مٿين شعرن ۾ سئنيما، بمباري، بجلي، فوٽ پاٿ، ڪراچي، سمندر،
بازاريون، ڏيوالا، ھُنڊيون، اخبارون، گهڙيال، بم،
چورنگي، چاڪيواڙو، فون ڊبلن، سکر، بندر روڊ،
انگريز، ٽرا ۾، ۽ چڙيا گهر، سڀ اھڙا لفظ آھن، جيڪي
شھري وھنوار جي حوالي سان شيخ اياز جي شاعريءَ ۾
عام جام ملن ٿا.فڪري پسمنظر سان شعرن ۾ جنھن انداز
۾ لفظن جي اُڻت ڪئي ويئي آھي، اُھا شيخ اياز جھڙو
آرٽسٽ شاعرئي ڪري سگهي ٿو. شعر ۾ ڪوبه لفظ مصنوعي
انداز ۾ ٽنبيل يا ڀرتي ٿيل ڪونه ٿو محسوس ٿئي.
جيڪو لفظ جتي آھي، اُھو اُتي ئي سونھي ٿو.
شيخ اياز پنھنجين تخليقن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حُسن کي نئين سر
نکاريو آھي. ھُن تشبيھن، استعارن ۽ ترڪيبن وسيلي
ٻوليءَ کي جنھن ريت سينگاريو آھي، اھڙا مثال تمام
ٿورا ملن ٿا. ڪجھه شاعرن ۽ نقادن شيخ اياز جي
ابتدائي شعري مجموعن جي ٻُليءَ کي وڌيڪ ساراھيو
آھي. ان سلسلي ۾ ھري ’دلگير‘ لکي ٿو ته:
”سندس تازي شاعريءَ ۾ اڳيون دم ۽ اڳئين اُڇل ۽ اُڏام نه رھي
آھي.جا سندس پھرين پنجن ڪتابن ۾ آھي. اُنھن رچنائن
۾ ٻولي لاجواب آھي.“ [16]
شيخ اياز جتي ڪلاسيڪي شعر لغت کي وري نئين رنگ اياز سان متعارف
ڪرايو. اُتي ھُن جديد دور جي ٻولي ۽ نوان اصطلاحن
کي پنھنجي شعر ۾ آڻي، سنڌي ٻوليءَ کي خوشحال
بڻايو، اھڙيءَ ريت شيخ اياز جي ڌار لغت پڻ ترتيب
ڏيئي سگهجي ٿي. ڌار ڌار تنقيدي راين ۽ اختلافن جي
باوجود اھا ڳالھه پڌري پٽ آھي ته شيخ اياز سنڌي
ٻوليءَ کي گهڻو مالامال ڪيو آھي. انھيءَ نسبت سان
فھميده رياض لکي ٿي ته:
”جيستائين سنڌي ٻوليءَ جو تعلق آھي، اُن لاءِ اياز جو اِھو ھڪڙو
ئي ڪارنامو کيس زنده جاويده رکڻ لاءِ ڪافي آھي ته
ھن سنڌي ٻولي کي نئون جنم ڏنو. جھڙيءَ ريت غالب
اردوءَ کي نئين سر پيدا ڪيو.“ [17]
”شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏيندڙ تخليقڪار آھي، ”اِھا
راءِ عقيدت جي بنياد تي جذباتي راءِ ناھي، پر اُن
لاءِ سوين دليل ۽ مثال آھن. شيخ اياز جا تخليقي
مجموعا ۽ اُنھن ۾ موجود فڪر، آرٽ ۽ ٻوليءَ جو
معيار ايترو مٿانھون آھي، جو سنڌ سدائين اُن تي
فخر ڪندي رھندي.
حوالا
[1] شيخ اياز:
”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، نيو فيلڊس پبليڪيشن،
حيدرآباد، 1986، صفحو 55.
[2] طارق اشرف: ”شيخ اياز نمبر“ 2، ماھوار ”سھڻي“، حيدرآباد،
1991ع، صفحو 18.
[3] ”فڪرِ اياز“، مرتب آصف فرخي ۽ شاھه محمد پيرزادو، مڪتبه
دانيال، ڪراچي، 1998، صفحو 325.
[4] شيخ اياز:
”وڄون وسڻ آئيون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد،
1973ع، صفحو 18کان 78.
[5] شيخ اياز:”اُڀر چنڊ، پس پرين“، نيو فيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع، صفحو 142.
[6] شيخ اياز:”وڄون وسڻ آئيون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد،
1973ع.
[7] شيخ اياز:”وڄون وسڻ آئيون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد،
1973ع.
[8] محمد ابراھيم جويو:”ڪي جو ٻيچل ٻوليو“ (مھاڳ)ابن حيات
پبليڪيشن، حيدرآباد، 1970ع، صفحو 28.
[9] شيخ اياز:”وڄون وسڻ آئيون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد1973ع،
صفحو 17_107
[10] شيخ اياز: ”ڪتين ڪَر موڙيا جڏھن“ ڀاڱو 3، سنڌي ادبي اڪيڊمي
ڪراچي، 1996ع، صفحو 171
[11] احمد سليم:”جو بيجل ني آکيا“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄامشورو 1976ع،صفحو 23.
[12] شيخ اياز:”وڄون وسڻ آئيون“، زيب ادبي مرڪز،حيدرآباد،
1973ع، صفحو 47.
[13] شيخ اياز:”سورج مکي سانجھه“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد،
1993ع، صفحو 305.
[14] شيخ اياز :”رڻ تي رم جھم“،نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد،
1986ع، صفحو 81_45
[15] شيخ اياز:”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد،
1986ع.
[16] ھري دلگير: ”شيخ اياز نمبر2“ ماھوار”سھڻي“، حيدرآباد
1991ع، صفحو 37.
[17] فھميده رياض:”حلقه ميري زنجيرڪا“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
1979ع.
