·
”نثار“ بزمي
عشق ۽ عقل
عشق اُڏري وڃي ٿو عرشن تي،
عقل ٿاٻا ٿو کائي فرشن تي.
عشق معراج آهي مردن جو، عقل آ داستان دردن جو.
عشق آهه جام آب زم زم جو، عقل ڄڻ آ ڪفن ٿيو ريشم
جو.
عشق انسان جو سهارو آهه، عقل اڄ تائين
ڪاڻيارو آهه.
عشق سرهاڻ آ گلابن جي، عقل آ ملڪيت ڪتابن
جي.
عشق آهي خمار نيڻن جو، عقل آهي خزانو ويڻن
جو.
عشق سقراط جو پيالو آهه، عقل اخلاق جو
اِزالو آهه.
عشق هڪ جام ارغواني آهه، موت، بس!عهد
ناگهاني آهه.
عشق آهي ”لطيف“ جي وائي، عقل ”چنگيز“ جي آ
ارڏائي.
عشق الله جي پچر آهي، عقل اخبار جي خبر
آهي.
عشق اکين ڏٺي گواهي آهه، عقل اڌ رات جي
سياهي آهه.
عشق پرواز آ پرندن جو، عقل آزار آ درندن
جو.
عشق گلڙن جي ٽوڪري آهي، زهر جي عقل ڳوٿري
آهي.
عشق تصوير ماهتاب آهي،
عقل ڪنهن آڌَ چَرئي جو خواب آهي.
عشق آهي وقار دنيا جو، عقل آهي غبار
عقبيٰ جو.
عشق مادر جي آ مٺي لولي، عقل خالي فقير جي
جهولي.
عشق
’بزمي‘
رهي ٿو باغن ۾، عقل ڍڪجي ويو آهه داغن ۾.
·
”بشير“ سيتائي
وڇوڙو
جڪڙجي ويس وقت جي پيچ وخم ۾.
جدا ٿي وياسون، پيس فڪر و غم ۾.
مگر مٺڙا گفتا اڃا ياد آهن، اهي ناز نڪتا اڃا ياد آهن.
اهي ماڻا ٽاڻا، اهي ناز تنهنجا، اهي ريتون رمزون اهي راز تنهنجا.
سي قول ۽ قسم، عهد و پيمان تنهنجا،
محبت سان ٽمٽار ميخان تنهنجا.
اهي ڳل ڳراٽيون، اهي رس رهاڻيون،
ڪيل هيڪلائي ۾ اڻ کٽ ڪهاڻيون.
ڀُلائي نه ڀُلجن، وسارئي نه وسرن،
اچي دامنِ دل ۾ ڪنڊن جان الجهن.
گهڻو دل کي سمجهايان، سمجهي نه هر گز،
ڪيئين پيار پاڻان، سا پلجي نه هرگز.
اهي جيڪي گڏجي گذارياسين عرصا،
سي دل جا به سرمايا، اکڙين جا ورثا.
چڙهن ٿيون اٿل کائي يادن جون ويرون،
اچن ياد سي نم جي وڻ هيٺ هيرون.
وڻن جون ئي وڻندڙ سي ٿڌڙيون هوائون.
ڪيونسين ڪچهريون، ويهي گڏ تون آئون.
سي ساوڪ ۽ سبزيءَ سان ڀرپور ٻارا،
جتي گل سرنهن جا
ٿي
جهوميا پيارا.
سي مهلون موچاريون، ٿو ڀايان ڀلاريون،
مٽر ۽ مريڙي پليءَ ساڳ واريون.
اهي ٻيلي ڀر جا ٻجهن ٻيٽ پنهنجا،
رهيون رانديون رونديون خوشيون کيٽ پنهنجا.
سي آزاد گوشي ۾ خوشين جون ڇوليون،
۽ڳيرن ڪبوتر ۽ ڪانگن جون ٻوليون.
سي بلبل جا نغما ۽ ڪونجن جا ڪرڪا،
سي پوپٽ جا پلٽا ۽ ڀونرن جا ڀڻڪا.
ڪٿان بين جو آيو آلاپ مٺڙو،
ڪٿان نڪتو ٿي ڪنهن کان ورلاپ مٺڙو.
چَڙن ٿي ڪئي چت چري خوب هيڪر، وڄايو ٿي
ڪنهن مال سان چنگ ميهر.
