سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1973ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4/ 1973ع

غلام محمد گرامي

گذارش

موجوده دور ۾ دانشورن جون ذميداريون:

ادب انساني زندگيءَ لاءِ روشن،تابناڪ ۽ صحتمند معيار ۽ انداز پيدا ڪري ٿو. دماغ جي اوجر، ، ذهن جي تعمير، فڪر جي تشڪيل ۽ نفسيات جي اصلاح جو تعلق ادب، شعر ۽ مصوريءَ  سان آهي.موسيقي ادب جو نغمه  ريز پهلو آهي، جو جذبات ۾ حدت ۽ حرارت پيدا ڪري ٿو_ پرجي ادب ۽ فن، مصوري ۽ موسيقي  سڀ آهن بيروح ۽ بيمقصد ته پوءِ سماج ۾ جا ثقافت پيدا ٿيندي، اها معاشري ۽ انسان جي اجتماعي نظام کي کوکلو بنائي ڇڏيندي.

اسان فن جي هرشاخ کي تحسين جي نظرن سان ڏسون ٿا. ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي. شعر زندگيءَ جي تنقيد، موسيقي روحِ جي غذا ۽ مصوري ذوق جماليات  کي سنواريندڙ ۽ حسن وجمال آهي روحِ حيات. پر اِهي سڀ جيڪڏهن بيمقصد  ۽ محض شوقيه آهن ته پوءِ نڪو قومي ضمير م زندگي پيدا ٿيندي ۽ نه ته اها قوم زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ڪو فخر جي لائق ڪم ڪري سگهندي. اها قوم طائوس ۽ رباب کان وڌي ڪري نڪو هٿ ۾ تلوار کڻي سگهندي ۽ نڪو عوامي جدوجهد ۾ تعميري ۽ ترقي پسندانه  حصو وٺي سگهندي. جهاد ۽ دفاع جو ته ڪو سوال ئي نٿو اُٿي سگهي. معمولي کان معمولي حملي کان بچاءُ ته پري رهيو، پر خنجرِ قاتل  جي زد ۾ گردن خم ڪري مُرده وانگر پئجي رهڻ  کي اندازِ صبر ورضا ئي سمجهندي رهندي. تاريخ اهڙن عجيب ۽ غريب واقعن کان خالي ناهي. بغداد، دهلي، ائوڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا هزارين مثال ملي سگهن ٿا، جن ۾ قومن جي بيشعوريءَ ۽ ادب براي ادب واري اجائي ذوق شوق سندن آزاديءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪرائي ڇڏيو.

سڀ کان اول اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته شاعر ڇا آهي؟ مختصر طور چئجي ته شعر، شاعر ۽ شعور جا مشتقات ساڳيا آهن. شاعر معنيٰ باشعور ۽ شعر معنيٰ دانش، سو شاعر ٿيو باشعور ۽ دانشمند. ان طرح دانش جا ڪيئي قسم آهن. هڪڙي مذهبي زبان ۾ ايماني ۽ روحاني دانش آهي، ٻي رومانوي دانش آهي، ٽين قومي ۽ وطني دانش  آهي، چوٿين سائنسي ۽ عقلي  دانش آهي_ اهو ٿيو دانشور جو تعارف.