”.... جرمنيءَ جو عظيم فيلسوف ڪانٽ، ڪانسبرگ يونيورسٽي ۾ استاد
ھو. ھن سڄي عمر پڙھڻ پڙھائڻ ۾ صرف ڪئي، ايتري قدر
جو شادي به نه ڪيائين. آخرڪار ستونجاھه سالن جي
عمر ۾ پندرھن سالن جي سخت محنت کان پوءِ 1781ع ۾
”خالص عقل جي ڇنڊ_ڇاڻ“ (Cntiqne
of pure reason)
لکي وڏي شھرت حاصل ڪيائين.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
[”صوفي لا ڪوفي “،ص 23]
سنڌ ۾ ڪلھوڙا حڪمراني
(ھڪ سرسري جائزو)
محمد نامدار خان بوزائي
سنڌ جي تاريخ پڻ ايتري ئي شاھوڪار ۽ دلڪش آھي، جيتري اُن جي
ٻولي، ثقافت، روايتون، اخلاقي قدر ۽ تھذيب توڙي
تمدن، اِنڪري نه رڳو پاڙيسري طاقتن پر دور دراز جي
قوتن جھڙوڪ پورچو گيزن ۽ انگريزن کي به سنڌ تي
حملي لاءِ ڪشش پيدا ٿي.اُن پس منظر م مقامي قبيلن
ھمٿ ڪري ڌارين طاقتن سان مسلسل مقابلا ڪيا. اسلام
جي آمد بعد ھتي جي ماڻھن ۾ وڌيڪ سجاڳي آئي ۽ سنڌ
جي عوام ۾ جاڳرتا وڌي. ھي شعوري سفر موجوده دور ۾
انساني حقن جي اڻٿڪ جدوجھد تائين اچي پھتو آھي.
اھڙي سماج جي پختي جوڙجڪ لاءِ جدوجھد ٿيندي رھي
آھي، جنھن ۾ بنيادي قدر حاوي ھجن: عوام کي ھڪ جھڙا
موقعا، جيوت ۾ عزت ڀريو مقام، ماڻھوءَ جو ماڻھو جي
ھٿان ھر قسم جي استحصال کان تحفظ، تحرير ۽ تقرير
جي آزادي، گذر سفر جي وسيلن جي حاصلات جي
ڪُشادگيءَ، ٻانھپ کان تحفظ جا اڄ به ميڊيا ۾ رپورٽ
ٿيندي رھي ٿي، سماجي _ مذھبي ۽ سياسي رتبي لاءِ
خودمختياريءَ جو حق ۽ سامراجيت کان تحفظ، جا وقت
به وقت، ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ موجود ھجي ٿي.
ان صورت ۾ سنڌ سماجي ۽ سياسي لحاظ کان انقلابي تبديلي چاھي ٿي.
اُن ھندو سامراجيت کي ڏٺو ھو، عرب حاڪميت کي پرکيو
ھو ۽ ترڪ، افغان ۽ ھندي مغلن جي حڪومت کي به
آزمايو ھو.
ڪلھوڙا پھريان دور انديش ماڻھو ھئا جن کي مقامي روايتن ۽ جذبن
جو پورو پورو احساس ھو. اِھو ئي خاص سبب ھو، جنھن
ڪري ھو انقلابي بنياد ۽ سنڌ ۾ آبرومندانه
خودمختياريءَ جو علم بلند ڪيائون. مغلن جو دٻاءُ ۽
زور زبردستي عروج تي ڏسجي ٿو. اُن دور جي ڪن عالمن
جي رويي به کين اِن سطح تي پھچايو ھو. ابتدا ۾
ڪلھوڙن کي ڪي به سياسي ارادا ڪونه ھئا، هو درويش
صفت مذهبي انسان هئا، جن جو تعلق سيد ميران محمد
جونپوريءَ جي فڪر سان ھو. سيد صاحب جو وڏو ڏاڏو
سيد عثمان شيرازي ھڪ وڏو عالم ھو ۽ سن 1398ع ۾
تيمور سان گڏ دھليءَ پھتو ھو، جتان پوءِ جونپور
ھليو ويو. اُن وقت جونپور علم ادب جو مکيه مرڪز ھو
۽ ھن شھر کي ھند جو شيراز سمجھيو ويندو ھو.
بدقسمتيءَ سان ھمعصر اسڪالر مھدي جونپوريءَ کي گهڻي اھيمت نه ٿا
ڏين، جڏھن ته ھن جو اثر ۽ تعلق سنڌ، بلوچستان،
مڪران، افغانستان مسقط، ڪرمان، ڏکڻ خراسان، وچ
پنجاب، سرائڪي پنجاب، گجرات، مانڊو، پالنپور،
احمدنگر، جوڌپور، جئپور جلور، ناگور، بيجاپور،
برھانپور، بيانه، ميسور، برار، مارواڙ، دکن ۽
مدراس جھڙن علائقن سان گهاٽو ھو. اسان جا تاريخدان
۽ عالم اخلاقيات جي ھن درس کي ڇوٿا وسارين، جو
قرآن مجيد اسان مان ھڪ ھڪ کي ڏنو آھي:”۽ سچ کي ڪوڙ
سان نه ملايو ۽ نڪي اوھين ڄاڻڻ ھوندي به سچ
لڪايو.“ (سوره البقره، آيت 42)
ھي ھڪ روشن حقيقت آھي ته سيد محمد جونپوريءَ جي لکين مريدن، جتي
به اُھي رھيا، انسانذات جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو
آھي. قومي زندگيءَ جي ڌارا ۾ اُنھن ھميشه مکيه ۽
مثبت ڪردار ادا ڪيو. اسين قاضي قادن، مير شھداد
خان، ميرچاڪر خان ۽ تازي دؤر ۾ نواب بھادر يار جنگ
جي خدمتن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون.