وڏي موه سان موهيندڙ سي نظارا، لڳا ٿي
تنهنجي پيار ۾ خوب پيارا.
خوشين ۾ ٿي کلندا ۽ هلندا وتياسين، ڏئي هٿ
هٿن ۾ ۽ گهمندا وتياسين.
اهو
سون ورنو بدن تنهنجو بخمل، لبن تي به لالاڻ، اکڙين ۾ ڪاجل.
سُنهري ڳلن جو به جرڪڻ هو ڇا من! منور سو
منهن چنڊ کان وڌ ئي روشن.
ڪپهه ڪونئرا، مينديءَ رتا هٿ گلابي، ڏسڻ
سان ٿي ڇانئي خماري شرابي.
تنهنجي وارڙن جي ته خوشبو به ڇا
هئي، معطر هو ميدان، معطر فضا هئي.
ڀريل ذره ذرّه ۾ الفت هئي ڄڻ، تنهنجي دم قدم ساڻ جنت هئي ڄڻ.
قدم جت ٿي پنهنجا رسيا قرب وارا اُتي
رقص ڪُن ها نظارا پَسار
اهي ڏينهن پنهنجا نشي نينهن وارا،
اهي راتيون البيليون چنڊتارا،
سي سانوڻ جون مستيون، بهارن جا عرصا،
خرابيون خزان جون ۽ سيارن جا سَٽڪا.
نه فڪر و الم، رنج وغم، بيقراري،
نه هئاسين رهينِ غمِ روزگاري.
بجا دوست! ليڪن ائين سڀ ٿو ڀايان،
ته سپني سهاني مان جاڳايو ويو هان.
اهي وقت هاڻي سڄڻ ڪين آهن، اهي بخت هاڻي
سڄڻ ڪين آهن.
نه منهنجي هٿن ۾ سو دست حنائي، نه ڪي جسمِ مرمر نه ڪا دلربائي.
نه زلفِ معطر نه چشم غزالان، نه رخسار
روشن نه ڪي رُوي تابان.
اهي تنهنجا ماڻا نه ٽاڻا نه غمزا، نه
ريتون نه رمزون نه نڪتا نه گفتا.
نه گڏ تون ئي آهين نه ساڳي فضا آ، عجب سو
نه منظر اهو دلڪشا آ.
نه همرازو همدم، اڪيلو اڪيلو،
مون لئه وهه ڪٽورو آ هڪ ويلو ويلو.
نه ڪا آس اڻکٽ، نڪا ياس پورو، حياتيءَ جو
آ زهر پيڻو سمورو.
غمِ دل غمِ دوران ۽ فڪرِ روزي، غمِ يارو
اغيار ۽ ڪم نصيبي.
اداس ۽ شڪسته پريشان آهيان،
وڇوڙي جي غم کان ٿيو نالان آهيان.
آزاد نظم
·
غلام محمد ”گرامي“
تمنا
هي گلفشان هوائون،
هي دلربا فضائون،
هي سرو جي وڻن جون ڪي پرفضا قطارون،
هي جُوي آب رنگين،
هي لاله زار گلشن،
هي آفتاب رنگين،
رنگن جو ڪهڪشائون،
مخمل، حريرو ديبا، جن جو بدن سنوارن،
گوهر فشان ستارا،
مستيءَ ۾ رقص ڪن ٿا مدهوش ماهپارا،
هي رم گزيده آهو،
هي دشت آرزو جا بي اعتبار دلجُو،
هي فڪر و فن جا پيڪر،
هي ذهن و روح و دل جا حيرت پناه زيور_
هي نازڪ ڪفرو دين لئي،
هي منتشر شبيهون، ڪنهن حسن دل نشين جون،
هن دؤر نارسيءَ ۾،
آ دل جي هيءَ تمنا،
هڪ ڀيرو زندگيءَ ۾،
هڪ بت نئون بنايان،
هن حسن منتشر کي،
وجدان ۾ سمايان.
·
”تاج “ جويو
چنڊ
اڙي چنڊ!
ڏاڍو وڻين ٿو،
اڳي پڻ تون وڻندو هئين_
پر_
جڏهن کان خلاباز انسان توتي قدم پنهنجا ڌريا،
تڏهن کان ته ڏاو وڻين ٿو__
اڳي کان به سُهڻو لڳين ٿو_
صدين کان وٺي چنڊ توسان اسان جو رهيو آهه ناتو.
