ڊاڪٽر عبادت بريلوي
سنڌيڪار: عبدالقيوم ’صائب‘
تنقيد جي اوسر
پسگردائي وارين شين کي ڏسي، انهن بابت غور ۽ ويچار ڪرڻ کان پوءِ
سوچي سمجهي، صحيح رايو قائم ڪري، انهن مان خاميون
ڪڍي کين سڌارڻ جو مادو انسان ذات ۾ نه هجي ها ته
جيڪر، اسين اڄ ايتري ترقي ڪري ڪين سگهون ها، زندگي
اڄ به پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ قائم هجي ها ۽ ان جي
ڪنهن به ڏس ۾ ڪا ڦيرگهير نظر نه اچي ها. اجتماعي
هئيت، تهذيب ۽ تمدن جو نالو نشان به نه ٻڌجي ها ۽
نه ڏسجي ها. انسان جهڙي طرح هن دنيا ۾ آيو هو،
انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ اڄ به حياتي گذاريندو ۽
گهاريندو نظر اچي ها ۽ نت نئين ڦيرگهير، جيڪا
ڏينهون ڏينهن ٿيندي رهي ٿي، سا خواب ۾ به ڪانه
ڏسجي ها.
انسان ذات جي، شين کي سڌارڻ واري صفت جي ڪري، زندگي ۾ انقلاب
ايندو ۽ ڦيرگهير ٿيندي هري ٿي ۽ قدم قدم تي اهو
احساس ٿو اڀري ته هو، حياتيءَ جي چيڙهه پيل ۽
منجهيل وارن کي صاف ڪرڻ ۽ سينگارڻ جي ڌن ۾ لڳو پيو
آهي، اهائي خواهش اٿس ته ڪاش! هو انهن سڀني شين کي
وڌيڪ سهڻو ۽ سوڀياوان بڻائي سگهي. منجهس اها تمنا
تڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن هو آپساس وارين شين جو
اونهو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ، اهو محسوس ٿو ڪري ته
هنن ۾ خاميون، اوڻايون، ڪچايون ۽ گهٽايون آهن، جي
ٿوريءَ ڦيرگهير سان دور ٿي سگهن ٿيون ۽ نه رڳو
منجهن سونهن، سوڀيا ۽ دلڪشي پيدا ٿي سگهي ٿي، پر
پوءِ اٽلندو اهي شيون زندگيءَ لاءِ وڌيڪ ڪارائتيون
۽ مفيد ٿيو پون، جنهن ڪري انسانيت ترقيءَ جي منزل
کي ويتر اوڏو پوندي ٿي رهي. بهرحال اهڙين اوڙايين
۽ ڪچاين جي سڌ لهي، اصليت معلوم ڪري، کين درست ڪرڻ
۽ دڳ لائڻ کي زندگي تي تنقيد ڪري سمجهيو وڃي ٿو.
تنقيد جو وجود حياتيءَ جي لاءِ نهايت اهم ۽ ضروري آهي. جيڪڏهن
ماڻهوءَ چڱي ۽ مٺي کي پرکي نه ڄاتو، خرابيءَ کي
سٺائيءَ ۾ بدلائڻ جو خيال نه آيس ۽ کيس اها سڌ ئي
نه پئي ته حياتي ڪهڙين شين سان وڌيڪ چڱي، مڪمل ۽
سوڀياوان بڻبي ۽ ڪهڙين سان نامڪمل، اُڻوڻندڙ ۽
نازيبي؛ جيڪڏهن هن کي پتو ئي نه پيو ته ڪهڙن متن
تي هلڻ سان حياتي پنهنجي آدرش کي ويجهي پوي ٿي ۽
ڪهڙا اصول اختيار ڪرڻ سان انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ ۾
ديرمدار ٿئي ته پوءِ چئبو ته هن حياتيءَ جي اصليت
۽ حقيقت کي پروڙيو ئي ڪين. هرهڪ انسان ۾ اهي ئي
خاصيتون هونديون آهن، جن کي تنقيد چئجي ٿو. انهيءَ
تنقيد جي ذريعي انسان حياتيءَ جي ڳجهن رازن کي
جيستائين ڀليءَ ڀت نٿو پروڙي تيستائين تنقيد به
اڌوري رهجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو جڏهن زندگيءَ جي ڄاڻ
ئي پوري سوري هوندس ته ان تي رايو وري ڪهڙو ڏيئي
سگهندو يا ان کي ڪهڙي دڳ لائيندو؟ اهي ٻئي ڳالهيون
لازم ۽ ملزوم آهن. نڪي حياتيءَ جي اڻپوري علم سان
مٿس تنقيد ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري تنقيد کان سواءِ
هوءَ هڪ وک به اڳتي وڌي سگهي ٿي.
ادب ۽ تنقيد: جهڙي طرح تنقيد کان سواءِ زندگي هڪ وک به اڳتي وڌي
نٿي سگهي، تهڙي طرح ادب ۽ فن پڻ تنقيد ۽ ڇنڊڇاڻ جا
محتاج آهن، ڇاڪاڻ جو انهن شين وسيلي انسان سان
جيڪي روزمره وهي واپري ٿو، تن جو ادب ۽ فن سان به
هئڻ گهرجي. حياتيءَ وانگر ادب ۽ فن کي دڳ لائڻ، ان
بابت سوچڻ ويچارڻ ۽ سندس ڇنڊڇاڻ ڪري، منجهس دلڪشي
جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو خيال رکڻ پڻ ان سان دلچسپي
رکندڙن ۽ ليکڪن جو پهريون فرض آهي. انهيءَ ڪري
حياتيءَ وانگر ادب ۽ فن ۾ به تنقيد کي وڏي اهميت
حاصل آهي. اهڙي طرح تنقيد پنهنجي اهميت کي
مڃارائي، ادب ۽ فن ۾ پاڻ به فني حيثيت حاصل ڪري
ورتي آهي. جيڪڏهن ادب ۽ فن جي خالق کي اهو پتو ئي
نه پوي ته ڪهڙي شيءِ سندس تخليق جو سبب بڻي آهي،
ان جي پيش ٿيڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون مددگار ۽ محرڪ
رهيون آهن، ڪهڙن عنصرن ان کي دلفريب ۽ دلڪش بڻايو
آهي، ته پوءِ جيڪر هو ڪوبه چڱو ۽ معياري تخليقي
ڪارنامو پيش ڪري ئي نه سگهي. فنڪار هر هڪ شاهڪار
جي تخليق کان پوءِ، ان کي ڳوڙهي ڌيان سان ڏسي، ان
۾ جيڪي خاميون ۽ ڪچايون رهجي وڃن ٿيون سي دور ڪري
ٿو ۽ تخليق واري عرصي ۾ به هن جون نظرون، پنهنجي
تخليق تي الڳ الڳ گوشن ۽ زاوين کان پونديون رهن
ٿيون.