ڪلھوڙن جو مذھبي عقيدو سندن تاريخ جو اڻ ٽٽ حصو آھي. سندن عقيدو
سياسي طاقت جو سرچشمو ھو. اُن کان انڪار اوندھه ۾
لٺين ھڻڻ جي برابر ٿيندو. سنڌ جي عام ماڻھن سندن
پاسو اُن وقت ورتو، جڏھن پاڻ فقيري ۽ اڻھوندي واري
حالت ۾ ھئا. سندن مريدن جو وڏو حلقو ھو، جنھن ۾
ڪيئي قبيلا ڏسجن ٿا. اُنھن جي مذھبي پاليسي ۾
پيرڀائي واري خاصيت کي مولانا ابوالڪلام آزاد ڏاڍو
ساراھي ٿو: ”ھي ماڻھو عجيب غريب عادتن سان رھندا
ھئا، جيئن صحابه ڪرام جو طور طريقو ھو.“ (تذڪره، ص
41، جاويد بردارس لاھور)، ص 54تي وڌيڪ لکي ٿو ته:
گهڻي معلومات ”تذڪره الواصلين“ ۾ شيخ دائود واري
باب ۾ آھي. ھي معلومات عجيب ۽ دل کي وڻندڙ آھي ،
جنھن ۾ تعجب خيز تجربن جو ذڪر ملي ٿو. دل چوي ٿي
ته اُنھن سچار ماڻھن جي ڳالھه پئي ڪجي ۽ ٻُڌجي.“
وڌيڪ لکي ٿو ته: ”صديون گذري ويون آھن پر اڄ به
اُنھن جو ذڪر ٿئي ٿو ته دل چوي ٿي ته ڪاش اسين اُن
دور ۾ ھجون ھا ته اسان جي دلين تي ڪھڙو اثر ٿئي
ھا.“
ھي ماڻھو شھرن ۽ آبادين کان پري پنھنجين مخصوص ڪالونين ۾ رھندا
ھئا، جنھن کي پاڻ ”دائرو“ سڏيندا ھئا. مقامي لساني
اثرن جي ڪري ھي لفظ ’ديرو‘ يا ’ديره‘ ۾ تبديل ٿي
ويو آھي، پر اڄ به ڪٿي ڪٿي اھي لفظ اصل صورت ۾
موجود آھن. لاھور ۾ دائره لنگر خان، ڪوٽ ادو ۾
دائره دين پناھه، دائره دراز (جو ھاڻي دراز سڏجي
ٿو، جتي سچل سرمست جي درگاھه موجود آھي)، تربت ۾
دائره گرگي بالگٽور، وغيره. ھن ڏس ۾ نئون ديرو
(لاڙڪاڻو) ته پنھنجي اصليت جي بنھه چٽائي ڪري ٿو ۽
ان طرح سان دائره بستي، جو ملتان کان ٻاھر آھي.
ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان به دائره آھن،
ڇو ته اُھي مھدوي آباديءَ سبب گهڻو مشھور آھن.
مقامي حاڪمن ۽ بادشاھن علماء سوءِ جي مدد سان مھدوين کي ڊوڙايو
۽ مارايو. روشن ضمير بزرگ ميان آدم شاھه ڪلھوڙو ھن
حيات بخش فڪر سان لاڳاپيل ھو. ھن پڇڻ بجاءِ وڏيءَ
دانشمنديءَ سان مردانه وار مُنھن ڏنو. آخرڪار
ملتان جي حاڪم جي حڪم تي ميان صاحب کي موت جي سزا
ملي، پر پاڻ ھيڻي ڪونه ٻوليائين. تاريخ ۾ ھن
معامله فھم ۾ بھادر مذھبي اڳواڻ کي وڏي عزت سان
ياد ڪيو وڃي ٿو.
مھدوي مسلڪ ۾ ”امربااالمعروف ونھي عن المنڪر“ تي گهڻو زور ڏنو
وڃي ٿو. ايمانداري، برابري، سماجي انصاف،
حقوقالعباد ۽ حقوق الله، خاص رتبو رکن ٿا. اُن دور
۾ مسلمان اصل ۽ دُرست اسلامي تعليم کان گهڻو پري
رھجي ويا ھئا. قضا جي سرشتي جو ٻٽو معيار ھو.ڏوڪڙن
تي فتويٰ وٺڻ آسان ھو. مولانا آزاد ”تذڪره“ ۾
اِنھن خرابين جو گهڻو ذڪر ڪيو آھي. اسلام جي اصل
روح کي اجاگر ڪرڻ جي گهڻي ضرورت ھئي. ميان آدم
شاھه ۽ سندس مريدن ھن پيغام کي ھٿ ۾ کنيو. ڪجھه
ڳالھين جو ذڪرمناسب رھندو: خدا تعاليٰ ۽ پيغمبر
اسلام جي فرمانبرداري، امرباالمعروف، اجماع، عشر،
توڪل، ھجرت، صحبت صادقين، ترڪ حب دنيا، الله جو
ذڪر، تذڪيه، طلب ديدار الاھي.
اُن دور ۾ معاشي ڍانچي کي اُن ريت ڏسڻ کپي ته ”ڪسب“ تي ڏه سيڪڙو
(عشر) محصول وجھبو ھو. ھي اُن تي لاڳو ٿيندو ھو جو
”دائري“ کان ٻاھر ڪم ڪندو ھجي. اُن سان گڏ ”صاحب
نصاب“ کان زڪواة به وٺبي ھئي. اوليٰ الامر موجب
رياست ۾ پيدائشي ذريعن تي سڀني جو ھڪجھڙو ۽ ھڪ
جيترو حق تسليم ڪيو ٿي ويو. ٻئي طرف دولت جي
حاصلات يا گذر سفر جي ذريعن تي ھڪ ھٽي، مسلڪ جي
خلاف تصور ڪئي ٿي ويئي. ھن صورتحال کي نئين نسل جي
حق تي ڌاڙو سمجھيو ٿي ويو. حقيقت ۾ عشر جو نظام ۽
معاشي ذريعن جي تقسيم، تحقيق ۾ عشر جو نظام ۽
معاشي ذريعن جي تقسيم، تحقيق لاءِ جداگانه مطالعو
گهري ٿو.
ميان آدم شاھه ڪلھوڙو مٿي ذڪر ڪيل نظريي تي برجستگيءَ سان عمل
پيرا ٿيو، اِنڪري آسپاس جا زميندار۽ جاگيردار
ڪاوڙجي پيا، ڇو ته ھاڻي ھارين کي پيدائشي ذريعن ۾
برابر جو حصو ملڻ لڳو ھو. اُن کان علاوه محروم
طبقن کي معاشري ۾ عزت جو درجو ملڻ شروع ٿي ويو.