زماني جي شاعر سندءِ گيت ڳائي
توکي پنهنجي محبوب جي منهن سان تشبيہ ڏئي،
سونهن تُنهنجي وڌائي ڇڏي_
پيار جوڳي بڻائي ڇڏي!
اڙي چنڊ! ٿورو لهي آءٌ توسان ڪريان چار ڳالهيون_
هلي آءٌ توکي ٻڌايان ته سچ پچ تون مون کي وڻين ٿو.
۽ سهڻو لڳين ٿو_
مگر _
جنهن گهڙيءَ مان ٿو ڌرتيءَ تي نظرون ڌريان توکان
مون کي ٿي نفرت ٿئي!
ڇو ته ڌرتي جي سيني تي انسان بکيا،
اگهاڙا ڏسي،
روح منهنجو ٿو رڙيون ڪري.
ڏيل منهنجو ڏريو ٿو پوي
هانءُ منهنجو منجهڻ ٿو لڳي_
رحم جوڳي هي انسان جي حالت ڏسي،
رحم مون کي ٿو ڏاڍو اچي_
اُن گهڙيءَ جِي ٿو توڏي نهاريان کڻي عداوت ۽ نفرت
جا جذبات دل ۾ ٿا اُڀرن ۽ سوچڻ لڳان ٿو:
ته انسانُ عظمت جي بلندين تي پهچي چُڪو آ،
”اپالو“ تي لکها رُپيا ٿو لُٽائي،
پُڳو چند! توکي خزانا کُٽائي،
مگر ٻئي طرف ڏس!
ته ڌرتيءَ جي سيني تي سهسين اگهاڙا بکئي پيٽ
ماڻهوءَ جا ٻچڙا جنين کي نه اولو نه لولو نه گندي
نه ڪپڙو_
سڄو ڏينهن پورهئي ۾ ڳهندا رهن ٿا_
ٿي هاري اسان لاءِ آن ٿا اُپائن،
ٿي مزدور مِل ۾ ٿا ڪپڙو بنائن،
ضرورت جي هر چيز موجود ڪن ٿا!
هي بنگلا، هي ماڙيون، هي محلات، رستا،
هي ريلون، هي موٽر، پُليون، ڪارخانا،
پسيني ۽ رت کي ولوڙي ٿا ٺاهن_
ٻين پاڻ جهڙن ئي ماڻهن جي خاطر سندس سکُ آرام
خاطر_
مگر پاڻ بکيا اگهاڙا رهن ٿا
سدا ڏک جي ٿا حياتي گذارن_
ڪڏهن زندگيءَ ۾ هنن سُک جو لفظ ناهي ٻڌو!
اڙي چنڊّ سهڻا!
جڏهن توڏي پرواز انسان ڪري ٿو
خبر ٿئي، ڪروڙين رُپيا ٿو لُٽائي!
اگر چنڊ ّ توڏي اُڏامي نه انسانُ جيڪر اها ساڳي ملڪيت
غريبن، بکين، مفلسن تي ئي خرچي وڃي_
ڪئين لک ماڻهوسُکي ٿي پون_
بک، بيروزگاي ختم ٿي وڃن_
۽ ڌرتيءَ جي سيني تي انسان سک جي حياتي گذاري سگهن.
چنڊ! ڏاڍو وڻين ٿو،
خُدا جو قسمِ خوب سهڻو لڳين ٿو.
مگر توسان نفرت اٿم!
·
ملڪ نديم
سوني جي دايوارن ۾
چنڊ ڪٺائون آڪاسن تي،
رت ڪِري پئي واريءَ تي،
واريءَ تي ڪي گل ڦٽا،
آءٌ انهن جي جهول ڀريان ٿو
ڌرتي ڌرتي دانهن ڪري ٿي_
شينهن تي ڪوئي سوار ڏسان ٿو گاج نه آ گجگوڙ
نه آ
شينهن لڳي ٿو گدڙ مون کي، ياد اچن ٿا پکي پراڻا_
انب جي وڻ مان ٽوهه ڦٽن ٿا،
ٻير ڏين ٿا ٻٻر اڄ جا،
واريءَ تي محلات ٺهي ويا،
وڻ ٽڻ بدليا،
ڌرتي بدلي
منهنجي اڄ آ سوچ به بدلي.
