[10] مهراڻ جو تازو پرچو نظر مان گذري چڪو آهي،
جنهن مان آءُ ڀرپور لطف اندوز ٿيو آهيان. پرچي ۾
تحقيقي مواد بيحد ڄاڻ ڏيندڙ آهي ۽ تخليقي مواد پڻ
پنهنجي ڀرپوريت جي عڪاسي ڪري ٿو. سائين جمال ابڙي
متعلق ڏنل مواد ڏاڍو لاڀائتو آهي. اوهان سندس ياد
۾ پيرائتو ’پورشن‘ شايع ڪري پنهنجو قومي ۽ تاريخي
فرض ادا ڪيو آهي.
مهراڻ ۾ شاعريءَ جي چونڊ ڏاڍي وڻندڙ آهي. اسحاق سميجي جا غزل
جدت ڀريا آهن؛ اسحاق شاعريءَ جي جديد تقاضائن کي
خوب سمجهي ٿو. امداد حسينيءَ جو طويل نطم ”اپيل“
فني توڙي فڪري حوالي سان هڪ شاهڪار نظم آهي. اِهو
سندس ئي ڏانءُ آهي جو سنڌ جون تقريباً سموريون
ذاتيون ردم ۾ پيش ڪري ويو آهي ۽ اِها پڻ خوبي آهي
ته هيءُ نظم اسان جي قبيلن لاءِ هڪ اهم ۽ وقتائتو
پيغام بڻجي سامهون آيو آهي. مان سمجهان ٿو ته
جيڪڏهن اسان جا قبيلا اُنهيءَ نظم کي ٿورڙو به
ڌيان سان پڙهڻ ۽ اُن جي پسمنظر ۾ گهرائيءَ سان لهي
وڃن ته سندن آڏو اِهي فضول تڪرار بي معنيٰ بڻجي
وڃن.
ابرار ابڙو
[لاڙڪاڻو]
****
[11] مهراڻ سنڌي ٻوليءَ جو علمي، ادبي ۽ ثقافتي دستاويز آهي،
انهيءَ جو ثبوت سرءُ 2004ع جو مهراڻ آهي، پر نظر
ڏنڀاڻيءَ لاءِ ان ۾ ڪجهه غلطيون رهايون ويون آهن،
شايد. هتي آءُ هڪڙي غلطيءَ ڏانهن توهان جو ڌيان
ڇڪايان ٿو.
امداد حسينيءَ پنهنجي مضمون ”گيڙو ويس غزل“ ۾ ضميري پڇاڙين تي
لکندي ”مون کي ڏينم ڇڏي“ بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي،
اُهو صحيح آهي. اهڙي غلطي ته عام ماڻهو به نه ڪندو
آهي، ڇو ته ”ڏينم“ ۾ ”م“ ضميري پڇاڙي آهي، جنهن جو
مطلب ئي آهي ”مون کي“ ته پوءِ ”مون کي“ ڏيڻ جي
ڪهڙي ضرورت؟ پر ساڳئي مهراڻ سرءُ 2004ع جي صفحي 87
تي احمد خان مدهوش صاحب جي هڪ غزل ۾ به ساڳي غلطي
آهي:
جئن جئن عزيز دوست چون ٿا ”بُرو ڀلو“،
تئن تئن سندم ٿيئم ٿو هي حوصلو ڀلو.
”سندم“ معنيٰ ”منهنجو“ ۽ ٿئيم معنيٰ ”منهنجو ٿئي“، اِها غلطي
ڪنهن جي کاتي ۾ وجهجي؟ شاعري جي کاتي ۾ يا امداد
حسينيءَ جي کاتي ۾؟ جيڪو مهراڻ جو چيف ايڊيٽر به
آهي. ٻيو ته مهراڻ جي اندرئين پني تي ايترا نالا
ڏيڻ ضروري آهن؟
ڪريم بخش بلوچ
[ڳوٺ سهارڻپور تعلقو دادو]
****
[12] توڙي جو ”سنڌوءَ“ ۾ واري ٿي اُڏامي، پر مهراڻ ڇولان ڇول
آهي ۽ اُن جون لهرون پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ لوڙهين
ٿيون- اونهي عميق ڏانهن. ”سوچ لوچ“ جي سري تي شاهه
سائينءَ جو شهره آفاق بيت ڏيڻ سٺو لڳو:
”سائين سدائين، ڪريم مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!.
مهراڻ جو سيٽ اَپ ۽ گيٽ اَپ شاندار آهي. مهراڻ پنهنجي خوبصورت
Layout
۽ سهڻي فارميٽ جي ڪري اکين کي پڻ وڻي ٿو. مواد جي
چونڊ، ان جي ٺاهه جوڙ، ايڊيٽنگ ۽
Re-editing
۾ مهارت دراصل هيري کي تراشڻ واري مهارت آهي؛ جنهن
جي ڪري ئي هيرو قيمتي بڻجي ٿو-اهڙي تراش خراش تي
ڀلا هيري کي ڪهڙو اعتراض!
