سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :3

آفرين نيڪورسا اي آفرين نيڪوخيال

توکان اڳ مون کان نه پڇيو ڪنهن به منهنجو خسته حال

هند جي تاريخ ۾ ڪو شاهه عادل تو ٻڌو

جي ٻڌو آهي ته چؤ اُن جو مقابل ڪو ٻڌو

اسم جنهن جو آهه اعليٰ شان سان افضل ”سليم“

جنهن کي نادر نعمتن سان هو نوازيندڙ نعيم

تخت شاهيءَ تي جڏهين کان هو ٿيو جلو. فگن

ٿي چيو هر ڪنهن ائين هندوستان ”دارالامن“

هر شجر جي شاخ شاهد آهه اُن جي شان تي

جنهن حڪومت ڪئي عدالت ساڻ هندستان تي

تو ٻڌي هوندي انهيءَ جي ملڪه نور جهان

پارسائي نيڪ خصلت ۾ نه جهڙس درزمان

حسن ظاهر حسن سيرت جيئن اُنهيءَ کي ٿي عطا

تيئن ملي فطرت کان هن کي پڻ هئي طبع رسا

ٿي ويا ڪشمير ڏانهن هي طالب و مطلوب ٻئي

هت اچي منزل گزين هڪ رات ٿيا محبوب ٻئي

ناز مان نورجهان هيئن اوچتو فرمائيو

بيمثل هت باغ هڪڙو شهنشاهه ٺهرايو

حڪم ڏيئي ويا هليا جيسين وري موٽي ورن

تنهن کان اڳ تيار ٿي ويو جو ڏسين ٿو تون چمن

ڇا ڏٺو منهنجي اکين سو راز تون مون کان نه پڇ

عاشق و معشوق جو انداز تون مون کان نه پڇ

آبشارن کي اڃا سا انڪساري ياد آهه

عشق جي قدمن ۾ ڪريل تاجداري ياد آهه

چشم گل کي ياد آهي منظرِ رازو نياز

سنگ جي سيني ۾ مخفي آهه رازِ سوز و ساز

منهنجي نهرن جي روانيءَ کي ٿي تن جي جستجو

محو جن جي شورِ لهرن ۾ ٿي شيرين گفتگو

هر شجر جي شاخ آهي سوگوار عشق ٿي

منهنجي خاموشي به آهي راز دار عشق ٿي

جن بنايو تن برابر باغباني ڀي ڪئي

جن جي پيرن ۾ پيس تن پاسباني ڀي ڪئي

جيسين شاهي تخت تي عادل هئا فرمانروا

تيسين منهنجي شان تي آڱر اُٿِي ٿي ڪانه ڪا

ٿو پڇين ”تن ڇو ڇڏيو“ افسوس ڪيئن ههڙو سوال

بي سبب اچڻون نه آهي قوم ڪنهن تي ڪو زوال

جاءِ عشرت کي ملي هٿ مان حڪومت وئي هلي

ڪاهليءَ ڪانئر ڪيو جاه و جلالت وئي هلي

شامتِ اعمال بنجي آئي صورت نادري

ختم ڪئي جنهن هند مان سڀ اڪبري ۽ بابري

*              *              *

 ڏي وڃي هر هڪڙي مسلم کي تون هي منهنجو پيام

جاڳ اڄ بهر، خدا اي اُمت خيرالانام

سست رفتاري ڇڏي ڪجهه تيز تر ڪر چال کي

رکج ماضيءَ کي نظر ۾ ٺاهه پنهنجي حال کي

هي بلند اشجار منهنجا بانگاهِ منتظر

تشنه لب تو ڏانهن ڏسن ٿا جلد اچ سيراب ڪر

منهنجي بربادي نه ڏس، ڏس باغِ هندستان کي

چور دست و پاء همت جوش کي جولان کي

زندهه قومن جي ته هر لحظي ۾ حرڪت ٿي رهي

جن هلايا هٿ اُنهن جي هٿ حڪومت ٿي رهي

حيف تو آهي وساريو ڪار گر تدبير کي

مورد، الزام سمجهين ٿو فقط تقدير کي

عزم تنهنجي ساڻ ڏسجي ٿو ائين پيو باليقين

پاڪ دشمن کان ڪري تون ٿو سگهين هيءَ سر زمين

