جيئن ته سڌريل دنيا ۾ زبردست انقلاب جي ضرورت آهي، سرمايه داري جي اُڀ سان ڳالهيون ڪندڙ عمارت ڪرڻ تي آهي، ان جي جاءِ تي جمهوريت ۽ مزدور شاهيءَ جي نئين اوساري کڄي رهي آهي، تنهنڪري ادب جي رسم و رواج ۾ به ڦيرگهير جي گهرج آهي. هن قوت تائين اديب سرمايه داري جي عشرت گاهه جو مزور هو ۽ هڪڙي مخصوص جماعت جي هلت چلت، نفسيات ۽ ميلانات، ان جي ڪل ڪائنات هئي. مگر هاڻي اديب کي اجتماعي شعور ۽ جمهوري ذهنيت جو آئينه دار ٿيڻ گهرجي. کيس گهرجي ته هو واقعي کي تخيل تي ترجيح ئي ۽ مادي دنيا تي نظر رکي ورنه اسين عوام سان گڏجي گذاري ڪونه سگهنداسين1.

مطلب ته مارڪس ۽ اينجلس وارن اها تحريڪ هلائي، جهن مان فن ۽ ادب جي هٿن ۾ علم ۽ افاديت جو جهنڊو کڙو ٿيو. هن تحريڪ عينيت پسندن جي تخيلي تصورن ۽ نظرين جون پيڙهون لوڏي ڇڏيون، ليڪن انهن نظرين ۽ ڌرين ۾ اڄ تائين بحث مباحثو ٿيندو رهي ٿو، جنهن ڪري تنقيدي دنيا ۾ ڪيتريون ئي نيون تحريڪون پيدا ٿي پيون آهن، نقادن مختلف مڪتبِ فڪر ٺاهي ورتا آهن ۽ هر هڪ ڌر پنهنجي پنهنجي نظريي تي علمي بحث ڪري ان کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. انهيءَ بحث مباحثي ۾ ان ڪري به اختلاف آهي جو خود سماجي زندگي هڪڙي مستقل ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ ۾ آهي ۽ عينيت پسندي ۽ حقيقت پرستيءَ ۾ به وٺ پڪڙ لڳي پيئي آهي.

تنقيد زماني جي واقعن ۽ حالتن سان گڏ بدلبي، ڦرندي گهرندي ۽ فڪر ۽ ويچار جي بدلجڻ ڪري پاڻ به ان موجب هلندي رهي ٿي؛ نه رڳو ايترو پر ڇاڪاڻ جو ڦير گهير ۽ مٽ سٽ جي ڪيفيت زندگيءَ جي هر ڪنهن ڏس ۾ پوري اوج تي آهي، تنهنڪري تنقيد ۾ به نيون نيون شاخون ڦٽي پيون آهن. اهڙيون به تحريڪون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ ته عجيب و غريب اچن ٿيون، پر جيڪڏهن انهن کي سماجي پس منظر ۾ ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته انهن جا ٻج ڦٽڻ گهربا هئا.

جديد مڪتبِ فڪر ۽ نوان تجربا: روايت مان نت بغاوت جا چشما ڦٽيو نڪرن؛ سو تنقيد ۾ پهريائين پهريائين بغاوت ليسنگ، هرڊر، ڪولرج، ورڊسورٿ، ٽين، ڊي_ سٽيل ۽ سينٽ بيو آندي جنهن جو ذڪر اڳئي ٿي چڪوآهي. اها نئين تنقيد جي شروعات هئي، جنهن ۾ ڪيترائي نوان رجحان ۽ لاڙا_ جمالياتي، عمراني، نفسياتي_ نظر اچن ٿا. اهي سڀئي رنگ هنن نقادن جي لکيتن ۾ موجود آهن. اوڻيهين صديءَ جي مکيه خاصيت هي آهي ته هوءَ انهن مان ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کي اڳيان رکي صداقت ۽ سچائيءَ جي ڳولا ڪري ٿي. اهي نقاد جيڪي ادب برائي ادب ۽ فن برائي فن جا گهوريا آهن، تن ادب ۽ فن کي زندگيءَ کان بنهه ڌار نه ڪيو آهي. والٽر پيٽر جي (Renaissance) ۾ ان خيال جو اظهار ٿو ڏسجي ته ادب برائي ادب جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ته ادب يا فن، جذبي يا احساس جي ترجماني ڪري، هر ڪنهن شيءِ جو نعم البدل بڻجي ۽ زندگيءَ سان هم آهنگ ٿيڻ کان سواءِ ائين ٿي نٿو سگهي1. ليسنگ، هرڊر، ڊي_ سُٽيل ۽ ٽين سماجي پهلوءَ تي زور ڏنو. ڪولرج ۽ ورڊ سورٿ فيلسوفاڻي ويچار کي رائج ڪيو ۽ سينٽ ٻيو وري تاريخي رجحان ڏانهن لاڙو ڏيکاريو. بقول ٽي_ايس_ايليٽ، هو مؤرخ نه، بلڪ تنقيد ۾ علم حيوانات جو ماهر آهي2.