ان سلسلي ۾ هي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته شعر ۽ دانش  جو بنياد تقليد ۽ روايت تي نه آهي، پر انجو بنياد تجديد ۽ انقلاب تي آهي. دانشور جي جدوجهد، ترقي پذير حالات، ترقي پذير ماحول، ترقي پذير قدرن، ترقي پذير معيارن ۽ ترقي پذير فڪري اصولن سان وابسته آهي. اهو شاعر يا دانشور، جو موجود حالتن، موجوده ماحول جي تقاضائن، موجوده دور جي اهم ترين مسئلن ۽ جديد ترين مطالبن کي سمجهي نٿو سگهي، ان کي نه شاعر سمجهڻ گهرجي ۽ نه دانشور. جو شاعر اڄ تائين شهنشاهيت واري دور جي درباري شاعري  ڪندي اجائي ۽ بيجا تعريف  ۾ زمين کي آسمان سان ملائي رهيو آهي، اهو گويا پراڻين روايتن  ۽ قصن، فرسوده قدرن ۽ معاملن ۾ اڃا مُنجهيل آهي: اهو ڪوريئڙي جي ڄار وانگر هڪ ئي دائري ۾ پيو تاڃي پيٽي ٺاهي ۽ ڊاهي_ ۽ کيس پنهنجي محدود ۽ روايتي دائري کان ٻاهر جي ڪا به سمجهه ۽ ٻوجهه آهي ئي ڪانه! يا هُو چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اتي جو اتي پيو ڦيريون پائي، جو ڏاند نقل وحرڪت به ڪري ٿو، سندس چڪرن کي ڪڇجي ۽ ماپجي ته هوند هزارن ميلن جو فاصلو ٿي وڃي، پر جڏهن ته سندس راهه اُتي جو اُتي  محدود ۽ مُد ّور آهي، تڏهن سندس جدوجهد ۽ پنڌ هڪ ئي هنڌ تي پيا ضايع ٿين. اهي شاعر، جي اڄ تائين گل و بلبل ۽ زلف  وڪاڪل ۽ گيسو وابرو ۾ گرفتار آهن، سي سچ پچ ته ايماني ۽ روحاني، عقلي ۽ فڪري، قومي ۽ وطني دانش ۽ شعورکان محروم آهن.

اها به هڪ حقيقت آهي ته ترقي پذير معاشري ۾ دانشور جو ڪردار ڏاڍو ڏکيو ۽ انوکو ٿئي ٿو. اهڙي ماحول جو دانشور، حقيقت پسند نگاهن سان زندگيءَ جي هرپهلوءَ جو ناقدانه جائزو وٺي ٿو، شعور جي کُليل ۽ چِٽن دليلن سان هر معاملي کي حقيقت  جي ڪسوٽيءَ تي پرکي سچ کي سچ ۽ ڪچ کي ڪچ ڪوٺي ٿو. اهڙن جرئتمند  دانشورن جي دانشمندانه تحريرن ئي ملڪن ۽ قومن جي تاريخ ۾ انقلاب پيدا ڪيا آهن، ۽ انهن کي ئي تاريخ ساز سڏجي ٿو. ائين چوندي منهنجي مراد رواجي ۽ سطحي قافيه پيما صنعت گر ۽ لفظن جي ٺاهه ٺوهه ۽ ڊاهه ڊوهه ڪندڙ شاعر يا روايت پرست ۽ انڌي تقليد ۾ ڦاٿل صاحبِ تحرير نه سمجهڻ گهرجي.

ان طرح وطني ۽ قومي قسم جي دانشورن جا به ٻه طبقا ٿين ٿا: هڪ طبقو وقت جي اقتدار جو ثناخوان ٿئي ٿو ۽ ٻيو حزب اختلاف جو آله ڪار. ٻنهي طبقن جي سوچ  ۽ ويچار، توڙي طريقِ ڪار ۽ لفظي سرمايي ۾ فرق ٿئي ٿو. عام طرح سان جذباتي شهرت  حاصل ڪرڻ لاءِ حزبِ اختلاف جو آله ڪار بنجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، پر وطن ۽ قوم جي مشڪلاتن، بين الاقوامي  مُنجهيل مسئلن، ٻاهرين طاقتن جي دٻائن ۽ دڙڪن، تاريخ جي صحيح ۽ غلط نتيجن، غير سنجيده ۽ جذباتي دورن کي مطالع ڪندڙ دانشورن جو ڪردار محتاط ۽ اعتدال پسند،  سنجيده ۽ غير جذباتي ٿئي ٿو. هي نه ڪو اقتدار جي صاحبن مان غلط قسم جي فائدن حاصل ڪرڻ جا متمني رهن ٿا ۽ نڪو اجائي خوشامندانه قصيده گوئيءَ ۾ وقت وڃائين ٿا. هن قسم جو دانشور پنهنجي ملڪ جي مُنجهيل مسئلن، صاحب اقتدار قوتن  جي مشڪلاتن ۽ بين الاقوامي  حالتن، دٻائن، اثرن ۽ اُنهن جي نتيجن جي روشنيءَ ۾ فقط هي ئي سوچي سگهي ٿو ته ملڪ جي سالميت ۽ مقبوليت، بقاءُ ۽ جٽاءُ، استحڪام ۽ ترقي جي اُميد آيا تعمير ۽ تائيد سان وابسته آهي يا اجائي غوغا آرائي ۽ هنگامه خيزيءَ ۾ مضمر آهي؟