اڄ به لهرائي سگهين ٿو تون علم اسلام جو

شرط آهي ڪو اثر توتي ٿئي پيغام جو

جي اِيئن ٿيو پوءِ ڏسجان تون وري رنگ چمن

جي ائين ٿيو پوءِ ڏسجان زينت، هرا انجمن

جي ائين ٿيو پوءِ منهنجي شاخسارن کي پسيج

جي ائين ٿيو پوءِ منهنجي سبزه زارن کي پسيج

جي ائين ٿيو پوءِ منهنجون رونقون ڏسجان ’غني‘

جي ايئن ٿيو پوءِ منهنجون مجلسون ڏسجان ’غني‘

 

 

نظم

محبوب سروري

مست

 

بي لغام ۽ بي مهار،

توڙي دشمن توڙي يار،

ڄڻڪ ٻارن کان به ٻار،

ڪنهن کي مڪ ۽ ڪنهن کي مار،

ڪنهن کي ڌڪ ۽ ڪنهن کي گار،

جيڪي آيو سوئي ڪار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

ڪنهن گهڙ يڪاوڙ ٿا ڪن،

ڪنهن گهڙي کلندا وتن،

ڪنهن گهڙي مرڪيو ملن،

ڪنهن گهڙي رئندا رهن.

ڪنهن گهڙي نانگا نچن،

عام اُڏو آشڪار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

ننڊ ڇا آرام ڇا،

ڳوٺ ڇا ۽ گام ڇا،

صبح ڇا ۽ شام ڇا!؟

ننگ ڇا ۽ نام ڇا؟

ڪفر ڇا. اسلام ڇا،

سڀ ڪيائون درڪنار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

*         *          *

ڇا ڪلام ۽ ڇا سلام،

ڇا حلال ۽ ڇا حرام،ڇا ۽ نام ڇا!”

.

 

ار،ٽري جنرل ٿائ خاص اشاعت، آڪٽوبر 1962۾ هو، جيڪو هڪ بهتر زندگيءَ لاءِ لازمي آهي، ۽ هاڻي اِهو خود ي اقوام متحده

ڇا ادب ڇا احترام!؟

ڇا زمانو ڇا نظام!؟

پنهنجي مستيءَ ۾ مدام،

ڪونه ڄاڻن دوست يار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

ڇا فلڪ ۽ ڇا زمين،

ڇا خراب ۽ ڇا حسين،

ڇا هي دنيا ڇا هي دين!؟

ڇا گلا ڇا آفرين!؟

ٿا تفاوت سڀ ڇڏين،

پنهنجي چريائيءَ سان پيار!

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

ويا ڀڃي قيدِ سماج،

تن جي دل بي احتياج،

سڀ ڇڏي رسم و رواج،

تن جو پورالو مزاج!

ڪونه چاهن تخت و تاج،

۽ نه فڪر روزگار،

ڪهڙي مستن تي ميار!

*          *          *

سر برهنه بي لباس،

جن جي اکين ۾ اُداس،

پنهنجي مستيءَ ۾ ئي راس!

جن جي دلين ۾ پياس!

جن جي ڏسندي ٿئي حراس!

جن جي ٿي دنيائي ڌار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

ڪٿ فقيرن سان فقير،

ڪٿ سڏائن ٿا حقير،

ڪٿ اميرن سان امير،

ڪٿ سڏائن ميرَ، پِيرَ،

تن جون ڳالهيون بينظير،

تن جون رمزون بيشمار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

هُو سدائين سر بلند،

تن کي آزادي پسند،

ڪن سڀن تي گارگند،

ڪونه سمجهن قيد و بند،

يا ته دامن تند تند!

ياگريبان تار تار!

ڪهڙي مستن تي ميار.

*          *          *

پاڻ پنهنجا پاسبان،

خود امير ڪاروان،

پاڻ پنهنجا رازدان،

خود زمين، خود آسمان.

پنهنجي دل جا حڪمران،

۽ جنون جا تاجدار!