Text Box: 291

 

انهن ويچارن ۽ نطرين کي آڏو رکي نتقيد جو بنياد رکيو ويو آهي. فڪر ۽ ويچار جي دنيا ۾ نين شاخن جي ڦوٽهڙي ۽ گونچن جي نسرجڻ ڪري ڪيترائي نوان گل ٽڙيا. اول اول سماجي ۽ عمراني نظرين ڏيکائي ڏني، جن جي ابتدا ٽين ڪئي. هن چيو ته فني تخليق کي ايستائين نٿو سمجهي سگهجي جيستائين ان زماني جي ذهين ۽ سماجي حالتن جو اندازو نه ٿي وڃي، ڇاڪاڻ جو انهن ئي حالتن ۾ سندس تخليق جو راز لڪل ٿئي ٿو1. ان نظريي ۾ واڌارو ٿيو آهي، جنهن تي مارڪسي تنقيد جي پيڙهه ٻڌي ويئي آهي. ان ۾ نقادن پنهنجي خيال موجب نالي ماتر ڦيرگهير آندي آهي، جنهن جو اثر علمي هئڻ جيڪري سڄي دنيا ۾ وڃي پکڙيو. ان ڪري ادبيات جي حد علم الاقوام (Anthropology) ۽ علما اللسان (Philology) سان وڃي ملي آهي. هر برٽ ريڊ ان ڏانهن ڌيان ڏيندي (Phases of English Poetry) ۾ بحث ڪندي چوي ٿو ته شعر ۽ ادب جي سمجهڻ لاءِ انهن ٻنهي علمن کي ڄاڻڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو سندن سلسلو به اتائين شروع ٿئي ٿو.

 

ٻيو رجحان جمالياتي آهي، جنهن جي شروعات لان جائينس جي (On Sublime) کان ٿي. هو ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪري، جماليات ۾ اچي ٿو ڪولرج سان ملي، جنهن کي ڪر وچي جهڙو فيلسوف اظهاريت (Expressionism) جي تحريڪ هلائي عورج تي پهچائي ٿو. انهيءَ نظريي ۾ اظهار ۽ ٻوليءَ تي خاص ڌيان ڏجي ٿو، ڇاڪاڻ جو فن جو مدار پڻ انهن تي آهي ۽ ٻوليءَ کان سواءِ اظهار ٿي نٿو سگهي. اظهار ٻولي آهي، جنهن سان جماليات جو لاڳاپو ۽ جگري ناتو آهي2.

ڪروچي جي خيال موجب فن اهڙو وجدان يا تاثر آهي جنهن جو لاڳاپو اظهار سان آهي1. انهيءَ ڪري فنڪار کي اختيار آهي ته هو جنهن به شيءِ کان متاثر ٿئي، انهيءَ جو کليو اظهار ڪري، مٿس ڪابه پابندي نئي لڳائي سگهجي.