سنڌي شعر ۽ ادب جي زوال جو بنيادي ڪارڻ ڪنهن ماهر ”هيري تراش“
جو نه هجڻ ئي هو. نون پڙهندڙن توڙي لکندڙن لاءِ
سنڌ جي ”ڪلاسڪ شاعريءَ“ جي چونڊ هڪ نهايت ڪارائتو
سلسلو آهي. ”سوچ لوچ“ کان ويندي خطن تائين مهراڻ
پنهنجي پڙهندڙن کي هڪ ئي لهر ۾ لوڙهي ٿو. ائين سوچ
جي سفر جو تسلسل برقرار رهي ٿو. بلڪ آءُ ائين چوان
ته مهراڻ پڙهي پوري ڪرڻ کانپوءِ ئي اهو پنهنجو اصل
ڪم:
“Every Action has a reaction”
ڏيکاري ٿو: اهائي مهراڻ جي سڀ کان
Positive شيءِ آهي- اُن سنڌي ماڻهن کي هڪڙو ڀيرو وري سوچڻ،
ڳالهائڻ، لکڻ ۽ بحث ڪرڻ تي آماده ڪيو آهي. مثبت
ڊسڪشن ۽ ڊيٽ هڪ نئين اُتساهه ۽ اُمنگ جو اهڃاڻ
آهي. مهراڻ ته ان کان اڳ به پئي نڪتو، پر اهو ائين
ئي
Un-Noticed
رهجي ويندو هو- نه دل تي لهر، نه نراڙ تي گهنج ئي
اُڀاري سگهي. اهو نه هئڻ جهڙو هئڻ-بلڪل اسان سنڌي
وانگر!
مهراڻ هڪ نئين تبديلي آندي آهي. اها تبديلي ترقيءَ ڏانهن پهرين
وِک آهي ۽ يقيناً اوهان جي لفظن ۾ چئجي ته:
”تبديلي اچڻي آهي. اسين چاهيون نه چاهيون، اوهين چاهيون نه
چاهيو، تبديلي اچڻي آهي. اُنهيءَ تبديليءَ کي اچڻ
کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، نه اسين نه توهين!“
اسان کي اُن تبديليءَ جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي- هر زنده
قوم وانگر. نه ته اها تبديلي اسان کي پاڻ سان
لوڙهي ويندي- هڪ مرده قوم وانگر!
مون کي اهي سِٽون لکندي ”ڏهين سارڪ رائٽرس ڪانفرنس“ جي
گلوبلائزيشن
(Globalization)
واري سيشن ۾ صدارتي ڪلمات ادا ڪندڙ ڊاڪٽر عابد
حسين ياد ٿو اچي. هن پورو هڪ ڪلاڪ
Extempore
ڳالهايو هو. آءُ پنهنجي ”سارڪ-ساروڻين“ مان ڊاڪٽر
عابد حسين جا ڪجهه جملا هتي ڏيڻ چاهيندس:
”هن پوري خطي ۾ رڳو ٻه ڪلاس آهن. هڪ اهو جو علم/ڄاڻ
(Knowledge)
رکي ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو علم/ڄاڻ نٿو رکي
(Without Knowledge) رڳو ڄاڻ جو اعليٰ معيار ئي ڪنهن تبديليءَ جي اساس بڻجي سگهي
ٿو. اسان کي پنهنجن سمورن مسئلن مان ٻاهر نڪرڻ
لاءِ مضبوط قوت اراديءَ جي ضرورت آهي. اُن لاءِ
اسان کي ذهن جي طاقت درڪار آهي!“ (مهراڻ بهار
2004ع، ص: 232) ۽ ڊاڪٽر حسين هڪ ڪلاسڪ جملو چيو
هو:
“Brain drain is any way better than a brin in
drain!”
اسان وٽ ته
Brain Drain
به ناهي! اسان وٽ ته
“Brain in Drain”
واري شرمناڪ صورتحال زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پوري
طمطراق سان جاري آهي:
”اسين موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي تهذيبن جا امين، اُنهن جي هٿ ۾
رانديڪو بڻيل آهيون، جن وٽ
Muscle Power
آهي، جن وٽ
Money Power
آهي. ماڻهو اسان کي ذرو ذرو ڪري ڇڏيندا. هو اسان
کي لاڳيتو ڌڪي رهيا آهن.... فاشزم ڏانهن!“ (ساڳيو
–ص:226)
سنڌ پڻ اُنهن فاشسٽ قوتن جي چنبي ۾ سوگهي آهي. رتورت آهي.
ڏنجهيل آهي. ڏُليل آهي. انڪري سنڌ جي ”باعلم“ ۽
”باعمل“ – سوچيندڙ ذهن کي اڳيان اچڻو پوندو، متحرڪ
ٿيڻو پوندو- ڇو ته تحرڪ زندگي آهي ۽ سُڪوت موت! ان
موت جهڙي اونداهيءَ ۾ اسان کي ڏيئو بڻجي ٻرڻو
پوندو:
”جيڪڏهن رات آهه اونداهي
ته ڏيئي جان اوهين ٻرڻ به سکو!“
(اپيل-امداد حسيني)
پڇاڙيءَ ۾ آءُ امداد حسينيءَ جي ڪلاسڪ نظم ”اپيل“ مان ڪجهه
سِٽون سنڌين کي ارپڻ ڪريان ٿي:
”پل اَپل لاءِ ٿورڙو سمجهو
ته وطن راڄ ڀاڳ جي هوندي
اڄ اوهين بي وطن ٿيل آهيو
کن اکن لاءِ ٿورڙو پرکيو:
وقت ۽ حالتون تقاضائون
ڪير ٿو چئي اوهين ڪپوت آهي؟
سنڌڙيءَ جا اوهين سپوت آهيو!“
سنڌ جي انهن سپوتن ۽ سَپُترين کان ”وقت ۽ حالتن ۽ تقاضائن“ کي
سمجهڻ ۽ ساڃهه ماڻڻ جي طلب- زندگيءَ جي طلب آهي!
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا!
(شاهه)
سحر امداد
[ڄامشورو]
**** |