ڪهڙي مستن تي ميار!

 

’تاج‘ بلوچ

 وڇوڙو

 

ٽهڪ ڏيندي، مسڪرائيندي، حسين تر جل پري،

منهنجي دنيا ۾ ڪڏهن آئي هئي سينگارجي،

گردشِ حالات کان، هوءَ ٿي وئي مون کان پري،

هوءَ وئي ڇا، ٿي وئي بيڪار منهنجي زندگي.

چري

اڄ سرِ راهه هڪ چريءَ کي ڏٺم،

نازڪ و نازنين، ماهه لقا.

هن جي گردن صراحي دار هئي،

گول اکيون، سڊول جسم هئس.

رات ڪارن به شرمسار ٿئي،

اهڙا ڪارا ته هن جا زلف هئا.

پيٽ هن جو صفا اگهاڙو هو،

هن جي ڇاتي به نيم عريان هئي.

صرف هڪ چيلهه تي هئس ڪپڙو،

جو هلڻ سان ڪڏهن لهي ٿي ويو.

ڊيل وانگر ٽلي ٽلي ٿي هليِ،

ڇال هرڻيءَ جيان هڻي ٿي هليِ.

جنهن گهڙيءَ بيخوديءَ ۾ مرڪيِ ٿي،

مسڪرايو ٿي ڪائنات سڄيءَ.

ڀانيان، خالق به خود کليو هوندو،

پنهنجو اعليٰ هي شاهڪار ڏسي:

جيڪو دنيا جي ٺوڪرن ۾ آهه،

جنهن کي پنهنجو نٿو ڪري ڪوئي،

جنهن سان همدردي هڪ فريب آهي!

انسان ۽ برقي تارون 

اسان ۽ اوهان کان ته بهتر ئي چئبيون،

مدبر ۽ سچار، اکرن جون پوريون:

لکين ڪوهه پرتي نياپا نين ٿيون،

سراپا بني راز لڏنديون رهن ٿيون،

ڪڏهن ڪنهن جو احوال ٻئي کي نه ڏينديون:

هي بيجان ڌاتو، هي بجليءَ جون تارون.

انهيءَ جي مقابل جي انسان کي ڏسجي،

دغاباز، ٽوڙو ۽ مڪار آهي.

اگر ڪنهن جو هي راز محرم ٿئي ٿو،

خدائي سڄيءَ ۾ پڙهو ٿو گهمائي.

جڏهن جڳ سڄي ۾ ٿئي ٿو هو رسوا،

تڏهن ابنِ آدم خوشي ٿو منائي.

 

صدا

 

(ڪئپٽن گا گارين جي ڪامياب فضائي دوري کان متاثر ٿي)

عرش تي پنهنجو ٿيندو مسڪن،

امرَ ٿيو انسانن جو فن!

تاريڪين کان خطرو ڇا جو؟

پنهنجي دنيا روشن روشن!

بجلين تي ڀي پنهنجو قبضو،

توکي ڇو آ خوفِ گلشن؟

حسن سلامي ۽ عشق جو ٿيندو،

ڇا جي وحشت، ڇا جو دامن؟

ان سان پنهنجو رستو ناهي،

جيڪو انسانن جو دشمن!

عرش تي پنهنجو ٿيندو مسڪن،

امر ٿيو انسانن جو فن!

 

سليم ڳاڙهوي 

اي ساٿي!

 

پنهنجي قسمت کي جوڙ، اي ساٿي!

نا آميدي نهوڙ، اي ساٿي!

سُک جون سيجون وڇائبيون، ليڪن،

ڏک جا ڏينڀو مروڙ، اي ساٿي!

لعل جنهن ۾ لڪي رهيا سچ جا،

ڳنڊ اهڙيءَ کي ڇوڙ، اي ساٿي!

پاڻ پنهنجو سڃاڻجي پيارا،

تو ۾ خوبيون ڪروڙ، اي ساٿي!

تنهنجي منهنجي ته آهه ٻيڙي هڪ،

تون ٻيائيءَ کي ٻوڙ، اي ساٿي!