تنقيدنگاريءَ جو فن تحليل نفسي (Psycho Analysis) به هڪڙو لاڙو پيدا ڪري وڌو. ان جو اڳواڻ فرائڊ آهي، جيڪو ٻين ڳالهين سان گڏ ادب ۽ فن کي به انهن دٻيل خواهشن جي اثر جو نتيجو ٿو سمجهي جيڪو انسان جي تحت الشعور (Sub-Conscious) ۾ برقرار ۽ قائم رهي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ نقطه نظر سان ڏسبو ته ادب ۽ فن کي ايستائين سمجهي نه سگهبو جيستائين ان جي تخليق ڪندڙ جي نفس جو تجزيو ۽ ڇنڊڇاڻ نه ڪري وٺبي.

ازانسواءِ سائنس جي تجربن سان گڏ تنقيد جو دائرو به وڌندو وڃي، ڇاڪاڻ جو سڀيئي نظريا تحليل نفسيءَ وانگر ان تي اثر ڪندا پيا وڃن. ٽي_ايس_ ايليٽ جي خيال ۾ تنقيد جو موجوده مکيه رجحان هي آهي جو هوءَ پنهنجو دامن وسيع ڪندي وڃي ۽ ان ۾ زندگيءَ جي سموري ڪشمڪش، ايجاد جا ڪرشما ۽ رنگ روپ ۽ نظرين جون لاهيون چاڙهيون بي نقاب ٿي نظر اچن پيون2. دنيا ۾ موضوعن ۽ وشين جي گهڻائيءَ جي ڪري تنقيد ۾ پڻ مختلف لاڙا پيدا ٿيندا، ڌار ڌار تحريڪون هلنديون ۽ منهن ڪڍنديون پيون ڏسجن. انهن تحريڪن جي ذريعي اظهار جي مختلف طريقن ۽ موضوعن جي اهميت کي مختلف نقادن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي نموني سان پيش ڪري نوان نوان مڪتبِ فڪر ٺاهي ورتا آهن، جيڪي سريت (Surrealism)، انسانيت پسندي (Humanism)، تاثريت (Impressionism)، تصوريت (Imaqism)، معڪميت (Cubism) ۽ ٻين اهڙن نالن سان مشهور آهن. ڊيگهه جي ڪري هڪ هڪ کي کڻي انهن تي بحث نٿو ڪجي.

تنقيد جي نين تحريڪن جا اثر عالمگير آهن. اولهه توڙي اوڀر ۾ انهن جا اثر ڏسجن ۽ محسوس ڪجن ٿا. هڪڙي تحريڪ هڪڙي هنڌان هلي مختلف هنڌن تي پنهنجو اثر قائم ڪريو وٺي، ڇاڪاڻ جو اچ وڃ ۽ آڻن نيڻ جي سهوليتن جي ڪري سڀيئي ملڪ هڪٻئي جا پاڙيسري ٿي پيا آهن. رواجي ۽ معملي اختلافن کي ڇڏي ڏسبو ته سڀني ملڪن ۾ هڪجهڙا بنيادي مسئلا نظر ايندا ۽ ان ڪري نقادن جي خيالن ۾ هڪجڙائي ۽ يڪسانيت پيدا ٿي پيئي آهي، ليڪن اڳي ائين ٿي نٿي سگهيو، جو اچ وڃ ۽ آڻن نيڻ جون اڄ جهڙيون سهوليتون ڪونه هيون. هڪڙو ملڪ ٻئي ملڪ کان ڄڻڪ جدا هو، اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ ته سچ پچ ڪا چڱي خاصي ڀت آيل هئي. اهوئي سبب آهي جو جهوني زماني جي اولهه ۽ اوڀر وارين تنقيدن ۾ گهڻو اختلاف ٿو نظر اچي.

تنقيد مشرق: اڀرندي وارن ملڪن ۽ قومن ۾ ڪو تنقيدي نظرين جو منظم، لاڳيتو ۽ ترتيبوار سلسلو ۽ تحريڪ ڪانه هلي. عربن ان طرف ڪجهه ڌيان ڏنو، پر انهن ۾ باقاعدگي ۽ سلسلو ڪونه ٿو ڏسجي. ڪٿي ڪٿي ڪن ليکڪن ان موضوع تي خيال آرائي ڪئي ۽ روشني وڌي آهي جيڪا فارسيءَ جي ذريعي اسان تائين پهتي.

