”پهريون سبب هيءُ هو ته استحصال ۽ استبداد، ڦرلٽ ۽
فساد ڪرڻ واري هر طبقي، پنهنجن مفادن جي حاصل ڪرڻ
۽ انهن کي وڌائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ انساني تاريخ جي
جدوجهد کي مروڙي سروڙي پيش ٿي ڪيو. ۽ ٻيو وڏو سبب
هيءُ هو ته ننڍي پيماني تي، پيداوار ٿيڻ سببان،
ماڻهن جي عقل ۽ شعور، تجربي ۽ مشاهدي، ڄاڻ ۽ سڃاڻ
۾ ايتري وسعت پيدا ٿي نه سگهي، جو هو پنهنجي
اجتماعي جدوجهد جي نتيجن کان واقف ٿي تاريخ کي
سمجهي سگهن. پر پوءِ جڏهن پيداواري ذريعن ۾ وسعت
پيدا ٿي ۽ ملڪن ۾ وڏي پيماني تي صنعت کي زور وٺايو
ويو، ۽ ڪارخانن جي سرمايه دار مالڪن جي يڪطرفي
ڦرلٽ ۽ نفعه اندوزيءَ کي سمجهڻ لاءِ مزدورن جو
جديد طبقو پيدا ٿيو، تڏهن ان وقت، تاريخ خود
پنهنجي مادي ۽ منطقي نقطهء نظر سان بدلجي ويئي_
انسان جو نقطهء نظر وسيع ٿيندو ويو ۽ هن سماجي
ترقيءَ متعلق هڪ جامع، صاف ۽ سٿرو تاريخي تصور
قائم ڪري، تاريخ ۽ سماجي علمن کي سائنس جي درجي تي
پهچايو. اڄ تاريخ کي سمجهڻ جو اهو ئي هڪ سائنسي
طريقو آهي.“
__ مائوزي تُنگ
·
نگوين ترونگ ٿان (يٽنامي ڪهاڻي)
سنڌيڪار: رسول بخش پليجو
”موٽڻ جنين ميهڻو“
(جيئن انساني بدن جو مرڪز دل ۽ دماغ آهي، تيئن سموريءَ ڌرتيءَ ۽
سموريءَ انسانذات جا به ڪي مرڪز هوندا آهن. اهي
وقت بوقت بدلبا رهندا آهن. سڄي دنيا مڃي ٿي ته اڄ
سموري ڌرتيءَ ۽ سموري انسانيت جي دل ويٽنام آهي.
ويٽنام اڄ روءِزمين جي انساني نيڪيءَ، ڏاهپ،
مڙسيءَ، قربانيءَ، سورهيائيءَ، سچائيءَ، سونهن ۽
پيار جو مرڪز آهي. ويٽنام انسانيت جي هزارن لکن
سالن جي واڌاري جي اوچي ۾ اوچي منزل آهي. ويٽنام
انسانذات جي سڀني اڳين، پوين ۽ هاڻوڪن اعليٰ گڻن
جو نچوڙ آهي.
جيڪڏهن اڄ سمورن اڳين، پوين ۽ هاڻوڪن نيڪن، ڏاهن،
شاعرن، فيلسوفن، سهڻن عاشقن ۽ سورمن کان پڇي سگهجي
ته ”توهان جنهن نيڪيءَ، ڏاهپ، شاعريءَ، فلسفي،
سونهن، عشق يا سورهيائيءَ جا گهورا آهيو، تنهن جو
ملڪ ڪهڙو؟، ته گهڻا يقناً ويٽنام ڏانهن اشارو ڪري
چوندا اهو!
ويٽنام سدا ملوڪ سونهن جو گهر آهي. ويٽنام پيار جو
وطن آهي. ويٽنام سهڻين، سسئين، ماروين ۽ موملن جو
ديس آهي. پر ويٽنامي سهڻيون ۽ سسئيون، مارويون ۽
موملون سڄيءَ دنيا جي اڳين، پوين هاڻوڪين سهڻين، ۽
سسئين، ماروين ۽ موملن کان اور آهن. ويٽنام جو
جهڙو حسن نرالوآهي تهڙو پيار.
