”ملهار“ سنڌي
غزل
کوجنائون ڪرڻ لئه ملي زندگي،
روشني ٿي رهڻ لئه ملي زندگي.
ياد دنيا رکي تنهنجي ڪردار کي،
يار اهڙي جيئڻ لئه ملي زندگي.
جوش، جذبو ۽ اندر ۾ چاهت هجي،
سوچ سُندر رکڻ لئه ملي زندگي.
وِکَ وِکَ تي پريشانيون، ڏوجهرا،
ڄڻ ته سورن سهڻ لئه ملي زندگي.
پيار انسانيت سان ڪجي هر گهڙي،
خوب خدمت ڪرڻ لئه ملي زندگي.
تون نه ”ملهار“ ڇڏ ساٿ محبوب جو،
ڪانه جيئري مرڻ لئه ملي زندگي.
”اطهر“ منگي
عيد جي ڏينهن تي
عيد جي ڏينهن تي،
دل جي ڀرجي اچي:
ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن!
ديس جو ڪو سڄڻ،
۽ نه ماڻهو مکڻ،
پاڻ پرديس ۾!
ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن!
پاڙي وارا مِلن،
ڏاڍا ڀاڪُرَ وجهن،
روح ريجهي نه پر:
ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن!
هيڪلو جهاڳجي،
ڪنهن ڊگهي واڪ کي،
هانءُ گهٻرائجي:
ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن!
ڪنهن پرينءَ کي پَري،
فون ڪائي ڪجي،
پر نه ممڪن هجي:
ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن!
ماڻهو
هر ڪو آهه شڪاري ماڻهو!
ڪونه رهيو وهنواري ماڻهو!
رشتن ناتن جي نه سُڃاڻپ،
اهڙو زاري زاري ماڻهو!
ڏاڍن جي ڏاڍائيءَ آڏو،
ويچارو، بيگاري ماڻهو!
ڪلهه جو سڀ کي وڻندو هو،
اَڄُ سو آ بازاري ماڻهو!
هيڏو هُلَ هنگامو پوءِ ڀي،
ڇو؟ ماڻهوءَ جو، ماري ماڻهو!
دل ڌرتيءَ کان ڌار رهي جو،
سو پڪ سان سرڪاري ماڻهو!
’اطهر‘ ڏاڍو ڏُکُ ٿئي ٿو،
ماڻهوءَ لئه آزاري ماڻهو!
بخشل ”باغي“
غزل
سرشٽي سڄي روئي ٻوڙي ڇڏيان،
ازل ۽ اَبد کي نهوڙي، ڇڏيان.
ڏسي مور جا کنڀ رنگين هي،
چوي دل ٿي خود ساڻ جوڙي ڇڏيان.
مسافر ڪو هُن پار جو ڪونه آ،
ڪناري تان ٻيڙيءَ کي ڇوڙي ڇڏيان؟
اي دل! تنهنجي مايوسين جي ڪري،
تعلق تمنا جو ٽوڙي ڇڏيان؟
مُسلسل سِڌو هي سفر ٿو چوي،
اِنهيءَ واٽ کي هاڻ موڙي ڇڏيان.
ازل ۽ اَبد چيخ هن جي ٻُڌن،
ڇُرو وقت جي دل ۾ کوڙي ڇڏيان.
”روشن“ گهانگهرو
ٽيڙو
شايد ناهي نڪُ،
اڄ جي سياستدان کي،
ڍونڍ ۾ اُن جو چَڪُ.
اڄ جو هي انسانُ،
ڪيڏو خالق! ٿي پيو،
وحشي ۽ شيطانُ!
نه ڪا ڀِت نه ڇِت،
کُليل آ جت آسمان،
پاڻ رهون ٿا اِت!
ٻهه ٻهه ٻهڪن ٿا،
تنهنجا سرجيل او اياز!
ٽيڙو ٽهڪن ٿا.
محبت سان مَنَ موک،
خاموشيءَ جي کيت ۾،
احساسن کي پوک!
دل ۾ سُرت سماءِ،
هر ڪو هت مهمان ميان!