پٽيوالو خواب لهي ٿو،
چيلهه جو ڳاڙهو پٽو ڇوڙي،
ڪفن ٺاهي ٿو ڪاموري جو،
”ببل رنگ“ ٿيو آ،
خواب ٽٽي پيا-- خواب ٽٽي پيا،
پل پل تي نه ڀروسو ڪو_!
سوني جي ديوارن ۾،
ٻار روئي ٿو بسڪٽ لئه،
بستيءَ ۾ بهارون آهن،
گلن مان خون وهي ٿو_
آءٌ اهڙو شهر ڏسان ٿو
جتي آءٌ اڪيلو ڄڻ،
مون کي سڀ ورائي ويا،
ڇو جو ڳاڙهو ويس آ مون کي،
ڳاڙهن ڳاڙهن ڪپڙن سان،
ڳاڙها ڳاڙها جوان اچن ٿا،
منهنجي دل وڌي وئي آهي،
مرڪان ٿو مان ٽهڪان ٿو مان،
ماڻهو سڀ ڇڏي ڀڄي ويا،
آءٌ ملي ويس جوانن سان_
غزل
·
آغا عبدالنبي خان ”عليگ“
نه سمجهو راز ٿي پنهنجي ته هِن افتاده منزل جو،
جو طوفانن جي ڇولين ۾ مزو ماڻي ٿو ساحل جو.
ڇڏي ڏي بادِ سحري، ڪين ڪر مون کي پريشان اڄ،
ٻڌايان حال ڇا توکي، مان هن آفت زده دل جو.
کِلڻ منهنجي ته آهُن تي، نه آ توکي رَوا سهڻا!
چراغِ راه آ گريه،
محبّت جي ته سائل جو.
رخِ روشن جي تاباني، لڪائڻ سان ڪا لڪندي آهه،
رهيو، چئو سود ڪهڙو هو، ڀَلا ليليٰ جي محمل جو.
هزارين سال اوندهه ۾، رکيو قسمت مگر آخر،
چراغِ راه بنيو هان، توڪّل جي مان منزل جو.
اُٿي اميد آ منهنجي، بچائي ياسَ کان وٺ تون،
سهارو اڄ خدارا ٿي، اسان جي ڪشتيءَ دل جو.
بڻيو آ ڪوه ڪن مجرم، وڏو دنياي الفت ۾،
فنائِي حَل هُنَ ڄاتو، رهِ مشڪل جي مرحل جو.
محافظ هڪ چمن جو هو، ٻيو عاشق گُلَن جو هو،
نه مجرم باغبان ئي هو، نه ڪو هو ڏوهه بلبل جو.
جليو جنهن جي اڳيان هوندو، نشيمن ڪنهن جي الفت جو،
سو اندازو لڳائيندو، دلِ
’آغا‘
جي مشڪل جو.
·
شمشير الحيدري
تو وٽان سور کڻي آياسين،
پورئي پور کڻي آياسين.
ٻيو ته ڪجهه ڪين ٿيوسين حاصل،
تنهنجا مذڪور کڻي آياسين.
هُنَ جي اکڙين سان لڙائي ٿي پئي، گهائجِي، گهور کڻي آياسين.
هونءَ ته ها جامَ چَپن تي ميوا، چند انگور کڻي
آياسين.
دل ۾ ويهاري، ڀريل ميلي مان، پاڻ هڪ حور کڻي
آياسين
شهر سيوهڻ جي مِٽيءَ مان ”شمشير“،دل جا دستور کڻي آياسين.
·
”تاج “ بلوچ
تاج! توکي سدائين ياد ڪري،
تنهنجي رسوائي کان ٿو ڏيل ڏري.
طعن زن آههِ خانه ويراني، آءٌ هيڪر، پرين ڪي پير
ڀري.
تنهنجو هي درد ڀي عنايت آهه، ڪير اهڙو ڀلا ٿو قرب
ڪري؟
توکي ڪنهن سان به ناهه ڪا نسب، ڀل ته ڪوئي هزار بار مَري.
تنهنجي فرقت ۾ ايئن جياپو آهه، تيز طوفان ۾ جيئن چراغ ٻري.
وقتِ غربت عجيب دور آهي، ٿي وڃن ٿا سڀئي نديم پري.