هيءَ ڪهاڻي ويٽنامي سونهن، پيار ۽ سورهيائيءَ جي
ڪهاڻي آهي. _ر.ب.پ)
هي ڳوٺ دشمن جي پاسي واري فوجي ٿاڻي جي
توبن جي ماري اندر آهي، کين اها عادت پئجي ويئي
آهي ته روز ٻه دفعا گولي بازي ڪندا آهن: يا ته فجر
۽ سج لٿي مهل يا ٻنپهرن ۽ سومهڻيءَ مهل يا وري
آڌيءَ ۽ فجر جو ڪڪڙن جي ٻانگ مهل. گهڻا گولا اڪثر
چشمي جي پاسي واريءَ ٽڪريءَ تي ڪِرندا آهن، جا سڄي
خانوءَ نالي وڻ جي گهاٽي ٻيلي سان ڍڪي پيئي آهي.
اهي جيڪي هزارين وڻ آهن، تن مان گهڻن تي گولن جا
گهاوَ آهن. ڪي وڻ اڌ کان وڍجي ائين اچي ڪِريا آهن،
ڄڻ ڪنهن طوفان جو شڪار ٿيا آهن. سندن وَڍن مان جام
رس سنجري نڪرندو آهي. اهو خوشبودار رس پهريائين سج
جي تِرورن
۾ چمڪندو آهي. پوءِ ڪاراٽجي، سُسي، رت جي دٻن
وانگر ٿي پوندو آهي.
خانوءَ جي وڻ جهڙو جانٺو ۽ وڌڻو وڻ ٻيو ڪو ورلي
هوندو. اڃا هڪڙو وڻ ڪِرندو ته چار_ پنج نوان وڻ
ڦٽي پوندا ۽ سندن ساوا چهچ تير جهڙا نوڪدار مٿا،
آسمان ڏانهن ڀڙڪو کائي اٿندا. ان وڻ کي سج جي
روشنائيءَ جي ڏاڍي اُڃ آهي. ننڍڙا ٻوٽا تڪڙو تڪڙو
سج جي روشنائيءَ طرف وڌندا آهن. اها روشنائي ٻيلي
اندر ائين ڇڻندي آهي، ڄڻ ڪنهن ڇاڻيءَ مان ڇڻي آهي_
ٻوٽي جا هيڊا سُرها ذرڙا روشنائيءَ جي تِرورن ۾
سهڻا نقش چِٽي بيهندا آهن. جڏهن ڇاتيءَ جيترا ننڍا
وڻ توبن جي گولن سان واڍوڙجي ڪِرندا آهن، تڏهن
سندن گهاوَ ڇُٽي ڪونه سگهندا آهن. منجهانئن سنهڙو
۽ نبار رَس پيو ڳڙندو آهي. هو پنجن_ ڏهن ڏينهن ۾
مري ويندا آهن. پر جيڪي وڻ وڌي وڏا ٿي چڪا هوندا
آهن ۽ سندن ٿلهيون ٽاريون ۽ پن ڪري ويندا آهن، تن
کي گولا ماري نه سگهندا آهن. سندن ڦَٽ جلد ڇُٽي
ويندا آهن ۽ سندن جوان بدن چاق چڱو ڀلو ٿي ويندو
آهي، تنهنڪري گذريل ٻن _ٽن سالن کان وٺي خانوءَ جي
وڻن جو ٻيلو ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ سِپَرَ ۽ ڇپر ٿيو
بيٺو آهي.
ماڻهو انهيءَ ٽڪريءَ تي بيهي آسپاس نهاريندو ته
چئوطرف نظر جي آخري ڇيڙي تائين هڪٻئي پٺيان ٽڪريون
نظر اينديون، جي سڄيون خانوءَ جي ٻيلن سان ڍڪيون
پيون آهن.
ٿوُ جڏهن کان آزاديءَ جي فوج ۾ شامل ٿيو هو، تڏهن
کان وٺي ٽن سالن ۾ کيس پنهنجي ڳوٺ اچڻ جو پهريون
دفعو اهوئي وجهه مليو هو. چشمي وٽ کيس ننڍڙو هينگ
مليو جنهن چيس ته ”ادا! هل ته توکي ڳوٺ پهچايان“
جنهن ڏينهن ٿوُ ڀرتي ٿيو هو تنهن ڏينهن هينگ ٽنڊڻ
جيڏو ننڍو هو ۽ ٿوءَ کي چيلهه تائين به ڪونه ٿي
آيو. هو ٽوڪرو ڪلهي تي رکيو وڏن جي پٺيان ٻيلي
منجهه، جيڪي چوڪڙيون هيون اتي ويندو هو. هاڻي کيس
ڪلهي تي رائيفل هئي. هو پراڻو گس وٺي اٿي هليا.