عربن ۾ شعر فهمي ۽ سخن سنجيءَ جي ڏات قدرت جي عطا هئي. عڪاظ جي بازار ۾ جڏهن شعرگوئيءَ جا وڏا وڏا معرڪا ٿيندا هئا ته انهن کي سمجهڻ بعد تنقيد به ڪئي ٿي ويئي1. تهان پوءِ ڪتاب به لکيا ويا، جن ۾ تنقيدي خيال ۽ ويچار ظاهر ڪيا ويا. ابن جعفر قدامه، نقدالشعر ۾ سبعه معلقه جي شاعرن بابت مختلف تنقيدي قول نقل ڪيا آهن، جن مان ان وقت جي تنقيدي شعور جي سڌ پوي ٿي. هن جي قول مطابق:

①. جاهليت واري دور ۾ لفظن ۾ ايڏو خيال نه ڪيو ويندو هو. گهڻو ڪري تنقيد وقت معنيٰ ۽ مطلب جو خيال رکبو هو.

②. معنيٰ ۽ مطلب جي اظهار وقت هو اهو به ڏسندا هئا ته شاعر جيڪا ڳالهه ڪري ويو آهي سا قبيلي جي عقيدن ۽ سماج جي رسمن سان ڪيتري قدر ٺهڪندڙ آهي.

③. شاعر جي اهميت جو دارومدر ان ڳالهه تي هو ته ان جي تخليق ۾ تشريحي ۽ توضيحي عنصر ڪيتري قدر آهي.

④. اهڙن شاعرن کي مٿاهون ليکيو ويندو هو جيڪي جذبات پيدا ڪرڻ ۽ ولولو جاڳائڻ ۾ هوشيار هئا.

Text Box: 295

 

اسلام جو دور شروع ٿيڻ سان انهن ويچارن تي مذهبي نقطهٰء نظر غالب پئجي ويو ۽ خلفاءِ راشدين کان پوءِ بني اميه واري زماني ۾ اهو رنگ قائم رهيو. البت ائين سو هو ته ان دور جي سياسي ڇڪتاڻ ۽ ڪشمڪش جي ڪري جماعتون ۽ ڌريون ٺهي پيون هيون، جيڪي پنهنجي پنهنجي گروهه جي شاعرن کي همٿائينديون ۽ ساراهينديون هيون، جنهن ڪري فن جي قدردانيءَ ۾، سندن مذهبي تعصب ڪا روڪ ڪونه ٿي ثابت ٿيو. بني اميه جي درٻار ۾ اخطل عيسائي هوندي به اهميت وارو ليکبو هو. ان جي ۽ عبدالمالڪ بن مروان جي جيڪا گفتگو عربي ادب جي ڪتابن ۾ آئي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته فن جي ماهر هئڻ ڪري اخطل جو ان زماني جي معاشري تي ڪيڏو نه اثر هو.

 

بنو عباس جي دور جي تنقيد بابت مختلف قول نظر اچن ٿا مگر تنقيد ڪنهن مستقل فن جي صورت ۾ نٿي ڏسجي. عباسي دور ۾ جتي ٻين علمن هنرن جي ترقي ۽ تدوين ٿي اتي تنقيد تي پڻ فني نقطه نگاهه سان بحث ڪيو ويو ۽ ان جا باقاعدي اصول جوڙيا ويا. ابن جعفر قدامه جو ڪتاب نقدالشعر ۽ ابن رشيد جو العمده ان جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي آهن. انهن کان سواءِ جاحظ ”البيان والتبين“، ابن عبد ربه ”العقد الفريد“، ابو علي قالي ”امالي“ ۽ ابوالفرج اصفهانيءَ ”ڪتاب الاغاني“ ۾ ڪتاب جو خوبن ۽ هڪجڙائي کي کولي بيان ڪيو آهي.