·
سروپچندر
”شاد“
تُنهنجي گُلڙن جهڙي ڪايا، من مکڻ جو ڄڻ آ چاڻو،
تُنهنجي لوڏ تان گهور وڃان مان، لک لهي ٿو تُنهنجو ماڻو
تُون آهين ڪا اُڀ جي جوتِي، مان مِٽيءَجو ذرّو
آهيان،
تُنهنجو رُوپ آ سج جو ڪرڻو، منهنجو نينهن آ گُل
نماڻو.
جيوَن پل جو پُور آ ليڪن، پل پل کي آ پريت نِرالي،
پل پل کي آ پنهنجي مومل، پل پل کي آ پنهنجو راڻو،
آڌيءَ ويلي، چانڊوڪيءَ ۾، سانتيڪي سنگيت جي لئي
تي،
تارن- کٽ تي ڪير سُتو آ، چوڏهين- چنڊ جو رکي
وهاڻو؟
ڏُور ڏَهر مان هلڪو هلڪو چنگ جو ايئن آواز اچي ٿو،
جسم جي پڃري کي ٽوڙي ڪو رُوح رُلي ٿو ڄڻ ويڳاڻو.
موتي پاڻ ۾پوتل آهن، هار بڻي ٿا لُڏن هنئين تي،
ڇڄي پوڻ سان ملي وڃن ٿا مٽيءَ ۾ ٿي داڻو داڻو.
اُهو اياڻو آهي جيڪو،پوٿِي پڙهي آ بڻيو پنڊت،
دل جي درد کي جنهن آڄاتو، سوئي آهي سالم سياڻو.
ڪرم ڌرم آ، اُٿ اي غافل، ڪم ڪرڻ جي ويل اِها ٿِي،
هٿڙا هڻندين، رئندين، رڙندين، وري نه هٿ ايندو هي
ٽاڻو،
رُوحن سان جي ناتا جوڙي، ڪنڌ هٿن تي کڻي هَلن ٿا،
تن لئه گولِي گُل مثل آ، گهُور سڄڻ جي آهي گهاڻو.
من مندر آ، مَن پُوڄاري، من ئِي خُود ڀڳوان
’سروپ‘ آ،
من اُجيارو آهي جيڪو چئني پاسي آهي چِٽاڻو.
·
شيخ عبدالرزاق ”راز“
جو خدا خدا ڪري واٽ تي، اهڙي جان نثار کي
ڇا ڪجي؟
تنهنجي رهگذ ر تي ڪي راحتون، تنهنجي
رهگزار کي ڇا ڪجي؟
جو فراق يار ۾ ڏئي ڇڏي، جو ڪري طلب ۾ نه دلبري،
جو رلائي واٽ تي دربدر، اهڙي حسنِ يار کي ڇا ڪجي؟
نه ڪا ميڪشي ۾ آ دلڪشي، نه ستمگري ۾ ڪا رهبري،
جا نه دل کي ڏئي ڪوئي آسرو، دلِ داغدار کي ڇا ڪجي؟
اهڙي نقش دل کي به ڇا ڪجي، جيڪو درد جو نه ٿئي
آشنا،
جو ڏکائي دل کي ٿو هر گهڙي، اهڙي يادگار کي ڇا
ڪجي؟
جيڪو راحتن ۾ ٿئي همنيشن، جيڪو ميڪدن ۾ به دلنشين،
جو ڇڏي وڃي ٿو پوءِ سڃ ۾، اهڙي غمگسار کي ڇا ڪجي؟
نڪي دل کي ڪوئي سڪون مليو، نه جمال يار جي خُو ملي،
نڪو پنهنجو آهي ڪو ماحصل، اهڙي انتظار کي ڇا ڪجي؟
·
ولي محمد ”وفا“ پلي
جي اچين تون، سحر ٿئي شايد،
شامِ غم مختصر ٿئي شايد.
تنهنجي اکڙين مان جو ڪِري، سائين، سوئي قطرو، گُهرَ ٿئي شايد.
مون کي حاصل، فنا کان پو، يارو، درد و غم کان مَفر ٿئي شايد.
ميڪدي جو جي دَر مِلي کُليل، اختتامِ سفر ٿئي
شايد.
منهنجي دشتِ خيالَ ۾ چمڪي، حسن تنهنجو قمر ٿئي
شايد.
·
”وفا“ ناٿنشاهي
هراڱڻ تان انڌيرا ٽَري ويا،
ٽِيڪِي ٽِيڪِي تي ڏيئا ٻَري ويا.