نينهن وارو عظيم ناتو آهه،

بس، نباهيج توڙ، اي ساٿي!

کير مان ٿو ٿئي مکڻ پيدا،

ڪين پاڻي ولوڙ، اي ساٿي!

خون انصاف جو ٿئي جنهن سان،

اَن ڪٽاريءَ کي ٽوڙ، اي ساٿي!

ماڳ، منزل، مراد ماڻيندين،

پاڻ پنهنجو پتوڙ، اي ساٿي!

زندگيءَ جي ’سليم‘ راهن ڏانهن،

مَنهن زماني جو موڙ، اي ساٿي!

’سوز‘ ٽکڙائي

 

آرزو

 

سڙي سڙي، مٺا، مون پنهنجي زندگي تباهه ڪئي،

مگر ڪڏهن نه، بيوفا، تومون سان رسم وراهه ڪئي.

ڪيئه جي مون ساڻ واعدا، سي ڪين پنهنجا پاريئه،

رهي سدا رقيب ساڻ، اي سڄڻ، وساريئه.

هئي هيءَ آرزو ته وقت ڪو ته توسان گهاريان،

هي دردِ دل ۽ رنج و غم، الم، سڀيئي وساريان.

مگر هي آوزو به دل جي دل آندر رهي، مٺا،

وفا جي بدلي مون کي اي صنم، ڏني ٿي تو جفا.

ڪري تون قيد دام زلف ۾ ۽ پوءِ وئين هٽي،

هي لوڪ سارو مون تي تو کلائي، مون کي ڪيو لڄي.

جهان ۾ مان خوار ٿيس، ۽ رقيب خوش ٿيو،

ڏسي هي حال منهنجو ترس ڪونه توکي ڪو پيو.

فراق تنهنجي ۾ روئي گذاريون مون راتيون،

اهائي آرزو هئي ته توسا ٿينديون باتيون.

سڄڻ، سندءِ جدائيءَ جا پيا ڪي دل ۾ مچ مچن،

مچي مچي وساميا، وسامي پيا وري دکن.

اوهان جي لاءِ هجر ۾ هنجون ٿو روز هاريان،

اٿي اٿي پڪاريان، نمي نمي نهاريان.

جي هڪ دفعي اچين اڱڻ ته جان و دل ڪريان فدا،

۽ ساهه ساڻ سانڍيان، نه پل به هڪ ٿيان جدا.

اي ’سوز‘ غم نه ڪرهي آه تنهنجي ڪو ڪندي اثر،

ڪڏهن ته نيٺ يار تنهنجو توتي ڪا ڪندو نظر.

 

آزاد نظم

گوورڌن، محبوباڻي ’ڀارتي‘

 

تنهائي ۽ ڪَوڙو دونهون

منهنجا ساٿيِ!

تو کي پنهنجي دل جي حالت؟

ڪئن سمجهايان؟

رات انڌيري،

اوجهڙ پاسو،

آءُ اڪيلو ويٺو آهيان،

(ڪاريهر جان ڪُنڊلِي ٺاهي!)

هاءِ جسم جي اونداهيءَ چوديواريءَ ۾،

چوديواريءَ اندر انڌي اونهي کوهه ۾،

انڌي کوهه جي ويرانيءَ ۾،

ڀٽڪيل، پاڳل، چمڙي وانگر،

منهنجو روح چڪر پيو کائي_

انڌي کوهه جي اوساريءَ سان سِرُ ٽَڪرائي! دل ۾ . . . . .؟

دل ۾ ڄڻ نِم جي اَلين ڪاٺين جو دونهون،

ڪَوڙو دونهون، دُکي رهيو آ!

ڪئن نه ذهن جي ريتيءَ تي ريڙهيون پائيندي،

وِ يچارن جي وير چڙهي ٿِي:

ڪَپرَ ٻوڙي،

ساگر جون سيمائون ٽوڙي،

سهسين ننڍڙيون ڪشتيون لوڙهي،

چِٽانن سان ٽڪر کائي،

آخر، گهايل اجگر وانگر،

سرڪيِ سرڪيِ،

ڍرڪيِ ڍرڪيِ،

ڌيري ڌيري، لهي وڃي ٿي!