دنيا آهه سراءِ.
”انعام“ ٽکڙائي
غزل
شهر هو، ديوانو هو، پٿر هئا،
۽ تماشائي سمورا گهر هئا.
قوم جو هو قتلِ عام ۽ ننڊ ۾،
ملڪ جا سارا وڏا رهبر هئا.
قيد جو آهي جيڻ ڪهڙو جيڻ،
ويا چئي جي ديس جا دلبر هئا.
پاند ۾ اڄ سچ لڪائيندا وتون،
ڇو ته پويان ڪوڙ جا لشڪر هئا.
اڄ به ساڳي رسم آ هِنَ شهر ۾،
جا ڪندا پهرين جڏهن ڪافر هئا.
ٻارڙي جو لاش ڪُتن پئي پَٽيو،
ماءُ جنهن جيءَ جا گهڻا نوڪر هئا!
قبر تي اڄ ڊڀ ڦُٽا آهن، ڪڏهن،
شخص اُن جا اڻ ميا جوهر هئا!
کير بنگلي منجهه پيتو پئي ڪُتي،
جهوپڙيءَ ۾ ٻارَ جا ڌمچر هئا.
جو کِلائيندو رهيو محفل سڄي،
تنهن جي دل ۾ درد جا دفتر هئا.
شعر لکندي مهل گڏ ”انعام“ سان،
لڙڪ، تنهائي، ٻيا ڪاڳر هئا.
اسد ”جمال“ پلي
غزل
عشق رهبر ۽ رهنما آهي،
رهنمائيءَ جي انتها آهي.
پنهنجو سودو زيان ۾ ڇا هاڻي،
هاڻ رنج و محن به ڇا آهي.
ڇا ڪبو مئه کي، مئه جي مستيءَ کي،
هن جي هر نگهه ڪيفزا آهي.
پاڪ دامان جو راز فاش ٿيو،
واسيل مئه سان اڄ قبا آهي.
مسڪراهٽ جو ملهه نه ڏئي سگهبو،
مسڪرائيندو رهه، دعا آهي.
مون کي محشر مبارڪون ٿي مليو،
مهربان مون تي مصطفيٰ آهي.
”شبير“ هاليپوٽو
گيت
نه هئي
نه هئي
درد کي دل نه هئي
درد کي دل نه هئي.
مئڪدي جي مٿان چنڊ ساکي هئو
پياڪ ساڳيا هئا، ساڳيو ساقي هئو
نه هئي
نه هئي
ساڳي محفل نه هئي
درد دل کي هئو
درد کي دل نه هئي.
وقت تي، وقت ڏي پير ڪي ڪي وڌيا
۽ جي پٺتي رهيا ۽ نه جيڪي وڌيا
نه هئي
نه هئي
تن لئه منزل نه هئي
درد دل کي هئو
درد کي دل نه هئي.
مون سوا رات ها نيڻ سارا ستل
۽ ستارا به ڪڪرن جي پويان لڪل
نه هئي
نه هئي
تن جي رِل مِل نه هئي
درد دل کي هئو
درد کي دل نه هئي.
منهن نه ڦيرجان
ڪڏهن ڪٿي ملي وڃين
ته منهن نه ڦيرجان مِٺي!
نه ميڙ جان اُهي ٽُڪر
جي آس جي ٽٽي پوڻ تي
ڦهلجي وڃن مِٺي!
اسين تڙي تڙي؛ ڪري
اُٿي پئون اگر ته تون
وري نه ٿيڙجان مِٺي!
اسين اجل جي راهه تي
اگر هلي پئون ته تون
ڏجان نه ڪا پٺيان صدا
ائين نه ٿئي جو تنهنجي سا صدا ٻڌي
وري اسين وري پئون،
وري جيئون مرڻ جي لئه
۽ آس ڪائي جنم جي،
وري ڀَڄڻ ڀُرڻ جي لئه
تڏهن ته ٿا چئون ائين
ڏٺو به اڻ ڏٺو ڪري لنوائجان
مگر ڏسين ته منهن نه ڦيرجان مِٺي!