مصور، جنهن وقت تصوير ٿو ٺاهي، تنهن وقت به هو اهيئي پور
پچائيندو ٿو رهي ته آيا؟ بڻايل تصوير اصل جو هوبهو
نقل آيا يا نه، يا جن جذبن ۽ احساسن کي هو ان
تصوير ۾ اجاگر ڪرڻ ٿو گهري سي حقيقت ۾ اجاگر ٿيا
به آهن!
ڳائڻو جنهن وقت پنهنجي فن جو مظاهرو ٿو ڪري ته هو پنهنجي هرهڪ
تان، سُر ۽ لئي وقت انهيءَ ڳالهه جو خيال ضرور رکي
ٿو ته آيا هو پنهنجي فن جي مظاهري ۾ دلگهري
ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي يا نه. جيڪڏهن ڪا
گهٽتائي خيال ۾ اچيس ٿي ته ان جو پورائو اتيئي
ڪندو ٿو رهي.
ناچو جنهن وقت پنهنجي جسماني اشارن جي ذريعي ڪن خاص جذبن ۽
احساسن ۾ ٻڏل راڳ ٿو ڇيڙي ته کيس اهو خيال دامنگير
ٿو رهي ته آيا هو جن خاص جذبن ۽ احساسن جي تصوير
پيش ڪرڻ گهري ٿو، تن جي صحيح ادائگي ٿئي پئي يا نه
۽ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ انهيءَ کان پوريءَ طرح متاثر ٿين
پيا يا نه.
شاعر جڏهن ڪو شعر لکي ٿو ته ان جي هرهڪ سٽ ۽ هرهڪ لفظ تي سوچي ۽
ويچاري ٿو ته آيا هو پنهنجي خيال کي فن جي صحيح
اصولن پٽاند رپيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي يا نه.
مطلب ته لطيف فنن سان لاڳاپو رکندڙ فنڪار پنهنجي فن، ادڪاري ۽
ناظرين جو پورو پورو خيال رکن ٿا ۽ کي نپنهنجي
تخليق جي ڪاميابي جو ڌيان رهي ٿو. انهيءَ سان
مختلف فنڪار، ڌار ڌار وقتن ۾، پنهنجي تخليقي
ڪارنامن کي الڳ الڳ زاوين سان ڏسندا رهن ٿا ۽
جيسائين کين اطمينان نٿو ٿئي، تيستائين هو پنهنجي
فن جو مظاهرو عوام جي اڳيان نٿا ڪن ۽ فنڪارن جي
انهن ابتدائي خيالن کي سندن تخليقي ڪارنامن تي
”بنيادي تنقيد“ چئي سگهجي ٿو ۽ چوڻ به گهرجي جو
سڀني کان اڳ ۾ هو پنهنجي فن کي ذاتي تنقيد جي
ڪسوٽيءَ تي گهي ۽ پرکي ٿا ڏسن. پڙهندڙن تائين ته
اها تخليق پوءِ ٿي پهچي، جنهن ڪري هو خالق کان
پوءِ ناظر يا قاريءَ جي حيثيت ۾ ڪنهن به تلخيق
بابت رايو قائم ڪري، پنهنجي دعويٰ کي مضبوط ڪري
ٻين تائين پهچائي ٿو. ائمبرڪرومبي جو خيال آهي ته
جڏهن ته انسان کي اها سڌ پوي ٿي ته فلاڻي ڳالهه کي
فلاڻي انداز ۾ نه مگر فلاڻي نموني سان پيش ڪرڻ
وڌيڪ مناسب آهي، يا جڏهن سندس اندر ۾ اهو احساس
اڀري ٿو ته کيس هن کان هوءَ شيءِ وڌيڪ پسند آهي ته
ان وقت کان وٺي تنقيد شروع ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾
هيئن به چئي سگهجي ٿو ته جنهن وقت ادب جي شروعات
ٿئي ٿي، ان وقت تنقيد وجود ۾ اچي ٿي
1
۽ اهو خيال صحيح به پيو ڀاسي، ڇاڪاڻ ته تخيل جي
سهاري تي جڏهن هن زماني جي زندگيءَ تي نظر وجهجي
ٿي، ته اهو احساس اڀري ٿو ته جڏهن انسان پنهنجو
پهريون تخليقي ڪارنامو پيش ڪيو ته ان وقت کيس اهو
خيال ضرور آيو هوندو ته ان تخليق ۾ نالي ماتر
ڦيرگهير آڻڻ سان وڌيڪ سونهن ۽ سوڀيا جو پيدا ٿيڻ
يقيني آهي. ان ڪري هن پنهنجي فني تخليقن کي سڌاري،
سنواري ۽ سينگاري پيش ڪيو هوندو. ان جي ثابتي هن
مان ملي ٿي ته جاهليت واري شروعاتي فن ۾ ايڏي
سونهن ڪانهي، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ۽ دنيا
سڌري، تهذيب ۽ تمدن جي گود ۾ نپجڻ لڳي ته فن ۾ به
سونهن ۽ سوڀيا پيدا ٿيندي ويئي، جنهن جو سبب ماڻهن
جي فني شعور جي پختگي آهي.
تنقيد جي اوليت: ڪيترن ئي شخصن جو خيال آهي ته فن ۽ ادب جي
تخليق کان اڳ ۾ هڪڙي قسم جي تنقيد جو وجود ميل ٿو،
جنهن جي جهلڪ انسان کي هرڪنهن فن جي تخليق کان
پهريائين نظر اچي ٿي. انهيءَ تنقيد ۽ فن جي تخليق
کان پوءِ يڪدم وجود ۾ ايندڙ تنقيد ۾ هي تفاوت ٿئي
ٿو ته فن جي تخليق کان اڳ واري تنقيد، زندگيءَ تي
تنقيد ٿئي ٿي. فنڪار پنهنجي پسگردائي وارين شين کي
ڏسي وائسي، انهن بابت رايو قائم ڪري، کين پنهنجي
فن جو موضوع بڻائي ٿو. اهڙيءَ طرح اها به تنقيد
چئبي جنهن جو لاڳاپو زندگيءَ سان ٿئي ٿو. ان سان
گڏ اها تنقيد به شروع ٿئي ٿي، جنهن جو واسطوفن سان
آهي. اهي ٻئي تنقيدون پنهنجو ڪم گڏجي شروع ڪنٿيون.
”اسڪاٽ جيمس“ اهڙي دعويٰ ڪندي لکي ٿو، ”فن ۽
ڪاريگريءَ جي وجود کان سواءِ اوهان برابر تنقيد
نٿا ڪري سگهو پر اهو خيال هن حقيقت تي ڍڪ وجهي نٿو
سگهي ته هرڪنهن فن جيعمارت تنقيد جي سهاري تي کنئي
وڃي ٿي (1).1
انهيءَ خيال کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هو هيئن ٿو بحث
ڪري:
فنڪار ڪابه شيءِ ٺاهڻ وقت ڇا ٿو ڪري؟ سنئين سڌي ڳالهه اهي ته
جڏهن هو ڪا شيءِ ٺاهي ٿو ته هو هڪڙو ڪاريگر آهي.