تاريخ ٻُڌائي ٿي ته ملڪن ۽ قومن ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهو پيدا ٿي پون ٿا، جي سچ پچ ٻاهرين دشمن قوتن ۽ قومن جي مفاد ۽ نظريات جا مبلغ بنجن ٿا ۽ چند ڏوڪڙن تي پنهنجي ضمير جو سودو ڪن ٿا. اهڙن دانشورن کي پنهنجي آدرش ۽ نصب العين سان ڪا به وفاداري ڪانه آهي. هُو ڪَٺ پُتلين وانگر، پَرائيءَ ڏور ۾ فقط ناچ ڪري ڄاڻن ٿا. بهرحال، دانشورن تي سڀ کان اول اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو ترقي پسند ۽ ترقي پذير معاشري ۾ وقت جي سنگين مجبورين ۽ مشڪلاتن جو به اندازو لڳائي سگهن. رڳو اجائي تنقيد ڪرڻ سان گڏ معاشري جي ٻين سڀني فعال ۽ مکيه  طبقن، جذباتي اديبن، رجعت پسند مذهبي ماڻهن، رت جو سيندڙ واپارين، اقتدار جي بکين سياستدانن ۽ عوام دشمن سرڪاري آفيسرن  جي عوام ۽ اُنهن جي بنيادي تقاضائن ۽ مشڪلاتن ڏانهن همدردانه يا دشمنانه رد عمل کي به جاچين. هروڀرو ۽ هروقت اعتراض جي زبان  نه کولڻ گهرجي. قومن جي تاريخ ۾ اهڙيون  ڪيئي نازڪ ۽ پيچيده گهڙيون اينديون آهن، جن ۾ سنجيده  ۽ باشعور دانشور هروڀرو ناموريءَ ۽ اجائيءَ شهرت حاصل ڪرڻ خاطر بغاوت ۽ تنقيد جو نعرو نه بلند ڪندا  آهن، پر مشڪلاتن جي حل پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ عقل ۽ دانش، ملڪي تقاضائن ۽ ماحول جي حالتن کي اڳيان رکي ساٿ به ڏيندا آهن ۽ اعتدال پسند ٿي وچ واري واٽ هلندا آهن.

انساني تاريخ جو هي بين الاقوامي  دور مجموعي حيثيت سان اقتصادي بحران، انسانيت سوز اقدام ۽ امن دشمن ڪردار جي ڪري ڪافي هيبتناڪ ۽خطرناڪ بنجي چڪو آهي. پري نه وڃو، رڳو پنهنجي وطن تي نگاهه رکي تازه ترين خبرن ۽ دعوائن کي اڳيان رکي ڏسو ته جن دانشورن اهڙين حالتن کي محسوس ڪري  اِهو چيو هو ته_

”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارون جوکو.“

__ اُن ۾ ڪيتري  نه صداقت ۽ حقيقت سمايل هئي. عقل ۽ شعور جي تقاضا اها آهي ته جديد حالات ۽ مقتضيات کي سمجهندي، قومي ۽ وطني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ باهمي ۽ تعميري ساٿ ڏجي.

اڄڪلهه اهو مسئلو به هر هنڌ بحث هيٺ هلي رهيو آهي ته آخر دانشور طبقي ۽ شاعرن جو ملڪ جي سياست سان ڪهڙو واسطو هئڻ گهرجي؟ اُن جا ڪيئي جواب ٿي سگهن ٿا. هڪڙا چون ٿا:

”اٿئي غريبي گلزار، موچاري  مينگهوچوي!“

”رموزِ، مملڪتِ خويش خُسروان دانند“.