جي دل چوي نه سمجهندي
۽ سمجهندي ته آ
اِها به تنهنجي ڪا ادا مِٺي!
تڏهن ته ٿا چئون ته تون،
ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃين
ته منهن نه ڦيرجان، مِٺي!
جعفر ”جاتي“
غزل
هي اُلڪا، ڳڻتيون، ڳاراڻا، ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
هي سارون سڏڪا جهوراڻا، ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
ڇو راتيون ڪاتيون ٿينديون هِن، ڇو ڇيتيون ڇاتيون
ٿينديون هِن؟
ڇو هر هر رسندا هن راڻا، ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
ڇا ڏياچ وساري سرويچي، يا ٻيجل جو فنڪار ٿڪو!
ڇو ساز اچانڪ ٿيا ساڻا، ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
هي جنگ ته ننگي ڏانئڻ آ، جا رڙڪي روح گلابن جا،
ٿي روز ڄڻي ٿاڻا، گهاڻا، ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
هڪ طبقو نير وهائي ٿو، ٻيو طبقو جهومي ڳائي ٿو،
ٿا سوچن ماڻهو ويڳاڻا، ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
ڪنهن خوشبوءَ تي الزام هنيو، ڪنهن رنگن تي زنجير
وڌا،
اي جاني! ڳهلا ڳوٺاڻا! ڇا جيون اهڙو هوندو آ؟
فياض ڏاهري
دُوري
هاڻي ڪنهن جون راهون تڪجن
هاڻي ڪنهن جا سپنا ڏسجن
هاڻي ڪنهن جا رستا جهلجن
وقت رسڻ تي هو به رُسي ويو
لڙڪن ۾ رومال پُسي ويو
ڪنهن جي خوشبوءَ کي چورايون
تنها رات جو گيت غزل
ڪنهن جي وفائن جا ڳايون
جاڳ ندوري ننڊ اڌوري
ننڊ به ناهي خواب به ناهن
اوجاڳن ۾ خيال ستائن
۽ خيالن ۾ تنهنجي دوري
توسان وابسته محبت جا
ڪاڏي هي احساس ڪجن
ڪيئن ڀلا هي جذبا جهلجن
هاڻي ڪنهن جون راهون تڪجن!
علي دوست عاجز
غزل
نيڻ آلا کڻي نِهاريو تو،
ڪهڙو جياريئي، اِهو ته ماريو تو!
ڇو ڇڏي ٿَرُ وڃي اُٺين ڇَر تي،
جو ٻريو پئي اُهو نه ٺاريو تو!
تنهنجي دلڙي ته صاف هئي ’عاجز‘،
ڇاکي روئي پَئي اُجاريو تو.
توکي ساريو سَڀن پَئي دل سان،
وقت ڪيڏو سٺو گذاريو تو!
”ابرار“ ابڙو
غزل
زندگيءَ جي اکين ۾ تون گُل ٿي ٽڙڻ لاءِ ايندي
رهينءَ،
روز خوشبو ٿي، ساهن ۾ منهنجي گهڙڻ لاءِ ايندي
رهينءَ.
مون ته پنهنجون اکيون تنهنجي گهر جي گهٽيءَ ۾
وساري ڇڏيون،
چنڊ ٿي تون دريءَ جي بدن مان کڙڻ لاءِ ايندين
رهينءَ!
عاشقيءَ جي نئين ننڊ ۾ مان جڏهن ڀي خُماريس پئي،
ڳهر ٿي خواب اُجري جو اک ۾ ٿڙڻ لاءِ ايندي رهينءَ.
تنهنجي ڪن ۾ ڪُنوارپ جي اسرار جي ڪا ڪهاڻي ٻُريم،
تون چِڙينءَ؛ پو به هر روز مون ڏي چِڙڻ لاءِ ايندي
رهينءَ.
ڌڙڪندڙ جسم ۾، آءٌ توکي حياتيءَ جان سانڍڻ لڳس،
دل جي مُکڙين تي ڀؤنرن جيان تون مِڙڻ لاءِ ايندي
رهينءَ.