ساڳي ڳالهه شاعريءَ سان به لاڳاپو رکي ٿو. اهڙي
طرح شاعر به پهريائين هڪڙو سگهڙ آهي. ان وقت اسان
کي اهو به ڏسڻو آهي ته فنڪار ڪهڙي چيز پيش ڪئي آهي
يا پيش ڪرڻ وارو آهي. مثال طور_ غارن ۽ غفائن،
چُرن ۽ لڪن ۾ رهندڙ وحشي انسان جڏهن پنهنجي ضوررت
پوري ڪرڻ لاءِ ڪا شيءِ جوڙي ورتي ته ان کي اسين
فني تخليق نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ جو ان جي نوعيت ئي
الڳ آهي. سمجهو ته هن ڪاٺين جي ڍير تي ويٺي ويٺي
سوچيو ته ڪاٺ مان اهڙي ڪا شيءِ ٺاهجي جنهن تي ويهڻ
سان وڌيڪ آرام لي ۽ هن ڪاٺ ڪپوي ڪا صندلي، ڪرسي،
سٽول، صندل يا ٻي ڪا اهڙي شيءِ جوڙي ورتي. اهڙي
حالت ۾ ان کي هڪ سگهڙ يا ڪاريگر چئي سگهجي ٿو،
باقي فنڪار جو درجو ان کان مٿڀرو آهي؛ ڇاڪاڻ جو
فنڪار ان کي چئجي ٿو جيڪو لطيف فن جي تخليق ڪري.
پر اهو ئي غارن ۽ چُرن ۾ رهندڙ انسان جيڪڏهن ويٺي ويٺي ڪنهن
انسان، هرڻ يا ٻئي ڪنهن ڏٺل انسان جو خاڪو ويهي
ٺاهي، جنهن کي ڏسي اهو احساس اڀري ته سچ پچ ڪنهن
ماڻهو وغيره جي صورت ٻين کي ڏيکارڻ گهري ٿو ته
پوءِ هن يقيناً ان صندليءَ کان الڳ ڪا شيءِ بنائي
آهي، جنهن مان کيس نه ڪو مادي فائدو پهتو، نه وري
هن جي ذهن ۾ اهو خيال هو ته هو ڪو سچ پچ ڪنهن
انسان يا هرڻ وغيره جي تخليق ڪري رهيو آهي، بلڪ ان
خاڪي جي وسيلي اهو خيالي پيڪر يا عڪس اجاگر ڪرڻ
گهري ٿو، جيڪو سندس ذهن ۾ اڀريو آهي، يعني هن
انسان جي اها تخليقي تصوير ٺاهي آهي جا هن جي ذهين
پردي تي اچي چڪي هئي.
ڪهڙي قسم ۽ رنگ ڍنگ جو انسان، هن جي ويچار ۽ تخيل ۾ هو گهڻو ڪري
ائين ٿو ڀاسي ته ان جي اڳيان اهوئي وحشي ۽ اڻسڌريل
انسان هوندو، جنهن جو هڏ مضبوط، تندرستي چڱي، وار
وڏا ۽ اڻتراشيل ۽ طبيعت چڙڻي هئي، جيڪو اگهاڙو
رهندو ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو هو. هن
پنهنجي اوائلي خاڪي ۾، انسان جي انهن مڙني خاصيتن
کي پيش ڪونه ڪيو ۽ نڪي ڪي اهو سندس وس ۾ هو تنهن
ڪري هن صرف چند ليڪا ڪڍي هڪڙو ٺانٺو ٺاهي ڏيکاريو
ته انسان ۾ هيءَ خاصيتون ٿين ٿيون. ڀلا پوءِ انهن
چند ليڪن کي تخليق ڇو ٿو سڏيو وڃي. اهو ان ڪري جو
هن ليڪن ۾ گهڻ ڪجهه سمائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ليڪن جي
ذريعي هن ٽنگون ظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تن مان ايترو
ته چئي سگهبو ته ان جي ذهن ۾ انسان جي ٻن ٽنگن جو
تصور موجود هو. مطلب ته ٽنگون، بانهون، ڳچي، منهن،
مٿو وغيره جيڪي به هن پيش ڪرڻ جي ڪوشش ورتي سو سڀ
ڪجهه ساڻس گڏ رهندڙ انسان ۾ ڏٺو هائئين، اهڙي طرح
هن جيڪا به چيز پيش ڪئي سا ساهه واري ڪانه هئي،
مگر ان ۾ ساهواري انسان جون سڀيئي خاصيتون موجود
هيون؛ ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هن جيڪي ڪجهه انسان
بابت ويچاريو يا انسان جي شڪل جا جيڪي نقش ذهن تي
رهجي ويس، تن سڀني کي پنهنجي ڪاريگري ۽ هنر جي
ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين يعني هن انسان
بابت پنهنجو تنقيدي نقطئه نظر پيش ڪيو.
اها انساني سڀاءَ جي تنقيد آهي. هن رڳي چند خاصيتون ۽ خصوصيتون
پنهنجي مقصد پوري ڪرن لاءِ ورتيون آهن. هن جي اها
هلت يعني مختلف خاصيتن ۽ خصوصيتن کي ڌار ڪري
پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ڪن خاص خاصيتن کي اجاگر
ڪرڻ، هڪ تنقيدي ڪم آهي. هن پنهنجي خيال موجب انسان
جي صورت پيش ڪئي آهي ۽ اهو ڪنهن اهڙي انسان جو ڪم
آهي، جنهن پنهنجي واندڪائي جي وقت ۾ ويٺي ويٺي،
زمين يا ڪنهن ٻي شيءِ تي پنهنجي دلچسپيءَ خاطر،
اهڙي نموني جا خاڪا ڪڍيا هئا؛ کيس اهو خيال به
ڪونه هو ته هن ڇا ۽ ڇو پئي ٺاهيو. ان ڪري ائين نه
چئبو ته هي اهو ماڻهو هو جنهن ۾ تنقيدي شعور جي
جهلڪ ڏيکائي ڏني، بلڪ هي اهو ماڻهوآهي جنهن کي
زندگي ان شڪل جهڙي نظر آئي. پوءِ چئبو ته اهو
پهروين تنقيدنگار ٿيو ۽ اهڙو تنقيدنگار جيڪو فنڪار
کان اڳ ۾ وجود ۾ آيو.
اوائلي انسان جي هن قسم جي ڪوشش ۾، سونهن ۽ سوڀيا ته ڪانه هئي،
ڇاڪاڻ جو هن جو مقصد فقط پنهنجا خيال ٻين تائين
پهڇائڻ هو. ان هوندي به انهيءَ عمل ۾ تخيل ۽ ويچار
پنهنجو ڪم ضرور ڪيو، جنهن وقت هو انسان جي انهن
خاصيتن جو بيان ڪري رهيو هو، جنهن مان هن جي ڪڍيل
تصوير اصل جا ماٽا ٿي ڀڳا ته چئبو ته هي اهي ئي
ڳالهيون ڪري رهيو هو جيڪي اڳتي هلي تنقيد جي فن جي
صورت اختيار ڪرڻ واريون هيون.