لاڳاپيل فردن کي ھڪ ڪٽنب جو ڀاتي تصور ڪيو ٿي ويو.
سچ ۽ سماجي انصاف، سنڌ ۾ ماڻھن کي ھن تحريڪ طرف
ڇڪي رھيو ھو.
ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي ”برصغير پاڪ وھندڪي ملت اسلاميه“ ص
173تي لکي ٿو ته: اُن طريقي سان مذھبي اعتقادن کي
ڪُچلي نه ٿو سگهجي مخدوم الملڪ(عبدالله سلطان
پوري) مھدوين کي ختم ڪرڻ لاءِ زوردار مُھم ھلائي
جا ڪامياب ٿي. پر درست عقيدي کي لاعلاج طريقي سان
نقصان پھتو. اُن موڙ تي ٻن ڌرين ۾ تفاوت ھي ھو ته
مھدوين راسخ العقيدي وارن عالمن جي ڀيٽ ۾ سيد محمد
کي مھدي تسليم ڪندي اسلامي فرضن تي رھڻ جو وچن ڪيو
ھو. حقيقت ۾ ھڪ عجيب وغريب صورتحال ڏسڻ ۾ آئي ٿي.
طاقتور زميندارن ۽ مظلوم ڌرين ۾ وڌندڙ فرق سبب
تحريڪ جي مخالفت ۾ شدت پيدا ٿي، اِنڪري ھر ايندڙ
ڏينھن تي تحريڪ ۾ گهڻن ماڻھن جي شموليت جي راھه
ھموار ٿي. مھدوي طريقي جي پوئلڳن تي نه رڳو سنڌ ۾
پر سڄي ھندوستان ۾ سختي شروع ٿي. سوين ھزارين
ماڻھن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڪجھه ماڻھن کي
ته موت جي سزا به ڏني ويئي . بيانه ۽ گجرات ۾ فوجن
جي ذريعي مھدوين کي ختم ڪرڻ جا قدم کنيا ويا.
عدالتن ۽ مولوين کي چيو ويو ته رياست جي اھڙي قدم
جي حمايت ڪن. رياست ۽ سندس مذھبي طبقي ھڪ ٻئي جي
دل کولي مدد ڪئي. سندن ظلمن کي ڪوبه روڪڻ وارو نه
ھو، ڇو ته اُن دور ۾ نه ته انساني حقن جون ڪي
تنظيمون ھيون ۽ نه وري بين الاقوامي انصاف جون ڪي
عدالتون ھيون، انڪري ھن فرقي جو وڏو تعداد زير
زمين ھليو ويو.
علامه فيضي ۽ علامه ابوالفضل جو والد شيخ مبارڪ سنڌي پڻ مجبور
ٿي لِڪي ويو. ڪيئ سال پاڻ روپوشن ۽ پناھگيرن واري
زندگي بسر ڪندو رھيو. محمد حسين آزاد پنھنجي مشھور
ڪتاب ”دربار اڪبري“ ۾ اھڙا تفصيل ڏنا آھن. ميان
سيوھاڻي سنڌي، جو قاضي قادن جي اولاد مان ھو،
لاھور ۾ پناھگير ٿي گمنام زندگي گذارڻ لڳو. ھي
عرصو چاليھن سالن تي محيط آھي. سندس پوئلڳن ھن
بزرگ کي قادري مشھور ڪيو ته جيئن مھدوي نه سڏجڻ
سبب سندس بچاءُ ٿي سگهي. ائين ميان مير جو مرشد
حضرت سيد خضرپڻ سيوھڻ ۾ گمنام زندگي گهارڻ لڳو.
تاريخ کي اھا خبر ڪانھي ته پاڻ ڪير ھو. حقيقت ۾
پاڻ سيد محمد جو پڙپوٽو ھو. سندس حسب نسب جو سلسلو
ھن ريت ملي ٿو: سيد خضر بن سيد اشرف بن سيد يعقوب
بن سيد محمود بن سيد محمد مھدي عليـﮧ رحمته .
حاڪمن ۽ بادشاھن کي اھو محسوس ڪرايو ويو ھو ته سيد محمد جي
اُڀار سان سندن حاڪميت جو دور پورو ٿيندو. اجماع
جو نتيجو ھي ٿيندو ته ماڻھو بغاوت ڪري حڪومت تي
قبضو ڪندا. ڪجھه حڪمران ھن پروپيگندا جي اثر ۾ اچي
ويا. اُن وقت مھدوي عالمن کي خريدڻ لاءِ ڪوششون
ٿيون. شيخ عاليءَ کي محتسب اعليٰ جو منصب ملڻو
ٿيو. ھيءَ آڇ سليم شاھه سوريءَ پاران ٿي. انڪار
ڪرڻ تي شيخ کي سرعام بڇڙو ڪري مرڻ جھڙو ڪيو ويو.
اُنھن جي اولاد کي زمينون ڏنيون ويون، پر اُھي خوف
۾ ورتل ۽ ڊپ واري حالت ۾ ھئا.سندس ڪيئي مريد روپوش
ٿي ويا ۽ ڪي سنڌ، پنجاب ۽ دکن ڏي ھليا ويا. بھرحال
چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو ويو، جنھن
کي رياست جي پٺڀرائي حاصل ٿي. اِن ريت گجرات
(ڀيلوٽ) ۾ سيد محمد جي پٽ سيد محمود کي پڻ تنگ ڪيو
ويو. ھن کي قيد ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو، جو پوءِ نيم
مرده حالت ۾ ڏٺو ويو. دائري جي ٻارن ۽ عورتن جي
بيحرمتي ڪئي ويئي. اُنھن کي ميلن تائين ڄُنڊن کان
وٺي گهليو ويو. اھڙو احوال حافظ محمود شيراني
لاھور جي اورينٽل ڪاليج مخزن جي سال 1940ع واري
پرچي ۾ ڏنو آھي.