....          ....          ....

منهنجا ساٿي!

توکي پنهنجي دل جي حالت

ڪئن سمجهايان؟

منهنجي اندر ۾ ڄڻ ڪوئي مَري رهيو آ،

ڪوئي ڪارائيءَ سان رڳ رڳ ڪپي رهيو آ!

هاڻي مون وٽ ڦول نه آهن،

پوپٽ توڙي ڀونئر اُڏي ويا،

هاڻي مون وٽ لڙڪ نه آهن،

دنيا جي ڪولاهل ۾ سڀ

سوز درد جا گيت ٻڏي ويا،

هاڻي مون وٽ ناهن جهرِڻا،

چنڊ، ستارا، سِيتل ڪِرڻا،

هاڻي مون وٽ ساز نه آهن،

سوز نه آهي،

گيت نه آهن،

هاڻي مون وٽ ناهن گهنگروُ،

جن جي مٺڙيءَ جهيڻيءَ رُن_ جهُن

ماڻهن  کي هو مست بڻايو!

ماڻهو . . . .!

ماڻهو، ماڻهو، ماڻهو، ماڻهو__

ماڻهوءَ جي اندر ۾ آهن اونهيون غارون،

ڪاريون ڪاريون،

اوندهه واريون،

دل ڏاريندڙ، گَهرِيون غارون!

غارن ۾ آهن تهخانا،

تهخاني ۾ سهسين تهخانا،

تهخانن ۾ آهي ڪوٺيون_

(پٿر جو اونداهيون ڪوٺيون)

ڪوٺين اندر آهن خانا_

(لوهِي ۽ فولادي خانا)

جن ۾ قيد ٿيل آدم جي روح سڳوري،

چوٽ لڳل چيتي جان ڦٿڪِي،

بُگَ بُگَ جي خاموش فضا ۾

گونجايون پنهنجون گجڪارون:

ماڻهوءَ جي اندر ۾ آهن اونهيون غارون!

ماڻهوءَ جي اندر ۾ آهن غارون،

جن ۾ ويٺل ديو،

خنجرن ۽ تلوارن سان،

باند روح کي

حيدرديءَ سان

چيري ڪن ٿا ڦارون ڦارون:

ته به آدم جو روح

آڃا سوڌو،

ڪِرڙيءَ جي ڪاٽيل پُڇَ جان،

چُر ڪِي چُرڪِي،

ٽُر ڪِي ٽُر ڪِي،

ستل منش جي ننڊ ڦٽائي،

ساري جڳ کي پيو جاگائي_

۽ پنهنجيءَ هلڪيءَ هلچل سان

ديوَن جي پيو ڌَرن ڏڪائي!

ماڻهو...؟ ماڻهو...؟

ڇاجا ماڻهو؟

ساٿِي! هيءُ ماڻهو

اڪثر ماڻهو ته نه آهن،

ڪُتا آهن_

ماسَ هڌيءَ جي ٽُڪريءَ لئه ٿا پُڇ لٽڪائن!

سوئر آهن_

گندين نالين ۾ تُڙڳِي ٿا ڪچرو کائن!

ڪيِڙا آهن_

بدبودار غلاظت کي ٿا دنيا ڀانئن!

ها، ها! هيءُ ماڻهو

آڪثر ماڻهو ته نه آهن_

ڪتا آهن،

سوئر آهن،

ڪيڙا آهن،

زهريلا ڪاريهر آهن:

پيسي جي جهنڪار ٻُڌي ٿا ڦَڻ ڦهلائن،

جنهن ٿالهيءَ مان کائن، تنهن ۾ زهر ملائن!

وقت وقت تي ڪئن ٿا پنهنجي کَل بدلائن؟

پيسو، پيسو، پيسو، پيسو!

پيسو آهه حياتيءَ جي لئه،

ناهه حياتي پيسي جي لئه!

پيسو آهه حياتيءَ جي لئه:

مگر حياتي، پيسي جي لئه،

در درتي ٿي جُتيون گسائي،

غيرت،

بيغيرت جي سامهون،

ٿي ليلائي ۽ ٻاڏائي،

ٻاڏائي، جهولي ڦهلائي!