”حُبدار“ سولنگي
غزل
گوري گُل پٽڻ ٿي چاهي،
باغ ۾ تنها بيٺي آهي.
اڄ تائين ڪنهن اينءَ نه چيو آ:
ڇورا! تنهنجي من ۾ ڇاهي؟
هڪ ماڻهوءَ جو ساٿ گهران ٿو،
ڪين چوان ٿو، چنڊ ڏيو لاهي!
پاڻيءَ کي ڪئنواسُ بڻائي،
پِرهه سمنڊ تي سج ٿي ٺاهي.
تون دولت ۾ دٻجي ويندين،
مون کي غُربت ويندي ڊاهي.
مارُو جمالي
نظم
جي نه مان لاهي سگهان،
ايترا ٿورا نه ڪر،
اِئين پنهنجي پيار جا،
ڳَٽَ تون ڳورا نه ڪر،
جي نه مان ٽوڙي سگهان-
واڳ مان ٻيهر متان،
ڪا نه هِت موڙي سگهان-
ڳنڍ ڪا ڳُڻ جي نه ڏي،
جا نه مان ڇوڙي سگهان-
ڇو ته مان ٿورا ڪڏهن،
ڪونه کڻندو هان مِٺي،
پر ڏٺي،
تنهنجي چپن تي مُرڪ جا
ڄڻ سان نياپو نينهن جو،
مون ڀري هئي سرڪ ڪا-
ويس ڌاريو جي اکين،
سانوڻيءَ جي مينهن جو،
رات جو يا ڏينهن جو،
پوءِ رئڻ کان بس نه ڪن-
اِنڪري توکي چيم،
ايترا ٿورا نه ڪر،
جي نه مان لاهي سگهان.
وسيم سومرو
گيت
ڄڻ ته گهلندڙ هير آهي، ڄڻ ته وهندڙ واهه آهي،
پيار بي پرواهه آهي!
روپ ڪيئي رنگ هن جا، رات هن جي چنگ هن جا،
جلترنگي رنگ هن جا،
۽ سندس سُر ساه آهي،
پيار بي پرواهه آهي!
جئن وڃي هن جي رضا آ، جئن اچي هن جي رضا آ،
جئن نچي هن جي رضا آ،
وِر وانگر چاهه آهي،
پيار بي پرواهه آهي!
ڪير سمجهائي سَکين کي، ڪير روڪيندو پکين کي؟
جي لڳو ڪنهن جي اکين کي،
ٿيو سدا آڙاهه آهي،
پيار بي پرواهه آهي!
اچ ته مُرڪي پاڻ ٻَڌجون، پريت جي سوني سڳي ۾،
شام جي ڳاڙهي وڳي ۾،
هيءَ گهڙي اُتساهه آهي،
پيار بي پرواهه آهي!
پُشپا ولڀ
ڳوڙهو
تيز ڪو خنجر کڻان
سيني ۾ هڻي
دل ڪڍي وٺان
گرم، تازي خون ۾ وهنتل
ڦٿڪندڙ دل.
کوپري کولي
تيز ڪارائيءَ سان (مريض جو به خيال ڪرڻو آهي!)
دماغ ڪڍي وٺان
ور وڪڙ،
جو اُڻيل ڄار گائراءِ
(Gyrai)
۽ سلڪاءِ
(Sulci)
سوچ جي ڄار وانگر
هڪ سوچ اچي ٿي ۽ ٻي وڃي ٿي
هڪ ٻئي مٿان وريل
سوچن جو ڄار
نانگن جي ويڙهي وانگر
جنهن ۾ ان جي وات يا پُڇ جي
خبر نه پئجي سگهندي آهي
ڳچي کولي
هر
Layer
آرام سان پاسي ڪري
ڳوڙهو ڪڍي وٺان
جو ساهه کڻڻ نٿو ڏئي
زندگي آسان ڪري ڇڏيان
ڪاش، ائين ڪري سگهان!