ميان عبدالرشيد گجراتي، سندس پٽ ميان شاڪر ۽ ميان محمود کي 24۽
26 رمضان المبارڪ 979ھه (1571) تي شھيد ڪيو ويو.
ميان مصطفيٰ ۽ پٽس ميان عبدالله تي به بدترين تشدد
ڪيو ويو، پر اُنھن مھدويت کي نه ڇڏيو. مڪليءَ تي
دفن ٿيل شيخ جيئو (مڪليءَ جو ڏيئو)، ميان
عبدالرشيد جو شاگرد ھو. عبدالرشيد اصل ۾ ميان
دلاور جو خليفو آھي، جيئن سيد ولي سڪندر آبادي
”سوانح مھدي موعود“ ۾ لکيو آھي. عبدالرشيد جو پٽ
ميان مصطفيٰ پوڙھپڻ جي باوجود به ٻن سالن تائين
اذيتون ڀوڳيندو رھيو. شھنشاھه اڪبر جي سامھون حجاز
مان آيل فتويٰ جي آڌار تي عالمن جو ڪَٺ ٿيو. اڪبر
سندس حمايت ڪئي ۽ ازالي طور زمين جي آڇ ڏني، جا
ميان مصطفيٰ قبول نه ڪئي. سيد محمد جي پٽ ميان سيد
علي کي ڀِتِ ۾ زنده دفن ڪيو ويو. اُن وقت مشڪل سان
ھن جي عمر ويھه سال ھئي. چيو وڃي ٿو ته بچي ويلن
بلوچستان ۾ پناه ورتي.
سنڌ جي ڪلھوڙن ۽ سندن پيرڀائين جي اوائلي تاريخ ھي آھي ته تحفة
الڪرام موجب سن 1592ع ۾ مغل ڪمانڊر عبدالرحيم
خانخانان سنڌ جي فتح وقت ميان آدم شاھه وٽ دعا
لاءِ آيو ھو. خانخانان بزرگ جي لنگر خاني لاءِ
چانڊڪي ۾ جاگير ڏني ھئي، ليڪن اڳتي ھلي مغلن ۽ آدم
شاھه ۾ تصادم ٿيو. ميان صاحب کي ملتان ۾ کڻي ويا،
جتي کيس ڦاسي ڏنائون. زمانو ھن حادثي جا زخم ڀري
رھيو ھو، پر زميندارن ۾ مُلن کي آرام نه آيو.
سازشون جاري رھيون. نيٺ ميان شاھه علي (عرف ميان
شاھل محمد) کي ذاتي طرح سان ھڪ معرڪي ۾ قتل ڪرايو
ويو. ھڪدم ميان نصير محمد ھن جي گادي سنڀالي. ھن
کي 1675ع ۾ گرفتار ڪري اورنگزيب جي درٻار ۾ موڪليو
ويو، جيڪو شريعت جي معاملي ۾ ھڪ سخت گير انسان ھو.
عام خيال ھو ته شھنشاھه سلامت خود عالم آھي، سو
پاڻ ميان نصير کي ڪافر قرار ڏئي قتل ڪرائي ڇڏيندو.
ھتي وري ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ حق جي سوڀ ٿي.
عالمن پاران اورنگزيب تي دٻاءُ پيو ته درٻار جي
مُلن ۽ مھدوين جي وچ ۾ مناظرو ڪرايو وڃي، ته جيئن
حق سچ جي خبر پوي ۽ سنڌ جي سرواڻ ميان نصير محمد
ڪلھوڙي کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. ھن بحث کي
”عالمگيري مباحثو“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو 1678ع ۾
احمدنگر ۾ منعقد ٿيو. نتيجي ۾ نه ته بادشاھه ۽ نه
وري عالم اھڙي ڪا چيز دريافت ڪري سگهيا، جو ميان
نصير محمد تي ڪفر جي فتويٰ لاڳو ڪري سگهجي . ھڪ
راءِ آھي ته ھن مباحثي جي نتيجي ۾ ميان کي آزادي
ملي. پاڻ ڪامل ولي ۽ صوفي ھو. سندس رتبو ميان آدم
شاھه جيترو ھو. پاڻ ھڪ داناءُ ۽ مدبر انسان ھو،
جنھن کي خاص توڙي ٻيا عام ماڻھو گهڻي عزت ڏيندا
ھئا. پاڻ عالم باعمل ۽ مرشد ڪامل ھو. ھو پورو
متوڪل انسان ھو جو صرف الله جي ذات کان ڊڄندو ھو.
ھي ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ميان نصير محمد اولين ڪلھوڙو مرشد ھو، جو
سرڪاري فوجن سان 1675ع ڌاري وڙھيو ھو. اھو لشڪر
بکر جي گورنر مير يعقوب موڪليو ھو. ھن معرڪي ۽
وڌندڙ فوجي طاقت سبب، دھلي درٻار محدود حلقي ۾
ميان نصير کي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو. اِن ريت 1681ع
ڌاري ڪلھوڙا خاندان جي حڪومت جو بنياد پيو. اڳتي
ھلي آھستي آھستي دھلي درٻار جي سنڌ ۾ طاقت گهٽجي
ويئي، جڏھن ته ڪلھوڙن جي حڪمراني مضبوط ٿيندي رھي.
ھيٺ اسين مکيه ماڻھن جا نالا ڏينداسين جي ميان سان
گڏ ھئا: فوجو فقير سومرو، شاھه پنجو سلطان، مير
صوبدار ٽالپر، جنگو خان جمالي، حاصل فقير لاشاري،
مراد ڪليري، باغو چانڊيو، گولو کوسو، شاھه گودڙيو
کوسو، يارو رند، ڪمال خان مشوري، ميرڻ سولنگي، گل
محمد لغاري، دريا خان برھماڻي، سھراب جتوئي، بلاول
زرداري، ڏونگر مگسي وغيره.
