حسيب ناياب منگي
صوفي ٻڍل فقير
اُتر سنڌ جي صوفي بزرگن ويدانت جي وائي عام ڪرڻ ۽
تصوف جي پرچار يا حق جي ڳالهه کي بلندين تي پهچائڻ
لاءِ انيڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. روحاني رمز
جي موج ۽ مستيءَ ۾ صوفي بزرگ جيڪو آفاقي پيغام
سرجي ويا آهن، تنهن جي ثمر مان ڪيترائي ماڻهو فيض
وٺي ان راهه جا راهي ٿيا آهن، جنهن راهه تي جابجا
محبت ۽ امن جي ڳالهه آهي. اتر سنڌ جي انهن صوفي
بزرگن واري ڊگهي فهرست ۾ ٻڍل فقير هيري جيان چمڪي
رهيو آهي، کيس جيڪا مڃتا ۽ محبت ملي آهي، اها اتر
سنڌ ۾ ڪنهن ٻي صوفي بزرگ کي مشڪل سان ئي نصيب ٿي
هجي.
مطالعي جي آڌار تي اهو اظهار ڪري سگهجي ٿو ته ٻڍل
سائينءَ جي حياتي سادگيءَ جو مظهر رهي آهي. سندس
ڪلام ٻين صوفي بزرگن جيان تمام گهڻو مقبول ٿيو
آهي. پاڻ شاعريءَ ۾ ڪافي ۽ بيت جهڙي صنفن تي تمام
گهڻو لکيو اٿائون. سندس ڪلام ۾ اها به خاصيت ملي
ٿي ته پنهنجي ڪلام کي ڪنهن به خاص موضوع تي پابند
نه رکندي ڪلاسيڪي داستانن کي به ڳايو اٿس. سندس
ڪلام روايتي لحاظ کان پابند ۽ موسيقيت سان ڀرپور
آهي. ان ئي سبب اتر سنڌ ۾ سندس ڪلام تمام گهڻو
ڳايو وڃي ٿو.
شڪارپو شهر کان ڏهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ريلوي
اسٽيشن لودرا آهي، جنهن جي اوڀر پاسي چئن ڪلوميٽرن
جي مفاصلي تي ڳوٺ بخشي انڙ واقع آهي، جنهن کي اڄ
ڪلهه ٻڍل فقير جي درگاهه جي نالي سان پڪاريو وڃي
ٿو. ان ئي ڳوٺ ۾ هن صوفي بزرگ جو جنم 1865ع(1)
ڌاري ٿيو. اها روايت پڻ عام آهي ته سندس والد
عبدالواسع انڙ، سالن کان اولاد لاءِ سڪايل هو،
ڪنهن بزرگ جي دعا اگهامي ۽ سندس جهوليءَ ۾ هڪ اهڙو
لعل آيو، جنهن جو فڪر، شعور جي ڦهلاءَ ۽ محبت جي
عام واري هَام تي پورو لٿو ۽ هن پنهنجي لافاني
پيغام سان ٻوساٽيل ماحول کي موهي ڇڏيو.
فقير ٻڍل سائينءَ جي حياتيءَ جي احوال مان اها
پروڙ پوي ٿي ته فقير سائين جيترو والدين جو سڪيلڌو
پٽ هو، اوترو ئي سادو هو. سادگيءَ جو اهو به مظهر
هوندو هو ته پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ مال چارڻ ويندو هو ته
پَٽ تي ويهي رهندو هو، وڻن جي هيٺيان سمهي پوندو
هو. سوچن ۾ گم رهڻ ۽ مالڪ جي رضا کي سمجهڻ واري
ڪشمڪش ۾ رهندو هو. اها ڪيفيت مٿس روحاني هستيءَ جي
ظاهر ٿيڻ جي هئي. ان رنگ کي ڏسي خاندان ۽ ڳوٺ وارن
اول ته بيماري ۽ پوءِ جِنَ جي سايي هجڻ جو انڪشاف
ڪيو.