لاشڪ وحشي انسانن جي اهڙن تنقيدي ڪارنامن ۾ تخيل ۽ ويچار کي
وڌيڪ دخل هو؛ اهڙو تخيل ۽ ويچار جيڪو فنڪار ۾ هئڻ
گهرجي. هن جي نظر ۾ اهي ئي خاصيتون موجود هيون جن
کان سواءِ ڪوبه فنڪار فن جي تخليق ڪري نٿو سگهي،
جنهن مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته تنقيد جي لاءِ
فنڪار جي نظر ۽ وجدان جي ضرورت آهي. اهي خاصيتون
انسان ۾ ان وقت به موجود هيون جڏهن کيس اها ڄاڻ
ڪانه هئي ته جيڪي ڪي هو ڪري رهيو آهي سا ڪا تنقيد
آهي.
1
انهيءَ بحث مان پروڙ پوي ٿي ته انسان، تنقيدي شعور تحت ئي
پنهنجو تخليقي ڪارنامو پيش ڪيو. هن کي تنقيدي شعور
کان اڳ ۾ زندگي سان منهن ڏيڻو پيو. هن سڀيئي
هيٺايون مٿاهيون ڏٺيون ۽ ويچار جي مدد سان انهن کي
فن جي صورت ڏني. اهڙيءَ ريت هن تخليق کان اڳ
زندگيءَ تي تنقيد ڪئي، ورنه کيس پنهنجي تخليق جو
موضوع هٿ ئي ڪين اچي ها. هن جي تخليق حياتيءَ بابت
هڪ تنقيدي نقطه نظر پيس ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
ناهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته تنقيد جو وجود تخليق
کان اڳ ۾ هو ۽ جڏهن ان تخليق کي سندس دوستن يارن
ڏٺو ته، ان بابت طرح طرح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
جهڙوڪ اها زندگي سان مطابقت رکي ٿي يا نه وغيره.
مطلب ته اهڙا خيال ماڻهن جي دلين ۾ اچڻ لڳا. جا پڻ
هڪ قسم جي تنقيد هئي؛ جنهن مان اهو نتيجو نڪري ٿو
ته فني تخليق کي ڏسي ڪري رايو قائم ڪرڻ وارن به
تنقيدي شعور کان ڪم ورتو. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها
ته هو ان کي ڀليءَ ڀت پروڙي ڪين سگهن ٿا.
بهرحال تنقيد ڪنهن به دور ۾ تخليق کان پري ڪين رهي. فنڪار ۽
عوام ٻنهي جي لاءِ ان کان ڪم وٺڻ ضروري هو.
تنقيد جي وصف: تنقد جي لغوي معنيٰ آهي ’پرکڻ‘ يا چڱي ۽ مٺي ۾
سنڌو سيڙهو ڪرڻ ۽ اصطلاح ۾ خوبين ۽ خامين جو صحيح
اندازو ڪري، ڪو رايو قائم ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو.
انگريزيءَ ۾ تنقيد جي لاءِ
(Criticism)
لفظ ڪتب اچي ٿو، جنهن جي اصل
معنيٰ آهي عدل ۽ انصاف
1
ان ڪري هڊسن لکيو آهي، ”ادبي نقاد ان کي چئبو اهي،
جنهن ۾ ڪنهن خاص فن پاري کي سمجهڻ ۽ ان تي ويچار
ڪرڻ جي خاص صلاحيت هوندي آهي. ان فن جي ماهر جو ڪم
آهي ته ڪنهن فني تخليق کي ڏسي، پرکي، سمجهي،
ويچاري ۽ ان جي چڱاين ۽ مٺاين جي جاچ ڪرڻ بعد ان
جي قدر قيمت جو صحيح اندازو لڳائي2
اها ڄڻڪ تنقيد يا
(Criticism)
جي لفظي معنيٰ آهي، پر جڏهن اسين تنقيدي ادب جو
ذڪر ڪريون ٿا ته سڌ پوي ٿي؛ ته سمورو ادب جيڪوا دب
جي ڌار ڌار صنفن بابت لکجي ٿو تنهن کي تنقيد ۾
شمار ڪري سگهجي ٿو؛ پوءِ کڻي اهو انهن ادبي صنفن
جي سمجهاڻي ڏئي، ڇنڊڇاڻ ڪري قدر ۽ اهميت جي خبر
ڏئي يا ساڳي وقت منجهس اهي سڀ ڳالهيون اچي وڃن.
تنقيد سڀني ادبي صنفن جهڙوڪ شاعري، افسانه نگاري،
ڊرمانويسي ۽ خود تنقيدنگاري سان لاڳاپو رکي ٿي.
جيڪڏهن آباد جي انهن صنفن کي زندگيءَ جو ترجمان
چئي سگهجي ٿو ته انهن صنفن، زندگيءَ جي جيڪا
ترجماني ڪئي آهي، تنهن جي ترجماني وري تنقيد آهي4
جنهن مان پتو پوي ٿو ٿو ته ادبيات ۾ تنقيد جو هڪ
خاص مرتبو آهي. جيڪڏهن ان جو وجود نه هجي ته نڪي
ادبيات صحيح واٽ تي هلي سگهي، نڪي ان کي پوري طرح
سمجهي سگهجي ۽ نه وري عوام ان سان اهڙي ڪا دلچسپي
وٺي سگهي.
تنقيد جي وصف بيان ڪرڻ ۾ ڪيترائي اختلاف آهن ۽ هرهڪ ليکڪ پنهنجي
پنهنجي نموني ۾ ان جو بيان ڪيو آهي. ڪو ان کي
ادبيات جي پرکڻ جوا وزار چوي ٿو، ڪنهن جي نظر ۾
اها تخليقي ادب پيش ڪندڙن کي ڇينڀي ۽ ملامت ڪري ٿي
۽ ان جو لائي چائي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد
ڪونهي. ڪنهن جي خيال موجب هوءَ فقط فني تخليق جون
چڱايون ڳڻائي ٿي ۽ ان جي خوبين کي اجاري پيش ڪري
ٿي ته جيئن پڙهندڙن تي ان جو اثر گهرو ۽ گهڻي دير
تائين رهي. ڪو چوي ٿو ته نه ٻيلي، هوءَ فقط تخليقي
ادب جي سمجهاڻي ڏئي ٿي، يعني سولي انداز بيان ۽
طرزادا ۾ انهن خيالن کي تفصيل سان بيان ڪري ٿي،
جيڪي فني تخليقن ۾ سمايل ٿين ٿا. ان خيال سان ته
تنقيد کي سڀڪو سمجهڻ لڳي، ڪنهن جو خيال آهي ته فني
تخليق ۾ جيڪي فيلسوفاڻا خيال، فني نقطا ۽ عوام
لاءِ پيغام لڪل ٿئي ٿو، تن جو پتو ڪڍڻ ۽ ڇنڊڇاڻ
ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو. مطلب ته جيترا وات اوتريون
ڳالهيون، پر اهي سمورا خيال ۽ نظريا پنهنجي پنهنجي
جاءِ تي اهميت جا مالڪ آهن، تنهنڪري هرهڪ کي ڌار
ڌار پرکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن تنقيد جو صحيح
مفهوم سمجهه ۾ ويهي رهي ۽ اها به سڌ پوي ٿي ته آخر
تنقيد، ادبي دنيا ۾ ايڏي ساري اهميت ڇو ۽ ڪيئن
حاصل ڪئي ۽ ان کان سواءِ ادب انساني زندگي ۾ ڇو
ڪامياب ٿي نٿو سگهي؟
ڪنهن به شيءِ کي پرکڻ ۽ جاچڻ ته انساني فطرت آهي، ان ڪري ادب کي
جاچڻ ۽ پرکڻ نه رڳو عالمن ۽ محققن لاءِ پر عام
ماڻهن لاءِ پڻ ضروري آهي، ڇو جو هرڪو ڪنهن شيءِ کي
ڏسي ان جي چڱي يا مٺي هئڻ بابت ضرور ڪو رايو قائم
ڪري ٿو. ان کي رڳو جاچڻ ۽ پرکڻ به چئي سگهجي ٿو،
پر ان جاچ ۽ پرک جا مختلف معيار ٿين ٿا. هڪ ته ادب
کي فقط خيال جي لحاظ سان پرکڻ، ٻيو ته فني ۽
جمالياتي لحاظ سان جاچڻ ۽ ان کان سواءِ ڪيتريون ئي
ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ان ۾ پيدا ٿي سگهن ٿيون.