واٽ تي گس ٻنيءَ مان لنگهيو ٿي ۽ پٿر جي چاڙهين
تان چڙهي ٻيلي مان مَٽيو ٿي. مينهوڳيءَ ڪري ٻيلي ۾
جهنگ جون ڄورون پيرن کي ڇهٽي ٿي ويون. جنهن گس تان
هو آيا هئا، اهو ٿوءَ جو ڄاتل سڃاتل گس هو. پر اڄ
سونهين بنان ان تان هلڻ وڏو جو کم جو ڪم هو. اهو
گس سڄو ڪوڙڪين ۽ کڏن سان ڀريو پيو هو. واٽ تي ڪٿي
مڙيل بانس جا وڻ هئا، جن کي جي ڇڏجي ها ته گس تان
لامارو ڏيئي واٽ ويندڙ دشمن جون ٽنگون ڀڃي رکن ها.
ڪٿي ڀالن جون ڪوڙڪيون هيون ته ڪٿي زبردست ڪمانيون
لِڪل هيون، جن مان اوچتو ٻٽا نيزا بيخبر دشمن تي
وڃي ڪڙڪن ها.
خومان ڳوٺ جي ٻين ماڻهن وانگر ننڍڙو هينگ ڳالهائڻ
۾ ڏاڍي ڪفايت ڪندو هو کيس هڪڙي ٽوپي پيئي هئي،
جيڪا ڪنهن آزاديءَ جي مجاهد ڏني هيس. هڪڙي اجائي
ڊگهي صدري پاتل هيس. هيٺ لنگ ٻڌو پيو هوس. ڪلهن تي
رائيفل پئي لڙڪيس. هو ڏسڻ ۾ سڄو پچو سپاهي پئي
لڳو. ڪنهن ڪنهن مهل، جڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ آيا ٿي،
جتي دشمن لاءِ تمام زبردست ڪوڙڪيون هيون، تڏهن هن
ٿوءَ کي اک ٿي ڀڳي. ڄڻ ته چيائين پئي ته ”ادا ڪيئن
ٿو ڀانئين!، سندس اکيون فخر وچان چمڪڻ ٿي لڳيون.
کيس ڏسي ٿوءَ ته جواب ۾ مرڪي ڪنڌ ٿي لوڏيو.
هو هڪڙي بانس جي نلڪي وٽ اچي بيٺا. اهو نلڪو
ٽڪريءَ جي هڪڙي ڏر مان نڪتل هو ۽ منجهانئس پاڻي
گرڙاٽ ڪري ٿي نڪتو. هينگ چيو ”هن پاڻيءَ ۾ پير ڀلي
ڌو. پر پيئجانءِ نه! نه ته ادي زيت تنقيد ڪندءِ!“
ٿوءَ ٽهڪ ڏنو ۽ پڇيائين ”ادي زيت ڳوٺ جي هيلٿ
آفيسر آهي ڇا؟“ هينگ چيو ”نه، هوءَ ڳوٺ جي پارٽي
ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽرياڻي آهي. ۽ ها، سڄي ڳوٺ جي
عوامي پوليس جي سياسي استاد به آهي. “ ٿوءَسوچيو
”هون! ته چئبو اها ڳالهه آهي!“ هن ٽوپي لاهي
صدريءَ جا بٽڻ کولي، جهُڪي منهن ۽ مٿي تي پاڻيءَ
جا ڇندا هنيا. پاڻي ڏاڍو ٿڌو هو. سندس بدن ۾ رت جو
دورو تيز ٿي ويو ۽ کيس ڳلن ۾ سيسراٽ اڀرڻ لڳا.
