سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1973ع

مضمون

صفحو :4

·             فتاح ملڪ

آس

جيئن جنڊيءَ جا چِٽ ڏسين ٿو،

ياڪا سهڻي سِٽ ڏسين ٿو.

ساڳي مَن ۾ مورت آهي، آئيندي جي صورت آهي.

جئن دليءَ جي ڪورَ ڏسين ٿو، پاتالن ۾ پور ڏسين ٿو.

اهڙا اونهان اندر ۾ ٿي، پنهنجي مَن جي مندر ۾ ٿي.

جئن سرنهن جو گل ڏسين ٿو، هُٻڪارن جا هُل ڏسين ٿو.

تئن وڄن  جا وار ڏسون ٿا، آيندي جا اُڏار ڏسون ٿا.

جئن حياتيءَ هور ڏسون ٿا، موڳا ڪنهن پر مور ڏسون ٿا.

اڀ نهاري ويٺا سوچيون، آگم خاطر آشا اوتيون.

جئن تکا طوفان ڏسين ٿو، يا ڪي ڊڪندا سانَ ڏسين ٿو.

اهڙا پنهنجي جيءُ جنجهوڙا، جئڻ ڪنهن ماٽيءَ ڏڌ ولوڙا.

جئن ڪو ڄاڻو هاڻ ڏسين ٿو، ڄڀ ڪپايل پاڻ ڏسين ٿو.

اهڙا گهاءَ گهٽائن آهن، هاڻ ته جوڳ جٽائن آهن.

تون جئن نئون ڪو سج ڏسين ٿو، يا ڪنهن ڌرتيءَ ٻج ڏسين ٿو.

پنهنجي سوچن سنگ اچن ٿا، سارا تنهن پر انگ نچن ٿا.

·             ”خاڪي“ جويو

گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي

هي گيت به آهن گيت عجب ،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟

هي گيت سنڌوءَ جي سورن جا، ڪنهن پرهه ڦٽڻ جي پورن جا،

هي گيت ٻُڌي ڇا ميڙ متا، هَر هارين ۽ مزدورن جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي گيت امر انسانن جا، مخمور ٿيل مستانن جا،

جن پيتا مئي جا جام ڀري ۽ مالڪ ٿيا ميخانن جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي.

هي گيت اسان  جي هارين جا، هي گيت ٻنين ۽ ٻارين جا،

هي گيت انهن انسانن جا، جي کيت کڻن ٿا سارين جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي گيت اونهاري سياري جا ۽ سرد هوائن پاري جا،

هي گيت آمر اُهڃاڻ ٿيا، هن سنڌوءَ جي ته سهاري جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي گيت سنڌوءَ جي سُرڦر جا ۽هيڻائيءَ جي هُر کُر جا،

هي گيت به آهن گيت عجب، ڇا آزاديءَ جي چُر پُر جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي گيت هميشه هيڻن جا ۽ واهر پاڻ وهيڻن جا،

هي گيت لکڻ سان لاش اُٿيا بي شرم غدار ڪميڻن جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

(2) هي گيت سُنهري ڪينجهر جا، هي گيت ڪراچي بندر جا،

هي گيت سموري سنڌوءَ جا ۽ ميرَ مهاڻن منڇر جا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هن گيتن جي ڇا گونج اُٿي، ڄڻ  ڪرڪي ڪرڪي ڪونج اُٿي،

جا ويندڙ واهيري تي آ ۽ ميٽي من جي مُونج اُٿي.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي گيت اٽل اعلان ٿيا، ۽ جذبن جا جولان ٿيا،

ڄڻ ڪڙ ڪڙ قهري ڪانَ اٿيا، سڀ زيرزمين زندان ٿيا.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي گيت اسان جي آزادي، پر غير جي آهن بربادي،

هي گيت اُنهن اوراڪن جا، جي تڙي ڪڍن ٿا بيدادي.