مطلب ته ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ادب کي
مختلف خيالن جي روشنيءَ ۾ مختلف زاوين سان ڏسڻ ۽
پرکڻ؛ تنقيد جي لاءِ ضروري آهي ۽ هر قسم جي تنقيد
جو اهو بنياد هئڻ گهرجي.
تنقيد جو صحيح مفهوم: اهو صحيح نه آهي ته تنقيد رڳو فنڪارن جون
خاميون ڳڻائي ٿي يا نڪتچينيءَ جو ٻيو نالوآهي.
ائين سو آهي ته ڪن خاص حالتن ۾ ڪو نقاد ذاتي بغض ۽
عناد جي ڪري ڪنهن فنڪار جون غلطيون ڪڍڻ شروع ڪري،
مگر ان کي صحيح معنيٰ ۾ تنقيد سڏي نٿو سگهجي،
ڇاڪاڻ جو نتقيد جو پهريون اصل هيءُ آهي ته هوءَ
ذاتي بغض ۽ عناد کان پاڪ هجي. ان هوندي به تنقيد
بابت اها غلط فهمي عام آهي، جنهن ڪري نقاد کي
چڱيءَ نظر سان نٿو ڏٺو وڃي. مثال طور ڊرائيڊن
(Dryded)
پاڻ تنقيدنگار هوندي به چوي ٿو ته نقادن ۾ نفرت جو
جذبو وڌيڪ شديد ۽ سخت ٿئي ٿو، جنهن ڪري هو چڱاين
کان چشم پوشي ڪيو وڃن. ايمرسن
(Emerson)
لکي ٿو ته نقاد اهو شخص ٿئي ٿو جيڪو شعر گوئيءَ ۾
ناڪام ٿئي و ۽ ان ناڪاميءَ مان ورچي هو تنقيد جو
پيشو اختيار ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح بائرن
(Byron)
جو خيال آهي. ان کان اڳ جو اوهان نقادن تي ڀروسو
ڪريو، پنهنجو پاڻ هر ڪنهن ناممڪن ڳالهه بابت يقين
ڪري وٺو.1
مطلب ته هرهڪ دور ۾ تنقيد بابت اهڙا خيالات رکندڙ، ڪيترائي ليکڪ
نظر اچن ٿا. اڄ به ڪيترن جو اهو خيال آهي ته تقنيد
جو وجود يقيناً هڪ قسم جي نڪتچيني يا اجائي حملي
جي صورت ۾ پيدا ٿيو هوندو. ان سلسلي ۾ نيويارڪ جي
هڪڙي ڊاڪٽر جو واقعو ڏاڍو دلچسپ آهي، جنهن پنهنجي
هڪ مريض کي، جيڪو تبصرا لکي پيٽ قوت ڪمائيندو هو،
هدايت ڪئي ته هو ان ڌنڌي کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ جو ان
مان نفرت جا جذبا پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهو رچيو پوي ۽
جيستائين اهي ٻئي شيون موجود هونديون تيستائين
انسان صحتمند رهي نٿو سگهي. ان شخص ڊاڪٽر جو چيو
ڪري اهو ڌنڌو ڇڏي ڏنو. ان ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته
ائين ڪرڻ سان مريض کي جيڪا قبضي ٿيندي هئي سان ڇڏي
ويئي.2
اهو واقعو صحيح به کڻي هجي پر تنقيد مان ڪابه بيماري نٿي ٿي
سگهي، ڇاڪاڻ جو تنقيد ڪنهن بيماريءَ جي جڙ ڪانهي ۽
نه وري ان مان ورچڻ يا نفرت ۽ بڇان جا جذبا پيدا
ٿين ٿا.
ائين برابر آهي ته جڏهن سچ پچ خاميون موجود آهن، تڏهن تنقيد
نڪتچيني ڪرڻ کي روا سمجهي ٿي؛ پر ان مان مقصد ڪنهن
جي گهٽتائي ڪرڻ ڪين آهي بلڪ همدردانه انداز ۾
خاميون پيش ڪرڻ آهي ته جيئن فنڪار جي اصلاح ٿئي، ۽
عوام جو شعور جلا پائي تاڪ ان جو ذوقِ تسليم ڀٽڪي
ڪنهن غلط پيچري تي وڃي نه پئي.
تنقيد جا ٽي نظريا: مختلف ماڻهن نتقيد بابت ڌار ڌار نطريا قائم
ڪيا آهن. هڪڙا ان کي رڳو واکاڻ ۽ مدح سرائي سمجهن
ٿا، ته ٻيا ڇنڊڇاڻ ۽ ٽيا وري علمي سمجهاڻي. بهرحال
تنقيد بابت اهي ٽي نظريا هيل تائين قائم ٿي چڪا
آهن.
واکاڻ: هڪڙا نقاد انهيءَ اصول تي ڪاربند آهن ته تنقيد رڳو
چڱايون ڳڻائڻ ۽ ساراهڻ جو ٻيو نالو آهي. ڊاڪٽر محي
الدين زور ’روح تنقيد‘ ۾ ايڊيسن جو هي مقولو ڏنو
آهي. ”سچو پچو نقاد اهو آهي جيڪو خوبين تي نظر رکي
ٿو ۽ عيبن ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو“. ان جو مطلب ٿيو ته
تنقيدنگار جو ڪم آهي هرهڪ مصنف ۽ فنڪار کي عوام ۾
مقبول بنائڻ، پوءِ کڻي ان جا خيال ڪيترو به ڇيهو
ڇو نه رسائيندا هجن ۽ ان جي تخليق جو فني ۽
جمالياتي پهلو ڪيترو به گهٽ رتبي وارو هجي.