هن دل ۾ چيو ”اڇا ! تڏهن چئبو ته مائي زيت هاڻي
ڳوٺ جي پارٽي ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽرياڻي ٿي ويئي
آهي! هينئر ڏسڻ ۾ الائي ڪيئن لڳندي هوندي؟“ زيت
لاليءَ جي ننڍي ڀيڻ هئي. لاليءَ جي موت جي ٻئي
ڏينهن جڏهن ٿُو ڳوٺ ڇڏي آزاديءَ جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ
ٿي ويو، تڏهن ننڍڙي زيت سڄي رات پئي جاڳي ۽ ٽانڊي
جي ڀرسان ويٺي هٿ سيڪيائين. ڇو ته رات جو پارو پئي
پيو ۽ زيت جي بدن تي پورو ڪپڙو به ڪونه هو. فجر جو
هن اُٿي ٿوءَ لاءِ اکريءَ ۾ چانور ڇڙيا هئا. هن
ٽيهه ڪٽورا چانور ڇڙي ڳوٿريءَ ۾ وجهي ٿوءَ کي ڏنا
هئا. ڀيڻس جي موت تي ٻيا ته ٺهيو پر وڏڙو ميٽ به
روئي روئي بيحال ٿي ويو هو. پر ننڍڙي زيت ڳوڙهو به
ڪونه ڳاڙيو ۽ نڪي وات مان ڪو اکر ڪڇيو.
هينگ چيو ”ٿورو وک وڌاءِ، ٿڌو پاڻي تپ ڪري
وجهندءِ. رات پئجي ويندي“.
ٿوءَ پنهنجا وار ڪونه سڪايا، هن ٽوپي پائي ڇوڪري
جي پٺ ورتي. ٻيلي جي ڇيڙي وٽ هڪڙو وڏو وڻ رستي تي
ڪِريو پيو هو، هو ان کي اورانگهي اڳتي وڌيا. پاسي
۾ انقلابي گوريلن جي کوٽيل کاهي هئي. جنهن ڏينهن
ٿوُ ڳوٺ مان روانو ٿيو هو، تنهن ڏينهن اهو وڻ اڃا
بيٺل هو. ٿوُ بيهي رهيو. لاليءَ سان ٿوُ پهريون
دفعو انهيءَ وڻ وٽ گڏيو هو. خير هروڀرو پهريون
دفعو ته نه! هو ڳوٺائي هئا ۽ جڏهن کان سندن
مائرون کين پڇيرڻ ۾ پٺن تي کڻي هلنديون هيون، تڏهن
کان وٺي هڪٻئي کي سڃاڻندا هئا. پر ٿوُ جيل ٽوڙي
ڀڃي نڪرڻ کان پوءِ پهريون دفعو لاليءَ کي هت مليو
هو. هوءَ ڏاڍي وڏي ٿي ويئي هئي. ان ڏينهن ٿوءَ جا
هٿ سلامت هئا. جنهن مهل لاليءَ سندس هٿن کي جهليو
هو ۽ رُني هئي، تڏهن سندس ڳوڙها ٻالپڻ جي ساٿيءَ
جا ڳوڙها ڪونه هئا. اهي ڳوڙها حجاب واري ڇوڪريءَ
جا پيار ۽ قياس سان ٽمٽار ڳوڙها هئا. انهيءَ
ملاقات کي ياد ڪري ٿوءَ جي ڇاتيءَ ۾ ڏک جي سُوٽ
اُڀري، هن سور وچان پنهنجون اکيون ائين ڦاڙيون،
جيئن ڪيترا ورهيه اڳ جڏهن دشمن کيس عذاب ڏنا هئا،
تنهن مهل ڦاڙيون هئائين.