(لعنت! او انسان!

سونُ بيجان به توتي حڪم هلائي؟

لعنت! او ڌنوان!

سونُ بيجان به توکي ناچ نچائي!)

پيسو آهه حياتيءَ جي لئه:

مگر حياتي، پيسي جي لئه،

در در تي ٿي جُتيون گسائي!

...          ...          ...

 منهنجا ساٿي!

توکي پنهنجي دل جي حالت

ڪئن سمجهايان؟

رات انڌيري،

اوجهڙ پاسو،

آءُ اڪيلو ويٺو آهيان،

دور_

دور ڍونگيءَ دنيا کان،

دنيا کان، دنيا وارن کان،

دنيا وارن جي هلچل کان،

هلچل کان، هُلَ ڪولاهل کان،

دور_

دوُر، هن ويراني ۾،

آهه کڙو هڪ ٻڍڙو کنڊر،

جنهن جي سيني اندر آهن

چٻرن پنهنجا ڏيرا ٺاهيا،

جنهن جي مستڪ آندر آهن

ڪوريئڙن ڄاريُون ڦهلايون!

دور_

دور، هن ويراني ۾،

آهه کڙو اينءَ اُجڙيل کنڊر،

ڄڻ ڪوري ڪاغذ جي وچ ۾

کَڙي عجب جي آهه نشاني (!)

...          ...          ...

منهنجا ساٿي!

توکي پنهنجي دل جي حالت

ڪئن سمجهايان!

هاڻي مون وٽ ڦول نه آهن،

پوپٽ توڙي ڀونئر اُڏي ويا،

هاڻي مون وٽ لڙڪ نه آهن،

دنيا جي ڪولاهل ۾ سڀ

سوز درد جا گيت ٻڏي ويا:

مون وٽ آهي ڪَوڙو دونهون،

ڪَوڙو دونهون ۽ تنهائي_

تنهائي ۽ ڪَوڙو دونهون_

ڪوڙو دونهون!

ڪوڙو دونهون،

دُکي دُکي جو چڻنگون ڪڍندو،

چڻنگ بدلجي ٿيندي شعلو،

شعلي مان ئي آڳ ڄرڪندي،

ڀڙڪو ڏيندي،

ڀنڀٽ ٿيندي،

ڀنڀٽ ۾ جلندا بُتَ جهونا،

نئين جڳت جو سرجڻ ٿيندو،

آڳ بدلجي ٿيندي جوتِي!

جوت؟

جوت؟

سا جوت، نئينءَ دنيا کي ڏيندس،

منهنجو دونهون مون وٽ رهندو.

ها!

ساٿِي، ها!

مون وٽ رهندو_

ڪَوڙو دونهون ۽ تنهائي،

ڪَوڙو دونهون ۽ تنهائي،

ڪَوڙو دونهون ۽ تنهائي_

تنهائِي،...تنهائِي،...تنهائِي،...تنهائي!

 

نعيم دريشاڻي

ڪنهن جي اچڻ تي

دل جا خوابيده امنگ پيا جاڳي،

نيڻن ۾ خوشيءَ جون لهرون ڊوڙيون،

رڳ رڳ ۾ چُري ڪا ڪتڪائي:

جيءُ آئين تون، ڀلي او سهڻا سائين!

تون جو آئين ته پُنيا ڪيئي ارمان،

تون جو آئين ته بهارن ويڙهيو مون کي،

تون جو آئين ته اچي سُک ٿيو مهمان:

چيءُ آئين تون، ڀلي آئين، او سهڻا سائين!

تنهنجي پيرن جي جهَڪي آهٽ کي ٻڌي،

منهنجي دل جو ڀڳل ساز پيو ڇرڪي،

منهنجي چپڙن تي نچي گيتن جي شهزادي:

جيءُ آئين تون، ڀلي آئين، او سهڻا سائين!

تنهنجي وارن مان ڦُٽي، سرهاڻ جون نهرون،

وقت جي رڳ ۾ ويون پيهي،

ڪَرُ کڻي جاڳي پيون چوڌاري سُڪونن جون پوکون:

جي آئين تون، ڀلي آئين، او سهڻا سائين!