ردي ۾ ردي شيءِ ۾ به ڪي نه ڪي خوبيون ٿين ٿيون. پوءِ جيڪڏهن
نقاد مٿئين اصول تي هلڻ شروع ڪري ڏين ته جيڪر
خامين جو ڪنهن کي احساسس به نه ٿئي، پر جي ٿئي به
کڻي ته به ڪجهه وقت کان پوءِ، گهٽ ۾ گهٽ، عوام مان
چڱي مٺي کي پرکڻ ۽ ان ۾ امتياز ڪرڻ جي صلاحيت صفا
گهٽجي ويندي. هو رڳو چڱايون ڏسيو پيا ٺرندا ۽
مٺايون ۽ اوڻائيون به پيون چڱيون لڳندن. ان ريت
زندگيءَ ۾ غلط قدرن جو رواج پئجي ويندو، جو
نامناسب آهي، ان ڪري تنقيد کي رڳو چڱاين بيان ڪرڻ
جو ذريعو ڪري ڪتب آڻي نٿو سگهجي. ان کي اهو خيال
به رکڻو ٿو پوي ته جيئن فني معيار اوچو ۽ بلند
ٿئي، جنهن ڪري خامين ڏانهن به ڌيان ڏيئي، فني
تخليق کي سونهن بخشيندر، چڱاين ۽ مٺاين کي پيش
ڪرڻو پويس.
سمجهاڻي: ٻيا نقاد سمجهاڻي ياتشريح کي تنقيد سمجهن ٿا، جنهن جي
مراد آهي ته ادب ۽ فن جي انهن خيالن، ويچارن ۽
مطلب کي کولي بيان ڪيو وڃي، جيڪي مصنف يا فنڪار
پنهنجي تخليق ۾ پيش ڪيا هجن ۽ جن کي هو عوام تائين
پهچائڻ گهرندو هجي.
ان. اصول موجب تنقيد، تخليقي ادب جي شرح ۽ تفسير لکڻ تائين
محدود ٿي پوي ٿي. هڊسن کي
Expositionچوي ٿو1
تنقيد کي انهيءَ اصول جو به پابند نٿو ڪري سگهجي،
ڇاڪاڻ جو ادب يا فن جي شرح ڪرڻ معمولي ڪم
آهي. ان ۾ اها وسعت ۽ ڦهلاءُ ڪونه ٿئي، جيڪو تنقيد
لاءِ ضروري آهي. اهو تنقيد جو فقط هڪڙو رخ يا پهلو
آهي، جنهن تان تنقيد ٿيندي، اڳتي وڌي ڇنڊڇاڻ جي
حدن ۾ پير پائي ٿي.
ڇنڊڇاڻ: هن ۾ وڏي معنيٰ سمايل آهي. ان جي ذريعي فنڪار يا مصنف،
تخليقي ادب ۾ جيڪي خيالات پيش ڪري ٿو تن سڀني کي
ظاهر ڪري انهن جي ڇنڊڇاڻ يا تجزيو ڪري ٿو. تنقيد
جوا هو اصول واقعي وزندار آهي، ڇاڪاڻ جو تنقيد
لاءِ جيڪي ضروري ڳالهيون آهن سي سڀ ان ۾ اچي وڃن
ٿيون.
انهيءَ ڇنڊڇاڻ جي مراد آهي ته نقاد، فني تخليق ۾ پيهي وڃي، ان
جي مفهوم کي ڀليءَ ڀت سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. مطلب ته
هو خود انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي جتي مصنف يا فنڪار
پهتو هجي ۽ ان جي ڳالهين کي پوريءَ ريت سمجهي عوام
جي اڳيان اهڙيءَ طرح پيش ڪري جو ان جا چڱا توڙي
مٺا پهلو سڀيئي نمايان ٿي پون. ٻين لفظن ۾ ائين
چئي سگهجي ٿو ته هن جو فرض آهي ته هو کولي بيان
ڪري ته اهي ڪهڙا ويچار ۽ ڪهڙي نوعيت جا آهن، ڇو ۽
ڪهڙين حالتن ۾پيش ڪيا ويا آهن ۽ مقصد ڇا اٿن، ۽
اهي فائديمند آهن يا هاڃيڪار.
انهن سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ مڪاٽ جيمس جي لفظن ۾ نقاد، هڪ
اهڙو انسان هئڻ کپي جيڪو هرهڪ ڳالهه کي سمجهي
سگهي، هر ڪنهن چيز کي ڏسي ۽ پرکي سگهي، ڪنهن نقطي
۽ پهلوءَ کي ڇڏي نه ڏي؛ معمولي کان معمولي آواز
ڏانهن به ڪن ڏيئي سگهي، پوءِ کڻي اهو آواز کيس وڻي
يا نه وڻي، سچو هجي يا ڪوڙو، ڪرو هجي يا مٺو ۽ ان
کي سمجهڻ بعد اهو به معلوم ڪري سگهي ته چوڻ واري
ڇا ڏٺو، ڇا سوچيو، سمجهيو ۽ ان بابت ڪهرو رايو
قائم ڪيو.1
جيڪڏهن نقاد ۾ اهي خوبيون ۽ خاصيتون هونديون ته پوءِ هو تخليقي
ادب جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهندو، نه ته نه. تنقيد جي
لاءِ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي_ جنهن ۾ ڪيتريون ئي
ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. جهڙوڪ پهريائين تنقيد،
تخليق تي ڳوڙهو ويچار ڪري اهو سمجهي وڃي ته آخر
هوءَ آهي ڪهڙي شيءِ، ان ۾ ڪهڙو مواد ۽ فني سونهن
سمايل آهي، ان ۾ ڪهڙا عارضي ۽ ڪهڙا دائمي جزا
سمايل آهن، مطلب ۽ معنيٰ ڇا اٿن، منجهس ڪهڙا فني ۽
اخلاقي اصول اچي ويا آهن، جن کان فنڪار شعوري طور
تي واقف هو يا غير شعوري طور تي اهم ڪم ڪندا رهيا
آهن ۽ ٻيون ڪهڙيون چيزون فنڪار جي تخليق ۾ اچي
ويون آهن، انهن سڀني کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ضروري
آهي.1
مطلب ته تنقيد جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هوءَ فني تخليقن ۾
سمايل سموري مفهوم ۽ مطلب کي ظهار ڪري، تفصيل سان
سمجهائي ۽ ان تي مختلف زاوين سان روشني وجهي بڌائي
ته فلاڻي تلخيق جي ڪهڙي اهميت آهي. اهو تڏهن ٿي
سگهي ٿو جڏهن نقاد ۾ ساڳئي وقت هڪ پڙهندڙ ۽ سمجهو
پارکو، هڪ سمجهائيندڙ، ليکڪ ۽ محتسب جون خاصيتون ۽
خوبيون اچي گڏ ٿيون هجن، ڇاڪاڻ جو نتقيد ۾ اهي
سڀيئي چيزون اچي وڃن ٿيون.2
تنقيد جي فن کي مٿي بيان ڪيل خوبين ۽ خاصيتن مان ڪنهن به هڪ
تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، ان جو دائروگهڻو وسيع
آهي، انهيءَ ڪري اهي سڀ ڳالهيون تنقيد جي لاءِ
ضروري آهن. جيڪي ماڻهو، جذبات جي سهاري تنقيد ڪن
ٿا سي رڳو ان جي هڪڙي خاصيت کي تنقيد سمجهن ٿا پر
جيڪي ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا سي ان کي ايترو محدود ڪري
نٿا سگهن. اهوئي سبب آهي جو تنقيد جي وصف بيان ڪرڻ
۾ ايترو مت ڀيد ۽ اختلاف پيدا ٿي پيو آهي ۽ هرڪو
ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڄاڻ ۽ ماحول مطابق تنقيد جي
تعريف ٿو ڪري. انهن اختلافن جي ڪري تنقيد جي ڪا
صحيح ۽ جامع وصف ٻڌائڻ سولو ڪم ڪونهي. ان جو ٻيو
سبب هيءُ آهي ته جن شين تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي يا جن
جي ڪري وجود ۾ اچي ٿي، خود انهن جي قدر قيمت،
اهميت ۽ جاچ جوچ ڪرڻ ۾ اختلاف ٿين ٿا؛ جنهن ڪري به
تنقيد جي وصف بيان ڪرڻ ۾ ڪيترن اختلافن ۽ هنگامن
کي منهن ڏيڻو پو يٿو.