ننڍڙي هينگ کي ٿوءَ جي حياتيءَ جي انهيءَ واقعي جي
ڪابه خبر ڪانه هئي. هن اُن ڪريل وڻ تي چڙهي پوئتي
لئوڻو هڻي ٿوءَ کي سڏ ڪري چيو ”ادا تڪڙو اچ! ڳوٺ
کان هيترا ڏينهن پري رهيو آهين ته ننڍڙي چاڙهي به
چڙهي ڪونه سگهيو آهين!“ ورن وڪڙن واري گس تي هر
هنڌ اهڙيون کاهيون هيون، جن ۾ تکا نيزا لڪائي رکيل
هئا. جي ڪو اتفاق سان اُن کڏ ۾ڪري ها تنهن کي نيزا
آرپار لنگهي وڃن ها. ٿوءَ ماٺ ڪيو پئي هليو سندس
منهن جا وصف سخت ٿي ويا هئا. پري کان کيس مُرين ۽
اُکرين جو اواز ٻڌڻ ۾ آيو. هُن محسوس ڪيو ته ڳوٺ
کان جيڪي ٽي سال ٻاهر رهيو آهيان. سندس ڪَن ٻالپڻ
کان انهيءَ آواز تي هريل هئا. اهي آواز_ سندس
ماءُ، لاليءَ، زيت ۽ ڳوٺ جي ٻين محنتي زالن جي ان
ڇڙڻ جا آواز هئا، جي سندس ٻالپڻ جا ساٿي هئا. هُن
سانتيڪي رهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس دل زور زور سان
پئي ڌڙڪي. سندس پير هر هر وڻن جي ٿُڙن سان لڳيو،
ٿاٻڙجي ٿي پيا. هوهينگ کي وڃي پهتو ۽ سٽ ڏيئي
کانئس اڳتي نڪري ويو. ڇوڪري رڙ ڪري چيو ”چئوطرف
ڪوڙ ڪيون اٿيئي! اڳي واري ڳالهه ڪانهي! ترس!
منهنجي پٺيان ٿي!“
هو سج لٿي کان ٿورو اڳ ڳوٺ پهتا. هينگ رائيفل جو قنداق زمين تي
اُڀو رکيو ۽ واڪو ڪري چيائين ”هڪڙو مزمان آيو
آهي!“
هر ڪنهن دروازي مان چار_پنج سسيون نڪتيون جن جي
منهن تي مونجهه هئي. پوءِ اکيون ڦاٽي ويون ۽
خوشيءَ ڀريا واڪا ٻڌڻ م آيا.”الا! ٿُو اچي ويو!
ٿوُ، تون سچ پچ اچي وئين؟“ ڪي ڏاڪڻين کي ڇڏي بانس
جي پيهن تان ٽپو ڏيئي هيٺ لهي آيا. ڪراڙيون زالون
آهستي آهستي هٿوراڙيون ڏينديون نڪري آيون ۽ ٿوءَ
تي پيار ڀري ڪاوڙ ڇنڊڻ لڳيون. ”ننڍڙا بدمعاش!
شيطان کڻي ويو هيئه ڇا جو ايڏا ڏينهن وڃي لاتا
اٿئي؟ ڀانيان ٿي ته منهنجي مرڻ کان اڳ اچڻ تي دل
ئي نٿي ٿيئه!“ ٿوءَ دل ۾ سوچيو ”رب منهنجا پناهه!
ڏاڏي لينگ اڃا به جيئري آهي!“ درن جي ٻيڪڙن مان
اڃا به سسيون نڪتيون پيون هيون. ننڍڙيون ڇوڪريون،
جن کي لڄ وچان ٻاهر نڪري ٿوءَ کي کيڪارڻ جي همت
نٿي ٿي، سي پنهنجي منهن کِل کِل لڳايون بيٺيون
هيون. جلدئي کي
وڏو ميڙ ورائي ويو. هن سڀني کي سڃاتو. هن ٻُچي ڏاڙهيءَواري
پوڙهي ٽانگ کي سڃاتو، جنهن جي وات ۾ هڪ ڊگهو
پائيپ هو، جيڪو دشمن جي هڪڙي ماري ڪيرايل
هيليڪاپٽر مان هٿ چڙهيو هوس. هو ادا پِريو هو جيڪو
هاڻي عمر ۾ اچي چڙهيو هو، هوءَ ادي بلُوم هئي جنهن
جي مٿي ۾ اڇا پئجي ويا هئا، هوءَ امان تروئي هئي
جنهن جا سڀ ڏند ڪِري چڪا هئا. ٻارن جو ولر اچي
مڙيو، جن سڀني جا منهن ڪوئلن جي ڪاراٺ سان ڀريا
پيا هئا. هن دل ۾ سوچيو ”پوڙهو ميٽ الائي ڪيڏانهن
ويو؟“ ٿُو اڃا پڇا ڪرڻ وارو هو ته هڪڙي ڳري هٿ
سندس ڪلهي کي اچي ڇڪي جهليو. هن لئوڻو هڻي ڏٺو ته
پوڙهو ميٽ بيٺو هو. هو اڳي جهڙوئي جانٺو هو. سندس
لَسي ڪاري ڏاڙهي اهائي چيلهه تائين هئي، سندس
اکيون ساڳيون پئي چمڪيون ۽ سندس ڳل تي ساڳيو پراڻو
نشان هو. سندس اُگهاڙي ڇاتي اهڙي مضبوط ٿي ڏسڻ ۾
آئي، ڄڻ ڪنهن خانوءَ جي وڻ جو مصبوط ٿُڙ هئي. هن
ٿوءَ کي آهستي ٿيلهو ڏنو، کيس ننهن کان چوٽيءَ
تائين جاچي ڏٺائين، پوءِ اچي وڏن ٽهڪن ۾ ڇٽو. ”ها
ها! ٽامي گن! آزاديءَ جي فوج جو انقلابي مجاهد!