عرفانه ملاح
هوءَ
خوبصورت ڇوڪري
Symbol of Self Celebration
ائين ئي چوندا آهن
پر هوءَ ڄاڻي ٿي ته
خالي زهريلي رات
پٿر پٿر لفظ،
لفظ بارود جهڙا،
Compromise and Commitment جهڙا
خود اذيت آسرا،
سڄي رات بستري تي ڄؤر وانگي
هُن سان چهٽيا رهن ٿا-
ٿڪ ٿڪل، ٽُٽل ٽُٽل
وجود ميڙي
زماني سازيءَ جي بائينڊر سان جوڙي
ڪلف لڳل رنگين ڪپڙن سان
تار تار بدن لڪائي
Mabelyne Lipistic لڳائي،
چانديءَ جا پازيب ڇڻڪائي،
Self Celebration جو
Symbol
درد، درد ساهه کي،
ڇم ڇم پازيبن سان
هوائن ۾ اُڏائي ٿي
۽ وڏا وڏا ٽهڪ
سندس چَپ چُمندا رهن ٿا
تڏهن هوءَ
لڙڪ لڙڪ اکين
۽ مست مست چال سان
Self Contradictions. جي رَت سان رڱيل
رات
چُني جهولائيندي به هوءَ
Self Celebration جو
Symbol
ڄاڻي ٿي ته
رُڃ جي تتل واريءَ تي
سمنڊ جو گمان ڪيئن ٿيندو آهي!
عطيه دائود
اهو الائي مون ڇو سمجهيو هو
بستري تي پاسا ورائيندي
ساهه جي ڏور ٽٽي ويندي
پر هيءَ ڪاري رات نه کٽندي.
اهو الائي ڇو سوچيو هوم
نيڻ منهنجا توکي جي نه ڏسندا
ڌرتي ڪاغذ جيان ويڙهجي اُڏامي ويندي
ٺڪاءُ ڏئي اُڀ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو.
ڇو الائي مان ڊڄي وئي هيس
جڏهن تنهنجو هٿ
منهنجي هٿن مان
پَٽ جي ڏور جيان سرڪندو ٿي ويو
ايترو ڇو مون کي غرور هو ته
منهنجي دل جي قلعي جون
مضبوط اُوچيون ديوارون ٽپي
واپس تون وڃي نه سگهندين
هروڀرو مون اُن تي ويساهه آندو
ساهه وانگر تون منهنجي
جسم ۾ رهين ٿو
اڄ اِهي سڀ ڳالهيون پراڻيون
لڳن ٿيون ٻاراڻيون
تنهنجو ساٿ ته
پڙهندڙ ڪتاب جو اُهو پنو هو
جيڪو آخر ڪار مون کي ورائڻو ئي هو.
حُميره نور
هڪ شام!
ڏئي گيت وئي،
آڪٽوبر جي شام!
سندر سپنن جهڙو،
ڏئي ميت وئي،
آڪٽوبر جي شام!
جهڙالي موسم ۾،
ڏئي پريت وئي،
آڪٽوبر جي شام!
سدا امر پيار جي،
ڏئي جيت وئي،
آڪٽوبر جي شام!
غزل
هي سڀ شيون سنڀالي رکو،
گڏ منهنجون اکيون سنڀالي رکو.
اکر به اکر ورقن مٿان،
سال ۽ صديون سنڀالي رکو.
هڪڙو پنهل ۽ ملڻ لئه ڀنڀور،
او منهنجون اديون! سنڀالي رکو.
ڇو اوسيئڙو اٿئي موسم جو،
ڪي من ۾ ڪَتيون سنڀالي رکو.
ڇو ٻُڌندي رهان ڇو سَهندي رهان،
ڪجهه دلبر شيون سنڀالي رکو.
سُندري اُتمچنداڻي
غزل
هيءُ دوزخ آ يا ڌرتي آهه؟
سُک جو ڪين کڻي ڪو ساههُ.
ڏک آ ٽپڪيو ڪونه خدا کان،
آدم ٽپڪي ٺاهيو آ ڏاههُ.
سُک جي سج ۾ تاءُ نه ڪوئي،
دک جو چنڊ سڄوئي آ باهه.
