سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :17

دهليءَ جو داستان-3

ڪرشماتي سفر

حميد سنڌي

 

4- ڪائو ڪمايوم:

سنڌي شاعريءَ تي بحث جاري آهي. الائجي ڇو هن بحث دوران مولانا غلام محمد گراميءَ جو مشهور مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ياد آيو. سندس ڪيئن مهراڻ ۾ لکيل ايڊيٽوريل ۽ گفتا ياد آيا. هو شاعريءَ لاءِ چوي ٿو:

”شاعري انسانيت جي ضمير جو آواز آهي. اُهو ضمير جو آواز هميشه بلند رهندو آيو آهي ۽ بلند رهندو ايندو. شاعري انساني تهذيب جي حسن ۽ جمال کي وڌائي ٿي، تخيل جي شمع فروزان اوندهه ۽ انڌوڪار جي دنيا ۾ آب حيات ڳولي ٿي.“

گرامي صاحب جديد شاعريءَ لاءِ ائين چيو هو: ”سنڌي شاعريءَ جو جديد دَور ۽ اُن جو فن سنڌي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ قوميت، ادب ۽ روايت جي ڪلاسيڪي هيئت، موضوع، اسلوب ۽ پيشڪش جي اُصول کي، جديد دَور جي قومي ۽ بين الاقوامي تقاضائن جي روشنيءَ ۾ نئين سر زندهه ڪرڻ جي هڪ مقدس جدوجهد آهي، يا ائين چئجي ته فڪري ۽ علمي تجربن جي مسلسل جهاد جو ترقي يافته مرحلو آهي.“

 اِها فڪري ۽ علمي جدوجهد هئي جنهن هند-سنڌ جي شاعرن کان هر دَور کان آگاهي هوندي ڇا نه چورايو:

گرامي صاحب اُن دَور کان آگاهه هو ۽ هڪ نظم ۾ چيو هئائين:

هن دور نا رسيءَ ۾،

آدل جي هيءَ تمنا،

هڪ ڀيرو زندگي ۾،

هڪ بُت نئون بنايان،

هن حسن منتشر کي،

وجدان ۾ سمايان.

اڄ اسان جديد شاعريءَ جي فڪر ۽ هيئت کي اڳيان آڻڻ ۾ جيڪي ڪوتاهيون ڪيون آهن، تن ننڍي ٽهيءَ کي منجهائي ماريو آهي.

بردو سنڌي ڪيترن ٻڌو ڪيترن وساريو هجي، پر سندس غزل جا هي بند ٻڌو. بندش هوندي به هر طرح آزاد آهن:

تنهنجي ياد جا داغ دل ۾ ٻرن ٿا،

وهن نيڻ ٿا نار، شابس هجيئي،

وفا تنهنجي بردي جو ناهي مقدر

جفا هاءِ سُو بار شابس هجيئي.

پرڀو وفا جڏهن مفاعلاتن مفاعلاتن تي غزل هيئن بيهاري ٿو ته ڪنهن بندش جو احساس نه ٿو ٿئي:

ثنا جي بدلي گِلا ملي ٿي،

وفا جي عيوض جفا ملي ٿي،

دل اڳيئي ڏکڻي الڳ وفا ڀي،

ورهه جي پيڙا جدا ملي ٿي.

شاعريءَ جي جديد لاڙن گل گؤنچ ڪڍيا ته ڪيئن ڏياٽيون ٻريون:

جي هِت اياز چيو:

ڪي ماڻهو چيخ ٿين ٿا،

گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي،

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،

جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،

جا دنيا کي بدلائي ٿي.

ته هُت نارائڻ شيام چيو:

ڪرڻي ڪرڻي تي ڪئي صبح پڇا،

دل جي کِڙڪي به کليل آهي ڪا؟

بس ٿيڻ وارو ئي آهي صبح،

پر ڪنهن کي ڏسيان؟

شيام اوجاڳيل هجي ڪو،

ڪنهن کي اوسيئڙو هجي!