غازي غازيءَ کي انصاف آهي، ڪُل شهيدن جا لاشا ڳَري
ويا.
منهنجا ڳوڙها ته سر کان تَتَل ها، تُنهنجا رخسار
ڇا لئه ٺَري ويا.
ڏِسُ ”وفا“ ساهه ڪيڏو مِٺو آ، ٿَرَ جا ماڻهو به
دريا تَري ويا.
·
غلام حسين رنگريز
اِجهو باک جي لاک لائي لِڱن کي،
نئون سِجّ روشن ڪندو اڄ ڇَنن کي.
آڙي وقت! تو وَڍّ آهن وِڌا سَوَ، تون بدلائي ڇَڏ پنهنجي هاڻي چلن کي.
ڏئي رَت جو ريج جنهن کي نپايم،
ڇني ڪير مون کان سگهي تنهن چمن کي.
گهڻا ڏينهن سادا رهياسين اسان ڀي،
نه هاڻي ڇني ڪو سگهي ٿو ڇنن کي
سدا سنڌ واسي سَتابا هُجن شل، ڏسن ڏُور کان ڪين ڪڏهين ڏکن کي.
نه
’رنگريز‘
ڪوسو لڳي واءُ وانگين، پَوي رات بُک ۾ نه تن جي ٻچن کي.
·
”سليم“ سرهندي
توکي سينگاري ويهاريان دل ۾ ۽ سجدا ڪريان،
شل انهن سجدن ۾ ئي پورا پَسههَ پنهنجا ڪريان.
گهور سان گهائي هليو وئين هاڻي ويٺو رات ڏينهن
دل جا ٽڪرا جوڙيان، جوڙيو وري ٽڪرا ڪريان
ڏوهه ڇا دل کي ڏيان، توتي رکان ڪهڙي ميار؟
عشق آ بڇڙي بلا، تون ڇا ڪرين مان ڇا ڪريان.
ناز مان مُرڪي نماڻا نيڻ راڻا کڻ ته مان،
ناچ دنيا کي نچايان، غرق ميخانا ڪريان.
تون رڳو برقع جي گوشي مان ڪو جلوو ڇوٽ ڇڏ،
طور ۽ موسيٰ آءٌ سيني مان ئي ٿو پيدا ڪريان.
داورِ محشر اڳيان اڻي بيهاريان توکي پوءِ،
حشر جي ميدان ۾ هڪ حشر ٻيو برپا ڪريان.
ڇانوَ ۾ زلفن جي ڳائي گيت تنهنجي حُسن جا،
جرجلو مَلَڪَن ۾ ۽ حُورن ۾ هنگاما ڪريان.
مست نيڻن کي مَچائي ايترو ڇُلڪائيان،
غرق ٿيان ۽ پاڻ سان گڏ غرق هي دنيا ڪريان.
داغَ جا مَهڪائي گُلَ ۽ ٻاري لُڙڪن جا ڏيئا،
دل کي ريبائي سندءِ هر رات اوسيڙا ڪريان.
انڊلٺ اُڀ مان پَٽي، مکڙيون بهارن مان لُٽي،
آ پرين وک وک تي تنهنجي دل سان گڏ ورکان ڪريان.
توکي پوڄي يا حَسينن جي ڪري گولپ
’سليم‘،
هڪ جڏي جيءَ سان ڀلا ڇا ڇا خداوندا ڪريان؟
·
”محبوب“ سروري
پيڻ جي وقت پيمانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ،
ڪڏهن ساقي ۽ مستانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
وڙهي پيا پاڻ ۾ عاشق، جڏهن هُو بام تي بيٺو،
شمع تي جيئن پروانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آَ.
هي مولائي طبيعت جا ته هو صاحب شريعت جا،
موالين جي ۽ مولانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
جي عقل وعشق موضوعِ سخن بنجن ٿا محفل ۾،
ته دانائن ۽ ديوانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
مريدان عقيدتمندو پيران طريقت ۾،
دعا، ڦيڻي ۽ نذرانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
وڙهڻ کان پوءِ جڏهن ٿا پيار وارا پاڻ ۾ پرچن،
ته ڏوراين ۽ ارمانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
جي سومهاڻي جو سهڻو ميزبان مُرڪي نهاري ويو،
ته ساري رات مهمانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
غزل ۾ ڪي نيون راهون ڪري
’محبوب‘
ٿو پيدا،
انهن تي پوغزل خوانن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آ.