ٺيڪ!“ ٿُو سمجهي ويو ته پوڙهي جو مطلب ڇا آهي. هو
”ڏاڍو سٺو“ يا ”واهه واهه“ جا اکر ڪڏهن به ڪونه
چوندو هو. هو جڏهن گهڻي ۾ گهڻو خوش ٿيندو هو تڏهن
چوندو هو، ”ٺيڪ!“
پوڙهي ميٽ جو ڳالهايو ته سڀ ماٺ ٿي ويا، ڄڻ ته هن
سڀني کي حڪم پئي ڏنو. سٺ سالن جو هو ته به زبردست
گونجندڙ آواز هوس.
پوڙهي ميٽ پڇيو ”موڪل گهڻي اٿئي؟ “ ”بس هڪڙي رات!“
”ٺيڪ! ڪمانڊر هڪڙي رات جي موڪل ڏيئي ته هڪڙي رات
رهه. جي ٻن جي ڏيئي ته ٻه راتيون رهه، حڪم حڪم
آهي. سانجهيءَ مون وٽ رهه!“ ڪنهن به حجت ڪانه ڪئي.
هو وري چوڻ لڳو، ”هاڻ سڀ گهر وڃو! سج لهي ويو آهي.
رات جي توڻ جو وقت ٿي ويو آهي. اوهين ٻار سڀ وڃي
مُنهن ڌوئي ڪاراٺ لاهيو، هينئر جهڙا ناٽڪي پيا
لڳو! جيڪي مُنهن نه ڌوئن تن کي سندن سنگتي ٺيڪ ڪن.
ٿؤ! تون وڃي پير ڌوئي اچ. خبر اٿئي ته چشمو ڪٿي
آهي؟ خبر اٿئي ته چڱو.ٺيڪ! نه هجيئي ها ته آءٌ
جهنگ ڏانهن ڊوڙائي ڪڍئين ها.“ پر کانئس رهيو نه
ٿيو ۽ ٿوءَ کان سندس ٿيلهو ۽ رائيفل وٺي کيس ساڻ
ڪري هو ڳوٺ جي مُهڙ وٽ جيڪو چشمو هو اتي ويو. ٻارن
جا وَلر سندن پويان پيا. ڪن ڇوڪرين بانس جي نلڪي
مان بانس جون ٺهيل سانداريون پئي ڀريون. ٿوءَ سندن
مهانڊا ته سڃاتا پر نالا ياد ڪونه هئس. هُنن
پاسيرو ٿي ٿوءَ کي جاءِ ڏني . هن وري به پنهنجو
مُنهن ڌوتو ۽ پوءِ پنهنجي قميص لاهي پنهنجي مٿي،
پُٺ ۽ ڇاتيءَ تي ٿڌو پاڻي وڌو. ائين ڪندي کيس
اڳوڻن ڏينهن جون يادگيريون آيون، جڏهن هو ساڳيءَ
جاءِ تي هڪڙي تراکڙي پٿر تي بيهي وهنجندو هو. پٿر
جي هڪڙي ڪُنڊ گٺل هوندي هئي. پوڙهو ميٽ ان تي
پنهنجو چاقو سِريندو هو.
پوڙهي ميٽ ماٺ ڪري ٿوءَ جا پٺا پئي ڏٺا. سڄا ڳاڙهن
نشانن سان ڀريل هئا. پوڙهي جي اکين مان لُڙڪن جي
لار وهي اٿي هلي. هن ان کي تڪڙ ۾ اُگهي ڇڏيو. ٿوءَ
ڪجهه ڪونه ڏٺو، پر ٻار ڏسي وائڙا ٿي ويا. گهرن جي
ڇتين تان دونهين جا ڪارا گلابي ڌاڳا اڀرڻ لڳا.