ماڻهو ڪُنڊ سنڀالي ويهي رهي، نه ڪجهه ڏسي ۽ نه ڪجهه سوچي، نه ڪجهه پُرجهي ۽ نه ڪجهه سمجهي. ملڪ ۽ قوم سرڳ وڃن ته ڇا، نرڳ وڃن ته ڇا. اصل ۾ اِهو فيصلو ۽ نظريو به انتهاپسندانه ۽ رجعت پسندانه آهي. اديب ۽ شاعر، دانشور ۽ فنڪار لاءِ ايتري فراريت به جائز نه آهي. ٻين جو خيال آهي ته ڪنهن به معقول ۽ مخلصانه تعمير پسند طريقي ۽ اصلاح پسند وسيلي کان سواءِ سکڻي نعريبازيءَ سان مخالفت براي  مخالفت لاءِ سندرو ٻڌي ڪاهي پئجي، هنگامه خيزي ڪري قوم ۽ ملڪ ۾ اهڙو ته ٻائيتال مچائجي جو عوام نه ڪجهه ٻُڌي سگهي ۽ نه ڪجهه سمجهي سگهي، ۽ نڪو ملڪ جو ڀلو ٿئي ۽ نڪا قوم جي ٻيڙي تَري__ اهڙن جذباتي ۽ هنگامه خيز طبقن جو ڪردار ڪڏهن به تعمير ۽ ترقي پذير چئي نٿو سگهجي. اهڙن طبقن کي اهو سوچڻ گهرجي ته سندن ترقي پسندانه دعوائن جو جذباتي  ٽڪراءُ جڏهن ڪنهن تعمير پسند حڪومت سان ٿئي ٿو، تڏهن اُن جو فائدو وري به رجعت پسند گروهن، قديم روايت جي پوڄيندڙ طبقن۽ پراڻن ۽ فرسوده خيالن وارن سياستدانن کي پهچي ٿو، ۽ ملڪ ترقيءَ ۽ تعمير جي بدران اڳتي هلي دوباره رجعت پسند ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. ڇا اِهو نتيجو افاديت پسند ۽ ترقي پسند چئي سگهجي ٿو؟

اسان کي سياست ۽ ادب جي تاريخ مان اهو پتو پوي ٿو ته جذباتي ۽ رجت پرست دانشورن جي دانشوري تڏهن ٿي ظاهر ٿئي، جڏهن هو خواه مخواه حزبِ مخالف سان وابسته ٿا رهن. اُن وقت هو پنهنجي جذباتي انداز ۾ ترقي پسند گروه کي ملحد ۽ ڪافر کان گهٽ نٿا سمجهن. هو وقت جي حڪومت جي پنهنجي طرفان ذاتي ۽ شخصي شڪست  جي سببان مخالفت ڪندي، اِهو اعزاز مفت ۾ حاصل ڪرڻ گهُرن ٿا ته هو ئي سچا ۽ پڪا محب وطن آهن، باقي ٻيا سڀ غدار ۽ ناهنجار آهن!

اسان کي ٻن مطلق العنان آمرن جي دور ۾ اِهو تلخ تجربو حاصل ٿيو آهي، جو رجعت پسند گروهن 1955ع کان وٺي اڄ تائين ترقي پسند اديبن خلاف ڪفر ۽ الحاد جي فتويٰ بازي پئي ڪئي آهي. اڃا ڪلهوڪو ڏينهن آهي__اسان جي ترقي پسند دانشورن، رجعت پسند نظريات جي خلاف سوشلزم جي تائيد ڪئي ۽ اُن جي نتيجي ۾ مٿن باضابطه ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون. اصل ۾ رجعت پسند گروه جو اِهو قدم نه فقط حقيقت جي خلاف سمجهڻ گهرجي، پر اُن سان گڏ پنهنجي قوم ۽ وطن سان غداري ۽ بيوفائي  پڻ سمجهڻ گهرجي. افسوس اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ساده دل عوام اهڙن ماڻهن جي غلط ڪارين ۽ چالبازين کي سمجهي به نٿا سگهن ته رجعت پرستن ۽ اقتدار جي عاشقن جي اها دردسري ۽ فتوابازي، چرب زباني ۽ ڪفر سازي فقط اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ آهي ۽ بس!عوام جي مفاد سان سندن ذري جيترو به واسطو ناهي، نڪو قوم ۽ ملڪ جي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ منجهن مصلحت شناسيءَ ۽ حڪمت عمليءَ جو ڪو جوهر ئي آهي. دانشورن ۽ عالمن کي اُن تجزيه ۽ تنقيح تي پڻ غور ڪرڻ گهرجي.