تنقيد بابت مختلف ليکڪن جيڪي ڪجهه چيو آهي، ان جو تفصيل دلچسپ
به آهي ۽ ضروري به. انهن سڀني ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي
اختلاف آهن ته به هيءَ ڳالهه مشترڪ آهي ته تنقيد
ان فن کي چئجي ٿو جا ادب جانچي ۽ پرکي؛ ان جي
اصليت ۽ اهميت جي سڌ وٺي ۽ ان جي لاءِ معيار مقرر
ڪري. نقادن جا لفظ کڻي مختلف هجن، وصفن ۾ اختلاف
هجي، تفصيل جدا جدا هجن تنهن هوندي به سڀيئي ان
بنيادي حقيقت کان پري ڪونه ٿا وڃن ته تنقيد ادب کي
جانچڻ ۽ پرکڻ جو اوزار ۽ ڇنڊپاڻ ڪري فني تخليقن تي
رايو ڏئي ٿي. ظاهر اهي ته ائين ڪرڻ لاءِ نقاد ڪي
نه ڪي خيال پيش ڪندو، پوءِ اهي خيال ڪهڙي قسم جا ۽
ڪهڙي به تخليق بابت هجن. ان مان اهو به نتيجو نڪري
ٿو ته ڪنهن شيءِ بابت ڪي خيال پيش ڪرڻ کي تنقيد
چئجي ٿو. جيڪڏهن اهي خيال ذهين ۽ هوشمند ماڻهوءَ
جا هوندا ته انهن جي اهميت به اهڙي ئي وزندار
هوندي. ان ڪري ميٿيو آرنولڊ چوي ٿو، ”دنيا ۾ جيڪي
بهتر کان بهتر ڳالهيون سوچيون ۽ معلوم ڪيون ويون
آهن، تن جي ڳولا لاءِ والهانه خواهش کي، پوءِ کڻي
ان جو لاڳاپو حياتيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان هجي،
تنقيد چئجي ٿو.1“
تاهم انهن ويچارن جي نوعيت کي ڏسڻو پوي ٿو. اهي ويچار ضرور ڪنهن
نه ڪنهن نقطه نظر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا هوندا ۽
سڀ ڪنهن جو نقطه نظر پنهنجو پنهنجو ٿي سگهي ٿو،
تنهنڪري انهن ويچارن ۾ اختلاف ۽ تفاوت هئڻ ضروري
آهي. مثال طور، جڏهن ڪو انسان ڪنهن ادبي تخليق
بابت پنهنجا ويچار پيش ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هيءَ
تخليق چڱي آهي، مون کي وڻي ٿي ته هن جو ڪم اتي
پورو ٿي ڪونه ٿو وڃي، بلڪ کيس اهو به ٻڌائڻو ٿو
پوي ته آخر اها تخليق کيس ڇو پسند آهي، ان ۾
ڪهڙيون خاصيتون آهن؟ جيڪڏهن هو انهن سوالن جا جواب
ڏئي ٿو ۽ کيس جواب ڏيڻو ضرور آهي ته پوءِ هو ڪونه
ڪو نقطه نظر پيش ڪندو ۽ ڪنهن نظريي ماتحت ان تي
روشني وجهندو، ان ڪري تنقيد ۾ نقطه نظر جو هئڻ
ضروري آهي.2
تنقيدي نظرين ۾ اختلاف: تنقيدي نقطه نظر حالات، واقعات، ذهين
رجحان، طبعي لاڙي ۽ سوچ ويچار جي انداز جي اختلافن
جي ڪري نوان نوان روپ بدلائيندو رهي ٿو. جڌهن چئجي
ٿو ته فلاڻي ادبي تخليق چڱي آهي ته اهو سوال ٿو
پيدا ٿئي ته ڪهڙي قسم جي ماڻهن لاءِ چڱي آهي. ممڪن
آهي ته هڪڙو ماڻهو ادب کي پنهنجي ذهين سڪون ۽
دلچسپيءَ جي ڪري پسند ڪندو هجي ۽ هن جي لاءِ ٻي
ڪنهن قدر جي اهميت نه هجي، پر ٻئي شخص جي اها
خواهش ٿي سهگي ٿي ته هو ادب ۾ ڪنهن اعليٰ انساني ۽
سماجي آدرش جي ڳولا ڪري جو هن جي لاءِ انهن قدرن
جي اهميت ۽ قيمت وڌيڪ هجي1.
بهرحال هڪڙو تنقيد کي فقط تفريح ۽ وندر ٿو سمجهي ۽
ٻئي کي ان ۾ افاديت جي تلاش ٿي سگهي ٿي. اهي
اختلاف ادبي تنقيد ۾ اڳي به پئي رهيا آهن ۽ اڄ به
موجود آهن؛ تنهنڪري تنقيد جو صحيح مقصد ۽ مقام
معلوم ڪرن لاءِ ادب جي جزن ۽ عنصرن کي ڳولڻو پوندو
۽ اهو به ڏسڻو پوندو ته انهن جزن جو ڪهڙو ڪهڙو ڪم
آهي. انهن ۽ اهڙن سوالن حل ڪرڻ کان پوءِ تنقيد
بابت مختلف نظرين جا اختلاف سمجهه ۾ اچي سگهن ٿا.
ادب ۽ فن جي مختلف نظرين جي ڪري نقطه نظر ۾ اختلاف پيدا ٿئي ٿو.