ڪهڙي ڪارڻ ڪوڪي ٿي ريل،
هوءَ ته ڌيئڙي آدم جي ناهه!
غزل
چيوسين پي سڀ گُل ته مُرجهائجي ويا،
ته پوءِ هي سُڳنڌيون ڪٿان سرجي آيون؟
سڄو ساهه خوشبو ئي خوشبو جا گهيرا،
نشي جون هي اُڇلون ڪٿان ڀرجي آيون؟
چيوسين ورق سڀ وساريل ئي سمجهو،
مگر هر ورق تي ٿا مُرڪون وڇايون.
اُجايو نه مڙهجو اسان تي ملامت،
جو سڀني ۾ آهن چڱايون مدايون.
سحر امداد
ڳاٽ-لاٽ
(Tribute
to Yasir Arafat)
ڇا به ٿيو
سورج ڪڏهن
ڪنهن جي پيرن ۾ پوڻ ناهي سِکيو!
۽ اِهو سورج سدا سيکاريو
سورج مُکيءَ کي!
هُو جو سورج هو
سدا روشن رهيو
رملا- يروشلم جي جوڌن نوجوانن جي اکين ۾!
تيز ڪوسو
گرم هو، هُو زندگيءَ وانگي
۽ اُنهيءَ جي ديس جا
سڀ سُورما ۽ سُورميون
سورج مُکين جان
هن ڏانهن چهرو ٿا کڻن
۽ سدائين ڳاٽ تن جا اُڀَ ڏي اوچا کڄن!
اڄ جڏهن
اهلِ فلسطين تان اُهو سورج لڙيو
پوبه
اُنهن سورج مُکين
ڪنڌ لاڙيو ڪونه ڪو
ڳاٽ اوچا ها هُنن جا لاٽ وانگي!
امداد حسيني
سُر مارئي
مارو مِڙني کان مٿي!
جنين پَهه نه پَهيِ، تن تنين لئه تانگهيو،
ڪُٺيءَ مُٺيءَ جي ڪڙم مان، آيو ڪونه ڪَهِي،
اُڀريا سِڄَ لَهِي، لوئِي هَڏِ نه لاهِيَان.
رويو رُئان رَتُ، ڌويو ڌُئان اکڙيون،
سالم رکيمَ سَتَ کي، سوئي سارو سَتُ،
سندو سائُن ڀَتُ، وينديس کينديس کيتَ سين.
ٿريچياڻي، ٿَرُ، سَڏُ پڙاڏي وانگِيان،
سُڀان، هيل، نه پَرُ، وڇڙي وڇڙن ڪينڪي.
ماڙين ۾ ماڙيون، تن ۾ به ماڙيون،
هَر هَر هُرن هانو ۾، ويڙهه/ولر/واڙيون،
طوق ڀڃي تاڙيون، وينديس رهنديس ڪينڪي.
کَٿِي کُٿِي مَرهوءِ، پَٽُ نه اُن سين پاڙِيان،
ريشم تي ريجهي وڃان، آءٌ نه اهڙي جوءِ،
آڌيءَ روح رتولَ ۾، رِيهون ڪريون روءِ،
جن جي آهيان جيئري، تن جي ٿينديس موءِ،
اڳي توڙي پوءِ، اُسهڻ آهه ملير ڏي.
ننگ تڪي جو راڄ جا، راڄ-ڌڻي سو ڪيئن،
رکوالو جو راڄ جو، هاڻُو ٿي پئي هيئن،
ڪري ڪوبه نه ائين، جيئن ڪئي تو سومرا.
ڦوڳ نسورو ڦوڳ، ڄَڻُ ڪُڄَڻ ڪنهن ماءُ جو،
روح رڳو ئي روڳ، ڪُوڙو ڪانئر نِرلڄو.
جنهن ٿالهيءَ ۾ کاءِ، ٽُنگ اُنهيءَ ۾ ئي ڪري،
جيءَ ۾ جايون جي ڏين، تن جو جيءُ جلاءِ،
سجدي جهڙو هنڌ جو، ٿُڪَ اُتي اڇلاءِ،
ٻُڪَ ٻُهَرَ جا پاءِ، پاڻهي پنهنجي ٻُوٿ ۾.