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

هي سنڌ سندي سرهاڻ ٿيا ۽ هيرن جي ڄڻ کاڻ ٿيا،

اي خاڪي تنهنجي خيالن جا، هي گيت به روح رهاڻ ٿيا!

هي گيت به آهن گيت عجب،

هن گيتن جي ڇا ڳالهه ڪجي!

·             الهداد ”عاصم“

شرط

دل جي صدا جي دل کي ٻُڌائڻ گهرين ته آ،

ڪنهن سيني ساڻ سينو مِلائڻ گهرين ته آ.

پويون پهر آ رات جو ساقي سجاڳ ٿي،

هڪ رند هڪڙو شيخ آ باقي سجاڳ ٿي،

دير ۽ حرم جو فرق مِٽائڻ گهرين ته آ.

دامن جو رنگ لال آ تنهنجي شراب کان،

ساقي! آ تنهنجو چهرو به اهڙو حجاب کان،

دامن ۾ منهنجي چهرو لڪائڻ گهرين ته آ.

محفل سڄي سياهه آ ڪنهن جي گناهه کان،

گهٽ هڪ به هتڙي ناهه ڪنهين روسياه کان،

پنهنجي به منهن تان پردو هٽائڻ گهرين ته آ.

جو راز رند جو آ سوئي شيخ جو به آ،

عنوان مختلف آ ڪهاڻي جدا نه آ،

تون ڀي جي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ گهرين ته آ.

·                 ”الطاف“عباسي

طوفان

چنڊ جي اُڀرڻ کان اڳ،

هڪ ڪڪر اُڀ تي هُئو،

جوت کي جنهن چنڊ جي،

چند گهڙين لئه ڍڪيو.

اوچتو طوفان اُٿيو،

جنهن اچي بادل تڙيو،

ڇائنجي وئي روشني،

چند جڳ روشن ڪيو.

·             محمد ابراهيم ”منشي“

ماڻهو

ڪي ڪي ماڻهو، مارن موت، موت چون ٿا ماري آهي،

موت کي مارڻ وارن ماڻهن، جڳ جي جوت جياري آهي.

دنيا ساري ماڻهو ماڻهو، ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

ڪنهن ڪنهن سيني جوهر جرڪي، باقي سيني واري آهي.

هر ماڻهوءَ جو مائٽ مِٽي، مِٽيءَ جو پر مائٽ سو،

رت ڏئي جنهن ريج مٽيءَ کي، مٽيءَ سان پت پاري آهي.

نيهن رکي جن آهه سنڀاليو، رت جو رشتو مٽيءَ سان،

اهڙا ماڻهو اَمر سدائين، اهڙي ڀونءِ ڀلاري آهي.

منشي ماڻهو روز مرن ٿا، پر سي ماڻهو مرڻا ناهن،

سر ڏئي سوغات ۾ جن هتسنڌ جي سينڌ سنواري آهي.

·       محمد علي”جوهر“

رودادِ دل

جنون مون سان رفيق آهي ۽ وحشت همقدم آهي،

دل برباد جو احوالِ غم ٿي ويو رقم آهي.

بهار آلوده گلشن ۾ جڏهن بادِ سموم آئي،

چمن آزرده خاطر آهه، بلبل کي آلم آهي.

ذخيرو دل ۾ دردن جو ۽ سُورن جو آ سرمايو،

هجومِ ياس وحرمان آ، وفورِ رنج  و غم آهي.

فلڪ شبنم فشان آهي ۽ دامن تر آ ڌرتيءَ جي،

جڏهن کان چنڊ جو ٽُڪرو ويو سُوي عد م آهي.

قمر ۾ روشني ناهي، نه آ تارن ۾ تاباني،

ڏسان ٿو شمس وپروين جي ضاپاشي به ڪم آهي.

جدائيءَ جي سبب آهي هي ساري ڪيفيت دل جي،

ستائي ياد ٿي جنهن جي، اڳيان سو محترم آهي.