ائين ذڪر ڪبو هلبو ته من تي ڪيئن موتي، ڪئين واسديو، ڪئين حاسد، ڪيئن وفا، ڪئين تنوير، ڪئين فتاح، ڪئين نياز، ڪئين ئي گدائي تري ايندا. هينئر هڪ اهڙي شاعر جو آواز آهستي آهستي وڌندو وڃي ٿو ۽ هاڻ گونج بڻجي ويو آهي. هو ڳالهائي هيل پيو، پر ليکا چوکا پروڪا-جنم جنم جا هئا. هيءُ ڪرشن راهي هو، جنهن جي مُک تي هميشه مُرڪ هوندي آهي، پر لڳيم پيو ته هو پنهنجي هن غزل جو منهن موکيو بيٺو هو:

 منهن کڻي مرڪ سان مَکيل آهن،

دل ۾ پر فاصلا رکيل آهن،

انگ ڪپڙي سان اڌ ڍڪيا آهن،

 باقي اڌ شرم سان ڍڪيل آهن.

دل جي بستي ته ڳولهه شهرن ۾،

شهر سڀ سڃ سان وَسيل آهن،

ڪجهه سکي وٺ تون هيءَ ٻولي،

ڏينهن جنهن جا هينئر ڳڻيل آهن.

ڪرشن راهي سنڌ جي الميئي ۽ ٻوليءَ جي تباهيءَ جي انديشي ۾ مبتلا ته ٿيو آهي، پر هو اندر ۾ سڄي سنڌي جاتيءَ جي گهڻگهرائيءَ جو علمبردار آهي:

وطن ويو جن هٿان، ناهي تن آرام،

وسري وسري ڪين ڪي، ڪنهن کان پنهنجو گام،

نديون هِت به جام، پر سنڌو ۾ ڪو ساهه تن

سندس تقرير ۾ وڏو نقطو اِهو هو ته هو پنهنجي ئي وطن مان جلاوطن ٿيا هئا:

Exiled in one’s own country. What a tragedy!

سندس اِهي جملا منهنجي من ۾ اڄ تائين هُرن ٿا:

وطن لئه جان گهوري، پوءِ به ٿوري،

سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آئيا.

راهي جي اِنهن ڪيفيتن جو اسان وٽ ته ڪو به جواب ڪونه هو!

هُن اڄ جي دور کي همٿائيندڙ ۽ ساهي پٽڻ وارو دَور سڏيو. اُن سڄي اُتساهه جو ڪارڻ ”پروگريسو سنڌي موومينٽ“ ڄاڻايو. اِها ڳالهه هُن صحيح ڪئي، پر ”سنڌيت“ جي ٻاريل مچ ۾ ڪئين وڻ وڻ جون ڪاٺيون هيون. ڪي هن سڄي سلسلي کي اجايو سمجهي فڪري طرح سڙي ٻري ويا، ڪي نڪتا ته ڪُندن ٿي نڪتا:

ٿڌي رات ٿڪ ڀڃي ڏکڻ کولي واءُ،

هير هٿان هر هنڌ اچي پيو پڙلاءُ،

ڳائن ويٺا شاهه، ماڻهو منهنجي ملڪ جا.

هيءُ ئي ته اميد جو جهان! ڦري گهري ڳالهه اِها بيهاريائين ته شاعري پابند، آزاد يا نثري- ٻوليءَ کي هر طرح طاقتور بڻايو آهي. سنڌي ٻولي هن وقت مستقبل جي خطرن هوندي به ايتري سگهاري آهي جو شاعريءَ جي ڪهڙي صنف آهي جنهن تي ڀرپور نموني سان ڪم نه ٿيو آهي.

موتي پرڪاش سنڌين جو پيارو، اکين جو تارو، هڪ لاڏلي شاعر وانگر جنهن نموني ۾ وڌيو ويجهيو آهي، اُنهيءَ سندس مان مرتبي کي هميشه مٿي رکيو آهي. هيءُ پي. ايڇ. ڊي ڪيل محقق ۽ اُستاد به آهي. انڊين اسڪول دُبئي جو ورهين جا ورهيه پرنسپل به رهيو آهي. پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ مان به ورهين جا ورهيه رهيس پر کيس دبئيءَ ۾ وڌيڪ سگهارو پرنسپل ۽ اُستاد ڏٺم. سندس سنڌ جي سفر نامي ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيم. سنڌ ۽ دبئيءَ ۾ مليو ته کيس ڪجهه پروڙيم، پر سندس 2001 ۾ ماهنامي ’سپون‘ ۾ هڪ مضمون- هڪ سوال ڇپيو: ”ڇا سنڌ ۽ سنڌين کي ياد نه ڪريون؟“ اُن جو ڪجهه حوالو مون اڳ ڏنو هو، هاڻ لکي ٿو ته:

”ڪلا پرڪاش پنهنجي هڪ شاعراڻي نثر ۾ سدا حيات شاعر شيخ اياز جو ذڪر ڪيو هو ۽ ٻارن جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته اسين سنڌ تڏهن هلنداسين جڏهن شيخ اياز اسان کي سڏائيندو. تڏهن ڀارت ۾ ڪن سنڌين جي ننڊ ڦٽي پئي هئي. هنن چيو هو ته اِهي شاعر ۽ ليکڪ ڪير ٿيندا آهن جيڪي اڃا سنڌ جي مٽيءَ کي ياد ڪن ٿا ۽ هنن جي روح جي ڪڙي اڃا سنڌ سان جُڙيل آهي! ڇو جو شيخ اياز جو نالو ٿا وٺن، سنڌي مسلمانن کي پنهنجو ٿا سڏين ۽ هتي گنگا جمنا جهڙين پوتر ندين کي وساري سنڌوءَ ۾ ساهه ٿا سمائين! هنن جو اِهو دليل هو ته اسان جيڪڏهن پنهنجي ويچار ۽ رُخ ۾ ڦيرو نه آندو ته ڀارت ۾ به ڌاريا ٿي وينداسين. پر پوءِ اِتي جي لاءِ ارجن شاد ئي چيو هو:

سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو،

اصلي وطن جي ڀي ته مٽي کي ڏسڻ ڏيو،

هن روح جي ڪڙيءَ کي نه ورثي کان ڪاٽجو،

ڦٿڪي رهي آ قوم اُنهيءَ کي جيڻ ڏيو.

اُهوئي موتي، اُنهن ئي دليلن سان پنهنجي موضوع ”اڄ تائين سنڌي شاعريءَ جا موضوع ڪهڙا پئي رهيا آهن ۽ اُنهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا تجربا ڪيا ويا آهن؟“ تي ڳالهائي رهيو هو.

جيئن ڪرشن راهي سنڌي غزل جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو هو:

”هند ۾ هن وقت خراب غزل لکيو پيو وڃي، جنهن سان شاعريءَ ۾ انارڪي جو تصور اُڀري ٿو، جنهن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. هند سنڌ جا اديب اِن ڳالهه تي گڏجڻ کپن ته غزل ۾ نئون رنگ برقرار رهي.“

موتي پاڻ گيت غزل جو عاشق آهي. هن هند ۾ غزل جي روايت کي مضبوط ٻڌايو. سندس نينگر صدف شريڪانت سنڌيءَ جو سٺو غزل گو شاعر آهي. غزل هن وقت عام روايتي گل و بلبل واري ذڪر کان مٿي چڙهي آيو آهي. اياز جي جڏهن روايتي دَور جي صنف غزل سان آشنائي ٿي ته اُها صورت ڪجهه هيئن بيٺي:

اي اسيرانِ شب، ٻڌو مون کان

ڪنهن جي زلفن جو داستان هان مان،

دامنِ ترتي وڃ نه اي واعظ،

چشمِ فطرت جو راز دان هان مان.

پر اِها سنڌ جي گيڙو رَتي صوفي شاعري هئي، جنهن اڳتي هلي ’گيڙو ويس غزل‘ جي شڪل اختيار ڪئي:

رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي،

ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ رُئندي رهي،

سر اياز اڄ ڏنو، ڪنهن نه ڄاتو ته ڇو،

رت آڏيءَ تان اُڏيو، سنڌ ڏسندي رهي!

اياز وٽ اُهائي سولي مٺي ٻولي آهي جيڪا هند ۾ به آهي پر جيترو اياز وٽ ردم آهي، موسيقيت آهي، اُن جا پيرڙا مڙيوئي جهنڪار ۽ لوڪ گيت جي روايت سان گڏ پيا پَسبا.

اياز جي شروعاتي وائي، جنهن جو عربي-فارسي بحر تي انحصار هو.

اي زمانن جا ضمير.

’تنهنجي ڪهڙي منزل مقصود آ؟

لوڪ گيت تي آڌاريل پوءِ جي هيءَ وائي ڏسبو، جيڪا پاڻ رقص ۾ جهومي ٿي:

ڪانگ لنوي ڪانگ لنوي، ڪانگ لنوي وو،

آءُ پرين آءٌ پرين سانگ ڪري ڪو، ڪانگ لنوي وو!