طبيب، پير ۽ فقير جڏهن سندس رمز کي سمجهي نه سگهيا
ته مٿس جبر ڪرڻ شروع ڪيائون. سندس آڱرين ۾ آڪيڙا
وجهي ڏوڏن کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. دنياوي تڪليفون
کيس ڪٿي اثر ڪرڻ لڳيون. ايتري ۾ ئي سندس روحاني
هستي جوڀن ماڻي چڪي هئي. ٻڍل سائينءَ جي ويڳاڻي
ويهڻ، خاموشي ۽ سادگيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ واري
ڪيفيت ۾ ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته مٿس
ڪنهن روحاني بزرگ هستيءَ جو دعا ۽ شفقت وارو هٿ
ڦيرايو وڃي. انهن ئي ڏينهنِ ۾ پير حزب الله شاهه
راشدي، ٻڍل سائينءَ جي ڳوٺ آيو ۽ ٻڍل سائينءَ کي
درگاهه پير ڳوٺ ڏانهن وٺي وڃڻ جو چيو. ٻڍل سائين
جڏهن پير حزب الله شاهه راشدي تخت ڌڻي جي هٿ تي
بعيت ڪئي ۽ فيض وٺي ڳوٺ موٽيو ته سندس طبعيت ۾ اها
جوت اچي ويئي، جنهن کي ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪنهن روحاني
هستيءَ جي هٿ جي تلاش هئي.
سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن ليکڪن پنهنجي نثري
پورهئي ۾ ٻڍل سائينءَ جي ڪلام کي ساراهيو آهي.
سندس ڪلام ۾ مجازي عشق کي حقيقي عشق ڪري سمجهڻ جون
هدايتون پيش ڪندا نظر اچي رهيا آهن. ٻڍل سائينءَ
جي ڪلام ۾ روحاني رنگيني ۽ دلڪشي آهي. فقير
سائينءَ جو پهريون شارح آنندرام طوطلداس راڄاڻي
سندس ڪلام متعلق لکي ٿو ته:
”فقير سائينءَ جو ڪلام سهڻو، دلچسپ، دلڪش ۽ حقيقي
اشارن سان ڀريل آهي.“ (2) نياز سرڪي ٻڍل سائينءَ
جي ڪلام جو ٻيو شارح آهي. لکي ٿو ته: ”فقير
سائينءَ جي سموري شاعري پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته هن
جي شاعريءَ ۾ تقليد ۽ ترغيب جي بوءِ بنهه ڪانهي.
شاعريءَ جي هن صنف ۾ موضوع ۽ انداز نئون ۽ نرالو
آهي(3).“
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، ٻڍل سائين جي ڪلام جي تشريح
ڪندي هڪ هنڌ لکيو ”ٻڍل فقير جي ڪلام ۾ صبر، تحمل،
بردباري ۽ عشق جي اصطلاقات ۽ منصوري اسرار ملن
ٿا(4).“
اُتر سنڌ جو هيءُ نرالو ۽ ڀلوڙ بزرگ شاعر پنهنجي
حياتيءَ جون 74 بهارون ماڻي 27 شعبان 1358هه
بمطابق 12 آڪٽوبر 1939ع تي هيءُ فاني جهان ڇڏي
ويو(5).“
26 ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪندڙ صوفي ٻڍل فقير کي
نرينه اولاد ۾ فقير عبدالحڪيم، فقير مست محمد مقيم
اول ۽ فقير عبدالڪريم نالي ٽي پٽ هئا. پنهنجي
موضوع ڏانهن ايندي ٻڍل سائينءَ جي شارحن ۽ سندن
ترتيب ڏنل رسالي تي هڪ نظر وجهندس.
آنند رام طوطلداس راڄاڻي:
صوفي ٻڍل فقير جو پهريون شارح آنندرام طوطداس
راڄاڻي آهي، جنهن جي محنت سان ’ٻڍل جو رسالو‘ تيار
ٿي منظر عام تي آيو. آنند رام جي تعارف لاءِ ڪيتري
ڪوشش ڪئي وئي مگر معلومات ميسر ٿي نه سگهي.
رسالي ’ٻڍل فقير‘ تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو
ته رسالي جي شروعاتي صفحن کي ٻڍل سائينءَ جي احوال
سان سجايو ويو آهي. زندگيءَ جي احوال کان فقير
سائينءَ جي مذهبي طريقن تائين، سيرت ۽ ڪرامات کان
سندس ڪلام ۽ همعصرن تي پڻ نظر وڌي وئي آهي. ٽيهن
صفحن تي ڦهليل فقير سائينءَ جي احوال ۾ مرتب اهو
به اظهار ڪري رهيو آهي ته ”ڪيترو مجذوبي حالت ۾
چيل ڀاڱو ميسر ٿي نه سگهيو آهي، هٿ آيل ڪلام هن
ڪتاب ۾ ڏنل آهي(6).“
رسالي جي شروعاتي صفحن تي هڪ ڪافي مست محمد مقيم
اول جي ڏنل آهي، جنهن کي رسالي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪا
خاص ضرورت نه هئي. 239 صفحن تي مشتل هن رسالي ۾
مرتب کان ڪجهه ڪلام هڪ جهڙو ٻه ٻه ڀيرا شامل ٿي
ويو آهي. رسالي ۾ 32 صفحن تي مشتمل ڏکين لفظن جي
معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. ڊسمبر 1941ع ۾ هيءُ
رسالو جيڪب آباد مان ڇپجي منظر عام تي آيو. 1966ع
۽ 1999ع ۾ ان جو ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو بالترتيب توفيق
احمد ميمڻ ۽ منظور بوڪ اسٽور شڪارپور طرفان ڇپجي
پڌرو ٿيو آهي.