ڏسجي ٿو ته ان دور ۾ تنقيد پهريائين معنيٰ ۽ مطلب تائين محدود هئي پر پوءِ لفظن کي جاءِ ملي ۽ لفظن جي تنقيد جي سلسلي ۾ علم معاني و بيان ۽ علم بلاغت مان ڪافي مدد ملي. ثعالبي، المتنبي تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي، ان مان اها سڌ پوي ٿي ته نقاد عباسي دور ۾ معنيٰ ۽ مطلب وانگر لفظن کي پڻ وڏي اهميت ڏيڻ لڳا هئا.

عربن ۾ گهڻائي نقاد ٿي گذريا آهن، جن ۾ قدامه ابن جعفر، ابن رشيق، ثعالبي، ابوعبدالله المرزباني، ابن قتيبه، جا حظ، ابو هلال عسڪري، عبدالقادر جرجاني، ابو يعقوب سڪاڪي، ابن خلدون ۽ ٻيا مشهور آهن. مگر انهن سڀني جا تفصيل پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ۽ نه سولو. رڳو ايترو ڄاڻڻ گهرجي ته عرب تنقيد ۾ معنيٰ، مطلب بيان ۽ ان جي ڌار ڌار اصطلاحن_ فصاحت، بلاغت وغيره جو ذڪر گهڙي گهڙي ۽ چپي چپي تي اچي ٿو. ان تي ئي تنقيد جي پيڙهه رکيل آهي، جنهن جو اثر فارسيءَ جي ذريعي اسان تي پڻ ٿيو، جو اسان جي ابتدائي تنقيد ۾ ظاهر پيو ڏسجي. پروفيسر حامد حسن قادري جي چوڻ موجب ڪهنا عرب نقاد ادب برائي ادب جا قائل آهن ۽ شعر و ادب ۾ اسلوب بيان کي خاص اهميت ڏين ٿا. ان ڪري هنن علم معاني ۽ بيان ۾ باريڪيون پيدا ڪيون آهن ۽ انهن تي ڪتاب لکيا آهن. ڪلام مجيد جي معجزڪاري به عربن جي شعر و ادب ۽ نظريي تي وڏو اثر وڌو. ڪلام الله جو سمورو لفظي معجزو معاني ۽ بيان آهي ۽ انهن علمن مان ڪلام ۾ سونهن، زور، فصاحت، بلاغت ۽ بيان جا نمونا پيدا ٿين ٿا. اهڙن علمي بحثن جي پيروي ۽ استعمال جي عربي، فارسي، اردو شعر و ادب تي اثر ڪيو1 ۽ انهيءَ اثر هيٺ نقادن تنقيد جا اصول ٺاهي راس ڪيا2. مگر مغربي تنقيد جو انداز نرالو آهي ۽ ان ڪري ٻنهي ۾ اصطلاحن ۽ ادبيات جو اختلاف وڌيڪ ٿو نظر اچي.، عربي تنقيد تي يوناني تنقيد جو چڱو خاصو اثر پيوآهي.ڪيترن ئي نقادن ارسطو جو اثر قبوليو آهي، ليڪن مجموعي طور تي ڏسجي ٿو ته انهيءَ اثر جي ڪا خاص اهميت ڪانهي.

بهرحال تنقيدي نظرين جو اهو مختصر بيان آهي. هي نظريا وڏي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن جي اثر هيٺ اچي ادب، فن ۽ ان جي تخليق جا اصول جوڙجن ٿا، جن جي وسيلي صحيح رايو قائم ڪرڻ، کين جاچڻ ۽ پرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهي ساڳيا نظريا وري فن ۽ ادب ۾ سهڻو ماحول ۽ فضا پيدا ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت خود فنڪار کي به صحيح پيچري جي سڌ پوي ٿي.