مانيءَ ۾ بنان لوڻ جي ڀاڄيءَ جو ٻوڙ ۽ مڇي هئي.
مڇي خاص مهمان لاءِ رڌي هئي. ٿُو پنهنجي مانيءَ جي
پيتڙي کولي ۽ پوڙهي ميٽ کي لوڻ جو هڪڙو چمچو
ڏنائين، پوڙهي چيو، ”زيت جڏهن ضلعي جي انقلابي
مجاهدن جي ڪانفرنس تان موٽي، تڏهن مون کي لوڻ جي
اڌ ڇل آڻي ڏني هئائين. اها مون وٽ اڃا رکي آهي.
اهو لوڻ کيس ڪانفرنس ۾ انعام طور مليو هو. هن ٻيو
سڀ لوڻ سڀني ۾ ورهائي ڇڏيو. باقي مون واري اڌ ڇل
بيمارن لاءِ رکي ڇڏي اٿئون.“ (ويٽنام جي ڪيترن
جابلو علائقن ۾ دشمن جي گهيري سبب لوڻ اڻلڀ آهي.)
ٿُوءَ جيڪو لوڻ ڏنو سو پوڙهي ميٽ ٻوڙ ۾ ڪونه وڌو.
هن اهو ويٺلن ۾ ورهايو. سڀ ڪنهن کي ٻه ٽي ٻه ٽي
ڪڻا مليا. سڀ ڪنهن ڪڻو ڪڻو ڪري لوڻ وات ۾ وڌو.
جڏهن اهو ڳري ويو، تڏهن آهستي آهستي ان مان چسڪا
وٺڻ لڳا. ڀَت ۾ پامچو وڻ جون ڦَريون رڌل هيون.
پوڙهي ميٽ پنهنجي ڀت جو پيالو مٿي ڪري چيو، ”اسان
وٽ اَن جي کوٽ ڪانهي اسان وٽ ٻئي فصل تائين ڪافي
آنّ آهي. پر هر گهر کي ٽن سالن جي گهرج جيترو انّ
بچائي رکڻو آهي. تون ته انقلابي فوج سان آهين.
تنهنجي ڪمانڊر ته توکي ٻڌايو هوندو ته پاڻ کي
امريڪين سان ڊگهي لڙائي لڙڻي پوندي.“
تنهن کان پوءِ هن ڄڻ ته مٿاڇري نموني ۾ پڇيو.
”تنهنجون آڱريون اهڙيون ئي بُلن کان سواءِ آهن نه؟
سندن بُل وري نٿا موري سگهن، هان؟“ هن ڪاوڙ مان
پيالو کڻي هيٺ رکيو ۽ چيائين، ”پر اها ته سڄي ڳوٺ
جي ماڻهن کي خبر آهي ته آڱر جون رڳو ٻه پتيون
سلامت هونديون ته به رائفل جو گهوڙو هلائي سگهجي
ٿو. وڏي چشمي جي ڀرسان خانوءَ جي وڻن جي ٻيلن مان
لنگهيو هئين نه؟ اهي وڃن زور وٺندا. پنهنجي خانوءَ
جي وڻ کان زور واري ڪا شئي ڪانهي. هڪڙو ڪِري ٿو ته
ٻيا ڏهه موريو پون. انهن حرامزادن کي موڪل آهي ته
ڀلي سڄو ٻيلو ته ناس ڪري ڏيکارين! پٽ ڍئو ڪري
کاءُ! پاڻ استرا قوم جا ماڻهو عاليشان چانور
اُپائيندا آهيون. انهن جهڙو چانور سڄي ويٽنام ۾
ٻيو ڪونه ڏسندين.“
ماني کائي لاٿائون ته ڳوٺ جي گڏيل اوطاق کان سنک
جا ٽي ٺڪاءُ ٿيا. ڳوٺ جا ماڻهو پوڙهي ميٽ جي گهر ۾
گڏ ٿيڻ لڳا. ڇوڪرين گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾ پنهنجون
اماڙيون وسائي ڇڏيون. پر ڪي پوڙهيون ٻريل اُماڙين
سان ئي گهر ۾ گهڙي آيون ته ٿوءَکي چڱيءَ طرح ڏسون.