 

خاموشيءِ سان ٻه لفظ

ڪالهه رات،

مون ائين ئي، پنهنجي ليکي،

گگهه انڌيري م خموشيءَ کان پچيو:

تنهنجي اِن آدي سڪوت

جو ڀلا آ ڪهڙو راز،

ڇو سدا تون ائين ئي آهين ٿڌي،

گهري گهري،

اي خموشي؟

مون کي ٿوري دير ائين ئي چپ ڏٺائين،

(هن جي اکڙين ۾ الائي ڇا هئو_

ڪهڙو سوز،

ڪهڙي دانهن،_

 جو رڳن ۾ منهنجي رت بلڪل ٺري ڳڱ ٿي ويو.)

پوءِ هڪ گهرو ٿڌو ڀريائين ساهه،

جهيڻي روئڻهارڪي آواز سان سُس پُس ڪيائين:

ڪنهن سان ڳالهايان ڀلا؟

ڇا چوان؟

ڇو چوان؟

 

هڪ روح جي آتم ڪهاڻي

 

آءُ هڪڙو تشنه ڪام،

تنها تنها

روحڙو،

پنهنجي اڻڄاتل خيالن ۾ ئي گم،

پيو رُلان،

هن سُڃي سنسار ۾.

منهنجي نظرن ۾ سوين مايوسين جا موتمار

پارا پيا ٿا راڄ ڪن:

منهنجي دل جي صحن ۾ پيا ٿا آڏامن حسرتن جا زرد پڻ،

ذهن جي اجڙيل محل ۾ ڇَپ هڻي ويٺي آ ويرانيءَ جي ڏائڻ،

سنگ مرمر جي ڀتين ۾ ڏار آهن بيشمار،

۽ صندل جا دردريون آهن اُڏوهيءَ جو شڪار،

آءُ هڪڙو تشنه ڪام،

تنها تنها

روحڙو،

پنهنجي اڻڄاتل خيالن ۾ ئي گم،

پيو رُلان.

ڪوبه ساٿي ڪونه آهي،

جيڪو پل ڀر هن سڃي منسار ۾

مون سان گڏ حيران ڪُن منظر ڏسي:

هن طلسماتي خلا ۾ مون جيان ڀٽڪي ڏسي:

دور، تارن جي چمن ۾،

مون سان گڏ ٽانڊاڻا پڪڙي:

مون سان گڏ ايئن ئي خلائي وسعتن ۾ اُڏرندو،

کير_ ڌارا جون حدون چپ چپ لتاڙي،

مرڪندو گم ٿي وڃي،

آسمان جي اڻڇيل اُجرين، ڪنوارين تيرگين ۾

بيخير پيهي وڃي.

 

”امداد“ حسيني

 

تنهنجي اڳيان

آءُ هڪ شاعرِ بي بها،

خوبرو ۽ جوان لفظ منهنجا مطيع،

منهنجو هر لفظ ڄڻ آسمان وانگي آهي بلند وسيع!

منهنجو نغمن ۾ فصلِ بهاران جون شادابيون، منهنجي شعرن ۾ ڪنهن نوجوان و حسين نازگين جي سدا مرڪندڙ نوجوانيءَ جو رس! 

منهنجو هر شعر لعل و جواهر جو مَٽ!

منهنجو لفظن جي جادو بياني مڃيل، منهنجي لفظن جي درياءُ جهڙي رواني مڃيل،

آءُ لفظن جو گهر، آءُ لفظن جو ديس!

آءُ لفظن جو ماهر ۽ ساحر عجيب و غريب_

ڪيترا سال لفظن جا زيور گهڙيندو رهيس_

ڪيترا سال لفظن جو خالي ۽ ويران جام،

ڪيف و مستي جي مئي سان ڀريندو رهيس!

منهنجي لفظن ۾ ننڍپڻ جي معصوميت، نوجوانيءَ جون سڀ شوخيون ۽ وڏن جون خرد منديون.