نياز سرڪي:
نياز
عودائي، صاحب ڏني خان سرڪيءَ جو فرزند آهي، 2-
فيبروري 1968ع تي ٺل جي عودي شهر کان اڍائي
ڪلوميٽرن جي فاصلي ڳوٺ باغ علي سرڪيءَ ۾ ڄائو. (7)
نياز سرڪي سنڌي ادب ۾ ايم. اي ۽ استاد جي حيثيت
سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. نياز
سرڪي 89- 1988ع کان ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري جي
رهبريءَ ۾ سنڌي ادب ۾ متعارف ٿيو. هن وقت تائين
سندس پنج ڪتاب: ’سنڌي پيشنگويون‘، ’قرآن ۽ سنڌي
ورجيسون‘، ’گوهر غلام محمد جا‘، ’رسالو ٻڍل فقير‘
۽ ’لاٽ ٻرندي رهي‘ ڇپجي چڪا آهن.
’رسالو ٻڍل فقير‘ تي نظر ڦيرائينداسين ته معلوم
ٿيندو ته روشني پبليڪيشن طرفان 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو
ٿيل رسالو 261 صفحن تي محيط آهي. رسالي کي پڙهڻ
کانپوءِ نياز سرڪيءَ جي محنت جو اعتراف ڪرڻو
پوندو. آنند رام طوطلداس واري ترتيب ۾ ٻڍل سائينءَ
جو ڪلام فرضي عنوانن سان ڏنل ۽ گهڻن ڏکين لفظن جي
معنيٰ کان بغير هو. جڏهن ته هن نئين ترتيب ۾ هرهڪ
صفحي تي ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي، ۽ شاعريءَ کي
ترتيب سان سنواري سڌاري موضوع وار پيش ڪيو ويو
آهي. هن رسالي ۾ ٻڍل سائينءَ جا سنڌي بيت، سنڌي ۽
سرائڪي ڪافيون ۽ هڪ اردو ڪافي به شامل آهي. مرتب
رسالي جو مهاڳ لڳندي ٻڍل سائينءَ جي سوانح، ڪلام ۽
سندس همعصر صوفي شاعر جو ذڪر ڪيو آهي. رسالي ۾
جاويد ساغر جا ٻه اکر جڏهن ته ڪريم بخش خالد ۽ پير
علي محمد راشديءَ جا مضمون به شامل ڪيل آهن، جي
اول ڪنهن رسالي ۽ ڪتاب ۾ شايع ٿيل هئا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو:
12
مئي 1946ع تي جنم وٺندڙ ڊاڪٽر غلام نبي ولد محمد
بخش سڌايو جيڪب آباد جو رهواسي ۽ تاريخ توڙي ادب
جو ڄاڻو آهي. 1967ع کان ادبي دنيا ۾ پنهنجون
خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. تحقيق، تصوف ۽
تنقيد سندس پسنديده موضوع رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب
شاعر سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار به آهي. جيڪب آباد جي
تاريخ تي نه صرف گهڻو لکيو اٿائين، پر پنهنجي شهر
متعلق ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپائي چڪو آهي. ’شاهه
جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ سندس پي ايڇ.ڊي جي
ٿيسز آهي. ان کان علاوه پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو
خالق آهي. (8)
رسالہ بڈھل
فقیر
’نعرهء حق‘ تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته
هيءُ رسالو ٻڍل سائينءَ جي ڪالم جي اردو نثري
ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو ٻڍل فقير مئينجمينٽ
ڪميٽي شڪارپور طرفان نومبر 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
رسالي ۾ هڪ صفحي تي سنڌي يا سرائڪي ڪلام ڏنل آهي،
ان جي سامهون واري صفحي تي اردو نثري ترجمو ڏنو
ويو آهي. گڏوگڏ ٻڍل سائينءَ جي سرجيل لولي ڏني وئي
آهي، جنهن جو منظوم ترجمو مقصود گل صاحب جو ڪيل
آهي. 656 صفحن واري هن رسالي ۾ ساجد سومري جي
مقدمي سميت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر حبيب
الله صديقيءَ جا ٻه اکر پڻ شامل آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي وڏي محنت سان قرآني آيتن،
حديث، تصوف جي نُڪتن ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام جا مثال
پيش ڪري ٻڍل سائينءَ جي ڪلام ۽ ان جي اهميت کي
ثابت ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. رسالي ۾ پروف
جون ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون ڏسجن.