تقاضا آ جنون جي چاڪ دامن ڪسر، مگر جوهر،

قضا جي فيصلي آڏو سرِ تسليم خم آهي.

·             علي محمد ”خالدي“

منڇر

دامن ۾ کير ٿر جي اي لاله زار منڇر،

وادي حسن و صورت جي تاجدار منڇر،

اي پيڪرِ جمال ۽ اي زرنگار منڇر:

ڪيف وسروردو بهحت عيش وقرار منڇر:

بخشين ٿي هر نگهه کي ليل و لهار منڇر.

ڌرتيءَ تي هٿ ديا جو داور جڏهين ڌري ٿو،

واڄٽ ڪري پهاڙن تي وڏ ڦڙو وري ٿو،

گجگوڙ شينهن وانگر ور ور ڏئي ڪري ٿو،

ني گاج کي ڪنارن تائين ڇڏي ڀري ٿو:

ڀرجي تڏهين ٿئين ٿي پاڻيءَ سان تار منڇر.

تون حسن ۾ يگاني، صورت ۾ تون شهاڻي،

دنيا جي ڪُل ڍنڍن کان آ پاڪ تنهنجو پاڻي،

شرم و حيا جي دنيا جي آهين راڄ راڻي،

تون محورِ نياز ۽ ست سيل جي ڌياڻي:

رهندو امر جهان ۾ تنهنجو وقار منڇر.

تو ۾ رهن ٿيون ڪرڙيون موراکيون سدائين،

ڄرڪا، کڳا ۽ ڏايون ۽ ٿيلهيون سدائين،

سريا، گندڻ سدائين ۽ پوپريون سدائين.

سينڱاريون، رڙا ۽ لِک ڀوئنڻيون سدائين:

آهين مڇيءَ کان هر هنڌ تون آشڪار منڇر.

تو ۾ وَلر ڊگهوشن جا ڀي تمام آهن،

۽ نيرڳيون هزارن ۾ عام جام آهن،

بڏڻن ۽ چيڪلن جا تو ۾ قيمام آهن،

کيڙاٽيون ٽرانڊا لک صبح و شام آهن:

بدڪن جو آهي تو ۾ بيحد شڪار منڇر.

نيلوفرن جا نظارا دلفريب تو ۾،

دل کي پسند بيحد ۽ ديده زيب تو ۾،

قم بيهه ٻور پايوڙا ۽ پنيب تو ۾،

ڪيئي فراز تو ۾ ڪيئي نشيب تو ۾:

توکي رکي سلامت پروردگار منڇر.

ناز و ادا سان تو ۾ هردم هلن ٿيون ٻيڙيون،

سينگارجي ڪنواريون ٿي ڄڻ  گهمن ٿيون ٻيڙيون،

سهڻيون لڳن ٿيون بيحد ڏاڍيون ٺهن ٿيون ٻيڙيون،

حورن ۽ اپسرائن کان وڌ لڳن ٿيون ٻيڙيون:

حسن و شباب جو تون آهين ديار منڇر.

دور آهي تنهنجي دنيا حرص و هوا کان بلڪل،

آهين بچيل ٺڳيءَ جي بڇڙيءَ بلا کان بلڪل،

لالچ کان آهين آجي ڪاليءَ گهٽا کان بلڪل،

دائم رهين پري ٿي هٺ جي هچا کان بلڪل:

دنيا ۾ آهي تنهنجي سڀ کي قرار منڇر.

تنهنجي رهن ٿا دنيا  ۾ سڀ سچار ماڻهو،

ويساهه جا وسوڙيل سادا هزار ماڻهو،

نيت جا صاف سٿرا، نينهن جا نڀار ماڻهو،

اخلاق جا بلند ۽ نيڪيءَ جا يار ماڻهو:

افلاس جا جهان ۾ ليڪن شڪار منڇر.