منهنجي ڳالهين ۾ شاهاڻو شان_

منهنجي لفظن ۾ فرعون جي خاندان جو تحڪم ۽ اندلس جي فاتح جو رعب!

منهنجا الفاظ ڄڻ رعد و برق. منهنجا الفاظ ڄڻ صور جو ڦوڪجڻ!

منهنجي لفظن ۾ معصوم ڪلين جي خوشبو، گلاين جو رنگ،

منهنجي لفظن ۾ بربط ۽ چنگ.

منهنجي لفظن ۾ چانڊوڪيون چنڊ جون، منهنجي لفظن ۾ مرڪي پيو آفتاب.

منهنجو هر لفظ ڄڻ هڪ ڪتاب_

منهنجي لفظن جو رنگين معطر شباب،

جنهن کي ڏسندي ئي گهايل ٿين ڪيترا.

منهنجي لفظن ۾ سرمستين جو شراب،

جنهن کي چکندي ئي دنيا کان غافل ٿين ڪيترا!

منهنجي لفظن ۾ هوشياريون، مستيون، زوريون، زاريون_

آءُ لفظن جو ساگر اجهاڳ،

آءُ لفظن جو ڀاڳ!

منهنجي لفظن ۾ هڪ قسم جي زندگي، روشني، تازگي، بيخودي، نغمگي، ساحري، دلڪشي، عاشقي، دلبري ۽ خوشي

آءُ لفظن جو هڪ پارکو جو هري_

منهنجا الفاظ سون_ جنهن کي ڏسندي ئي ٿئي خيره خيره نظر،

منهنجي لفظن جي جاد وگريءَ کان زمانو سڄو باخبر، منهنجي لفظن جو هر صاحبِ بابصر تي اثر!

منهنجي لفظن جون چالاڪيون پُرفريب،

منهنجي لفظن جون بيباڪيون پُرفريب_

منهنجي لفظن جو پرده نشينن م چرچو سدا، منهنجي گستاخ فقرن کي ٻڌندي ئي سڀ شوخ دلبر ٿا شرمائجن_

منهنجي لفظن جي ڪاريگريءَ کي مڃيو دوستن دشمنن_

منهنجا الفاظ ساغرفگن، منهنجي لفظن ۾ ڪنهن جي هٿن سان بنايل بدن جو خمار_

منهنجا الفاظ ريحان، سمن، سوسن وسنبل و نسترن_

_منهنجي لفظن ۾ ساري چمن جي بهار_

منهنجا الفاظ ڄڻ آبشار!

محفلن کي مچائڻ جو سهرو سدائين سندم سر رهيو، راحتن کي ورائڻ جو سهرو سدائين سندم سر رهيو.

منهنجي لفظن م ’ٽکڙ‘ جي ساده ۽ شاداب ورنگين ماحول جو حسن ورنگ، جنهن جي يادن ۾ آهن بهارون اسير_

جنهن جو هرفرد هو ڪاروانِ ادب جو امير!

منهنجي لفظن ۾ ”ڪرشن“ جي مرليءَ جي بيتاب نغمن جو سوز

... منهنجي لفظن ۾ ”راڌا“ جي جهانجهرجي مرڪ

۽ سدا مست اکڙين جو رس!

منهنجي لفظن مان آهي ”پليٽو“ جي نهضت جي عظمت عيان، منهنجي لفظن ۾ ”سقراط“ و ”بقراط“ جو فلسفو، منهنجي لفظن ۾ ”خيام“، ”حافظ“ ۽ ”ميرا“ جو رنگ!

­_منهنجي لفظن کي آهي ڀٽائيءَ سان عشق!

ايترين خوبين جي به هوندي، اي دوست،

تنهنجي اڳيان جڏهن ٿو اچان،

مهربان، عشق جا آسمان، حسن جا گلستان،

رازدان،

جانِ جان،

حاصلِ دوجهان!

ٿيو وڃان بيزبان، ڳالهه اڪلي نٿي:

دل ۾ گهُٽجيو وڃن ڪيترا داستان:

دل جو دل ۾ ئي رهجيو وڃي، هاءِ، لفطن جو سيلِ روان!

To be continue....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com