ڪي ماڻهو ادب کي وندر ۽ دلچسپي جو ذريعو سمجهن ٿا،
هو ان کي سماجي عمل سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهن، اٽلندو
ائين ٿا سمجهن ته ادب جو مقصد آهي پڙهندڙن ۾
دلچسپي پيدا ڪرڻ. ٻين جو چوڻ آهي ته ادب نه رڳو
سماجي عمل آهي، پر هو هڪ ڪامياب سماجي هٿيار پڻ
آهي، جنهن جي وسيلي سان عوام جي مسئلن کي سمجهي ۽
پرجهي سگهي ٿو، تنهنڪري ان ۾ زندگي جي قدرن واري
نظام جي هڪڙي همه گير سلسلي جو رڳو موجود هئڻ
ضروري، بلڪ اڻٽر آهي.
اهي ٻئي متضاد نظريا، ادب جي ميدان ۾ اڄ به برسرِ پيڪار آهن، پر
جيڪڏهن جذبات کي پاسيرو رکي ٿڌيءَ دل ۽ دماغ سان
سوچبو ته ادب انسان کي خوش رکڻ جو وسيلو ۽ ذريعو
نظر ايندو ۽ ان جي پهرئين خوبي اهائي آهي، پر جيئن
ته ان کي زندگيءَ ۾ رهي ڪري پيش ڪيو وڇي ٿو،
تنهنڪري ادب يا فنڪار جي لاءِ زندگي ۽ سماج جي
مختلف مسئلن کي موضوع نه بڻائن ڏکيوآهي. اهڙي ريت
جيڪي ماڻهو ادب برائي ادب جي نظريي جا قائل آهن سي
به تخليقي ڪارنامو پيش ڪرڻ وقت زندگيءَ کي موضوع
بنائڻ کان پاڻ کي پرڀرو رکي نٿا سگهن. هنن جي
تخليقات ۾ به انساني زندگي ۽ ان جا الڳ الڳ مسئلا
موجود آهن.
ڳالهه هيءَ آهي ته ادب ماڻهن ۾ رهي ڪري پيش ڪجي ٿو، تنهنڪري
انهن جي ذاتي مسئلن کي موضوع بڻائن کان سواءِ ٻيو
ڪو چارو ڪونهي. مطلب ته ان م زندگيءَ جي قدرن جو
جلوه گر ٿين ضروري آهي، جنهن ڪري اهي ٻئي شيون
ساڳئي وقت نظر اچن ٿيون. فيرل ان ڪري ئي لکيو آهي
ته ادب کي فنونِ لطيفه جي هڪ شاخ ۽ هڪ سماجي عمل
ٻنهي حيثيتن سان ڏسڻ گهرجي. جڏهن ادب کي ان طرح
ڏسجي ٿو ته ان جا ٻه پهلو نظر اچن ٿا. هڪرو افادي
(Functional)
ته ٻيو جمالياتي
(Aesthetic)
۽ ادب انهن ٻنهي جي ميلاپ مان ٺهي ٿو.1
تنقيد جا ٻه پهلو: ان ريت ابد ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو وڃي 1- جنهن
۾ زندگيءَ جي قدرن جي ڳولا ڪجي ۽ 2- جنهن ۾ ادب جي
فني ۽ جمالياتي قدرن جي جستجو هجي.
ادب جي افادي پهلوءَ جي مدِنظر، نقاد ڪوشش ڪري ڏسندو ته ان ۾
ڪهڙيون بنيادي حقيقتون آهن جيڪي زندگيءَ کي يا ته
ٺاهين ٿيون يا بگاڙين ٿين؛ انسان ذات لاءِ ڪهڙيون
مفيد آهن ۽ ڪهڙيون هاڃيڪار؛ ڇاڪاڻ جو نقاد ذهني ۽
دماغي صحت تي اهڙي طرح نظر رکي ٿو جهڙي طرح طبيب
جسماني صحت تي1.
هو نه رڳو دماغي ۽ ذهني صحت تي مگر سماجي صحت تي
به نظر رکي، ان ڪري کيس گهرجي ته هو هر هڪ فني ۽
ادبي تلخيق کي سماجي پس منظر ۾ ڏسي ۽ انهن شين جو
به خيال رکي، جن کي اديب يا فنڪار پنهنجو موضوعو
بڻايو هجي. هو اهو به ڏسي ته ان جا اصل محرڪ ڪهڙا
آهن، اديب انهن کي موضوع بنائڻ لاءِ ڇو مجبور ٿيو؟
انهن جي سماجي زندگي ۾ ڪا قيمت يا اهميت آهي يا نه
۽ ان ۾ عينيت سپندي
(Idealism)
کي ته دخل ڪونهي.
جيڪڏهن هن سماجي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهي انهن کي
اجاري پيش ڪيو آهي ته پوءِ نقاد جي لاءِ ضروري آهي
ته اڳلي حياتيءَ جي مسئلن بابت سائنٽيفڪ ۽ علمي
طور سان غور ۽ ويچار ڪيو آهي يا جذباتي ٿي ڪري،
انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا نه.
جيڪڏهن اديب يا فنڪار اهڙي ڪوشش نه ڪئي آهي ته
نقاد جو فرض آهي ته اهڙن مسئلن جو حل پيش ڪري
ڏيکاري ته هن طرح اديب جا خيالات سماجي زندگي لاءِ
ڪارآمد ٿين ٿا.
انهن ڳالهين کان سواءِ سماجي مسئلن کي ادبي تخليقن ۾ ڏسڻ وقت،
تنقيد ڪندڙ کي اهو به ڏسڻو پوندو ته آخر هڪڙي اديب
يا فنڪار ڪهڙي زاويي سان فلاڻن مسئلن تي روشني وڌي
آهي. آيا هن ڪنهن خاص طبقي جي ترجماني ته نه ڪئي
آهي؛ جي ها ته اهو ڪهڙو طبقو آهي؟ اڄڪلهه ته اهو
بلڪل اڻٽر ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته جو سموري دنيا
طبقن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ انهيءَ طبقاتي ڇڪتاڻ
پوري سماجي حياتيءَ ۾ انتشاري ڪيفيت پيدا ڪري وڌي
آهي، جنهن ۾ هڪڙي طبقي جي نقصان سان ٻئي طبقي جو
فائدو ڳنڍيل آهي. اهڙي صورت ۾ تنقيد جو ڪارج سچ پچ
ڏکيو ٿيو پوي. ايف_ آر_ ليوس لکي ٿو ته جنهن وقت
زندگيءَ ۾ سماجي ۽ تمدني انتشار پيدا ٿئي ٿو، تنهن
وقت تنقيد لاءِ ڏکيائي پيدا ٿئي ٿي1؛
ڇاڪاڻ جو اهڙين حالتن ۾ تنقيد کي معاشيات و
اقتصاديات، سياسيات و عمرانيات، فيلسوفي ۽ نفسيات
کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو ۽ ڪامياب نقاد اهوئي ٿي
سگهي ٿو جيڪو انهن علمن مان واقف ٿئي ٿو نه ته
ڪنهن به تخليقي ادب تي هن جي گهري نظر نٿي پئجي
سگهي.
|