اُن بعد به ڪلھوڙن جون مخالف طاقتون سرگرم رھيون. ظلم ۽ جفا
جاري رھي. ساڳئي مذھبي طبقي جو ٽيون اڳواڻ نشانو
بنيو. ھي ھو ميان دين محمد ڪلھوڙو، جنھن کي
اورنگزيب جي پوٽي شھزادي معزالدين ملتان ۾ نظربند
رکيو ۽ پوءِ موت جي سزا ڏني. ھي واقعو 1700ع ۾ پيش
آيو. معزالدين ماءُ جي طرف کان فقـﮧ جعفريه سان
لاڳاپيل ھو ۽ حڪم ڏنو ھئائين ته جمعي جي خطبي ۾
ٻارھن امامن جو ذڪرضرور ڪيو وڃي ظاھر آھي ته ھن جو
مقصد ”مھدويت“ کي ضابطي ۾ رکڻ ھو. حاڪمن جي ھن
ظالم سبب شديد رد عمل ظاھر ٿيو. ڪلھوڙا نئين جذبي
۽ جوش سان اڳتي وڌيا. سياسي ميدان تي سندن نئين
ظھور عام ماڻھن ۾ کين وڏي مڃتا ڏني. آخرڪار مغليه
سلطنت کي سندن طاقت جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پيو.
ميان يار محمد کي ڪجھه شرطن سان اُتر سنڌ ۾
حڪمرانيءَ جو حق مليو. طئه ٿيل شرطن جو ذڪر غلام
رسول مھر ”تاريخ ڪلھوڙا“ ۾ ڪيو آھي.
ھن معاھدي ۾ دھلي بالادست ڏسجي ٿي. ڪلھوڙن کي به ان جي نتيجن جو
درست اندازو نه ٿي سگهيو. حقيقت ۾ ڪلھوڙا قرآن ۽
سنت جا بيحد پائبند ھئا، اِنڪري پاڻ دھليءَ جي
بادشاھه کي اولي لامر(حڪمران)طور تسليم ڪيائون. ھن
صورتحال کي دھلي درٻار ھميشـﮧ استعمال ڪيو ۽ غلط
فائدا ورتا. خدا جو خوف رکندڙ ميان يار محمد
ڪلھوڙي کي پنھنجي پيرڀائي شاھه عنايت صوفي سان به
قرآني حڪم اولي الامر (حڪمران) واري نُڪتي تحت جنگ
۾ شموليت ڪرڻي پئي. پڪ سان ھي قدم يار محمد جي
حوالي سان ھڪ دکدائڪ فيصلو آھي.
صلح جو ھڪ عھدنامو شاھه عنايت صوفيءَ تي مڙھيو ويو، جنھن ۾ ھن
جي مريدن ۽ خاص ڪري سندس ويجھي مريد مير شھداد خان
ٽالپر صوفيءَ جي سلامتيءَ جي ضمانت ڏني. سرڪاري ۽
شاھي فوجن قرآن مجيد کي شاھد بنايو. ميان يار محمد
۽ مير شھداد به سرڪاري عھدنامي کي سچ تسليم ڪيو
ٿي. پرپوءِ ڳالھه تبديل ٿي ۽ ٺٽي جي حاڪم اعظم
خان، سن 1718ع ۾ پھريان صوفي صاحب کي نظربند رکيو
۽ پوءِ کيس موت جي سزا ڏئي سندس سرکي دھلي درٻار ۾
موڪليو ويو. ھڪ حلقي جي خلاف ھي ڪامياب سازش ھئي،
ته جيئن سندن مريدن ۾ بدگماني پيدا ڪري ڪلھوڙن جي
طاقت کي ڪمزور ڪجي. ھن ھانءُ ڏاريندڙ حادثي تي
ميرجان الله شاه رضوي، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽
شاھه عبداللطيف ڀٽائي گهڻو ناراض ٿيا ۽ ڏکوئجي
پيا.
1738ع ۾ نادرشاھه ھند ۽ سنڌ تي حملو ڪيو. نتيجي ۾ ٻنھي علائقن
جي اقتصاديات کي وڏو نقصان پھتو. ھن سنڌ جي دولت
لُٽي ۽ ميان نور محمد جي ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورھايو.
ميان کي ملڪ جو ٽيون حصو مليو. اُن کان علاوه ميان
جي بھترين ذاتي ڪتبخاني کي به لُٽيائين، ۽ ڪيئي
قيمتي نسخا توڙي قرآن مجيد جا مخطوطا پاڻ سان کڻي
ويو. ڦرلٽ اتي دنگ نه ڪيو، ميان نور محمد ھڪ ڪروڙ
رپيه روڪ ڏنا ۽ پڻ سالانه 20 لک خراج ڏيڻ قبول
ڪيو. ضمانت طور ميان جا ٻه پٽ مرادياب خان ۽ غلام
شاھه به پاڻ سان ايران وٺي ويو. اِن ريت ئي ٻئي
شھزادا خانداني تعليم ۽ تربيت کان محروم رھجي ويا.
ميان يار محمد جي وفات 1719ع ۾ ٿي. بعد ۾ سندس فرزنده ميان نور
محمد حڪمران بنيو. 1736ع ۾ ٺٽو صوبو پڻ سندس حوالي
ٿيو. اُن بعد ڪلھوڙن جي مقامي حڪومت طاقت ورتي.
حاڪميت ۽ حڪمراني لاءِ انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏنو
ويو. سنڌ جي پنھنجي فوج تيار ٿي. روينيو ۽ محصول
وٺڻ جو اختيار به ڪلھوڙن کي مليو. اُن سان گڏ
ڪلھوڙن مرشد جي حيثيت ۾ ماڻھن جي اصلاح ۽ دين جي
واڌاري لاءِ به اُپاءُ ورتا. تاريخن ۾ ھن دور کي
”سونھري دور“ سڏجي ٿو. ڪلھوڙا حڪمرانن جي حاصلات
کي ھن ريت مختصر طرح سان بيان ڪري سگهجي ٿو.
انساني رشتا:
ھي مکيه موضوع آھي جنھن ۾ ڪلھوڙن کي نمايان سوڀ حاصل ٿي.