پوءِ اُماڙيون کڻي چُلهه ۾ وڌائون ۽ سندن ڄِڀيون
ڀڙڪي اٿيون. پوڙها اڃا پريان ئي هئا ته رڙ ڪري
پڇيائون ”ٿُو آهي ڇا؟ ميٽ ! مائي کارائي اٿئيس؟“
هڪڙيءَ پوڙهيءَ چيو، ”مرد ماڻهو پاسي ٿي زيت کي
جاءِ ڏيو! ڌيئڙي هت اچي ويهه!“
ٿوءَ مٿي نهاريو، زيت سندس اڳيان ويٺي هئي. سندس
ٽنگون هڪڙي پاسي وريل هيون ۽ کڙيءَ تائين چولي ۾
ڍڪيل هيون. نوجوان ٿوءَ کي ڄڻ ڏڪڻي وٺي ويئي سندس
اڳيان جهڙي لالي هئي. زيت اهڙي ته هوبهو پنهنجي
ڀيڻ تي ويئي هئي، جو ٿُوءَ کي پنهنجي اکين تي
ويساهه ئي نٿي آيو. سندس نڪ جو پوڇڙ، جو اڳي ٻالپڻ
۾ ٿورو گول هو سو سڌو ۽ سنهو ٿي ويو هوس. سندس
ڪارن ڀرن هيٺان اکيون موڪريون، کليل، صاف ۽
سانتيڪيون هيون. چار_ پنج ٻار زيت جي ڀرسان جاءِ
وٺڻ لاءِ پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هئا، تيستائين زيت ٿُوءَ
کي پئي جاچيو. تنهن کان پوءِ هن ڪجهه رُکي آواز ۾
ٿُوءَ کان پڇيو، ”تو وٽ ڪاغذ آهي؟“ ٿُوءَ ڳالهه نه
سمجهي ۽ چيائين ”ڪهڙو ڪاغذ؟“
”تنهنجي موڪل جو ڪاغذ. تون باقاعدي ڪاغذ کان سواءِ
ڳوٺ گهمڻ نٿو اچي سگهين، نه ته ڳوٺ جي ڪاميٽي توکي
گرفتار ڪندي!“ ٿُو اچي کل ۾ ڇٽڪيو. پهريائين ته دل
۾ چيائين ته چوانس ته ”مون وٽ ڪاغذ ٻاغذ ڪونهي.
ڳوٺ جي سڪ لڳيم سو پنهنجو دستو ڇڏي پنهنجو اباڻو
ڳوٺ گهمڻ آيو آهيان!“ پر زيت جي ڪَرڙي نظر ۽
چئوطرف
انتظار
ڀري ماٺ کي ڏسي، هن پنهنجو خيال بدلايو ۽ کيسي مان
ڪاغذ ڪڍي زيت کي ڏنو. ”حاضر،
ڪامريڊ سياسي استاد!اجھو منهنجو ڪاغذ ڇوڪريءَ ٿوءَ
کان ڪاغذ وٺي ٽانڊي جي
سوجهري اڳيان ڪيو. درجن کن ماڻهو مٿان جهڪيا. ٻار
ڪاغذ ۾ لکيل اکرن جي هِجي ڪرڻ لڳا. زيت پڙهڻ ۾ ڳچ
وقت لڳايو. ٻه_ٽي دفعا وري وري پڙهيائين . پوڙهي
ميٽ پڇيو ”ٺيڪ؟ باقاعدي موڪل اٿس نه؟“ زيت ڪاغذ
موٽائي ٿُوءَ کي ڏنو. تنهن کان پوءِ مس مرڪي
چيائين، ”سڀ ٺيڪ، تنهنجي ڪمانڊر جي صحيح آهي. تون
فقط هڪڙي رات ترسندين.“ تنهن کان پوءِ چيائين
”بلڪل ٺيڪ آهي. ڳوٺ جا ماڻهو رڳو اهو ڏسي وٺن ته
هاڻ ڪيئن ٿو لڳين. اسين تنهنجي باري ۾ الاهي
ساريون ڳالهيون پيا ڪندا آهيون.“ |