انساني تاريخ جي ارتقا ۽ انقلاب وارا ورق ٻُڌائين ٿا ته هر دور ۾، دانشور ۽ اديب جو نصب العين تاريخ ساز رهندو آيو آهي. صاحب فڪر دانشور جو فڪر ۽ فن، هڪ زوال پذير  معاشري کي جنجهوڙيندو رهيو آهي، حالانڪ ڪو به دانشور، سنئون سڌو رياست ۽ ان جي سياست سان وابسته نه رهيو آهي، پر دانشور جي فڪر ۽ فن ۽ ان جي بيپناهه اثر ۽ انقلاب پسند تشريح سان قومن ۾ تبديل ۽ انقلاب جا قدر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن سان رجعت پسند قوتن ۽ سندن زوال پذير قدرن ۾ زلزلا اٿيا آهن؛ جن کان متاثر ٿي قومن جا ضمير جاڳيا آهن ۽ اڳتي هلي ان قوم جي ذهين ترين قوتن انقلاب آڻي قومن جي تقدير کي سنواريو آهي.

تاريخي طور تي، ان حقيقت کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته فرينچ انقلاب روسو ۽ والٽيئر جي باطل شڪن تحريرن پيدا ڪيو؛ زار شاهيءَ جو خاتمو لينن هٿان ٿيو، جو ڪارل مارڪس جي فڪر و نظر مان پيدا ٿيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سڪندر، ارسطوءَ جي پيداوار  آهي ۽ اڪبر، مُلا فيضيءَ ۽ ابوالفضل جي پيداوار آهي. اها به حقيقت آهي ته گوئٽي جي تحريرن مان نيپولين بونا پارٽ جي جرات مندانه شخصيت  جي تشڪيل ٿي. جناح صاحب جي انڪار ۽ سياسي نظريات تي علامه اقبال جو گَهرو اثر رهيو آهي___ بهرحال ايترن مثالن مان معلوم ٿيو ته دانشور جو فڪر ۽ فن ئي تاريخ ساز ۽ تقدير ساز آهي، اهوئي نين تبديلن، نون قدرن، نون معيارن ۽ زندگيءَ جي نون ميدانن ۽ محاذن کي پيدا ڪري ٿو. دانشور جو فن ئي رجعت پرستانه دور ۽ ان ۾ پيدا ٿيل سڀني بيروح ۽ بي مقصد قدرن کي مٽائي ناس ڪري ٿو، ان تي تاريخ گواهه آهي. لهاذا، اهڙين تاريخ ساز ۽ عظيم شخصيتن  جو قول ۽ ڪردار، قومن جي تاريخ ۾ اڄ تائين نقش ٿيل آهي. قومون انهن جي عظيم ۽ تاريخ ساز فن ۽ تخليق  جي اڳيان سر جهُڪائي چڪيون آهن ۽ انهن جا مجسما بنائي، انهن جي عظمت جا گيت ڳائي رهيون آهن. انقلاب پسند تاريخ، هتي جي مفڪرن ۽ دانشورن جي مرهون، منت آهي، جن نور نچوئي زوال پذير معاشري ۾ انقلاب جو ٻج ڇٽي، پنهنجي جگر جي خون سان ان جي آبياري ڪئي آهي.  هن دور جي ترقي پذير معاشري جي تاريخ ڪڏهن به انهن دانشمندن ۽ مفڪرن جي ذڪر کان سواءِ مڪمل ٿي نه سگهندي، اهو اسان جو ايمان آهي.

مختصر طور چئجي ته دانشور قوم ۽ ملڪ، عوام ۽ اُنهن جي مفادن ۽ حقن جو ترجمان ۽ نگران ٿئي ٿو، تنهنڪري اُن طبقي تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ڪردار توڙي ادبي سرمايي سان هميشه ترقي پذير ۽ ترقي پسند فڪرو نظر جي تائيد ڪري، ۽ عوام جي مفادن ۽ حقن  جي نگهداشت ڪري. اُن جي مقابلي ۾ رجعت پسند گروهن جي دعوائن ۽ ڏَٽَن تي لڳي عوامي مفاد  کان بيتوجهي ڪري، پنهنجي دانشورانه نصب العين کي داغدار نه بنائي. تاريخ ان قسم جي رجعت پسندانه خيالات وارن دانشورن ۽ اديبن کي ڪڏهن به پنهنجي سونهري ورقن ۾ جاءِ نه ڏيندي آهي.

شال سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي انهيءَ واٽ تي هلڻ جي ساڃهه نصيب ٿئي، جا هن سر زمين جي غم ۽ گوندر ۾ ويڙهيل رهاڪن لاءِ خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا ڏينهن آڻي.

سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالَم سڀ آباد ڪرين.

                                                       __(شاهه)

”جمعيت الشعراء سنڌ“ ۽ 23- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻو:

هن ڀيري، 3- 4 ڊسمبر 1973ع تي، لاڙڪاڻي ۾، جمعيت الشعراءَ سنڌ جي اهتمام هيٺ، 23- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي گذري، هن ڪانفرنس ۾، سنڌ جي نامور ۽ مشهور شاعرن ۽ دانشورن جي شرڪت رهي،جن پنهنجي فن سان ڪانفرنس ۾ ولوله انگيز ماحول پيدا ڪيو. ان طرح ڪانفرنس ۾ سنڌي ڪتابن جي نمائش پڻ رکي ويئي، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي، شاهه ولي الله اڪيڊمي  ۽ سنڌ سرڪار جي محڪمه اطلاعات پاران حصو ورتو ويو. ان نمائش جو افتتاح وزير تعليم سنڌ جناب در محمد اوستي ڪيو. ان طرح سنڌ جي مشهور مصورن جي فن جي نمائش پڻ ڪئي ويئي، جنهن جو افتتاح محترم چاڪر علي جوڻيجي ڪيو.

هن ڪانفرنس جو خصوصي پهلو هي آهي ته ان جي انعقاد ۽ ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾، وزيراعظم پاڪستان، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي خصوصي توجهه ۽ دلچسپيءَ جو وڏو دخل رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ ڪانفرنس ڏانهن هڪ پيغام، سنڌي زبان ۾ پڻ موڪليائون، جنهن ۾ ڪانفرنس  جي ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيل آهي. سندن پيغام جو پورو مَتن هن پرچي جي مهڙ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ڀُٽي صاحب پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي چيو آهي ته سنڌي زبان جهڙي وسيع ۽ شاهوڪار زبان ۾ اهڙي ادب پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو عام فهم ۽ حالتن جي نمائنده هجڻ سبب عام ماڻهن ۾ پيداريءَ جي لهر پيدا ڪري.

هن ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير جناب ممتاز علي ڀُٽي کي ڪرڻو هو، پر پاڻ ڪن اهم مصروفيتن جي ڪري شريڪ ٿي نه سگهيو ۽ جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ صدر جمعيت الشعراء سنڌ، کي فون تي پيغام ڏنائين، جو جناب مخدوم صاحب جن ڪانفرنس ۾ ٻڌايو. ان پيغام ۾ چيل هو ته سنڌي اديبن جي ڪتابن تان بندش لاهڻ متعلق غور ڪيو پيو وڃي.

ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هڪ عظيم الشان مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت عالي جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ ڪئي. ان مشاعري ۾ سنڌ جي مشهور ۽ چوٽيءَ جي شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو.

ان طرح هڪ نشست راڳ ڪانفرنس جي ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ جي وزير صحت جناب عبدالوحيد ڪٽپر ڪئي. ان ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن حصو ورتو. هيءَ نشت رات جو اڍائي بجي تائين هلي پوري ٿي.

جمعيت الشعراء سنڌ جي جنرل بورڊ جي ميٽنگ ۾، ڪن اهم مطالبن متعلق متفقه طور ٺهراءَ پڻ پاس ڪيا ويا، جن جي توثيق ۽ تائيد ڪانفرنس جي کُلئي اجلاس ۾ حاصل ڪئي ويئي. جنرل بورڊ جي ميٽنگ ۾ جمعيت الشعراء سنڌ جي عهديدارن جون نيون چونڊون پڻ ڪيون ويون.

جمعيت الشعراء سنڌ جي تاريخ ۽ نصب العين ۽ ٻاويهن آل سنڌ ادبي ڪانفرنس متعلق پنجاهه تصويرن سان هڪ ڪتاب ايڊيٽر رساله مهراڻ مرتب ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو ۽ جنرل سيڪريٽري جمعيت الشعراءسنڌ مسٽر محمد علي جوهر ان کي پڌرو ڪيو.

ادبي ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن جي مفصل ڪارگذاري هن پرچي ۾ شايع ڪري رهيا آهيون،جنهن ۾ مرحبائي خطبه، تقريرون، ٺهراءَ وغيره اچي وڃن ٿا. اها رپورٽ مسٽر ”ناشاد“ سب ايڊيٽر مهراڻ تيار ڪئي آهي.