حڪمرانن ڪوشش ڪئي ته انساني رشتن جي تعميرڪجي، خاص
ڪري مختلف نسلي ۽ مذھبي گروھن جي وچ ۾ يڪجھتي پيدا
ڪرڻ لاءِ کين خاص ڪامراني مھيا ٿي. ھن ڏس ۾ ھندن ۽
مسلمانن جي وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ تي اھم ڌيان
ڏنو ويو.
ھندن تي اعتماد ڪندي کين رياست ۾ اھم عھدا ڏنا ويا. ڪجھه نالا
ھن ريت ملن ٿا: برخوردار مھتو موٽومل، ديوان چيلا
رام، ديوان گهنشام داس، لالا امرت راءِ، ديوان
تارا چند ۽ شيوڪ رام عطارد. اُن پس منظر ۾ اسين
ڪلھوڙن کي مت ڀيد کان آجو حڪمران سڏي سگهون ٿا.
آبپاشي نظام :
ڪلھوڙن بھترين آبپاشي نظام جي تشڪيل ڪئي ۽ ڪيئي واھه کوٽايا.
ليمبرڪ اھڙا تفصيل ڏنا آھن: نارواھه، گهاڙ واھه،
بگهاڙ واھه، شاھه جي ڪور، مراد نارواھه، نصرت
واھه، سرفراز واھه، باغ واھه ۽ بيگاري واھه. اِن
طرح تصور ڪجي ته ڪيتري ويران زمين پوکي ھيٺ آئي.
زرعي طور تي ملڪ ڪيئن خود ڪفيل ٿيو ۽ اُن ريت
ھزارين لکين ماڻھن کي ڌنڌا ۽ ملازمتن جا موقعا
مليا.
مسجدون ۽ مدرسا:
ڪلھوڙن ڪيئي مدرسا جوڙايا، جن سان لاڳو مسجدن جي تعبير به ٿي.
ھن ڏس ۾ خداآباد واري جامع مسجد جو خاص طرح سان
ذڪر ٿيو آھي. ھڪ راءِ آھي ته ڪم جو آغاز ميان يار
محمد جي دور ۾ ٿيو ۽ اُن جي تڪميل ميان نور محمد
جي زماني ۾ ٿي. اسلامي طور طريقي موجب مسجدن ۾
تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي ھئي، پر خاص ڳالھه ته ھن
دور ۾ مسجدن ۾ ”دفاعي سکيا“ جو بندوبست پڻ ڏسجي
ٿو.
مقبرا ۽ قبا:
ڪلھوڙن جي دور ۾ گهڻيون تعميرات ٿيون. ھن ڏس ۾ ميان غلام شاھه
جو وڏو ڪردار آھي.
ميان غلام شاھه ھي اڏاوتون ڪرايون: مقبرو ميان آدم شاھه سکر،
مقبرو ميان شاھل محمد قمبر، مقبرو ميان شاه بھارو
لاڙڪاڻو ۽ مقبرو حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي ھالا.
ميان يار محمد جي حڪم سان ميان نصير محمد جو قبو
اڏايو ويو. ميان نور محمد جي مزار تي مرادياب خان
تعميرات ڪرائي.
ڪوٽ ۽ قلعا:خاص ھي ڪوٽ قلعا آھن جي ڪلھوڙا حڪمرانن جي توجھه سان
وجود ۾ آيا. حيدرآباد جو پڪو قلعو، جو ھاڻي زبون
آھي. بدين جو ڪوٽ ختم ٿي ويل آھي. لاڙڪاڻو قلعو جو
ھاڻي زبون آھي. بدين جو ڪوٽ ختم ٿي ويل آھي.
لاڙڪاڻو قلعو جو ھاڻي بنھه موجود ڪونھي، ۽ ڪڇ جي
ڀرسان شاھه ڳڙه جو قلعو.
بندرگاھه : ميان غلام شاھه ھڪ بندر ”شاھه بندر“ جي نالي سان
تعميرڪرايو. ھن اورنگا بندر جي جاءِ ورتي. علي
بندر به ھن دور ۾ وجود ۾ آيو. ڪراچي بندر ڪلھوڙن
جو زنده جاويد ڪارنامو اڄ به موجود آھي.
شھر ۽ بستيون: ڪلھوڙا حڪمرانن ھي شھر ۽ بستيون وجود ۾ آنديون،
جن جو تاريخن ۾ ذڪر ملي ٿو.
(1) ڳاڙھي: ھي شھر 1681ع کان 1700ع تائين ڪلھوڙن جو سرڪاري ماڳ
(گاديءَ جو ھنڌ) رھيو.
(2) خداآباد : ميان يار محمد جو تختگاھه. ھي شھر پنجاھه ايڪڙن
تي پکڙيل ھو. ڪيئي تعميرات اڄ به موجود آھن.
(3) محمد آباد : 1750ع ۾ ھي شھر ميان نور محمد جي حڪم سان تعمير
ٿيو.
(4)مراد آباد :1753ع ۾ وجود ۾ آيو. نصرپور جي ڀرسان ھن شھر۾ ،
محمد مرادياب خان جي دستاربندي ٿي.
(5)الھه آباد : ميان غلام شاھه جي حڪم سان ھي شھر وجود ۾ آيو.
ھي شھر ”محمد آباد“ جي ڀرسان ھو.
(6)شاھه پور : ھن نالي سان ٻه شھر وجود ۾ آيا، جي نصرپور جي
ڀرسان ھئا. ھنن جي باني ميان غلام شاھه ھو. ھن وقت
ٻئي ھم نام بستيون ختم ٿي چڪيون آھن.
(7)حيدرآباد : نيرون ڪوٽ جي تاريخي ماڳ کي ميان غلام شاھه
”حيدرآباد“ جي نئين نالي سان 1768ع ۾ وجود ۾ آندو.
تاريخي پڪو قلعو به ھن شھر ۾ تعمير ٿيو.
(8)خدا آباد : ھالا جي ڀرسان ميان سرفراز جي حڪم سان، ھي بستي
1775ع ۾ وجود ۾ آئي.