غور ڪبو ته ٻڍل سائينءَ جي ولادت جو سال رسالي جي
صفحي 21 تي 1856ع ڄاڻايل آهي، جڏهن ته اصل سال
1865ع آهن.(9)
ڪتاب ۾ 22 صفحي تي ٻڍل سائينءَ جي همعصر بزرگ
شاعرن جي ولادت ۽ وفات جا سال به غلط ڏنل آهن،
مثال طور بيدل سائين 1869ع ۾ وصال ڪيو، جڏهن ته
بيدل سائين 1872ع ۾ وصال ڪيو هو(10)، سيد رکيل
شاهه جي ولادت 1842ع ۽ وفات 1939ع لکيل آهي. حقيقت
۾ سندن جنم 1846ع ۽ وفات 1940ع ۾ ٿي (11). رسالي
جي صفحي 34 تي ڄاڻايو ويو آهي ته ٻڍل سائين
حياتيءَ جون 83 بهارون ماڻيون، پر ائين نه آهي،
ٻڍل سائين 74 ورهين جي ڄمار ماڻي.
هن رسالي ۾ ٻڍل سائينءَ جي ڪلام جو ترجمو معياري
آهي. ڏکين لفظن جي معنيٰ هن رسالي ۾ به شامل آهي.
هتي هڪ نشاندهي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’ڪافيون‘ جلد
پهريون ۾ ٻڍل سائينءَ جي هڪ اهڙي ڪافي نظر کان
گذري آهي، جيڪا ڪنهن به ڇپيل رسالي ۾ شامل نه آهي.
منهنجو خيال آهي ته هڪ ڪافيءَ جو رهجي وڃڻ اهو
خدشو ٿو ظاهر ڪري ته ممڪن آهي سندس ٻيو به ڪلام
ڪٿي ڪنهن قلمي نسخن ۾ شامل هجي، جنهن تي نئين سر
تحقيق ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب جيڪا ڪافي ڏني آهي سا
هيءَ آهي:
الٽي بازي عشق جي آهي، درد بنا ٻيو سمجهي ڪير،
هيءَ جا ڪار ڪسڻ
جي آهي، راند کٽي ڪو شير دلير،
باهه برهه جي ڀڙڪا ڏيوي، مچ ۾ گهڙي ڪو مرد مٿير،
جيئري پنهنجي جان جلائي، پڙ ۾ پائي ڪو ڪو پير.
سمجهه ”ٻڍل“ تون ڳجهه جون ڳالهيون، لاهوتيءَ ري
لکندو ڪير.(12)
سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي قلمڪارن وقت به وقت ٻڍل
فقير جي سوانح ۽ ڪلام تي قلم کڻي پاڻ ملهايو آهي.
ان سلسلي ۾ مختلف ليکڪن جا مضمون ۽ مقالا ڇپيل
آهن، جن تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي. هتي اهو
ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ٻڍل سائين متعلق غلام
محمد بدوي ’ڪليات ٻڍل فقير‘ جي عنوان سان ايم.اي
سنڌيءَ لاءِ 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ
مونوگراف لکيو هو(13). جنهن کي شايع ڪرايو وڃي. ان
کان علاوه سنڌي ادب جي تاريخن ۾ ٻڍل فقير جو تذڪرو
ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته لعل سنگهه اجواڻي
’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ ٻڍل سائينءَ جو مختصر تذڪرو
ڪيو آهي ۽ ’قطب شاهه جي ڪلام‘ جي مقابلي ۾ ٻڍل
سائينءَ جي شاعري ۾ گوناگونيت سرس هجڻ جو اعتراف
ڪري رهيو آهي (14).“
سنڌي ادب جي ٻين تاريخن ۽ ان سان وابسته موضوع جي
ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ٻڍل فقير کي نظر انداز ڪيو ويو
آهي. محمد صديق ميمڻ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ ٻڍل
سائينءَ جو تذڪرو نه ٿو ڪري، حالانڪ سندس همعصر
مرحوم عبدالغفور ’مفتون‘ همايوني جو تذڪرو ڪتاب جي
صفحي 482 تي ڪيو آهي (15).
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
’سندهي ادب کي مختصر تاريخ‘ ۽ ’سنڌي ادب جو تاريخي
جائزو‘، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مرحوم ’سنڌي ادب
جي مختصر تاريخ‘ ۽ ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ (ٽي جلد) ۾
به ٻڍل فقير جهڙي صوفي شاعر کي نظرانداز ڪيو آهي.