جمعيت الشعراء سنڌ جي هن عظيم الشان ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ جي سلسلي  ۾ جمعيت الشعراء سنڌ جي جنرل سيڪريٽريءَ مسٽر محمد عليجوهرجي جدوجهد ۽ مخلصانه خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، جنهن نه فقط جميعت الشعراء جي از سر نوتشڪيل ۾ وڏو حصو ورتوآهي، پر هن کان اڳ به لاڙڪاڻي ۾ وڏي پيماني تي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائي چڪو آهي. اميد آهي ته جوهر صاحب جهڙو با حوصله نوجوان، جمعيت الشعراء کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ زنده، عملي ۽ نمائنده جماعت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.

جمعيت الشعراء سنڌ، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ قديم ۽ تاريخي سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي نمائنده جماعت آهي، جنهن جو بنياد 1946ع ۾ وڌو ويو. اڄ تائين هن جماعت جو ادبي ۽ علمي نصب العين فعال ۽ زنده آهي. جمعيت الشعراء سنڌ جي ادبي ۽ علمي ڪردار ۽ فني نصب العين کي، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.

سنڌ ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي روايت 1921ع ۾ قائم ٿي. ان قسم جي پهرين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻي ۾،  شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ رحه جي صدارت ۾ ٿي. ان کان پوءِ اهڙيون ادبي ڪانفرنسون، سنڌ جي مشهور مرڪزي شهرن ۾ مختلف ادبي جماعتن ۽ علمي مجلسن جي تعاون سان جمعيت الشعراء جي اهتمام هيٺ ٿينديون آيون آهن. اهڙين علمي ۽ ادبي جماعتن ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻه، سنڌي ساهتيه سوسائٽي شڪارپور، سنڌي سڌار سوسائٽي لاڙڪاڻه، بزم بلبل ميهڙ، انجمن آفتاب ادب دادو، سنڌي بزم ادب نوابشاهه،بزم طالب الموليٰ سنڌ، بزم خليل حيدرآباد، بزم ادب جيڪب آباد ۽ بزم نظامي ڪراچيءَ جا نالا سر فهرست آهن.

جمعيت الشعراء سنڌ جو بنياد 1946ع ۾، ستين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور مسلمان توڙي هندو عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي؛ جنهن جو سرپرست عالي جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ ۽ صدر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ سيڪريٽري مرحوم حاجي محمود خادم چونڊيا ويا. لهاذا 1946ع کان پوءِ جيڪي به آل سنڌ ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيون، تن جو اهتمام جمعيت الشعراء سنڌ جي تحت ٿيندو آيو ۽ ٻيون ادبي جماعتون، ان سان تعاون ڪنديون آيون. ان خيال کان 1946ع کان اڄ تائين جمعيت الشعراء سنڌ جو ادبي ڪردار مسلسل ۽ تاريخي رهندو آيو آهي.

جمعيت الشعراء سنڌ جي مقصدن ۽ نصب العين ۾ اهم ۽ قدر جي لائق اهو اصول رهندو آيو آهي ته سنڌي ادب، سنڌي شعر و شاعريءَ، توڙي سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي اشاعت ۽ حفاظت جي سلسلي ۾ سرڪار کان تعاون حاصل ڪيو وڃي، ۽ ان جي مدد سان سنڌ جي مرڪزي توڙي ننڍن شهرن ۾ علمي مجلسن، بزم مشاعرن، ادبي اجتماعن، فني محفلن، ڪتبخانن، هنرن ۽ مصوريءَ جي نمائشن جو رواج قائم ڪيو وڃي. مشاعرن ۾ طرحي مشاعرن جو پڻ دستور قائم رکيو ويو، جيئن نو آموز شاعرن جي فني تربيت جو سامان پيدا ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ ”اديب سنڌ“ نالي هڪ ماهوار رسالو ٻارهن سالن تائين مسلسل شايع ٿيندو رهيو. جمعيت الشعراء جي اهم مقصدن ۾ اهو پڻ پيش نظر رهيو ته فن ۽ ادب، توڙي شعر وشاعريءَ ۾ مقصد ۽ روح پيدا ڪيو وڃي، جيئن ملڪ ۽ ملت، قوم ۽ ان جي حالات جي صحيح ترجماني ۽ رهبري ٿي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com