ساڙي ماڙيون ساڙِيان، کانئي ٻاريان کاڄَ،
هِتِ هنيون وِجهلي، هُتي، رِيهون ڪن ٿا راڄَ،
ڪوڙين ڪاڄَ سُڪاڄَ، ڪنديس پنهنجي ڪُڙم سين.
پَٽُ پَٽيهر پَٽُ، ڇُهان ته ڇِيهون ٿي وڃان،
ڏاڏاڻن جي ڏيج جي، کَٿي گُٿِي سِرڇَٽُ،
مُور نه ماروءَ مَٽُ، مارُو مڙنِي کان مٿي.
مارُو مِيرُ اَمِيرُ، ساريو ساريو سارِيان،
سرتين جو مون ڏي مُڪو، تُنڪو جهڙو تِيرُ،
ساري مينهن مليرَ تي، سُڪو نه نيڻين نِيرُ،
انگ رکيم اهڙو اڇو، جهڙو اڇو کِيرُ،
اَڌو اَڌُ اَڌيِرُ، سرير هَڏُ نه سُڌيِرڙي.
هيءِ هيءِ ڌارَ ڌنارَ کان، آءٌ ڌريان ڪئن ڌيِرُ،
پوريان پٽيان اکڙِيون، نڪريو اَچي نيرُ،
مارُو مِيرُ اَمِيرُ، وسرِي وسري ڪينڪي.
هيءَ جي مينديءَ مهڪَ، مهڪي آهه ملير کان،
چيِرَ ڏئي وئي چهڪَ، هيءِ هيءِ هيڪل هانو کي.
امداد حسيني
وايون
(1)
هڪڙي ٺِڪر جي ڏيئي-
-ڏيئي جي آڌار وويار!
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪٽيسين!
اوڻٽهينءَ جي گهُگهه اونداهي، اُها به اَپرم پار
وو يار!
هڪڙي ٺِڪر جي ڏيئي-
-ڏيئي جي آڌار وو يار!
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪٽيسين!
لويارين جي لُڇندِي لُڇندِي، لونءَ لونءَ منجهه
لغار وو يار!
هڪڙي ٺِڪر جي ڏيئي-
-ڏيئي جي آڌار وو يار!
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪٽيسين!
ڪچي ڌاڳي ساڻ ٻڌل هئي، تارونءَ تي تلوارَ وو يار!
هڪڙي ٺِڪر جي ڏيئي-
-ڏيئي جي آڌار وو يار!
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪٽيسين!
ڏيئي سان گڏ، مون سان جاڳي، سانگين سارَ سنڀارَ وو
يارَ!
هڪڙي ٺِڪر جي ڏيئي-
-ڏيئي جي آڌار وو يار!
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪٽيسين!
(2)
ڳاڙها ڳڀرو اوچي ڳاٽ، آءُ، اَڏيءَ تي اَڏجي وڃ،
منهنجي مڃ!
پيرن هيٺان جيڪا آهي، واسينگن جي آهي واٽَ،
پوءِ به اُن تان ڀيرو ڀڃ،
منهنجي مڃ!
ڳاٽ ائين ئي اوچو رکجان، ڏيئي جي جنءَ آهي لاٽَ،
ڀول ٻيو هر ڪوئي ڀڃ،
منهنجي مڃ!
سنڌڙي ري جي ٻئي ڏي ڏسندين، لڳندوءِ لوڻي ڀَرِ
لپاٽَ،
ٿي سَرهو سِر سوريءَ سڃ،
منهنجي مڃ!
رَت جو ريج انهيءَ کي گهرجي، جوڙي کيڙي جيڪا واٽَ،
منهنجي نه مڃين پنهنجي مڃ!
ڳاڙها ڳڀرو اوچي ڳاٽَ، آءُ، اَڏيءَ تي اَڏجي وڃ،
منهنجي مڃ! |