نظرين جي روشنيءَ ۾ جڏهن سنئون سنواٽو ڪنهن شاعر، اديب يا فنڪار جي تخليقي ڪارنامن تي نظر ڊوڙائجي ۽ ان بابت ڪا راءِ ڏجي ٿي ته ان کي ”عملي تنقيد“ ڪوٺجي ٿو، جنهن جي اصولن تي بحث ڪرڻ ڪو ضروري ڪونهي، ليڪن اصولن کي سامهون رکڻ کان سواءِ ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري جڏهن به اڄوڪو نقاد ڪنهن شاعر، اديب يا فنڪار جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ٿو ڪري ته ان ۾ به اصولن ۽ نظرين جو بحث اچيو نڪري. بهرحال نظري ۽ عملي تنقيد ۾ نظري پهلوءَ کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿئي ٿي، اهوئي سبب آهي جو ان جي تاريخ جو هڪڙو چڱو خاصو سلسلو ملي ٿو.

تنقيد جو مقصد: ليڪن انهن سڀني اصلن جي باوجود اهو سوال ٿئي ٿو ته آخرڪار تنقيد جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته تنقيد کان سواءِ اڳتي وڌڻ ته ٺهيو پر صحيح نموني جو ادب به پيش نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن تنقيد نه هجي ته ادب جو وجود ئي نه رهي، جيڪڏهن انهيءَ لاءِ اصول نه جوڙجن ۽ انهن جي سنڀال سڙي نه لهجي ته اهڙي صورت ۾ فنڪارن جي ڀٽڪي وڃي اوڙاهه ۾ پوڻ جو انديشو آهي. نتيجي طور ادب ۽ آرٽ ۾ بلند، اعليٰ ۽ ارفع تخليق ڪري نٿي سگهجي.

تنقيد فنڪار جي تخليقات ۽ ان جي معيار کي بلند ڪري ۽ ان کي صحيح معنيٰ ۾ فن ۽ ادب بڻائي ٿي. ٻي حالت ۾ خدا ڄاڻي ته ان جي ڪهڙي صورت بڻجي. تنقيد ادب ۽ فن لاءِ اهرو ماحول پيدا ڪري ٿي جيڪو ٻنهي ڌرين، پڙهندڙ توڙي لکندڙ جي لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو فنڪار تخليق ڏانهن وري ٿو ۽ ٻيا ماڻهو ان ۾ گهڻي کان گهڻي دلچسپي وٺن ٿا. ان ريت ادب ۽ فن جي لاءِ هڪڙو سهوليت ڀريو ۽ سازار ماحول پيدا ٿئي ٿي. ٻئي سولائي سدان اُسرندا ۽ وڌندا رهن ٿا. تنقيد وڏن وڏن فنڪارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن جي ڪارنامن کي کولي سمجهائي، انهن تي مختلف زاوين کان روشني وجهي، مطلب جي وضاحت ڪري، جيڪي خوبيون هوندوين آهن تن جي سمجهاڻي ڏئي عوام جي ذهنن ۾ ويهاري ٿي. تنقيد جو هي ڪم به آهي ته هوءِ ادبي ۽ فني فضا پيدا ڪري، عوام ۾ ذوق ۽ شوق پيدا ڪري ۽ ان کي اجاري، فن ۽ ادب جي معيار کي بلند ڪري ٿي. جيڪڏهن تنقيد نه هجي ته پڙهندڙن کي ڪنهن معيار جي سڌ ئي پوي پر جي پوي به کڻي ته به ان ڏانهن سندن ڌيان ڇڪجڻ ڏکيو آهي.

Text Box: 299

 

معاشي ۽ معاشرتي خيال کان به تنقيد ڪجهه اهميت رکي ٿي. ادب معاشي معاشرتي زندگي جي اثرن جو نتيجو ٿئي ٿو، جيئن ته تنقيد ادب جي ترجماني ڪري ٿي ان ڪري هوءَ اهڙن ڪيترن ئي مسئلن کي سمجهائڻ ۽ انهن تي روشني وجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. عوام انهيءَ مان ڀليءَ ڀت واقفيت حاصل ڪري ٿو وٺي. هوءَ اديب ۽ فنڪار جو معاشي معاشرتي تقاضائن ڏانهن ڌيان ڇڪائي کين مجبور ڪري ٿي ته هو انهن مسئلن کي پنهنجي تنقيد جو موضوع بڻائي، سماج آڏو پيش ڪن ته جيئن انهن جو اثر گهاٽو ۽ اونهو ٿئي ۽ ماڻهو انهيءَ مان ڪو صحتمند اثر قبول ڪن ۽ ان ريت سماجي زندگي کي ڪو فائدو پهچي.