·
”استاد“ بخاري
پياس مران ٿو اوساقي!
پيار گهران ٿو او ساقي!
ٻيا تڙرايو سڀ پروانا، آءٌ پچان ٿو ته ساقي!
شمع
جلائڻ
جو کپ ناهي، آءٌ ٻران ٿو او ساقي!
عرش ۽ فرش ملي ويا هِن هوش رکان ٿو اوساقي!
تنهنجي وارن کي ور ڏئي، وقت ٻَڌان ٿو او ساقي!
بيگہ وقت آ، ڀاڪرپاءِ، آءٌ ڏران ٿو اوساقي!
داد ڏيو جو اڻ ڳاتل، گيت چوان ٿو او ساقي!
·
”نديم“ انصاري
سڀ چون جنهن کي ٿا بهار آهي،
ڪنهن جي جلون سندو نکار آهي.
چئو رقيبن کي اڄ ڪريو عيدون،
هاڻي دشمن جو حالِ زار آهي.
مان رُئان يا کلان؟ هو جان بهار، اڄ جفائن تي شرمسار آهي.
هي نمورو نشو آ نيڻن جو، ورنه شيشي ۾ ڪِٿ خمار آهي.
تون تصور جي قيد ۾ آهين، مون کي ڪيڏو نه اختيار آهي.
ڪيڏو دستور
بي نيازي آهه، گل جي دامن ۾ نوڪِ خار آهي.
خوبروئيءَ سان گڏ خلوص، محال،
چنڊ جي دل به داغدار آهي.
ڪير ڪنهن جو هتي ٿو غم کائي،
ڪير ڪنهن تان هتي نثار آهي.
اچ چمن ۾ ٻه ٽي ڪي پير ڀري، سرد گلشن جو ڪاروبار آهي.
تون قيامت جو آهين منڪر جو، تو ڏٺو ڪين قد يار آهي.
حُسن تنهنجو اگر مليح آهي، عشق منهنجو به با وقار آهي.
دل جو دامن حماقتن جي هٿان، ٿي ويو دوست تار تار آهي.
خضر ڀي راهه هت وڃائيندو، ناهي ظلمات، زلف يار آهي.
هو ته ڏسجي
’نديم‘
ٿو شايد، نغمه ريز آهي، شعله بار آهي.
·
احمد خان ”آصف“ مصراڻي
ڪجي ڳالهه جيڪا اشارن جي وچ ۾،
اُها لَکَ لهي عقل وارن جي وچ ۾.
گُلن جو ٽِڙڻ ٿئي بهارن جي وچ ۾،کِلڻ
پنهنجو يارن پيارن جي وچ ۾،
هو ويٺو وڃي حُسن وارن جي وچ ۾، لڳو چنڊ
چمڪڻ ستارن جي وچ ۾،
نه ثاني سندس ڪو ڏٺوسين ٻُڌوسين، ڪروڙن،
لکن ۽ هزارن جي وچ ۾.
گلن جو ۽ شبنم جو نِرمل نظارو، پسيني جا
قطرا عذارن جي وچ ۾.
گلُن ۽ لبن ۾ تِرن جون نشستون، ٿيو ٺاهه
ڀُورن ۽ ڪارن جي وچ ۾.
هٿن ۾ حسينن جي ڪ دلين جا، ڪي رانديڪڙا ڄڻ
ته ٻارن جي وچ ۾.
ائين هجر جا سُور ڪن ڪار دل ساڻ،ڪپہ ڄڻ ته
پهتي پڃارن جي وچ ۾،
وڏو واقعو ٿي ٿو گذري جهان ۾، جدائي جڏهن
پئي ٿي يارن جي وچ ۾.
ملڻ جي نه چاهن اُهي ڪيئن ملندا، وڇوڙو
هميشہ ڪنارن جي وڄ ۾،
ڀلا موت کي ڪي ٻيا سڱ ٿيندا، جِيُون ٿا
سدا انتظارن جي وچ ۾،
خدا کي وسارڻ ۽ خود سر ٿيڻ سان، اچي آدمي
ٿو خسارن جي وچ ۾،
ٿو پارس ڪري لوه کي سون ”آصف“،وڃي رهه
بزرگن ڀلارن جي وچ ۾. |