ڪلھوڙا دور ڪجھه نامور شخصيتن کي جنم ڏنو، جن مختلف ميدانن تي
پاڻ ملھايو. مکيه نالا ھي آھن: شاھه عبداللطيف
ڀٽائي، مير علي شير قانع، مخدوم محمد معين ٺٽوي،
مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، محمد حيات سي، منشي
عبدالرؤف، محسن ٺٽوي رجا ٺٽوي، شيخ محمد محفوظ
”سرخوش“، ميرنجم الدين عزلت، مير شھداد ٽالپر،
شاھه بھارو، سيدجان الله شاھه ”مير“، محمد علي
عالي، غلام علي مداح، شاھه علي رضا درويش، ميرلطف
الله عرف مير متارو، مراد ڪليري، بلاول نائچ، مسو
فقير سامٽيو ۽ مخدوم ابوالقاسم ٺٽوي.
ڪلھوڙن جي حڪمراني اھڙن مضبوط بنيادن تي وجود ۾ آئي، جو اُنھن
ھر محاذ تي پاڻ ملھايو. ادب، شاعري، فن تعمير،
زمينن جي اصلاح، آبپاشي نظام جي ترقي، زراعت جو
واڌارو، انتظامي بندوبست، محصولن جي بھتر اوڳاڙي،
فوجي تربيت ۽ عوامي تعليم _ اھرا موضوع آھن جن ۾
ڪلھوڙن گهڻو ڪجھه حاصل ڪيو. 1681ع کان 1784ع تائين
سندن حڪومتي دور کي ، مذھبي يا نسلي مت ڀيد کان
سواءِ، عوامي فلاح ۽ ترقيءَ جو مثالي دور سڏي
سگهجي ٿو. حقيقت ۾ ھر شھري لاءِ ڪلھوڙن، امن سک ۽
سلامتي جو بندوبست ڪيو، جو اڄ وانگر ماضيءَ ۾ به
ھڪ سٺي حڪومت لاءِ لازمي عنصر ھو.
ببليو گرافي
(1) مير علي شير قانع:”تحفـﺔ الڪرام “، اردو، اختر رضوي، سنڌي
ادبي بورڊ، ڪراچي، 1959ع.
(2)مير معصوم بکري:”تاريخ معصومي“، اردو، اختر رضوي، سنڌي ادبي
بورڊ، ڪراچي، 1959ع.
(3)غلام رسول مھر:”تاريخ سنڌ _ ڪلھوڙا دور“، اردو، ٻه جلد، سنڌي
ادبي بورڊ، ڪراچي، 1959ع.
(4)مولانا ابوالڪلام آزاد: ”تذڪره“، جاويد برادرس، لاھور،
1981ع.
(5) حافظ محمود شيراني: ”دائري ڪي مھدويون ڪا اردو کي تعميرمين
حصه“، اورينٽل ڪاليج مخزن لاھور، آگسٽ 1938ع،
نومبر 1940ع، فيبروري 1941ع.
(6)مولانا محمد حسين آزاد:”دربار اڪبري“، اداره، اسلاميات
لاھور، 1988ع.
(7) ڊاڪٽر قمرالدين: ”ھندستان ۾ مھدوي تحريڪ“، انگريزي، اداره
ادبيات دھلي، 1958ع.
(8)اعجاز الحق قدوسي:”تاريخ سنڌ“، اردو، جلد ٻيو، مرڪزي اردو
بورڊ، لاھور، 1990ع.
(9) ڊاڪٽر محمد لائق زرداري: ”والي سنڌ ميان نُور محمد ڪلھوڙو“،
مورو،1991ع.
(10) پير حسام الدين راشدي: ”شاھه شھيد جي سوانح جا ماخذ“، نئين
زندگي، مئي 1970ع.
(11) مولائي شيدائي: ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“، اردو، پاڪستان
مهدوي انجمن ڪراچي 1952ع.
(12) سيد ابوالفتح جلال الدين، ماهوار ”نورولايت“، حيدرآباد،
دکن، مارچ 1991ع.
(13) ايم.ايڇ. صديقيِ ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ترجموِ غلام محمد
لاکو، ٽماهي ”مهراڻ، 2 نمبر، سال 1987ع.
(14) اعجاز الحق قدوسيِ ”گذکره صوفياءِ سنڌ“ اردو، ڪراچي 1959ع.
(15) ابوالقاسم: ”مباحث عالمگيري“، اردو، سيد اعجاز افتخار،
انجمن مهدويه حيدرآباد دکن، مارچ 1980ع.
(16) محمد ابراهيم جويو: ”شاهه سچل سامي“ روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو 1990ع.
(17) محمد قاسم فرشته: ”تاريخ فرشته“، اردو ڇاپو، شيخ غلام علي
اينڊ سنس لاهور.
(18) ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيِ ”برصغير پاڪ و هند کي ملت
اسلاميه“ اردو، هلال احمد زبيري، ڪراچي يونيورسٽي
1987ع.
(19) اي.سي. ڊيوڪ ۽ مَري ٽي. ٽيٽس (ايڊٽ) ”هندستان مين مذهب جي
تلاش“ انگريزي.
(0) عبدلاقادر بدايونيِ ”منتخب التواريخ“ انگريزي، ليفٽيننٽ
ڪرنل وولسي هيگ، جلد ٽيون، دهلي.
(21) عبدالله مگسي: ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي 1994ع.
(22) ماهوارِ ”مهرولايت“ ”جونپور نمبر“ مارچ 1984ع.
(ڪلهوڙا انٽرنيسنل ڪانفرنس، ڪراچي 1996ع ۾ پڙهيل پيپر)
(سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد قاسم سومرو)
لڳـﮧ، پس! لطيف چئي، آگميو آهي،
وٺا مينهن وڏڦڙا، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
وهو مَ لاهي، آسرو الله مان.
لڳـﮧ پس! لطيف چئي، آگم ڪيا الله،
پلر جي پالوٽ سين، پٽن جهليا پاه،
واحد وڏائي ڪيا، مٿي گسن گاه،
سانگين وريا ساه، اُٺو آب اگوندرو،
(ڀٽائي رح) |