تون آهين پنهنجي ماڻهوءَ جي دوست دار دائم،

تنهنجا هو ۽ هنن جي تون غمگسار دائم،

هو توتان، تون هنن تان آهين نثار دائم،

توتي هنن جو آهي دارومدار دائم:

تنهنجو هنن سان آهي بيحد پيار منڇر.

ڪرغا کان وڌ ڪنارا تنهنجا عجيب آهن،

بيحد عجيب آهن بيحد غريب آهن،

سيف الملوڪ کان سي بيحد نجيب آهن،

ڪشمير جهڙا منظر تن کي نصيب آهن:

دلڪش انهن کان آهي نقش و نگار منڇر.

تنهنجا ڪنارا آهن سچ سيل جا ڪنارا،

انسان دوستيءَ جا مشهور تر منارا،

نيڪيءَ ۽ نيڪناميءَ جا ٿا ڏين اشارا،

مظلوميت جا آهن هر حال ۾ سهارا:

انسانيت جي آهين تون يار غار منڇر.

·             ”عزيز“ ڳاڙهوي

سنڌڙي

سونهن جنهن ۾ آ سَمائِي، سا اسان جي سنڌڙي،

جنهن ۾ ساوڪ ۽ صفائي، سا اسان جي سنڌڙي!

جنهن جي جبلن ۾ سدائين سون جون کاڻيون رهن،

جنهن جي واريءَ جي ڪڻن ۾ لال ۽ موتي لڀن،

جنهن جي مٽيءَ مان هميشہ زعفران ۽ زر ملن،

خاڪ جنهن جيءَ ۾ کٿوريءَ جا پيا واهڙ وهن:

جا خزانن جي ترائي، سا اسان جي سنڌڙي!

جنهن جي سيني تي مِٺو مهراڻ جو پاڻي وَهي،

گود جنهن جيءَ ۾ گلاب ۽ رات جي راڻي لڏي،

هيج سان ٻوٽا ٻنيون پاڻي پين ٿا ڍؤ ڪري،

جنهن جي پوکن کي ڏسي ٿي روح ۾ راحت اچي:

جيڪا هر موسم ۾ سائِي، سا اسان جي سنڌڙي!

جنهن ۾ مروندي قلندر ۽ سچل سائين وسن،

جنهن ۾ امروٽي ۽ سنڌي جا ڏِيا ٻهڪن ٻرن،

نوح ۽ بيدل ۽ بيڪس جا ٻُجهن سهڻا سخن،

جنهن ۾ جوڌن ۽ جوانن جا ٻَڌل سرسان ڪفن:

ڀونءِ جنهن جيءَ ۾ڀٽائي، سا اسان جي سنڌڙي!

قرب ۽ اخلاق ۽ مهمانوازيءَ جو ڪمال،

حسن صورت، حسن سيرت، جابجا آهي جمال،

شان شوڪت ۽ شرافت جو خزانو لازوال،

مهروالفت ۽ محبت بي نظير ۽ بي مثال:

جنهن ۾ وعدي جي وفائي، سا اسان جي سنڌڙي!

نانءُ ۽ ناموس جنهن جو مارئيءَ روشن ڪيو،

جنهن ۾ نوري ۽ تماچي، جنهن ۾ مومل مينڌرو،

جنهن ۾ سسئي ٿي پنهل جي پرت جو نغمو ٻُڌو،

جنهن ۾ الفت ۽ محبت جو مثالي چهچٽو:

مهر ۽ جنهن ۾ مٺائي، سا اسان جي سنڌڙي!

جنهن ۾ روهڙي ۽ سکر ۽ حيدرآباد آ،

خيرپور، هالا، ڪراچي، ميرپور، سانگهڙ سٺا،

لاڙڪاڻو، ڄامشورو، شهردادو دلربا،

جت هزارين شهر آهن ۽ هزارين ڳوٺڙا:

جنهن ۾ برڪت ۽ ڀلائي، سا اسان جي سنڌڙي!