يا وري:

”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اُڏري ويندو سانءِ!

حقيقت ۾ اياز بحر وزن ۽ ردم کي گڏي نوان گهاڙيٽا ٺاهيا آهن.

سکي! پيا کي ملين ته چئجانءِ چاندني تو سواءِ نه ٿيندي،

اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ايندي.

يا سندس هيءُ غزل:

هيءُ هُرکُر رين بسيرن جي،

ٿي ويندي ساک سويرن جي.

ذڪر موتيءَ جي موتي وکيرڻ جو هليو پئي ته مان شريڪانت ”صدف“ ڏي هليو ويس. مون کيس 1991ع ۾ دبئيءَ ۾ ڇوڪرو ڏٺو هو. هيءُ ننڍي ٽهيءَ جو نوجوان شاعر 22 سالن کان لکندو پيو اچي. سندس ڏنل ڪتاب مون وٽ آهن. غزل سان سندس عشق آهي. اڄ جو صدف ائين ئي وڌيو آهي، جيئن اياز، موتي، تنوير ۽ شيام وک مان وک ۽ پوءِ ٻرانگهون ڀريون هيون. صدف جي آزاد ڪوتائن جي ڳٽڪي ”وچ وارن کي لٺ بڻائي“ تي واسديو نرمل تبصرو ڪندي لکيو آهي. ’هيءُ هيٺيان مثال صرف انڪري ڏيان ٿو جيئن صدف جي ڌيان تي اِها ڳالهه آڻيان ته هُن لاءِ عزل جي واٽ ئي موزون آهي.‘

آزاد ڪوتا:

ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي ويو آ ذهن سڄو

ڌيان ڪنهن تي ڌري آءُ ڪنهن تي ڌريان

جي غزل جڙي ته:

ذهن سارو ويو ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي آ

ڌيان ڪنهن تي ڌري آءُ ڪنهن تي ڌريان.

آزاد ڪوتا:

پنهنجي پيشاني جي ڪارنهن پڻ

ڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻ ۾ آئي آهي

غزل جي مصرع:

پنهنجي پيشاني سندي ڪاراڻ پڻ

ڇا ڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻ ۾ آئي آ.

امداد حسينيءَ جي شيخ اياز لاءِ لکيل تازي مضمون (جيڪو مهراڻ ۾ ڇپيو آهي) کي ڏسجي يا سهڻي جي شيخ اياز نمبر ۾ سندس مضمون ”جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جڳ ۾“ پڙهجي ٿو ته اياز گهڻ پاسائين شخصيت نه پر گهڻ پاسائين شاعر جا نقش نڪري نروار ٿين ٿا. هُن هڪ ڳالهه ٻنهي مضمونن ۾ ورجائي آهي ته اياز جي سرجيل ۾ هر صنف تي الڳ سان لکڻ جي بيحد ضرورت آهي. هو هن مضمون ”سرجڻهار...“ ۾ لکي ٿو ته ”اياز نه رڳو سڀ کان گهڻين صنفن تي لکيو آهي، پر هُن ڪيترين ئي مرده متروڪ صنفن کي نئين سر جياريو آهي. گيت، دوهو، بيت، وائي، نوان گهاڙيٽا ۽ نيون صنفون، جن کي جياري يا خلقي اياز اُنهن کي اُهو رتبو عطا ڪيو آهي، جنهن جون اُهي حقدار آهن. اياز جي هٿ ڇهاءُ ۾ اُها پارس واري خاصيت آهي، جيڪا لوهه کي سون ڪندي آهي.“

امداد هن مضمون ۾ نارائڻ شيام جي ڪتاب تي سڳن آهوجا جي ديباچي جو حوالي ڏيندي چوي ٿو ته شيام کي سندس قوتن جو آئينو ڏيکاري سگهان. ڇاڪاڻ ته شيام جي شاعري وقت جي دائري ۾ محدود نه آهي ۽ شيام سنڌي شاعريءَ جو نهايت روشن ۽ لازوال باب رقم ڪيو آهي، اِنڪري به سڳن انهيءَ جوابداري کي محدود ڪري نه سگهيو آهي ۽ جوابداريءَ جي انهي دائري کي هو لطيف، بيوس، اياز ۽ شيام جي حوالي سان جديد کان قديم، نئين کان ڪلاسيڪل، اڄ کان ڪالهه تائين وسيع ڪري ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com