 

انهن سڀني ڳالهين سان گڏ تنقيد بذات خود به اهميت رکي ٿي. ان جي پنهنجي به تخليقي حيثيت آهي. هوءَ به هڪڙو فن آهي ۽ فن جهڙي اهميت رکي ٿي. ادب وانگر اسلوب بيان ۽ طرزِ ادا کي پڻ تنقيد ۾ گهڻي ۾ گهڻو دلچسپ بڻائي ان ۾ جمالياتي خوبيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. ان جي فني حيثيت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو هر حال ۾ اهو به هڪ قسم جو ادب آهي.

تنقيد وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن کان سواءِ ادبي چشمي جي وهڪري ۾ رواني پيدا ٿي نٿي سگهي، اٽلندو ان جي خشڪ ٿي سڪي وڃڻ جو امڪان آهي. اهو سبب آهي جو هرهڪ ملڪ جي ادب ۾، هر ڪنهن دور ۽ زماني ۾ ان جو وجود ملي ٿو، پوءِ کڻي اهو ڪهڙي به صورت ۽ نموني ۾ هجي.

 


1 BrightfieldL Issue n literary criticism p-16.

1 Walter Pater: The renaissance preface pp-xxv-xxvii.

1  ڊاڪٽر عبدالعليم: ادبي تنقيد ڪا بنيادي اصول: مطبوعه ”نيا ادب ڪيا هي“ ص 22.

1  ڊاڪٽر عبدالعليم: ادبي تنقيد ڪي بنيادي اصول: مطبوعه ”نيا ادب ڪيا هي“ ص 22.

2  عزيز احمد: فنِ شاعري (Aristotles’ Poetics) ص 3، 4.

1  عزيز احمد: فن شاعري.

1 عزيز احمد: ايضاً 98 ص.

2  عزيز احمد: ايضاً.

3 Sainsbury: A history of criticism V.I-p-30.

4 Ibid.

1  عزيز احمد: فنِ شاعري ص 3-11

[1] Saintsbury: A history of criticism pp 221-229.

1 R. A. Scott James: the Making of literature p. p. 90-91.

1 Rebecca west: Tradition n criticism p. 182

  Saintsbury: A history of criticism pp. 416-446.

3 Rebecca west: Tradition criticism p-183

1 Scott James: the making of literature p-138.

2 Rebecca west: Tradition in criticism p-184.

3 Rebecca west: Bid in p-184.

4 Scott James: the making of literature p-153

1 Rebacca west Iradition in criticism p-186.

1 Rebacca west: Ibid p-49.

2 Mary M. column: from these roots p-31.

3 Mary M. Column: from these roots p-3.

1  مجنون گورکپوري: ادب ۽ زندگي ص 15.

1 Arnold: Essays in Criticlsm P-6.

1  گورکپوري: ادب ۽ زندگي، مباديات تنقيد ص 16.

2 R. A. Scott Janes: The Making of Literature P-284.

3 R. A. Scott James: Ibid P-294 of Literature P-284.

1 Ibid P-313.

2  مجنون گورکپوري: ادب اور زندگي مباديات تنقيد ص 16.

1 Lunacharsky: Lenin on Art & literature p.93

1 T.S. Eliot: Experiment in criticism p-201.

2 T.S. Eliot: Experiment in criticism p-204.

1 Taine: philosophie de 1’ Art v.I.p-7.

2 Croce: Aesthetic as Science of expression p-323.

1 Games Scott: the making of literature p-323.

2 T.S. Eliot: Experiment in criticism p-214.

1 Encyclopedia of Islam V.III p-972.

1  ساڳيو اثر سنڌي ادب تي به پيو آهي. مترجم.

2  حامد حسن قادريءَ جو خط ڊاڪٽر عبادت بريلوي ڏانهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com