اها وڏي ناانصافي آهي جو اڪبر لغاري واري ’سنڌي
ادب جو مختصر جائزو‘ ۽ مختيار احمد ملاح جي لکيل
’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ جهڙن ڪتابن ۾
به ٻڍل فقير ناياب آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار’عابد‘
لغاري جي لکيل ’سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ‘ (16)
جهڙي وشال موضوع واري مختصر مجموعي ۾ به صفحي 77 ۽
78 تي ٻه ڀيرا هن بزرگ شاعر جو نالو ظاهر ڪيو ويو
آهي. اهي ڪتاب جيتوڻيڪ شاگردن جا مونجهارا دور
ڪندڙ ثابت ٿين ٿا، اتي مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جو ذريعو
پڻ آهن. جيتوڻيڪ هن بزرگ شاعر جي ڪلام کي مختلف
ادبي شخصيتن ڪٺو ڪري شايع ڪرايو آهي، جنهنڪري هن
بزرگ جو فڪر اعليٰ ادبي منزل تي پهتو آهي، جيڪو
سندس حق آهي.
حوالا ۽ وضاحتون
1- راڄاڻي آنند رام طوطلداس: ’رسالو ٻڍل فقير‘،
منظور بڪ اسٽور، شڪارپور ڇاپو ٽيون 1999ع، ص 4
2- ساڳيو، ص 18
3- سرڪي، نياز: (مرتب) ’رسالو ٻڍل فقير‘، روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون 2005ع، ص 18
4- سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر: (مترجم و مرتب)
رسالہ بڈھل
فقیر
’نعرهء حق‘ اردو، ٻڍل فقير مئنيجمينٽ ڪميٽي
شڪارپور، اشاعت اول، نومبر 2008ع، ص 80
5- بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر: (مرتب) ’ڪافيون‘
جلد پهريون سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پهريون
1985ع ص 288.
6- ڏسو حوالو 2، صفحو ساڳيو.
7- نياز سرڪيءَ کان ورتل معلومات جي آڌار تي.
8- سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر: ’سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو‘، ڇاپو پهريون 2002ع، ص 183 ۽ نعره
حق تان مدد ورتل.
9- ٻڍل سائين جي ولادت جي سال جي تصديق لاءِ
هيٺيان ڪتاب ڏسجن:
- ’تذڪره شعراءِ سکر‘: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي
ادبي سوسائٽي سکر، ڇاپو پهريون اپريل 1965ع، ص
188.
- ’تاريخ سکر‘: رحيم داد خان مولائي شيدائي، سنڌي
ادبي بورڊ، ڇاپو پهريون 1992ع، ص 499.
- ’سنڌي بيت ۽ ان جي ارتقا‘: حبيب الله ڀٽو: حبيب
پبليڪيشن شڪارپور، ڇاپو پهريون 1995ع، ص 219.
- ’منهنجو وطن منهنجا ماڻهو‘: لوڪ رام ڏوڏيجا: نيو
فيلڊس پبليڪيشن، ڇاپو ٻيو، جون 1993ع، ص 120.
- ’مارو جي ملير جا‘: خادم حسين چانڊيو، گنج بخش
ڪتاب گهر حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 05- 2004ع، ص 139.
- ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘: جلد پهريون، سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ڇاپو پهريون، آگسٽ
2009ع، ص 560.
10- سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر: مقالو ’بيدل جي
شاعريءَ ۾ عشق جو تصور‘ (ڪتاب) ’عشق ڪيم اظهار‘
مرتب: ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، بيدل يادگار ڪاميٽي
روهڙي، ڇاپو پهريون 2001ع، ص 117.
11- جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ’سنڌي ادب جي تاريخ‘،
(جلد ٻيو) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ڇاپو پهريون
2005ع، ص 200.
12- ڏسو حوالو 5، ص 289.
13- ڪينجهر (تحقيقي جرنل) سنڌي شعبو، سنڌ
يونيورسٽي 1987ع ص 154.
14- اجواڻي، لعل سنگهه، هزاري سنگهه: ’سنڌي ادب جي
تاريخ‘ (سنڌيڪار: هيرو شيوڪاڻي) سنڌي ساهت گهر
حيدرآباد، ڇاپو ٻيو 2007ع ص 114.
15- ميمڻ الحاج محمد صديق خانبهادر: ’سنڌ جي ادبي
تاريخ‘ (ٻئي ڀاڱا گڏ) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو
ٽيون جون 2003ع ص 482
16- ڄاڻايل ڪتابن کي سامهون رکي لکيل معلومات.
|