جنهن ۾ عالم، جنهن ۾ فاضل، جنهن ۾ شاعر ۽ اديب،

جنهن جا اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون عجائب ۽ عجيب،

جيڪا پنهنجن کي آ پياري، قربدارن کي قريب،

جنهن ۾ ڪوئل جي صدا ۽ جنهن ۾ ڳائي عندليب:

جنهن ۾ سهڻائي سهائي، سا اسان جي سنڌڙي!

جنهن جي روهڙي شهر ۾ آوارُ عربي ڄام جو،

جنهن ۾ مڪليءَ جا قبا ۽ علم جي ٺٺ سان ٺٽو،

جنهن ۾ نيرَن ڪوٽ، جنهن ۾ ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو،

جنهن ۾ معصومي منارو، جنهن ۾ موهن جو دڙو:

جنهن ۾ ڪينجهر جي ترائي، سا اسان جي سنڌڙي!

·                          مير محمد پيرزادو

    لاٽ

گهنگهور گهٽا ۾ تارو چمڪي،

جهوپي جهوپي ڏيئو ٽمڪي؛

ڄڻ ته کِلي ٿو، ڄڻ ته کلي ٿو،

اننت انهيءَ انڌياري تي!

 

تاري هئي ڪا لاٽ ڪئي،

گم ٿي جنهن سان ٻاٽ وئي،

سِرّ ڏنو جنهن سنڌڙيءَ تان،

اوچي اوچي ڳاٽ مئي!

·             ”نياز “ عاقلاڻي

اکڙيون ڀرجي آيون

اکڙيون ڀرجي آيون،

ساجن!

اکڙيون ڀرجي آيون.

توکي ساريندي او ساٿي! اکڙيون ڀرجي آيون.

 

جڏهين کان پرديس ويو آن، ڏاڍو وياڪل گهاريان،

گهڙي نه هڪڙي مور ٿو وسرين، پل پل توکي ساريان:

تنهائي ٿي جهوري سائين! جاني! ڪر نه جُدايون_

اکڙيون ڀرجي آيون.

آس سدائين قائم رهندي، نيٺ ته لهندين سار،

هيءَ حياتي بار جا آهي، ٿيندي باغ بهار:

توکي پنهنجي ساهه سمائي، ڏيندس جيءَ ۾ جايون_

اکڙيون ڀرجي آيون.

توکي ساريندي او ساٿي! اکڙيون ڀرجي آيون_

ساجن!

اکڙيون ڀرجي آيون.

·             مهيسر ”خادم“ رفيقي

جيجل کي نذرانو

او سنڌڙي تنهنجي سونهن مٿان، او جيجل قربَ ورونهن مٿان،

۽ تنهنجي نالي پياري تان، ٻاجهاري، جيءَ جياري تان،

مان جان جي بازي لائيندس__۽ ڳيچ خوشيءَ جا ڳائيندس.

تنهنجا شيرَ سپوتَ پيارا، مانَ ۽ عزّت، غيرت وارا،

تن جي آري ۾ ايندو جيڪو، سِرَ جو بَک آ ڏيندو تيڪو،

پيچ تني سان پائيندس__۽ ڳيچ خوشيءَ جا ڳائيندس.

سنڌوءَ جي تهذيب جيئي شل، موج ۾ هيءُ ”مهراڻ“  هجي شل،

اجرڪ، پٽڪن وارا جيئن، هوشو، دودي پارا جيئن،

قول تني جا ڳائيندس_۽ ڳيچ خوشيءَ جا ڳائيندس.

سنڌڙي تنهنجو ”خادم“ آهيان، تنهنجا ڳڻ مان ڪهڙا ڳايان،

توتان قربان سَوَ سَوَ ڀيرا، تنهنجا آهن دل ۾ ديرا،

توسان نينهن نڀائيندس___۽ ڳيچ خوشيءَ جا ڳائيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com